سيڪشن؛  ناٽڪ

ڪتاب:واچوڙن ۾ لاٽ

 

صفحو : 7

 سين نائون

 

 

]رات جو تاثر- پري کان گهوڙن جي اچڻ جو آواز-[

رئيس-

شايد هو اچي ويا، مونکي پڪ آهي جڙيل خان ته ڦوٽي ضرور جنت کي ڳولي هٿ ڪيو هوندو- تنهنجو ڇا خيال آهي-؟

جڙيل-

مون کي ڪاري گهرجي.

رئيس-

۽ هوءَ هٿ نه آئي ته پوءِ--؟

جڙيل-

مان کيس پاڻهي ڳولهي هٿ ڪندس.

رئيس-

۽ پوءِ--؟

جڙيل-

سندس رت سان پنهنجي پيشانيءَ تان بي عزتيءَ جو داغ ڌوئندس.

رئيس-

(کلي ٿو--)

 

]گهوڙن جو آواز ويجهو اچي بند ٿي وڃي ٿو –[

ها، اهي ئي آهن؛ ڪاري ملي وئي جڙيل خان!

جڙيل-

(بيچينيءَ مان) ڪٿي آهي--؟

رئيس-

اُٻهرو نه ٿي جهونا! هو هيڏانهن ئي اچي رهيا آهن.

 

]ڦوٽي ۽ ساٿين جي اندر اچڻ جو آواز-[

ڦوٽو-

هيءَ وٺ ڪاري رئيس.

رئيس-

شاباس ڦوٽا.

جنت-

بابا!

جڙيل-

خاموش رهه.

جنت-

بابا! مان تنهنجي ڌيءَ آهيان بابا؛ مان تنهنجي جنت آهيان!

جڙيل-

تون ڪاري آهين ۽ ڪاريءَ جو ڪو به رشتو ناتو نه هوندو آهي.

جنت-

بابا.

جڙيل-

مون ۾ وڌيڪ صبر جي طاقت ناهي؛ منهنجي ڪهاڙي منهنجي عزت جيان اُڃايل آهي.

رئيس-

ترس جڙيل خان.

جڙيل-

مونکي نه روڪ رئيس، واسينگ مارڻ ڏي.

رئيس-

نه هيءَ نه مرندي!

جڙيل-

ڇو--؟

رئيس-

هيءَ منهنجي سام آهي.

جڙيل-

هيءَ ڪاري آهي.

رئيس-

هوندي!

جڙيل-

هي ڇا ٿو چوين رئيس--؟

رئيس-

اهو ئي جو هميشه چوندو آهيان.

جڙيل-

ڇا مطلب--؟

رئيس-

منهنجي ڪوٽ ۾ ڪيتريون ئي ڪاريون سام جهلي ويٺيون آهن؛ مان راڄ جو وڏو آهيان جڙيل خان؛ جنت اڄ کان منهنجي ڪوٽ ۾ رهندي.

جڙيل-

تون مڪار آهين؛ ڪوڙو دغاباز آهين.

رئيس-

بس؛ ٻيو ڪجهه--؟

جڙيل-

تو منهنجي نياڻيءَ تي ڪوڙو الزام هڻي کيس ڪاري ڪيو ۽ هاڻي پناهه جي بهاني منهنجي عزت سان کيڏڻ ٿو چاهين--؟

رئيس-

سام ڏيڻ اسان جي ريت آهي.

جڙيل-

مان توسان گڏ ان ريت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندس.

ڦوٽو-

خبردار جڙيل؛ متان اڳتي وڌيو آهين.

جنت-

بابا.

جڙيل-

منهنجي ڌيءَ؛ منهنجي جنت.

جنت-

بابا؛ مان بي ڏوهي آهيان بابا.

جڙيل-

مان تنهنجي آڏو ڪنڌ کڻي نٿو سگهان ڌيءَ؛ مان گنهگار آهيان ٻچا! پر ترس؛ مان هن شيطان کي نه چڏيندس.

رئيس-

ڦوٽا، ڏسين ڇا ٿو؟ ڪڍينس ٻاهر!

جڙيل-

ڇڏي ڏيو مون کي! مان چوان ٿو ڇڏيو مون کي.

 

(آواز پري وڃي ٿو).

جنت-

بابا—بابا!

رئيس-

تون ڪيڏانهن ٿي وڃين منهنجي بلبل! مس مس ته هٿ آئي آهين.

جنت-

مونکي هٿ نه لاءِ! مان چوان ٿي منهنجي ويجهو نه آ.

رئيس-

(ٽهڪ) او-! ايڏو غرور--! هاڻي توکي هت، منهنجي حويليءَ ۾ منهنجي دل جي راڻي ٿي رهڻو پوندو.

