سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو :1

واچوڙن ۾ لاٽ

قمر شهباز

راجا، منهنجو اڪيلو پٽ ئي نه،

 منهنجو پاڇو پڻ آهي؛

حصو آهي منهنجي وجود جو.

جڏهن مان نه رهندس،

تڏهن به جيئندس؛

سندس روپ ۾،

سندس ئي رنگ ۾،

شل اهو روپ سروپ ٿئي!

 - قمر شهباز

 

پبلشر نوٽ

 

*      اداري سنگم پبليڪيشنس پاران، سنڌيءَ جي مشهور ڊرامه نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر محترم قمر شهباز جي ڪجهه شاهڪار ريڊيو- ٽي وي ڊرامن کي چونڊي ڇاپي پيش ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ اداري کي ”قمر شهباز جون چونڊ ڪهاڻيون“ ڇاپڻ جو پڻ اعزاز حاصل آهي.

*      هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ ڪجهه ڊرامن جا ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي پڻ پنهنجي اهميت رکن ٿا. پر هن ڪتاب ۾ اسان خاص طور تي ڊرامن جي لکڻيءَ جي ڏانءَ/هدايتن تي توجهه ڏنو آهي. ان سان اسان جي نون/سيکڙاٽ ليکڪ ساٿين کي چڱي رهنمائي ملندي.

*      هن ڪتاب لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ۾ ريڊيو پاڪستان جي محترم شيخ محمد ابراهيم، خواجه امداد ۽ نثار ميمڻ وڏي مدد ڪئي- ۽ ليکڪ جو رنگين فوٽو محترم اياز راشديءَ ڏنو. ادارو سندن ٿورائتو آهي. ان کان علاوه ڇپائيءَ جي ڪم ۾ علمي پريس جي محترم حافظ محمد صديق ميمڻ ۽ محمد حسن بلوچ صاحب جن تمام گهڻو تعاون ڪيو، ادارو سندن ٿورائتو آهي.

 پبلشر

خواجه امداد

قمر شهباز جي باري ۾

 

قمر شهباز جي سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر جي حيثيت سان شهرت ڪيتري آهي؟ اهو ته خير ادب جا پارکو ۽ اديب ئي فيصلو ڪري سگهن ٿا، باقي جيتري قدر منهنجي ڄاڻ جو تعلق آهي ته، جديد سنڌي ادب ۾ قمر شهباز هڪ منفرد افسانه نگار ۽ شاعر جي حيثيت سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو.

قمر شهباز سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ريڊيو ڊرامي جي پروڊيوسر جي ناتي سان ٿي. ۽ پوءِ اهو ناتو هوريان هوريان دوستيءَ جي ٻنڌڻن ۾ منتقل ٿيندو ويو ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مون تي اُها ڳالهه به Discover ٿي ته هو هڪ کل مک، مخلص ۽ پيار ڪندڙ دوست پڻ آهي.

قمر شهباز جي بنيادي شهرت بيشڪ ادب ۽ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان هوندي، پر سڄي سنڌ جا ماڻهو اُڀرندڙ قمر کي جنهن حوالي سان پنهنجو فيورٽ ليکڪ محسوس ڪندا آهن، اُهو آهي سندس ڊرامه نويس وارو روپ. ريڊيو ڊرامي جي ليکڪ واري حيثيت سان، قمر کي جيڪا سڃاڻپ ۽ رسپانس ٻڌندڙن وٽان ملي آهي، اهڙي سڃاڻپ، قمر شهباز کان اڳ شايد ئي سندس ڪنهن ٻئي همعصر ڊڙامه نويس کي ملي هوندي.

