سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1956ع (1)

 

صفحو :5

ٿر جا لوڪ گيت

 م.ع ڏيپلائي

 

(1) ورسارو

”ورسارو“ جي معنيٰ آهي ”وسڪارو“ يا ”سانوڻ“ ٿر جي پرڳڻي جي آباديءَ جو سارو مدار برسات تي آهي، ۽ ”وٺو ته ٿر، نه ته بر“ جي پهاڪي موجب برسات جي موسم  ۾ ٿر سڄو گلزار بنجي پوندو آهي: سندس آب و هوا، سندس جهنگلي ميوا، ۽ خاص ڪري سائي گاهه جو کير، ڌونئرو، مکڻ، گيهه، وڌيڪ لذيذ ٿيندا آهن. ٿر ۾ مکڻ مان گيهه ڪڍڻ وقت انهيءَ ۾ اَن ضرور وجهندا آهن ۽ انهيءَ رڌل ان کي ”وسناڻ“ سڏيندا آهن، اهو به انهن ڏينهن ۾ وڌيڪ لذيذ ٿيندو آهي، سانوڻ جي موسم ۾ کير گهڻو ٿيندو آهي. ان ڪري گهر گهر  ۾ کير جون وڏيون ماٽيون ٿينديون آهن، عورتون جڏهن اسر جو اٿي اهو کير ولوڙينديون آهن ۽ انهيءَ سان گڏ پنهنجا پيار ڀريا گيت جهونگارينديون آهن، ته اهي سڀ آواز ڏاڍا دل کي وڻندا آهن.

اهڙيءَ فضا ۾ سڀ چاهيندا آهن ته پرديس ۾ ويل موٽي اچي هنن خوشين ۾ ساڻن شامل ٿين. ”ورسارو“ به انهن گيتن مان هڪ گيت آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو. هن گيت ۾ هڪ ”ماءُ“ جي تمنا ڏيکاريل آهي ته سندس دور ديس جو مسافر پٽ تمام ترت پنهنجي ديس واپس اچي.

ٻولي اصلوڪي ٿري يا ”ڍاٽڪي“ آهي، ان ڪري سندس سنڌي ترجمو به ڏجي ٿو.

 

واٽڙيان تان ورسارو،

صاحبا!

مانڊيو،

مانهنجا مٺا!

تاهجو ڏيسلو وٺو،

تون ڏسڙي ماڻيو،

گهران نان نچ آويجو،

تاهجي تان نالي تان گهوريس،

تون اَ وو ته

ورسارو

ڀيڙو گهارسان!

واٽن تي برسات،

پيارا!

ٿي آهي،

منهنجا مٺا!

 

تنهنجو ديسڙو وٺو آهي،

تون پرديسڙي مان ڪمائي ڪري،

نچ گهر ڏي اچي؛

تنهنجي ته نالي تان صدقي ٿيان،

تون اچ ته

سانوڻ

 

گڏجي گذاريون!

تاهجي  تان ٻيليڙان نان

چڙهڻيون، لکي گهوڙلو،

مانهنجا ته ڏسڙيءَ را ڏيولا!

تون آوو ته .......

 

تاهجي تان ٻيليڙان نان

اوتارو ڏيرائجو،

اوتارو هريئل باگ ۾،

مانهنجي ته سوڍيءَ را صاحبا!

تون آوو ته..........

 

اُٺ پلاڻي، پيارا!

هيڏانهن موڪلج –

تنهجي ٻنيءَ ٻج گهرايوآهي،

منهنجي ته من جا ميوا!

تون اچ ته

چوماسو

گڏ جي گذاريون!

 

لڪ ته چڙهي تنهنجي ڀينڙي ڏسي واٽڙي

(۽ ويندڙن کي چوي ته) سڄڻو!

اتي ڪو منهنجو وڏو ڀاءُ هجي،

تاهجي تان ٻيليڙان نان

ڏاتڻيون ڏيوائجو،

ڏاتڻيون ڪڻيهر ڪام رو،

تاهجي تان نالي تان گهوريس!

تون آ وو ته............

 

تاهجي ته ٻيليڙان نان

جهيمڻيون ڏيوائجو،

جهيمڻيون گيور لاپسي،

مانهنجا تان مٺا ماڙهو!

تون آوو ته

ورسارو

ڀيڙو گهارسان!

سانڍڙي پلاڻي صاحبا!

اورهون موڪليو-

 

تاهجي تان ٻَنڙيءَ ٻج گهرايو،

مانهنجي تان من جا ميولا!

تون آوو ته چوماسو

ڀيڙو گهارسان!