جنت-

پري رهه مون کان! مان چوان ٿي پري رهه مون کان؛ ظالم؛ مڪار؛ منهنجي ويجهو نه اچجانءِ.

رئيس-

ڏسان ته مون کي ڪير ٿو روڪي.

جنت-

اهو ئي جنهن مارئيءَ جو ست سيل بچايو هو، جنهن سسئيءَ جي صدا تي ڌرتي ٻه اڌ ڪئي هئي؛ جنهن لهرن وچ ۾ سهڻيءَ کي ميهر ملايو هو!

رئيس-

(ٽهڪ) بڪواس بند ڪر.

جنت-

خبردار رئيس؛ هڪ قدم اڳتي نه وڌجانءِ.

رئيس-

(ڇرڪي!) پستول-؟ منهنجو پستول!

جنت-

هڪ قدم اڳتي وڌايو اٿئي ته مان گولي هلائي پاڻ کي ماري ڇڏيندس.

رئيس-

(ٽهڪ) اهي ڌمڪيون مون اڳ به ٻڌيون آهن! پاڻ کي مارڻ ايترو آسان ناهي!

جنت-

مان چوان ٿي بيهه رهه!

رئيس-

(ٽهڪ).

 

]گوليءَ جو آواز—جنت جي رڙ ۽ ڪرڻ جو آواز-[

رئيس-

جنت! جنت! تو هي ڇا ڪيو—تو هي ڇا ڪيو جنت.

رمون-

(ٽهڪ).

رئيس-

(خوف) تون--؟

رمون-

ها- مان- چريو!(ٽهڪ)

رئيس-

تون هت ڇو آيو آهين--؟

رمون-

آيو آهيان؛ پنهنجيءَ مرضيءَ سان! (ٽهڪ) مري وئي--؟ ساران ٻيهر مري وئي--؟ تو—تو کيس ماري ڇڏيو!

 

(ٽهڪ).

رئيس-

نڪري وڃ هتان.

رمون-

تو کيس ماري ڇڏيو !

رئيس-

ڪو آهي--؟

رمون-

مان توکي نه ڇڏيندس! (ٽهڪ) مان توکي ماري ڇڏيندس هيءَ ڪهاڙيءَ ڏسين ٿو--؟ سٺي آهي نه--؟(ٽهڪ).

رئيس-

نه نه--! تون ائين نه ڪندين-! ڏس رمون مان توکي معافي ٿو وٺان؛ هٿ ٿو ٻڌان؛ پيرين ٿو پوان؛ مون کي نه مار--!

رمون-

ڪوڙو، ڪوڙو! (ٽهڪ) تون ڪوڙو آهين؛ تون هميشه ڪوڙ ڳالهائيندو آهين--! هميشه خون ڪندو آهين--! هميشه معافي وٺندو آهين--!

رئيس-

رمون.....

رمون-

تيار ٿي؛ اچئي ٿو؛ هيءُ وٺ، هيءَ وٺ هيءُ وٺ.....!

]ڌڪن جا آواز—رئيس جون دانهون—پوءِ خاموشي-[

ويو؛ ويو؛ ويو (ٽهڪ) ويو هليو! اڃان به آهين--! اڃان به گهڻا آهين--! نه بچندا؛ مون کان بچي ڪاڏي ويندا--! (ٽهڪ) ويو، ويو؛ ويو--! ساران موذي مري ويو—(ٽهڪ).

رمون-

(ڏکاري آواز ۾) تون ڪاري ناهين، تون ڪاري ناهين، ڪارو مري ويو--! ڪارو مري ويو ساران...! ڪارو مري ويو....!

 

 قرض مرض فرض

 

سين پهريون

 

 

]رات جو وقت- آچر ۽ عيدو جي کونگهرن جا آواز-[

آچر-

عيدو- او عيدو!

عيدو-

ڇاهي--؟

آچر-

جاڳين ٿو--؟

عيدو-

جاڳان ته ڪو نه ٿو؛ ننڊ پيو هوس.

آچر-

ننڊ پيو هئين ته جواب ڪيئن ڏنئي موالي--؟ استادن سان به استادي ٿو ڪرين--؟

عيدو-

يار ننڊ نه ڦٽاءِ، چپ ڪري سمهي رهه.

آچر-

ننڊ نٿي اچي.

عيدو-

نٿي اچئيته ڏيانءِ معجون ذري! او هتي پئي اٿئي منهنجي صدريءَ جي کيسي ۾؛ کڻي کائي ڇڏ؛ منٽن ۾ پرستان جا سير ڪندي پرستان جا؛ نور جو سنهن.

آچر-

آهين نه چرسي؛ اڙي اُٿ، هيڏانهن نهار.

عيدو-

ايڏانهن نهاري ڇا ڪندس؛ تنهنجو واڱڻ جهڙو ٻوٿ ڏسي ڏسي ته حياتي گذري وئي، نه شادي ٿي ۽ نه گهرگهاٽ ئي ٺهيو.