قمر جي ان پاپولرٽي جا به ڪي سبب آهن ۽ تحقيق ته آهن- ڪهڙا؟ اُهي هي ته، ڊڙامي ۾ اڪثر ماڻهو (ٻڌندڙ) پنهنجا ڏک، سک، اهنج، ايذاءَ، مسرتون، نامراديون، ناڪاميون، ڪاميابيون ۽ پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌڻ جا متمني هوندا آهن، ۽ ان ڏس ۾ قمر جي قلم جي جڪڙ سدائين ماڻهن جي نبض تي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ هن زندگيءَ جي ايڏو قريب تر ٿي ڊراما لکيا آهن جو انهن تي حقيقت جو گمان گذرندو آهي. قمر جي ڊرامن جا ڪردار ايڏا ته، اوريجنل ۽ جيئرا جاڳندا هوندا آهن جو، اهي مجسم اُهي ئي ڪردار هوندا آهن جيئن اُهي حقيقي زندگي ۾ هوندا آهن. مثال طور هن جي ڊرامي ۾ ماءُ جو ڪردار آهي ته، اُهو ڪردار پنهنجن سمورين محبتن، شفقتن ۽ قربانين سميت هڪ ماءُ جو ئي ڪردار هوندو آهي. ڀيڻ آهي ته، اُها سمورين سچاين سميت ڀيڻ ئي هوندي آهي. محبوبه آهي ته، مڙني ادائن، وفائن ۽ جفائن سميت محبوبه ئي نظر ايندي آهي. هيرو آهي ته، اُهو هر حالت ۾ هڪ آئيڊيل هيرو ئي هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ جيڪڏهن ائين چئجي ته قمر جي ڊرامن ۾ سندس هر ڪردار پنهنجي شخصيت پاڻ تعين ڪندو ۽ پنهنجي شمع پاڻ ٻاريندو نظر ايندو آهي. وڏي ڳالهه ته، قمر، ڊرامي ۾ مقصد جي،  مام رکڻ به ڪڏهن ناهي وساريندو. هن جي هر ڊرامي ٻڌڻ سان ٻڌندڙ جي ذهن ۾ شعور جون ڪئي چڻنگون روشن ٿي پونديون آهن. ذهن ۾ جاڳرتا جا ڪيئي گل ٽڙي سرهاڻ پکيڙڻ لڳندا آهن ۽ اِها به حقيقت آهي ته، انهيءَ لفظي جادوگريءَ ۾ هو اهڙيون اهڙيون ته ڇپندڙ ۽ چهنڊڙيون پائيندڙ ڳالهيون ڪري وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪي هوند رِيڊيو ڊرامي جي ذريعي سنئين سڌي انداز ۾ ڪرڻ ممڪن ئي ڪونه هونديون آهن.

ريڊيو ڊرامي جو تعلق آواز سان آهي، پوءِ اهو آواز مڪالمن جو هجي، پس منظر موسيقي جو يا صوتي اثراتن جو، ريڊيو جي لاءِ لکڻ وقت انهن سڀني شين جو خاص ڌيان رکيو ويندو آهي، خاص ڪري لفظن جي چونڊ ڪرڻ تي ته بنهه خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ ان ڏس ۾ ته قمر شهباز مڪمل سامري جادوگر آهي، جيڪڏهن هتي اهو چئجي ته، وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته قمر جي ڊرامي ۾ سڀ کان اهم خوبي اها آهي ته بس سندس مڪالمه بازي- مڪالما به ڪهڙا-؟ ڪٽ ٽو ڪٽ، ايڏا تُز تڪيل توريل،  خوبصورت ۽ پُرڪشش، جو ٻڌندڙ جو ذهن ڊرامو ٻڌندي ريڊيو سيٽ کان هڪ انچ به پري ناهي وڃي سگهندو. قمر جي ڊائلاگن ۾ سچ پڇ ته آبشارن جهڙي رواني، لهرن جهڙو فلو ۽ ستارن مان ڇَڻندڙ روشني جهڙو سنگيت سمايل هوندو آهي. هن جي ٻڌڻ سان ٻڌندڙ جو ذهن تجس ۽ سسپينس جي ڌنڌ ۾ وڪوڙبو ويندو آهي ۽ ٻڌندڙ کي ان لاءِ آماده ڪندو ويندو آهي ته هو سڄو ڊرامو پڄاڻي تائين ٻڌي ۽ ان مان لطف اندوز ٿئي. قمر جي ڊرامن جي ٻي بنيادي خوبي هيءَ به ڳڻائي سگهجي ٿي ته ٽيمپو جي لحاظ کان هن جو ڪوبه ڊرامو سست يا ڍلو قطعي ڪونه هوندو آهي. قمر جيترو فاسٽ ڊائلاگ ڊليوري ڪندو آهي، ان جي ڊرامن جو ٽيمپو ان کان به تيز هوندو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو ٻڌندڙ هن جو ڊرامو پڄاڻي تائين ٻڌڻ کانسواءِ رهجي نه سگهندو آهي.