 

لڪ تان چڙهي،

تاهجي ٻهينل جو وي واٽڙي-

سَنيان!

اِت ڪو هووي مانهنجو موڀِي ويرو،

ته اورهون ميلهيا!

تاهجي تان ڏس تان گهوريس،

تون آوو ته ........

 

هجار هٿان رو،

تاهجي گورل رو گهاگهرو،

ڳچيءَ سونهي نو لکو هار،

مانهنجي ته سهاڳڻ را صاحبا!

 

ته اوري موڪلجوس!

تنهنجي ته (اچڻ واري) طرف تان صدقي ٿيان،

تون اچ ته..........

هزار هٿن جو (آهي يا هجڻ گهرجي)

تنهنجي ڪنوار جو گهاگهرو،

۽ سندس ڳچيءَ ۾ نولکو هار ٿو سونهي

منهنجي سهاڳڻ جا پيارا!

تون اچ ته.......

 

تنهنجي ته ساٿين کي

سواري ڏيارجي (يا ڏياربي)،

سواريءَ لاءِ لکي گهوڙا،

منهنجا ڏس جا ڏيئا!

تون اچ ته ..........

 

تنهنجي ته ساٿين کي

اوطاق ڏيارجي،

اوطاق ساوڪ ڀرئي باغ ۾،

منهنجي شهزاديءَ جا پيارا!

تون اچ ته...........

تنهنجي ته ساٿين کي

ڏندڻ ڏياربو،

ڏندڻ ڪڻيهر (وڻ) جي ٽاريءَ جو،

تنهنجي ته نالي تان صدقي وڃان!

تون اچ ته ........

 

تنهنجي ته ساٿين کي کانو کارائبو،

کاني ۾ گيهه مان ٺهيل چلا،

۽ لپسي، يا لپئي*،

منهنجا ته مٺا ماڻهو!

تون اچ ته ........

سانوڻ

گڏجي گذاريون!

 

(2) ڏورو

(تازي پرڻجي ويل ڪنوار جو اباڻن جي ياد ۾ ورلاپ)

پڳ تان ڄَهٻَڪي پولڙي،

گوري!

هينئڙي جهٻڪي هار

ڏورو!

ساچي هيم رو!

ساهيڙئين پورائي سيمڙي،

گوري!

ويريو ٺيٽا ٺيٽ

ڏورو.......

پيرن ۾ ته پولڙي (پيرن جو ٿري ڇلو) چمڪي ٿي،

سهڻي،

۽ سيني تي هار چمڪي ٿو،

ڌاڳو

سچي سون جو!

ماءُ اماڻيو اڱڻ،

سهڻي

بابي اماڻيو ڏهر-

ڌاڳو،

سچي سون جو!

ساهيڙين اماڻي سيم (چراگاهه)،

سهڻي،

۽ڀاءُ توڙ تائين هليو-

ڌاڳو...........

ڏونگر چڙهي ڌيءَ جويڙو،

گوري رهه گيو اباڻوڏور

ڏورو..........

اونچي کنوڻ کنوڙي،

گوري!

رڻ جا ننڍڙا تلاءَ ڀريا،

سهڻي،

۽ اباڻن جو ڏيهه به ڀرجي ويو

ڌاڳو ..............

چوڏهينءَ پندرهينءَ تاريخ جي چانڊوڪي

سهڻي!

کيڏڻ جهڙي رات

ڌاڳو............

ماءُ ڀورايو اڱڻيون،

گوري!

ٻاٻلَ ڀورائي ريل،

ڏورو

ساچي هيم رو!

جهڙڦڙ وسن مينهن

ڏورو.........

ڀريا رڻ جا ٽوڀيا،

گوري!

ڀريو اباڻي رو ڏيس!

ڏورو..........

چوڏس پونم چانڊڻي،

گوري!

رَمَڻ جهڙي رات

ڏورو ...............

ٻيون ڪُليئي آهين، اوڏڙيون،

گوري!

هيڪڙي جيڏل ڏور

ڏورو

ساچي هيم رو!

جبل تي چڙهي ڌيءَ ڏٺو،

سهڻي،

ته اباڻو ديس ته پري رهجي ويو

ڌاڳو..............

مٿاهين کنوڻ چمڪي،

سهڻي،

جهڙ  ڦڙ مينهن وسن ٿا-

ڌاڳو..............

ٻيون سڀ ويجهيون آهن،

سهڻي!

پر هڪڙي ساهيڙي پري آهي

ڌاڳو

سچي سون جو!

