سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: مقالات قاسمي

باب: --

صفحو :35

 

شيخ علي سيوستاني

هيءُ بزرگ اصل بغداد جو رهاڪو هو. سير سياحت جي ارادي سان شيخ عثمان لعل شهباز قلندر مروندي سان سفر ۽ صحبت ۾ رهيو ۽ سموري ڄمار ان سان وفاداريءَ ۾ گذاريائين، سيوهڻ ۾ به ساڻس مقيم ٿيو. مريدن معتقدن جي سنڀال جو ڪم هن جي سپرد هو ۽ مخدوم لعل شهباز جي وفات کان پوءِ مجاوري ۽ خلافت جو ڪم به سندس ئي حوالي رهيو ۽ انهيءَ سال وفات فرمايائين. سير قلندري جو مصنف اهو سال688هه لکي ٿو.

سيد علي سيوستاني

سيد علي اصل شيراز جو رهاڪو هو، اميرانه زندگي گهاڙيندڙ هو، هن کي اوچتو اچي صحبت جو جذبو جاڳيو ۽ سيوهڻ ۾ اچي مخدوم لعل شهباز جي پوئين وقت ۾ وٽس رهيو ۽ حضرت مخدوم شهباز جي خليفي شيخ جي وفات کان پوءِ روضي جي خدمت، چاڪريءَ ۾ مشغول رهيو ۽ مخدوم لعل شهباز جي حياتيءَ ۾ ئي شيخ علي خادم قلندر وٽان هن کي اهي سڀ امانتون مليون، جيڪي هن وٽ موجود هيون. سيد علي جي وفات کان پوءِ روضئه قلندريءَ جي اڀرندي ۾ کيس دفن ڪيو ويو. اهو ستين هجريءَ جو واقعو آهي.

مخدوم علي سيوستاني

سيد علي شيرازيءَ جي وفات کان پوءِ مخدوم لعل شهباز جي مسند ۽ خلافت جو ڪم علي جيحوالي ٿيو، هيءُ بزرگ پيغمبر خدا جي صحابي دحية الڪلبي جي اولاد مان آهي ۽ اسلام جي اوائلي حملن جي زماني ۾ سنڌ ۾ سندس وڏا اچي مقيم ٿيا هئا. هن کي ٻه فرزند هئا، شيخ اسحاق ۽ شيخ آهندو.

مخدوم علي ذڪر اذڪار سيکارڻ ۾ حياتي گذاريندو رهيو، جڏهن ٻڍائي جو زمانو آيس، تڏهن فرزندن کي وصيت ڪيائين ته مجاوري جي آمدني نه کائجو جو ڪجهه درگاهه تي اچي، سو مسافرن کي کارائي ڇڏجو، طمع نه ڪجو، سنت جماعت تي قائم رهجو، نماز نه ڇڏجو، وصيتون ڪندي 21 شعبان 787 جي وفات ڪيائين.

تاريخ عيسيٰ ساموئي: من اتي الله بقلب سليم. 812

حضرت پير رشيد الدين بيعت ڌڻي (جهنڊي وارا)

پراڻي سنڌي جيئن نظر ائي سا نقل ڪجي ٿي:

اٺ جي گوشت کائڻ ڪري وضو ڪندا هئا، اسم محمد نور اکين جو اهي. بيعت ورتائون جهاد ۽ صبر تي. سڀ کان پهريائين سندن فرزند وڏي بيعت ڪئي. ڪن فقيرن کان هن ڳالهه جي بيعت وٺندا هئا: (1) رات ڏينهن کان وڌيڪ پاڻ وٽ نه رکندس. (2) ڪنهن کي سوال نه ڪندس. پنهنجي نفس لاءِ (3) جيڪو اسان کان ڏکائيو ته ان جي حق ۾ دعا گهرندس ۽ ڪوڙ نه ڳالهائيندس. فرمايائون هڪ هزار گڏ ٿين ته جهاد فرض ٿي پوي ٿو. وفات کان پوءِ بسم الله جو لفظ چتن اکرن سان ڏسڻ ۾ آيو جو سون فقيرن ڌٺو.

وفات کان اڳ ۾ فرمايائون ته لطيفا سڀ منسوخ آهن، توحيد نامه پڙهائي ذڪر ڏسجو. ان کان پوءِ اسماءَ نوانوي و تعلق، تخلق، تعبد سيکاري فنا في الشيخ، فنا في الرسول، فنا في الله جو ذڪر ڏسجو. سندن ٻيا فرمودا:

نماز پڙهڻ کان اڳ ۾ استغفار پڙهي ته پوءِ ڏاڍي لذت ايندي. پئسي جي تنگي ٿئي، ڪجهه خيترات ڪجي ته اها کلي پوندي، گنهگار سان بغض نه ڪجي، پر گناهه سان بغض ڪجي.