مون کي ذاتي طرح قمر جي لکڻ جي اسٽائل جي خبر آهي ته، هو ڊرامي جي لکڻ جي تياري اُتان شروع ڪندو آهي ته پهرين ڊرامي جي ڊيوريشن طئه ڪري پوءِ ان حساب سان خالي صفحي تي هڪ ٻه ٽي نمبر هڻي، ٿهو ٺاهي رکندو آهي ۽ آڌيءَ رات جو جڏهن لکڻ شروع ڪندو آهي ته هڪ هڪ پنو لکندو ۽ اُهو هيٺ پٽ تي پکيڙيندو ويندو آهي. جڏهن آخري چار پنج صفحا وڃي بچندا آهن، تڏهن ڪلائمڪس ۽ ائنٽي ڪلائمڪس ڏئي، ڊرامو پورو ڪندو آهي ۽ هيٺان پَٽ تان پنا ميڙي پِن هڻي، صبح جو پروڊيوسر جي ميز تي رکي پنهنجي آفيس هليو ويندو آهي. اهڙي صورت حال ۾ به لکيل ڊرامي ۾ سچ پڇو ته هڪ لفظ به اضافي ڪونه نظر ايندو آهي. سڀ ڪجهه  To the Point ۽ سين ايڏي ته، يونيفارم ۽ ڊائلاگن ۾ ايڏي ته  Continuty جو اسڪرپٽ ۾ ايڊٽنگ جي ضرورت نهايت گهٽ محسوس ٿيندي آهي. انهن خوبين کي آڏو رکي قمر جي سندس ڪن ٻين همعصر ڊراما نويسن سان ڀيٽ ڪبي ته، پنجن آڱرين مان اڌ کان وڌيڪ آڱريون خالي ڇڏڻيون پونديون.

سٺي ريڊيو ڊرامي جي هڪ خوبي هيءَ به سمجهي ويندي آهي ته ڪردار جيترا ٿورا هوندا، ڊرامو ٻڌندڙ جي لاءِ اوترو قابل قبول ۽ دلچسپ تصور ڪيو ويندو آهي. اِن پرک تي قمر جي ڊرامن کي چانچبو ته هن وٽ هن ڏس ۾ به احتياط نظر ايندو ۽ هن وٽ ڊرامن ۾ ڪردار جو ڪرائوڊ نظر نه ايندو. جيڪڏهن ڪنهن ڊرامي ۾ هن ڪردارن کي ،گهڻ‘  به رکي آهي ته اُهي  ڪردار ڊرامي ۾ پنهنجي پوري  Justification  سان موجود نظر ايندا. قمر جا ڪردار ڊرامن ۾ ٻولي اُها ڳالهائيندا آهن، جنهن طبقي سان سندن واسطو هوندو آهي. ڪردار جي ورائٽي ڊرامن ۾ رکڻ سان گڏوگڏ قمر وٽ ڊرامن جي موضوعن جي به رنگا رنگي آهي. ڇا تاريخي ڇا سماجي، ڇا ميلو، ڇا ٽريجڊي، ڇا ڪاميڊي هن هر طرح ۽ هر ٽائپ جا ڊراما لکيا آهن ۽ انهن سان ڀليءَ ڀت انصاف به ڪيو آهي. ڪاميڊي ڊرامن لکڻ جو ته قمر وٽ ڏانءَ ئي مختلف آهي، ان ڏس ۾ هو ايترو  ته وٽي ۽ شارپ آهي جو ڄڻ سندس اندر ۾ مزاح جا ڪارخانا لکيا پيا آهن. ڏٺو وڃي ته مزاح لکڻ سولو ڪم ڪونهي، صرف ڪجهه مزاحيه اسڪرپٽس لکڻ کان پوءِ، مزاحيه لکندڙ ليکڪ ٿڪجي ساڻو ٿي پوندو آهي ۽ غريب جي خالي کيسي وانگر ٿي ويندو آهي.