 

(3) ڪاڳڙو

(ٿر ۾ ڪانگ کي ”ڪاڳ“ چوندا آهن ۽ پيار مان ”ڪاڳڙو“ ناري ۾ پرڻيل ڇوڪري ڪانگ کي لوندو ڏسي ڳائي ٿي.)

ڪوٺيءَ مٿي ڪاڳڙو، لَنيو ڏي لاتين،

پڇي پاڙي وارئين، ”مام! ڪاڳ ڪڄاڙو چوءِ؟“

ڙي ٻڙا ڪاڳڙا،

تو ن اڏامي وڃ،

آءُ ويٺي وس گهران،

پنهنجي وڳر ته شا ل وران!

اچي ميڙي اوجلي، جنهن ۾ لڳي ٿڌو واءُ

ڪتيان ويٺي چونئن ۾، آيم موڀي ڀاءُ:

ڙي ٻڙا ڪاڳڙا!......

 

ماکيءَ مٺي مصري، مٺو ماءُ وياءُ،

مٺي پرڏيهه سوکڙي، مٺو موڀي ڀاءُ،

ڙي ٻڙا ڪاڳڙا............

ماءُ ته مون کي موڪليو، وٽيءَ ۾ آمون،

آمون کاڌم پيٽ ۾ وٽيءَ جي نشاني،

ڙي ٻڙا ڪاڳڙا ........

اڇو ابيڇڻ ڇانڀ سين، مڪو منهنجي ماءُ،

مرڪي ڪنديس مٿي تي، او چٽيئين ڪوڏ منجهاءُ،

ڙي ٻڙ ڪاڳڙا .......

(مام =  منهنجي امڙي، چونئن = ڪنڊ، موڀي = وڏو، ابيڇڻ = بوڇڻ، ڇانڀ = ڇاپو، رنڱ)

 

(4) وندل

(”وندل“ نالي هڪ ڇوڪريءَ کي ڏائڻ سس ڪهي ڇڏيو، هن جو مڙس پرديس مان آيو ۽ کيس نه ڏسي پڇا ڪري ٿو پوءِ جي گفتگو سڄي هن گيت ۾ چيل آهي“ هو اول ته ماءُ کي ”امان“ چوي ٿو، ۽ خونڻ ثابت ٿيڻ تي چڙ مان کيس ”خونڻ ڪُتي“ ٿو سڏي. هي خيالي ورلاپ به سس جي ستايل ڪنوار پاڻ ئي ڪري ٿي.)

هت جا ڇڏي هيم ننڍڙي، ڙي امان، امان!

ناهي راوَل ڌيءَ

ناهي سوداگر ننهن!

رات جي ويئي جنڊ تي، ڙي ابا، ابا!

سا وري نه موٽي!

شهزادي،

وندل ٻائي!

جنڊ جنڊ ڪري نهاريم، ڙي امان، امان!

ناهي.......

رات جا ويئي تڙ تي!.....

تڙ تڙ ڪري نهاريم .....

رات جا ويئي جيڏئين .......

هڪ هڪ ڪري نهاريم ........

رات جا ويئي مائٽين ........

گهر گهر ڪري نهاريم ........

(هاڻ گهر ۾ ڳولا ڪري ٿو)

هت جي ڏٺم نوُرا گنگهرا، ڙي امان، امان!

تنهن نورڙي جَرُ ڇڏيو –

ناهي ........

(ماءُ خاموش آهي)

هيءَ جا ڏسان ٿو رت ترائي، ڙي امان، امان!

تنهن رتڙي گهاءُ ڪيو

ناهي ........

رات جو آيو ڪاسائيڙو، ڙي ابا، ابا!

تنهن ته ٻڪرڙو ڪٺو!

شهزادي،

وندل ٻائي!

 

ڪوڙ ٿي ڪرئين ڙي خونڻ ڪُتي!

تو ته ڪٺڙي ڪنوار

ناهي ..........

ايءَ ڇڏي ٻي آڻ، ڙي ابا، ابا!

ججها ڏيانس وڳا!

شهزادي،

وندل ٻائي!

جا تو نه سٺي پنهنجي، ڙي خونڻ ڪتي!

سا ڪئن سهندئين پرائي؟

ناهي راول ڌيءَ،

ناهي سوداگر نهن!

شهزادي،

وندل ٻائي!