حافظ محمد صديق وت فيض لاءِ نه ويا هواسين، پر مرشد جي محبت وڌائڻ لاءِ ويا هئاسين.

پير سائين روضي واري جي ملفوظات ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جي روضي وارن جي علم موافق نه آهن، چڱو ته اهي ڪڍي ڇڏجن جماڻا ٺيڪ نه آهن ۽ بيوه زالن جو نه پرڻائڻ به ٺيڪ نه آهي، بلڪ پنهنجي بيبين کي به چيائون ته ڪنهن کي اسان کان پوءِ شادي جو خيال ٿئي ته اسان جي منع ڪانه آهي، قبرن تي نذرانه ۽ باسون ۽ ڦنڊرن ڪهائڻ جي بالڪل برخلاف هئا.

ڪن فقيرن جو چوڻ آهي ته سندس صورت مبارڪ ڏسڻ سان لطيفا کلي پوندا هئا. مولانا حامدالله چيو ته حضور جن جا صحابي ائين هوندا هئا، جڏهن فقير اها ڳالهه ڪئي، تڏهن پاڻ فرمايائون ته ان زماني ۾ لطيفا ڪونه هئا، پر صحابي زيارت مان فيض حاصل ڪندا هئا.

جيڪي ماڻهو پرپٺ ولين ۽ قبرن وارن کي سڏيندا آهن، اسان جو دين نه آهي.

هي دنيا، دنيا وارن جي زال آهي، جيڪو ان کي تڪيندو سو دنيادار کي نه وڻندو.

الله تعاليٰ ڀڳل دلين وارن ۽ مسڪينن سان آهي.

ڪشف قبور تمام گهڻو هون، شاهه ڀٽائي جي روضي تي ويا هئا، اندر ڪشف طور ڏٺائون ته (ڀٽائي) ٻاهر رلهي ويڙهيو ويٺو هو، چيائين ته آئون نڪري ويو آهيان.

پير محمد بقا جي دستار پير جهنڊي وارن کي ورثي ۾ ملي هئي. وفات 7 ربيع الاول 1317هه.

سيد محمد شيرازي

سيد محمد ولد سيد محمود متوفي (756) ولد محمد (714) وليد سيد محمود (694) ولد سيد ابو سعيد ابراهيم مڪي (645) ولد سيد قاسم مڪي (620) ولد سيد زيد رضا (609) بن سيد جعفر مڪي (595) بن سيد حمزه (متوفي 549) بن سيد هارون (532) بن سيد عقيل (متوفي 512) بن سيد اسماعيل (متوفي 439) بن سيد علي (390) بن سيد جعفر ثاني (متوفي 171) بن امام حسن عسڪري بن علي نقي بن محمد تقي بن علي رضا بن موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقي بن امام علي زين العابدين بن امام سيدنا حسين بن سيدنا حضرت علي بن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنهنم اجمعين.

خواب ۾ اشارو ٿين ته سنڌ روانا ٿيو. شيراز جي بادشاهه مبارزالدين بن محمد مظفر الدين منع ڪئي، پر خواب ٻڌايائون. ڄام صلاح الدين سمه جي زماني ۾ 788هه ۾ ٺٽي ۽ سامئي ۾ وارد ٿيا.

دهم شهر محرم 800 سفر آخرت کرد

فمن کان يرجوا لقاءَ ربہ

سيد احمد شيرازي ٺٽوي

سيد احمد بن سيد محمد (مٿيون) شيرازي 845 ۾ وفات ڪئي. والحمد خالصا لله 845.

سيد محمد حسين شاهه مراد شيرازي

سيد محمد حسين شاهه مراد ولي سيد احمد بن سيد محمد شيرازي صبح جو سج اڀرڻ مهل 12 ربيع الاول 831هه ۾ ڄائو. ”قرة اعين“ جي فقره مان سندس تاريخ نڪري ٿي. ڄام فتح خان سمہ جي حڪومت هئي، ننڍپڻ ۾ چئن سالن جو هو ته تعليم لاءِ ويهاريو ويو. بسم الله الحمدلله پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ ٻين علمن جي ضرورت ڪانه رهيس، ڏهن سالن جي ڄمار ۾ منبر تي وعظ فرمايائين، ظاهري ۽ باطني علوم مٿس کليل هئا. گهڻو ڪري سندس منهن مبارڪ تي برقعو هوندو هو، ڪڏهن به بي وضو نه رهندو هو. هڪ هزار چار سؤ خليفه ڪامل صاحب ڪشف ڪرامات جا ٿيا. هميشه تفسير ۽ حديث جي علم سان شغل جاري رهندو هون. پنهنجي ناناڻي خاندان عباسين مان سندس شادي ٿيل هئي، جنهن مان کيس هيٺيان هيٺيان فرزند پيدا ٿيا: (1) سيد منصور (2) سيد حماد وغيره. ڪرامتن جو ظهور، ڄام نظام الدين جو زمانو هو. هڪ سؤ رڪعت تهجد جي نماز ادا ڪندو هو، بنا مسواڪ جي وضو نه ڪندو هو. هر هڪ ڪم ۾ سنت جو خيال رکندو هو. باران نماز سان برسات ٿي.