قمر مسلسل ريڊيو لاءِ مزاحيه شيون لکيون آهن ۽ سالن تائين متواتر لکيون آهن، پر مجال آهي جو هن ڪڏهن ڪو سنگل ٽوٽڪو ڪڏهن رپيٽ ڪيو هجي. قمر جي اِنهن مزاحيه انداز ۾ لکيل اسڪرپٽس جي نمايان خوبي هي به آهي ته، هو محض مسخري ناهي لکندو، ان مسخريءِ ۾ هو طنز جا تير ۽ مقصد جا نوڪدار نشتر رکڻ ڪڏهن به ناهي وساريندو. مجموعي طور تي قمر جي تخليق ڪيل ڪردارن تي نظر وجهبي ته انهن کي ڪاميابي سان لکڻ ۽ نڀائڻ پويان هڪڙو فلسفو هي به لڪل نظر ايندو ته قمر پاڻ ۾ بنيادي طرح هڪ بهترين پرفارمر ڪمپئر ۽ بهترين صداڪار آهي. مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته لکڻ وقت هو هڪ هڪ ڪردار کي  Conceiveڪري، هن جو هر ڪردار هر پهلوءَ کان مڪمل ۽ پرفيڪٽ لڳندو آهي ۽ محسوس ائين ٿيندو آهي ته انهن کي لکڻ وقت هو پنهنجون سموريون تخليقي صلاحيتون ائين استعمال ۾ آڻيندو ويندو آهي جيئن ڪو مالهي گلدستو  ٺاهڻ وقت باغ مان خوبصورت ۽ خوش رنگ گل چونڊي گلدستو تيار ڪندو آهي.