 

(5) ڍاٽيڙو

سياري جي ٿڌيءَ  ۽ خاموش رات ۾ ٿر جي ڪنهن به ڏهر مان لنگهبو، ته هڪ زوردار ۽ مٺڙي تانِ ٻڌڻ ۾ ايندي، جا ميلن تائين پيئي ٻڌبي آهي. اها تانِ غريب ڌراڙن جو ”ڍاٽيڙو“ هوندو آهي، جنهن جو پس منظر هن خيالي آکاڻيءَ تي ٻڌل آهي، ته ٿر جي ڍٽ واري حصي جو ڪو ڍاٽيڙو (ٿري) لاباري لاءِ ناري ۾ وڃي ٿو ۽ اتي ڄڻ ته ڪا وڏ گهراڻي ڇوڪري مٿس عاشق ٿي ٿئي،  ۽هن جا وارث کيس ڍڳي جي چوريءَ جي ڪوڙي فرياد ۾ جيل ٿا اماڻين، پٺيان سندس معشوقه فراق جا آلاپ ٿي ڪري . ”هيلو ڪو وري“ جي معنيٰ آهي ”هڪ وار موٽي اچي.“  ڪي وري انهيءَ بند بدران ”منج ڪو منجيو“ يعني ”موڪل ڪو سنيهو“ چوندا آهن.  اهو گيت اصل ته ايترو آهي، پر پوءِ هر ڪنهن حصي جا ڌڻار پنهنجي پنهنجي گهرجن ۽ تمنائن موجب سدائين پيا ان ۾ اضافا ڪندا آهن. جيڪڏهين اهي سمورا گڏ ڪجن ته شايد 3-4 سو بند ٿي ويندا .ٿري ........ کي ”ٿڙي“ ۽ ”ڍائي“ سڏيندا آهن، ۽ ناري ۽ لاڙ وارن کي ”سنڌي“.

 

سارو تان سيارو، مون گنديءَ ۾ گذاريو،

رليءَ جي رولاڪي ماريو، ڙي،

ڍاٽيڙا!

هيلو ڪو وري!

ٻيون تان پاڻياريون پاڻيءَ ٿيون ڀرين،

هڪڙي تان پاڻياري ڳوڙها ٿي ڳاڙي، ڙي،........

پٽَ جي پاڻياري، ڍَٽَ جو ڍاٽيڙو،

الستي انگڙو وريو، ڙي......

سايون تان ڪانئچون آءٌ سنڌين جون کانيان،

مون کي کٿيلو گوڏير وڻيو، ڙي .......

ڳاڙهيون تان کٽو ن آءٌ سنڌين جون کانيان،

مون کي واريءَ جو وڇاڻو وڻيو، ڙي .......

بگو تان ڍڳو، سو وڏيرن سندو،

موڙي منجهه مرندو ڏسان، ڙي،

ڍاٽيڙا!

هيلو ڪو وري!

 

(6) منڌيئڙو

(”منڌيئڙو“ يعني کير ولوڙڻ جو ”جهيرڻو“، جو ٿر جي هڪ وڻ جي پاڙ مان ٺاهيندا آهن ۽ بيحد مضبوط ٿيندو آهي. هيءُ گيت گهڻو ڪري عورتون وڏي ماٽي ولوڙڻ وقت ڳائينديون آهن ۽ اسر ويل اهو نهايت دلڪش معلوم ٿيندو آهي.)

سائينءَ ڪئڙو سُگار، منڌيئڙو گُڙڪي!

لٿو ڏيهه تان ڏڪار، منڌيئڙو گُڙڪي!

جنين رکيو ٻج لاءِ،

مَر وسي لي ري،

تن جون تون اسيون پڄاءَ !

منڌيئڙو گُڙڪي!

جنين رکيو لاڀ لاءِ،

مَرِ وسي لي ري،

تن جون تون ڪوٺيون ڊاهه!

منڌيئڙو گُڙڪي!

پکو کوڙيم پٽ تي، سٻر ساري ڀِت.....

آسون پنيون، گهر گهر ماٽيءَ ڇاهه.......

رزق ڏيئم رحمتي، ماٽيءَ ميهو کير..........

پٽ ته ڏيئيم جهنڊلو، جهجهي چوڻي سان.......

پُٽين ڀائرين ڀائٽين، هوئيم جوڙَ سَجوڙ.......

اڻ منڱيا منڱايئين

مَر وسي لي ري،

مڱين موڙ ٻڌاءِ!

منڌيئڙو گُڙڪي!