ڄام نظام الدين مريد ٿيڻ جي خواهش ڪئي، پر انڪار ٿيو، حڪم ٿيس ته ملڪ جو گشت ڪري مظلومن جي داد خواهي ۽ عدل سان الله کي راضي ڪري. کلکم راع و کلکم مسئول. اوهان مان هر هڪ ڌنار آهي هرهڪ جوابدار آهي. فرمايائين: تخلقوا باخلاق الله مطلب ته الله جي صفتن سان پاڻ کي سينگاريو.

سيد علي شيرازيءَ کان نقل آهي ته پير صاحب سجده تهجد ۾ تمام گهڻو وقت پيو هو. عرض ڪيم ته ايڏي مدت ڇو؟ پاڻ فرمايائون ته جڏهن سبحان ربي الاعليٰ ٿي چيم ته جواب ته مليو ٿي مليو، لبيڪ يا عبدي! ان جي لذت ڪري سر نه ٿي کنيم.

سندس مسجد جي لڳو لڳ ڄام ننده جي ديوان لکمير خزانچي جو م ندر ۽ بت خانه هو. نماز وقت گهنڊن ۽ گهڙن وڄائڻ ڪري نمازين کي تڪليف ٿيندي هئي. دانهن پيش ٿي، ڄام جو ناٺي ۽ ڀاڻيجو مارک ۽ لکمير هندو حاضر ٿيا، هڪ توجهه سان ولايت تي پهتو. مندر بدلي ۾ جاءِ وٺي پنهنجي پٽ مولي کي پيش ڪيو، سيد صاحب فرمايو ته مولو ٺٽي ۾ قيامت تائين مشهور رهندو ۽ اڄ تائين آهي. لکمير ديواني ڇڏي فقيريءَ جو لباس ڍڪي هميشه لاءِ سيد صاحب وٽ رهجي ويو. سندن عقيدو هن طرح هو: پيغمبر عليہ السلام جا چار يار امت جا بزرگ آهن. چار يار دل جي صفائي ۾ ٻين سڀني کان وڌيڪ آهن، انهن کان پوءِ عشره مبشره (جن کي بهشت جي خوشخبري مليل هئي) پوءِ بدر وارا، انهن کان پوءِ احد وارا وغيره. پهريون خليفو ابوبڪر صديق، ان کان پوءِ حضرت عمر، پوءِ حضرت عثمان ان کان پوءِ حضرت علي المرتضيٰ رضي الله تعاليٰ عنهم اجمعين.

سنت نبوي جي متابعت ۾ مسجد صفه بنائي، اتي هڪ جماعت کي اهل صفه جو لقب ڏنو هئائون، سندن وڏو ڀاءُ سيد علي جو سندن وڏو خليفو هو، اصحاب صفه جي نگراني ان جي حوالي هوندي هئي.

هڪ ڏينهن مسجد صفه ۾ گهڻو وقت وعظ فرمائيندا رهيا، ان کان پوءِ ٿورو بخار ۽ مٿي جو سور ٿيو. پهرين ربيع الاول 893 سومر ڏينهن ظهر وقت هن دنيا مان وفات فرمايائون. ساجدا مخلصاً لله مان سندن وفات جو سن نڪري ٿو.

ٽي فرزند ڇڏيائون: سيد منصور، سيد نعمت الله، سيد حماد. نماز جنازه منصور پڙهائي، جنازه تي ايڏو انبوهه ٿيو جو ڪيترا هندو اهو ڏسي اسلام قبول ڪري جماعت ۾ داخل ٿيا. سندن وفات کان پوءِ هڪ صاحب ڪشف جي خواب ۾ ڏٺو. اهو خواب عربي عبارت ۾ لکيل آهي، جنهن جو خلاصو هيءُ آهي ان ڏٺو ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم مسجد ۾ ويٺا آهن، ايتري ۾ سيد مراد آيو ۽ اچي آنحضرت جن جي سڄي پاسي کان ويٺو، ايتري ۾ سيد شيخ عبدالقادر جيلاني به آيو، رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته منهنجي اولاد مان هي ٻيئي شخص ڀلارا آهن، هنن کي منهنجي ٻي اولاد تي وڌيڪ فضيلت هن ڪري ميل آهي جو منهنجي سنت ۽ عادتن جي متابعت ڪندا هئا، ان ڪري آئون کين دوست رکان ٿو ۽ سيد حسين منهنجي اولاد مان شريعت جي اقوالن ۽ افعالن موافق عمل ڪندڙ آهي ۽ سڀني ولين کان هن جو درجو بلند آهي.