ڊرامي جي اسڪرپٽ کان پوءِ وارو آهي، ان جي پروڊڪشن جو. پراڊڪشن ۾ پس منظر موسيقي، صوتي اثرات ۽ صداڪاري ڊرامي کي  Catchy بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا  آهن. ڊرامي جي  Opening کان ان جي ڪلائيمڪس ۽ وچ ۾  Conflict پيدا ڪرڻ تائين، صوتي اثرات ۽ پس منظر موسيقي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو آهي ۽ ان سموري ٽيڪنيڪل ڪم لاءِ پروڊيوسر جي تخليقي صلاحيتن سان گڏوگڏ ٻئي ٽيڪنيڪل عملي جو به وڏو عمل دخل هوندو آهي ۽ قمر شهباز جي هنن ڊرامن جي ڪاميابي پٺيان انهيءَ سموري ٽيم ورڪ جو وڏو هٿ آهي. صوتي اثراتن ۽ پس منظر موسيقي جي ڳالهه تي قمر جيڪڏهن پنهنجي اسڪرپٽس ۾، صوتي اثرات ۽ ٻيا ڊرامائي اشارا ۽ هدايتون نه لکي تڏهن به هن جي مڪالمن ۾ ايترو سنگيت ۽ آهنگ موجود هوندو آهي جو آٽوميٽڪ هن جي ڊائلاگن سان سڀ ڪيفيتون نڪري نروار ٿي ويندو آهن. قمر جي هنن ڊرامن جي اِها ڇا گهٽ خوش نصيبي چئبي ته هن جي ڊرامن کي اڪثر وڏا گڙنگ صداڪار ميسر ٿيا آهن، جن سندس لفظن کي ساهه پساهه ۽ آواز جو, زير و بم‘ ڏئي امر بنائي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ خاص ڪري مرحومه غزاله رفيق، قربان جيلاني، نور محمد  لاشاري، گل بانو، اي آر بلوچ وغيره وغيره جا نالا نمايان آهن. قمر جي ڊرامن جي پروڊيوسر ۽ ٻڌندڙ جي حيثيت سان آخر ۾ جا ڳالهه چوڻ چاهيان پيو، اُها شيءَ ته قمر شهباز جي فن ۾ مسلسل ارتقا آهي، شروع شروع ۾ هن جيڪي ڊراما لکيا ۽ ان کان پوءِ هو  جيئن جيئن ڏيهي ۽ پرڏيهي ڊرامن جو مطالعو ڪندو ويو، تيئن تيئن هن جي لکڻ ۾ ويتر پختي ۽ اسلوب ۾ ويتر نواڻ ۽ ارتقا پنهنجو پاڻ ايندي وئي ۽ اها ئي اهڙي فني صلاحيت آهي، جنهن قمر کي نت نوان موضوع هٿ ڪري نئين نئين انداز نئين اسٽائيل ۽ ٽيڪنيڪ ۽ ٽريٽمينٽ سان لکڻ جي اتساهه ڏني آهي ۽ کيس جديد ڊراما نويسن جي انڊيڪس ۾ نمايان نالو ڏئي ڇڏيو آهي.

مون کي خوشي آهي ته من قمر شهباز جي ڊرامن بابت هي ڪجهه اکر لکيا آهن، مٿي جيڪي ڪجهه به لکيو ٿم، اهو دراصل ڪجهه به ڪونهي- ڇو؟ ان ڪري جو منهنجو قلم اهو قلم ڪونهي جهڙو قمر شهباز جو آهي، هي ته بس محض جذبن جو اظهار ۽ دل جو آواز آهي، جيڪو مون اوهان جي آڏو ڪڍي ظاهر ڪيو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه-!

 

ف- م- لاشاري

 ڊرامي جو سماجي ڪارج

 

حڪم ٿيو آهي ته آءٌ محترم قمر شهباز جي هنن ڊرامن جي سماجي ڪارج متعلق لکان، ڇو ته انهن جي فني پهلوئن تي ماهرن کان ڌار لکرايو ويو آهي. ڪنهن به شيءِ جي سماجي ڪارج کي ڪٿڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي، ڇو ته هن دور جون گهرجون، نهايت تکيون ۽ تڪڙيون آهن ۽ هڪدم ڪجهه نه ڪجهه نتيجا گهرن ٿيون. انسان دشمن قوتن جو دٻاءُ ايڏو وڌي ويو آهي، جو مزاحمت اوس ۽ اڻٽر ٿي وئي آهي. سوال اهو آهي، ته جيڪڏهن سڄي جي سڄي قوم مٿان هٿيار کڻي ڪو اچي بيهي رهي، ته اُن مهل ماڻهو ڇا ڪن؟ پيش پون يا منهن ڏين. اهي ئي ٻه صورتون آهن، ٽين ڪا به ناهي. سياستدان لاءِ، عام ماڻهو لاءِ ۽ اديب لاءِ  به. اديب ڇاڪاڻ ته، انساني شعور جي اڳيري واٽ جي فهم رکڻ جو ذميوار آهي، تنهن ڪري سندس فرض نباهڻ جو ڪم ٻين سڀني کان وڌيڪ اهم آهي پر ان جي اهميت تڏهن آهي، جڏهن هو تبديلي جي عمل لاءِ ڪم ڪندڙ قوتن جي ساٿ سان هلي ٿيو وري ائين آهي جو تبديلي لاءِ ڪم ڪندڙ قوتن ۾ ڳانڍاپو ناهي، جنهن ڪري تبديليءَ جون طرفدار قوتون ٽڙيل پکڙيل جزن وانگر آهن ۽ ان ئي طرح ڪم ڪن ٿيون. انهن سڀني جزن جي ميڙ چونڊ ڪري ملائڻ لاءِ چقمق جي ضرورت آهي. اهو ڪم ٿيڻو بهرحال ضرور آهي، پر تڏهن به ذميدار اديب ذميواري کي محوسس ڪندي لکن ٿا.