(سگار = سڪار، مروسي لي ري = ڀل ته وسي وٺي، ڇاهه =   جهڻ، ميهو = ماهيو. مينهن جو، جهنڊلو =  گهاٽن وارن وارو، چوڻو =  رزق، عمر، اڻ  منڱيا = جن جو منڱڻو ٿيل نه هجي)

 

(7) جهالريو

(”جهالريو“ لفظ جي معنيٰ ڪنن جو هڪ زيور، جنهن کي ”جهالاريو“ به چوندا آهن. هي سون جو ۽ بيحد خوبصورت ٿيندو آهي. جو ڪن جي مٿئين حصي ۾ پائبو آهي ته سڄو ڪن ڍڪجي ويندو آهي، پرڳرو هجڻ سبب هاڻي شهرن مان ان جو رواج گهڻو ڪري نڪري ويو آهي. هن بيت جي پهرينءَ تڪ ۾ ڄڻ ته ڀاءُ جي طرفان اهو اظهار ڪيل آهي ته ”منهنجي کيٽ ۾ پور ٿيو آهي، عنقريب آءٌ تنهنجي لاءِ جهالريو ٺهرائي تحفي طور کڻي ايندس.“ ۽ پوءِ وري ور ڏيئي اهو لفظ هن لاءِ اچي ٿو، جو ڀيڻ کي ان تحفي جي تمنا آهي.)

 

کيڙيئي ري کيتر ۾

هون تان تيهرو گهڙائيسان هيل،

ملوڪ، جهالريو!

 

ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، سيمڙئين؟

اوتان، سيم ڪيوسڻگار!

ملوڪ، جهالريو!

 

ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، ريل ۾؟

اوتان، کوهه ڀريا کنڊ کير!

ملوڪ، جهالريو!

”کيڙيئي“ جي کيٽ ۾ پور ٿيو آهي،

هن سال آءٌ تنهنجو گهڙائيندس

سٺو، جهالريو!

 

هي ڪهڙو آيو آهي، ڀيڻ،

سيم (چراگاهه) ۾؟

جو سيم ئي کڻي سينگار ڪيو آهي!

سٺو، جهالريو!

 

هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي ڀيڻ، ڏهر ۾؟

جو کوهه ئي کير کنڊ سان ڀرجي ويا آهن!

سٺو، جهالريو!

 

هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي ڀيڻ، کوهه تي؟

جو پاڻياريون شرم ۾ ٻڏي وڃن ٿيون!

سٺو، جهالريو!

 

پاڻيهاري! تون لڄ ڇو ٿي مرين؟

آءُ ته هن وچ ۾ بيٺل ٻانهياريءَ جو ڀاءُ آهيان!

(ڪو ڌاريون نه آهيان)

سٺو، جهالريو!

 

هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي، ڀيڻ، گهر ۾؟

جو ڀوري مينهن ٿي رڙي!

سٺو، جهالريو!

ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، کوهه تي؟

اوتان لاج مري پاڻيهار!

ملوڪ، جهالريو!

 

ڪاهي ري پاڻيهاري، تون لاج مري؟

هون تان وچِلي ٻانهياري رو وير!

ملوڪ، جهالريو!

 

ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، جهانپئي؟

اوتان رڻِڪي ڀوري مينس!

ملوڪ، جهالريو

ڪاهي ري ڀوري مينس! رڻڪين؟

هُون تان (فلاڻي) ڏوجهارڻ رو وير!

ملوڪ، جهالريو!

 

ڪيهو ويرو آيو، ٻيهنل، آڱڻي؟

اوتان ڇنڊيا عطر گلاب!

ملوڪ، جهالريو!

 

چاراڻي رو ڏيسي گهوڙلو،

اوتان ڏيسي گهڻا رنگ پاٺ!

ملوڪ، جهالريو!

 

”اڙي ڀُوري مينهن! تون ڇو ٿي رڙين؟

آءُ ته فلاڻيءَ (نالو ڀيڻ جو) کير ڏوهندڙ

جو ڀاءُ آهيان! (ڪوڌاريون نه آهيان)“

سٺو، جهالريو!

 

هي ڪهڙو ڀاءُ آيو آهي، ڀيڻ، اڱڻ تي؟

جو ڄڻ ته عطر گلاب ڇنڊ جي ويا آهن!

سٺو، جهالريو!

 

هو سيڻن کي تحفي ۾ گهوڙو ڏيندو،

۽ ٻيا به گهڻيئي سٺا سامان ڏيندو-!

سٺو، جهالريو!


 *  ”لپسي يا لپئي“ ڪڻڪ، ڳڙ  ۽گيهه مان ٺاهبي آهي، وري مٿانئس ڪچو گيهه ۽ کنڊ وجهي کائبي آهي، ۽ ٿر ۾ سڀ کا ن لذيذ طعام شمار ڪبي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com