شيخ صدر الدين عارف سندن ملاقات لاءِ آيو. سيد مراد سال ۾ هڪ ڀيرو ترڪ ڪندو هو.

سيد منصور بن شاهه حسين ٺٽوي

سيد منصور بن سيد حسين شاه مراد شيرازي ولادت 855هه. پنهنجي والد بزرگ جي وفات کان پوءِ گادي تي ويٺو. هو هڪ وڏو عالم، فاضل ۽ ڪامل ولي هو. هر هفتي پنهنجي آبائي جامع مسجد ۾ قرآن شريف جو ترتيب وار وعظ فرمائيندو هو. هميشه نماز ۽ روزي جي پابندي سان رهندو هو، ڏاڍو پرهيزگار هو.

ڄام نظام الدين ننده سندس زماني ۾ وفات ڪئي ۽ هن بزرگ کان نماز جنازه ادا ڪرائي وئي. 914هه، گهڻو ڪري منهن ڍڪيل رکندو هو. ڪشف ڪرامت جو مالڪ هو. 80 ورهين جي ڄمار کي پهچي 15 رجب 968هه ۾ هن دنيا فاني مان فتح ۽ ڪامرانيءَ سان روانو ٿيو، پنهنجي والد جي قبر جي لڳ دفن ڪيو ويو. عند مليڪ مقتدر جي فقره مان سندس تاريخ وصال نڪري ٿي. 968هه.

سيد جلال الدين ٺٽوي

سيد جلال الدين بن سيد احمد شيرازي. ان جو پيءُ سيد شاهه مراد جو ڀائٽيو هو. هڪ وڏو عالم ۽ ڪامل واصل هو، پنهنجي چاچي جو مريد ٿيو ۽ زندگيءَ جو وڏو ڀاڱو تفسير ۽ حديث جي حاصل ڪرڻ ۾ خرچ ڪيائين. زهد ۽ رياضت ۾ يگانو هو، تارڪ الدنيا ته هڪ ئي هو. سندس مرشد ۽ چاچي کيس دعا فرمائي هئي ته تنهنجي اولاد دنيا ۾ نامور ٿيندي، اها دعا قبول ٿي، جنهن ڪري سيد جلال الدين جي گهر سيد علي ثاني اهڙو فرزند پيدا ٿيو، جو سمورو ملڪ ان جي سخا ۽ ڪرامت سان واسجي ويو. سيد جلال جي ڄمار جڏهن 66 سالن کي پهتي، تڏهن سن903هه ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو. جعلنا للمتقين اماما مان سندس تاريخ وفات نرڪي ٿي.

سيد علي ثاني ٺٽوي

سيد علي ولد سيد جلال ولد سيد علي اول شيرازي ٺٽوي حافظ حاجي، عالم، ڪامل، سخي، متقي هو. مخدوم نوح عليہ الرحمة جي معتقدين مان هو.

هو پنهنجي ڏاڏي جي ڀاءُ ولي ڪامل شاهه مراد حسين جي زماني ۾ پيدا ٿيو. جڏهن حضرت شاه مراد کي سڌ ڏني وئي، تڏهن سنڌي زبان ۾ ”اوڀاتي ڏيئي وڏي ڄمارا“ جي لفظ سان دعا ڪيائينس. جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن حج جي ارادي سان حرمين شريفين جي زيارت کان مشرف ٿيو. اتي کائونس ايتريون ڪرامتون ظاهر ٿيون جو حرمين جا هزارين ماڻهو سندس معتقد ٿي رهيا. وطن ۾ واپس اچي ڪيتريون مسجدون ۽ مقبرا ٺهرايائين ۽ پنهنجي وڏن تي هڪ عظم الشان گنبذ اڏريائين، جنهن جي تاريخ آهي: (بحر ڪرم بحر ڪرم) 940.

سيد علي تصوف ۾ هڪ رسالو تصنيف فرمايو آهي: ”آداب المريدين“ سال ختم سن954هه.

وري ٻئي دفعي سفر حج جو ارادو ڪيائين، پر روڪيو ويو، ماڻهن ميڙ ڪيو. سنڌي بيت پڙهيائين:

سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين،

آئون ٿي هلان هوت ڏي، تان هوئي واريون وهارين،

ورنيون ورن سين، ويٺيون گهر ۾ گهارين،

ٿيندا؟ ٿيو کارين، ڪاٽ هلائي ڪيچ ڏي.