هاڻي واري ڳالهه ٿي اچي، ته ذميوار اديب کي سياسي ضرورتن لاءِ به لکڻو آهي ۽ ٻين سماج جي گهڻ ڏساين پاسن لاءِ به. قمر شهباز جا ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ لکيل هي ناٽڪ ستر واري ڏهاڪي ۾ لکيل آهن ۽ ان ئي ڏهاڪي ۾ ٿورو ٿڪو وچولو سنڌي طبقو ٺهيو پئي. هڪ ته ريڊيو ۽ ٽي وي ميڊيا جا سرڪاري ادارا آهن ۽ انهن جون پابنديون هتي جي انسان جي اصل مسئلي تي پهچڻ ئي نٿيون ڏين ۽ ٻيو ته آرٽ دشمني جي سُتي، ورهاڱي کان پوءِ حڪمران طبقي کي جمهوريت دشمنيءَ سان گڏ ئي پيل آهي. آرٽ کي اُسرڻ نسرڻ لاءِ کليل فضا کپي. سياست ۾ جمهوريت ۽ روين ۾ روشن خيالي، آرٽ جي ترقيءَ لاءِ اڻٽر گهرجون آهن. پر حالتون ڪهڙيون به هجن، آرٽ پنهنجي حالتن جو عڪاس ۽ پنهنجي دور جي نفسيات جو مظهر ضرور ٿئي ٿو.

سنڌ ۾ ناٽڪ، ڪنهن به مؤقف کي عوام تائين پهچائڻ جو ڀرپور ذريعو رهيو آهي. ورهاڱي کان اڳ اسٽيج ناٽڪ هتي هندو ڪلچر جو حصو هيو. ورهاڱي کان پوءِ اُن جو ڄڻ ٻچو ناس ٿي ويو، ڇو ته سنڌ، آرٽ جي سرپرستي ڪندڙ اصل وچولي طبقي کان خالي ٿي وئي. اُن جي جاءِ سياست توڙي معيشت ۾ وڏيري، پناهگير بورجوازي، غنيمت جي مال جي مالڪ ڪاموري ۽ اڳتي هلي سامراجي سرمائي جي دلال سرمائيدار ڀري. وڏيرو زوالجندڙ قوت هئڻ جي ڪري آرٽ بدران عياشيءَ ۾ ڦاٿل محمد شاهه رنگيلي جي روايتن تي هليو ۽ ٻاهران آيل ڌرين جو ڌيان لٽ جي مال تي رهيو. انهن سڀني ڌرين جي ذهني جوڙجڪ مٿان دقيانوسيت جي وڻ ويڙهي چڙهيل هئي، جنهن ڪري سنڌ جي سموري آرٽ کي ايڏو نقصان پهتو جنهن جي ڪٿ نٿي ڪري سگهجي. هونئن به ٺاهڻ ڏکيو ڪم ۽ ڊاهڻ ۾ چپٽي وڄائڻ جيتري دير لڳندي آهي. ائين اسان جي ناٽڪ جون روايتون ختم ٿي ويون.