هڪ ڀيري سماع ٿيو، وجد ۾ اچي ويو، سمورا بيهوش ٿي ويا. 90 سالن جي ڄمار ۾ آخرت ڏانهن اسريا، ”فات الحاتم بجوده“ فقره رفات آهي. 922

آن ولي کشور ولايت

-

برهان ممالک هدايت

صابدل عارف محقق

-

ببدار دل ولي مطلق

سيد علي آن بفضل ممتاز

-

سر دفتر سيدان شيراز

گلدسته بوستان طه

-

فرح ثمري ز نخل زهري

کشاف دقائق معاني

-

داناءَ حقائق نهاني

مرآت جمال اسم اعظم

-

بيناءَ رموز هر دو عالم

ميداد همه بتازگي روءِ

-

هرگز نگفتند چين بر ابروءَ

اخوان صفا زهر دياري

-

خلال به نماز هر کناري

هشتاد يک سنين نهصد

-

نگذشت زهجرتِ محمد

کو رفت زين سرائي فاني

-

بربست بملک جاوداني

آسوده بخوشتري مزاري

-

مانند بهشت مرغزاري

(معارف الانوار محمد صالح بن ملا زکيا تهتوي)

شيخ الوڀو ٺٽوي

سندس اصل نالو مارڪ سمه آهي، اهو ڄام نظام الدين جو ڀاڻيجو ۽ سندس ناٺي آهي، مسجد ۽ مندر واري واقعي ۾ هڪ نظر سان هو رنڱي ويو. رستي ويندي هڪ سون جي منڊي تي مٽي وڌائين، شاهه حسن سان ڳالهه ڪيائين، جنهن بي طمع (الوڀو) نالو رکيس. سندس مقبرو ٺٽي ۾ ناڪي وٽ مشهور آهي.

 سندس مقوله آهي: قبر وارن کان پڇيم ته اتان ڪڏهن ٿا ٻاهر اچو؟ جواب ڏنائون ته جڏهن تون اسان وٽ اچين!

هڪ ڀيري پيغمبر خدا کي خواب ۾ ڏٺائين، ارشاد ٿيس ته توکي اسان برگزيده بڻايو آهي، عرض ڪيائين ته ڇا لاءِ سائين؟ جواب مليس ته منهنجي سنت جي تابعداري ڪئي اٿئي، ۽ بزرگن جو ادب رکيو اٿئي، اهل بيت سان دوستي رکي اٿئي، تنهن ڪري توکي ابدال جو درجو مليو آهي

حضرت علي رضي الله عنہ کي خواب ۾ عرض ڪيائين ته مون کي نصيحت ڪريو. فرمايائين: دولتمندن جي درويشن تي شفقت ڏاڍي سهڻي آهي ثواب خاطر، پر درويش کي الله ڪارڻ اميرن کان بي پرواهه رهڻ ان کان به ڀلو آهي.

شيخ الوڀو پنهنجي مرشد جي حياتيءَ ۾ وفات ڪئي هئي، سندس مرشد نعش سان شريڪ رهيو. 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، پهرين ذوالحج سن885هه تاريخ هن طرح چئي ويئي آهي: ”کان الله خالصا.“ سندس مرشد هن جي وفات کان پوءِ سندس مقبره تي ايندو هو.

شيخ حسين صفائي

شيخ حسين شاهه مراد جي خليفن مان ولي ڪامل هو، سندس والده دروازه جي خدمت گذار هئي. سندس والده عرض ڪيو ته ڪوزو، مصلو وغيره منهنجي پٽ جي حوالي ٿئي، پاڻ فرمايائون ته هو هن جهان ۽ هن ۾ اسان سان گڏ رهندو، شيخ جي زيارت لاءِ ارغون به هڪ دفعو آيو هو. ”هو خير و ابقيٰ“ (سن931) مان تاريخ وفات نڪري ٿي.

اصلوڪي سنڌي نثر

منجهه خدمت فيضدرجت قاضي صاحب مين عبدالرحيم جي رسن سو سو سلاما طرفان محمد صابر جي بيحد اپارا. پڄاڻا سلامن جي هي حقيقت معلوم ڪجاه ته اسان دوه خبر عافية آهي. اهجي خبر عافية جي خبر لکي موڪلجاه ۽ مهرباني ڪري خطبو جمعي جو لکي موڪلجاه عبارة سان والسلام. سلام مين عبدالحڪيم ڏاه، سلام صاحب زاده ڏاه- محمد صابر عفي عنہ در خدمت ميان صاحب.

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان نقل

هڪ قلمي بياض ۾ مخدوم محمد هاشم رح ٺٽويءَ کان فارسي عبارت ۾ هن طرح نقل آيل آهي:

چهار هزار کتب تکرار کردم، چهار سخن اختيار کردم، يکي آنکه اي نفسِ من اگر طاعت خداي تعاليٰ کن بکن والا رزق او مخور. دوم آنکه اي نفس من از آنچه خدا تعاليٰ منع کرده است به پرهيز والا از ملک او دور شو!. سوم آڻکه اي نفس آنچه قسمت ازلي بتو ميرسد بران قانع باش الا خدا ديگر بطلب که قسمت تو زياده کند. چهارم آنکه اي نفسِ من اگر قصد گناه کني تاجائي پيدا کن که خدا تعاليٰ ترانہ بيند الا مکن.

چار هزار ڪتاب پڙهيم (انهن مان) چار ڳالهيون پسند ڪيم. هڪ هيءَ ته اي منهنجا نفس! جي خدا تعاليٰ جي عبادت ڪرين ته ڪر نه ته ان جو رزق نه کاءُ! ٻي هيءَ ته اي منهنجا نفس! جنهن کان خدا تعاليٰ روڪ ڪئي آهي ان کان پاسو ڪر نه ته ان جي ملڪ کان نڪري وڃ! ٽين هي ته اي منهنجا نفس! جيڪي ازلي قسمت مان توکي پهچي ان تي صبر ڪر! نه ته ڪو ٻيو خدا ڳول جيڪو توکي روزي وڏائي ڏي. چوٿين ڳالهه هي ته اي منهنجا نفس! ته جي گناهه جو خيال ڪرين ته ڪا اهڙي جاءِ تلاش ڪر، جتي توکي خدا تعاليٰ نه ڏسي نه ته نه ڪر!

غزل فرموده عنايت الله شاه صوفي

سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد

از گردنم اين ابن ادا شد چه بجا شد

از خون دلم بسته منابر سر ناخن

خون دلم انگشت نما شد چه بجا شد

از دود دلم و سمه کشيده است بر ابرو

دودِ دل ما قبله نماز شد چه بجا شد

مي خواست رقيبي که من از غصه بميرم

ديدي که خودش زود فنا شد چه بجا شد

ميخواست رضائي که بفرمان تو گردد

فرمان تو گرديد رضا شد چه بجا شد

تولد مخدوم عبدالرحيم 1238 وفات 10 شوال 1302هه (راقم) حاجي محمد هاشم چانگاڻي.

آخوند حبيب الله

آخوند حبيب الله ڊپٽي ڪليڪٽر جهوڪ ڊويزن، چند سالن کان ٻڍائي ۽ پيري ۽ ملازمت جي عمر پوري ٿيڻ ڪري خانه نشين ٿي ويا، سرڪار وٽان ٽي يا چار سؤ روپيا کين ماهوار پنشن ملندي هئي، هن هفتي تپ جي عارضي ۾ مٽياري ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ جو سندن جاءِ سڪونت هئي، الله جي رحمت هيٺ آيا، سرڪار مير صاحبان جي زماني ۾ ۽ پوءِ انگريز سرڪار جي دور ۾ هميشه وڏن مرتبن ۽ عظيم خدمتن سان سرفراز رهيا. مفرح القلوب 6 اپريل سن1879ع.

نادر قلمي ڪتاب

حکايت الصالحين سوانح عمري خواجہ معين الدين چشتي (قلمي فارسي) جامع المعجزات رهاوي- ينابيع الحياة الابدية في طريق الطلاب النقشبنديہ تصوف. متوسط شرح کافيہ نحو. آداب المريدين السيد علي شيرازي. مکنوبہ 954.

شرح مقدمہ جزري في القراة للعلامة مخدوم محمد هاشم تتوي، رفع الخفاءَ عن مسئلہ الراءِ- رسالہ تير اندازي (نظم فارسي)

رسالہ رد وحدة الوجود، الطريقة المحمدية في حقيقة القطع بالافضيلة للمخدوم محمد اکرم نصرپوري. ما في المکان ابدع مما کان شيخ ابوالحسن سنڌي، کراهية الاختضاب بالسواد شيخ محمد حيات سنڌي، رسالہ در ثبوت نور محمد فارسي شيخ ابوالحسن ڏاهري، القول السوي في آباءَ النبي مخدوم محمد معين.

قاضي عبدالله

هي شيخ اثير الدين ابهري سنڌي جو شاگرد هو.

نماز جمع بابت هڪ فتويٰ

مخدوم ميبڏنه نصرپوري لکي ٿو ته: جهوپڙيون يا لڪڙين يا ڪچا گهر ڊاهي انهن تي ٽوا وجهي ڪي ماڻهو رهن ٿا ته انهن ڳوٺن ۾ قاضي يا حاڪم جي اجازت سان جمعه پڙهڻ حنفي مذهب تي بلڪ سڀني مذهبن ۾ جائز آهي.