پر ناٽڪ ختم نه ٿيو آهي. زندگيءَ جي چرپر جو ناٽڪ. ماڻهوءَ جو هر ائڪشن، ڊائيلاگ پنهنجو مطلب رکي ٿو. ننڍڙي ٻار کان پوڙهي تائين ناٽڪ ئي هن جي مؤقف پيش ٿيڻ ۽ پاڻ مڃرائڻ جو ذريعو آهي. ڀلي هن کي خبر نه هجي، ته هو ناٽڪ ڪري پيو يا نه، پر هو پروي سچائي سان ناٽڪ ڪري ٿو. ڇو ته شيڪسپيئر چواڻي، دنيا اسٽيج آهي. ناڪام ماڻهو ناڪام ائڪٽر آهن ۽ ڪامياب ماڻهو ڪامياب ائڪٽر. سماجي سرشتو، ان ناٽڪ جو هدايتڪار آهي. فرق رڳو اِهو آهي ته مٿيان پرماري طبقا ڪوڙا ناٽڪ ڪري سڀڪجهه هضم ڪيو وڃن ۽ جيڪي ڪوڙا هٿ ناٽ نٿا ڪري سگهن سي، ايڪسٽرائن وانگر وقت ڪاٽي رهيا آهن. آرٽسٽ جو اصل ڪم ڪوڙي ناٽڪ جو خاتمو ڪري زندگيءَ کي ان جي اصليت ڏانهن موٽائڻ آهي.

اصل ۾ ڊرامو فطرت جي مانڊاڻ ۾ موجود آهي. ڪڪر، گجگوڙيون، کنوڻيون، درياه جا گهوگهاٽ، سمنڊ جي مستي ۽ ماٺائي، اونداهي ۽ چانڊوڪي، سڀ پاڻ ۾ ڊرامي جون خوبيون رکن ٿا. قديم ڏند ڪٿائي، توڙي هر قسم جي تخليقي شين ۾ ان ڊرامي جا عڪس موجود آهن. انسان ته وري عجب مخلوق آهي. فطرت جي ممتا ۽ تباهي وارا گڻ به منجهس ئي آهن. ائين ڊرامو ازل کان موجود حقيقت آهي. خود دنيا جي اهم مذهبن ۽ فرقن ۾ نقالي ۽ ڊرامي جون اڄ ڏينهن تائين جيئريون حقيقتون موجود آهن. اهي سڀ ڳالهيون انساني اظهار جي وسيلي طور ڊرامي جي اهميت جي تصديق ڪن ٿيون.

ان ڪري ڊرامو، ادب جي اهم صنف جي حيثيت سان دنيا جي سمورين سڌريل، توڙي پوئتي پيل ٻولين ۾ موجود ملندو. اديب، ڊرامي جي ان بنيادي اهميت کان واقف هئڻ جي ناتي پنهنجي تخليقي ذميداري کي سمجهي ٿو. هو ڊرامي کي سماجي ڪارج لائق بنائڻ لاءِ، معاملن کي چٽو، واضح ڪري فوڪس ۾ آڻي پنهنجي موضوع ڏانهن خلق جو ڌيان ڇڪائي ٿو. شيڪسپيئر، چيخوف، گورڪي، برٽولٽ بريخت، آسڪروائلڊ ۽ ٻين تمام گهڻن اديبن ڊرامي ذريعي انقلابي صورتحال تيار ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏني آهي.

اسان جي حالتن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي مقدار جي لحاظ کان ڊراما کي فائدو ڏنو  آهي. موضوع جي گهرائپ جي مخالف هئڻ جي باوجود ۽ فقط تفريح کي رٿا ۾ شامل ڪرڻ جي سندن انتهائي مجبوري صنف طور ڊراما کي زنده رکيو آهي. ان ڪري قمر شهباز جي هنن ڊرامن جو پهريون ڪارج ته اهو ئي آهي، ته اُنهن سان ڊرامي جي صنف کي زنده رکڻ ۾ مدد ملي آهي ڇو ته ريڊيو پروڊيوسرن جو چوڻ آهي، ته هو ڊرامن لکڻ جي مشين آهي. قمر شهباز، انگريزي ادب جو ماڻهو آهي، سٺو ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ گهڻ پڙهيو شخص آهي، ان ڪري سندس ڊرامن جا موضوع اڻ ڳڻيا آهن ۽ زندگيءَ جي گهڻن ئي پاسن تي روشني وجهن ٿا.

هن مجموعي ۾ سڀئي دلچسپ، تفريحي ۽ کل ڀوڳ جي موضوع تي لکيل ڊراما به آهن، ته انهن ۾ ٽرئجڊي به آهي. فرد، ڪٿي ٽٽن ٿا، ڪٿي جُڙن ٿا، ڇانو ڇپر ڳولين ٿا، مايوسيون ۽ خوشيون سڀ ڊرامن ۾ موجود آهن ۽ ٻڌندڙ توڙي پڙهندڙ کي متاثر ڪن ٿيون. ڪٿي ڪٿي محسوس ٿئي ٿو، ته قمر شهباز جو ڊرامي ۾ تمام گهڻو مطالعو، سندس ڪردارن تي حاوي ٿئي ٿو. مثال طور ـرشناـ جو ڪردار، موسو بنهه ڳوٺاڻو آهي ۽ سندس شهر ۾ پڙهندڙ پٽ ماڻڪ، جيڪو هن جي روح جي ڪل پونجي آهي، پر جڏهن سالن کان پوءِ ڳوٺ موٽي اچڻ وارو آهي، ته ريل گاڏي جي حادثي ۾ مري ٿو وڃي ۽ اها خبر جڏهن موسي کي پوي ٿي، ته ڊرامي ۾ اهڙو موڙ اچي ٿو، جيڪو ڪنهن ڳوٺاڻي بدران شهري ڪردار جي نفسيات کي وڌيڪ ويجهو آهي. موسو اسٽيشن تي ڇولا وڪڻندڙ يتيم ٻار رمونءَ کي، پنهنجي ماڻڪ جي جاءِ ٿو ڏئي. اهو انساني جذبو آهي ضرور، پر عام ڳوٺاڻي ماڻهوءَ جا جذبا سنئين واٽ وانگر ٿين ٿا، جن ۾ ور وڪڙ ٿين ئي ڪو نه. جذبن جي ايتري نفاست، ڪنهن ڊگهي عرصي مان ٺهندڙ وچلي طبقي جي شهري ماڻهوءَ جي نمائندگي ڪري ٿي.

ٽائيٽل ڊرامو ”واچوڙن ۾ لاٽ“ بنيادي سکيا ڏيندڙ ڀرپور ڊرامو آهي. سياسي پارٽين اڃا سنجيدگيءَ سان ان ڳالهه تي نه سوچيو آهي، ته عوام کي سڌي طرح سندس مسئلن جي بنياد تي ڪيئن منظم ڪري انقلابي جذبي سان ڀري سگهجي ٿو. هن ڊرامي جو مرڪزي ڪردار شهر کان پڙهي، سماجي شعور حاصل ڪري ڳوٺ موٽي آيل نوجوان يوسف آهي. هو پيار، پنهنجائپ، سرن ۽ ساٿ جو اهڃاڻ آهي، ان ڪري ڳوٺ ۾ پنهنجا ڪافي ساٿي ۽ همدرد پيدا ڪري ٿو وٺي. سندس پيدا ڪيل شعور ذريعي ڳوٺاڻا قرباني ۽ اجتماعيت مان فائدو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي، خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، ۽ مڪاني نوعيت جي جدوجهد ۾ سوڀارا ٿين ٿا. هن ڊرامي جو موضوع ۽ ان جو نباهه سنڌي سماج لاءِ بينادي اهميت جو نياپو رکي ٿو.

قمر صاحب جي ڊرامن جي ڪاميابي کي ڏسندي، اها آس رکڻ اجائي نه ٿيندي، ته هن پائي جو ليکڪ اڳتي هلي  عوام جي انقلاب کي پنهنجي ڊرامي جو موضوع بڻائي.

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com