هن کان پوءِ مخدوم عبدالرحيم (گهڻو ڪري گرهوڙي هوندو) مخدوم ضياءَ الدين ۽ مخدوم محمد هاشم ۽ ٻين عالمن جي تحرير نقل ڪري ان تي پنهنجو نوٽ لڳايو آهي. تحرير هيءَ آهي: جڏهن ته هن زماني ۾ شريعت جي احڪامن جي اجراءَ ۾ سستي اچي وئي آهي ۽ حدود ته بنهه غائب ٿي ويون آهن، بلڪ قاضين کان به گهڻو ڪري اهڙا اختيارات کسيا ويا آهن، ان ڪري جي اهل مذهب جي روايتن تي فتويٰ ڏجي ٿي ته ڪن ٿورين جاين کان سواءِ جمعه، جيڪو دين جي وڏن احڪامن کان آهي، جائز نه ٿي سگهندو. بلڪ هن ملڪ ۾ مشڪل آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته هن بابت ٻين روايتن تي عمل ڪيو وڃي ته ديني شعائر ۽ احڪام هٿ کان نه وڃن. جڏهن قاضي اجازت ڏئي ته امام محمد جي روايت يا امام شافعي يا امام مالڪ جي قول تي اتفاق سان نماز جمعه جائز ٿيندي.

هن فتويٰ تي جي ڪوهستان ۾ قاضيءَ جي موڪل سان جمع ۽ عيدا ادا ڪجي ته جائز آهي. والله تعاليٰ اعلم (عبدالرحيم).

شيخ عيسيٰ برهانپوري

باشہ ملک جنون خاک بسر افسرما

فوج طفلان از بس و پيش بود لشکر ما

ايضالہ

مور وليده که من برسر دارم

سايه دولت عشق ست که بر سر دارم

محمد علي سيوستاني

دود آهِ ماست برشب ادهم جولان ما

نه فلک کردي ست واپس مانده ميدان ما

مرزا جاني ٺٽوي

نام مهر و محبت شدم و نمي دانم

که سبز چيست درو گل کدام و خار کدام

مرزا عالي ٺٽوي

بباغ عالم گر باغبان شوي داني

که سبز چيست دروگل کدام و خار کدام

ڪرم ٺٽويءَ جي بيان تان

1259هه ۾ اولهه پاسي اڇي رنگ جي هڪ عمود شڪل نظر آئي، جا هڪ مهينو بيٺي رهي، ان کان پوءِ نظر نه آئي، ان کان پوءِ فرنگين جون سنڌ جي اميرن سان جنگيون شروع ٿيون ۽ اهي هند ڏانهن وڌندا رهيا.

پهرئين جنگ مير نصير خان جي فرنگي جرنيل سان جمعي ڏينهن 1259هه ۾ ٿي، ٻي جنگ مير شير محمد جي مٿئن جرنيل سان 22 صفر جمعه ڏينهن ناريجه ڳوٺ جي ويجهو ٿي.

ٻنهي لڙائين ۾ مسلمانن طرفان اٽڪل ست سؤ ماڻهو شهيد ٿيا ۽ فرنگين مان اٽڪل ٽي هزار دوزخ رسيد ٿيا.

ٽين جنگ فرنگين سان شهدادپور وٽ ٿي، صبح صادق وقت، ڏينهن اربع 15 جمادي الاول. پهرين ٻن لڙاين ۾ ڌرين جي نقصان کان پوءِ بلوچن ۾ ڀاڄڙ پئي. ٽين جنگ ۾ جنگ کان اڳ جڏهن فراري ٿي، تڏهن گلنداز جو هڪ ديندار هو، مير شير محمد خان کي منت زاري ڪري جنگ کي منهن ڏنو. مير جي روانگي کان پوءِ گلنداز فرنگين جا ڪيترا ماڻهو توپ سان مردار ڪري پاڻ به ڀڄي جند ڇڏائي. هن جنگ ۾ ڪل 5 توبون هيون.

راجائن جي طرفان هڪ شاعر وڪيل ٿي ميان نور محمد عباسيءَ وٽ آيل هو، اهو گهڻو ڪري مير لطف الله کان گوءِ کني ويندو هو، ان ڪري مير، ميان کي چيو ته هن کي ڪڍي ڇڏيو. اُن شاعر به اهو ٻڌي ورتو، سو سراءِ سوچ جي هيٺيان بيت چيائين:

بميان گفت مير نکته سنج

باين الفاظ سنڌ ڀلؤ ته وڃي

از ينجا پيشتر هرگز نه جنبم

که ما نيک و بد را خود بسنجم

تاريخ تولد مخدوم ابراهيم نقشبندي ٺٽوي شاعر خليل

ان من شيعتہ لابراهيم جيدا

1243

زاد ابراهيم با عشرت بگفت

گوهر مدح شرف علم لدن

1243

تاريخ وفات مخدوم ابراهيم نقشبندي

جستم زعقل سن ترحيلش سروش گفت

امروز با الم بجهان حشر عام شد

1317

ايضا عيسوي

بود لاريب خاتم السعرا

1899

از محمد شاکر تتوي

وفات ميان محمد ڪريم نقشبندي ٺٽوي

جاءَ محمد ڪريم شد بجنت مدام

جنت مدام جاءِ محمد ڪريم شد

1227

شاهه عنايت الله صوفي

شاهه عنايت الله صاحب رح جي جڏهن شاهه ڀٽائي سان ملاقات ٿي ته هن طرح فرمايائين:

ڏسي ڏونگر ڏاه متان هلڻ ۾ هيري ٿئين،

ڪي مجازياڻيون موٽيون، سڻي پنڌ پچار،

پويون پائج پرين کي، حقيقي هار،

سگهي لهندي سار، آريچا عنايت چئي.

جواب ڀٽائي صاحب

پسي ڏونگر ڏاه، متان هلڻ ۾ هيري ٿئين،

پڇي پورج سسئي، مهندا بلوچڻاڻي باه،

اڻ ورائتي درجو، آسرو، هڏم لاءِ،

اکين اوڏو آه، پرين پراهون م چوين.

تاريخ وفات محمد محسن بيڪس روهڙي

شهيد شوقش پاڪ محمد محسن

1298

تاريخ وفات سيد حيدر شاه حفاني

شاه حيدر که هست غوث زمان

هادي و فيض بخش عالميان

سال معراج او خرامي جست

گفت دل ”شکل مصطفيٰ ست“ بدان

1039هه

تاريخ وفات شاه ڀٽائي از ابراهيم هالائي

شاه صاحب ذوالمواهب، سيد عبداللطيف،

آنکه قطب وقت خود بوست از مردان حق،

چوق ز جامِ ارجعي مخمور نوشي وصل کرد،

گفت ملهم غيب سالِ رحلتش ”رضوان حق“

1165هه

تاريخ وفات مخدوم عبدالڪريم متعلوي در مکہ مکرمہ

سيدي قبلتي و مولائي

-

خرج من بيتہ الي الله

بود ما نال مقصدا اقصيٰ

-

ادرکہ داعيا من الله

قيل في فوتہ يبدءُ خروج

-

قد وقع اجره علي الله

 

 

1261

ايضا

نقيبان جنت پئي مرشدم

-

بگفتند شاها بيا مرحبا

عيان چون شه رفت رضوان گفت

-

به بستان بيا وارث انبياءَ

فرائد الاحکام علي فرائض

-

الاسلام از مخدوم عبدالڪريم

مٿيون ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مشهور عالم ڪتاب فرائض الاسلام جو شرح آهي.

ابيات تصنيف مخدوم محمد جعفر بوبڪائي

هر کس فرونيامد وحيش هزار بار

جز مصطفيٰ که باد برو جانها نثار

ده کرت بر آدم بر نوح بيست سه

چهل وهشت بر خليل عددها نگار

يوسف چهار بار، بموسيٰ چهار صد

عيسيٰ دوبار سي که وحيش ماند يادگار

بر حضرتِ رسول شمارِ نزول وحي

عشري الف اربع لک هشت در شمار

بر باقي رسول ندائي وحي باريک

زان بيشتر نه شد که همين است آشکار

در حاجتش ببايد ديدن روايتي

در قرطبي ببين که نبشت است آشکار

نوٽ: اهي مٿيان بيت دارالارشاد پير جهنڊه (درگاه) جي علمي لائبريريءَ جي هڪ پراڻي بياض تان نقل ڪيا ويا.

خواجه محمد زمان لواري وارن جو سلسله نقشبنديه

(1)

ابتدائي نقشبنان با تو گويم اي اخي،

 

بعد پيغمبر ابابکر است و سلمان فارسي.

(2)

باز قاسم بن محمد، جعفر صادق بود،

 

بو يزيد و بوالحسن پس بو علي فارمندي.

(3)

خواجه يوسف پس ازوي شيخ عبدالخالق است،

 

شيخ عارف، شيخ محمود و علي را ميتني.

(4)

خواجه بابا محمد و سيد مير گلال،

 

پس بهاءَ الدين شاه نقشبندي معنوي.

(5)

شيخ يعقوب و عبيدالله و محمد زاهد است،

 

خواجه درويش دان وا منکنکي.

(6)

شيخ هندا بعد ازان شيخ باقي بالله،

 

پس مجدد که ازو نو شده دين نبي.

(7)

خواجه محمد سعيد و خواجه عبدالاحد،

 

خواجه محمد حنيف و خواجه محمد زکي.

(8)

حضرت شيخِ محمد خواجه محمد زمان،

 

گشت باغِ دين ز نورِ گل محمد منجلي.

نوٽ: مٿيان بيت اسان کي دارالهدي ٺيڙهيءَ جي علمي ڪتب خاني جي قلمي ڪتاب المتانة في مرمة الخزانة جي پاسي تي لکيل مليا، جن کي بنا ڪنهن ڦيرڦار ۽ تصحيح جي نقل ڪيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com