آچر-

شادي وري ڌوڙ تي ٿيندئي-؟ سڃا توکي ڪهڙو چڱو مڙس ڌيءَ ڏيندو--؟

عيدو-

اڙي جڏهن جوان هئاسين تڏهن وڏا وڏا پئسي وارا عيدوءَ جي ڪڍ ڦرندا هئا. ڇوڪرين جي ته ڳالهه ئي نه پڇ! ڪجل جي ڍار اکين ۾ پائي، ڀرت جو پهراڻ پائي جڏهن ٻانهن لوڏي لکي در تان لنگهندو هوس ته ڏهه ڏهه ڄڻيون پتنگن جيان ڪرنديون هيون، پتنگن جيان--!

آچر-

ابا پنڪيءَ ۾ ته خبر ناهي ڇا ڇا ڏسندو هوندين! اٺين آني جي آفيم سان پاڻ کي شهزادو سمجهندو هوندين-!

عيدو-

بي عزتي خراب نه ڪر آچر! عيدو اڄ به جوانن کان وڌيڪ جوان آهيان؛ اڄ به نئين ٻٽيهي وجهايان ۽ مٿي تي ٿورا وار هجنم ته جيڪر تنهنجا فلمي ائڪٽر منهنجو پاڻي ڀرن، ها--!

آچر-

ٺهيو ٺهيو، گهڻو ٿيو.

عيدو-

گهڻو ٿيو ته ماٺ ڪري سمهي رهه، اجائي ننڊ نه ڦٽاءِ؛ ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان.

آچر-

ٿڪجي ته يار مان به ڏاڍو پيو آهيان، پر ڇا ڪجي؟ ڪم ته ڪرڻو آهي نه--؟

عيدو-

ها ڀائو، سڄي عمر گذري وئي پرائي ٻيلهپي ۾؛ باقي ڏينهن به گذري ويندا.

آچر-

مائي آهي ڇتي! اصل آرام ڪرڻ ئي نٿي ڏئي. سڄو ڏينهن پئي ٿي ڪرڪر ڪري. هي ڪيو، هو ڪيو؛ هيڏانهن وڃو، هوڏانهن وڃو! اصل توبهه! جزا آهي جزا.

عيدو-

يار، منهنجي وئي نسوار کپي، سوچيم ته ٻه منٽ لنوائي وڃي وٺي اچان. پر مار پويس آفت آهي آفت! ڪٿي ٿي ڇڏي! مون به گهڻي ئي بهانا بنايا، پر اڳيان به افلاطون سان ڪم پيو هو.

آچر-

بابا ماٺ ڪيو ويٺو هج؛ اُهي اسانجا جگر آهن جو هن گهر ۾ ايترا سال گذاريا اٿئون، ٻيا نوڪر هجن ها ته جيڪر ڪنن تي هٿ رکي ڀڄي وڃن ها-!

عيدو-

ٻيو نه ته، ويچاري مڙس سان ڪهڙيون حالتون ڪيائين؟ هڪ دفعي ڪن ۾ جو چڪ هنيائينس ته راڄ اچي ڪٺا ٿيا، مجال آ جو چڪ ڪڍي! آخرڪار ننڊ اچي ويس، تڏهن وڃي ويچاري جي جان ڇٽي!

آچر-

۽ هو ياد اٿئي جڏهن صاحب جي ٽپڻ تي ٽانڊو رکيو هئائين؟

عيدو-

ائون نه--؟ توبهه؛ مڙس جي رڙو رڙ پئي پوي--! ايلاز؛ منٿون، آزيون نيزاريون، گيسيون، جانا--! پر مائي مڙي ڇا--!

آچر-

سائين ان ويچاري جا جگر ها جو سهندو هو، آفرين آهي سندس صبر کي--!

عيدو-

ادا، انسان آخر ڪيستائين صبر ڪندو--؟ نيٺ کوهه ۾ ٽپو ڏئي جان ڇڏايائين! خدا جنت نصيب ڪريس! ماڻهو ڀلو هو، مڙئي فقيرن تي مهر جي نظر ڪندو رهندو هو.

آچر-

بس ويچارو پاڻ ته ويو؛ پويان اها ڦڪڙي اسانجي لاءِ ڇڏي ويو.

عيدو-

الله ڪندو ته اها به آئي بيٺي آهي! نه اٿس ڌڻي نه سائين نه آل نه اولاد! ٽپڙ ٽاڙي، مال ملڪيت ايندي اسان ٻنهي جي هٿ-! مان ته ٻيلي کوليندوسانءِ گتو! ڪمائي جي ڪمائي، شوق جو شوق! ويٺا هونداسين پيالا پُر ڪيو دوڪان تي!

آچر-

اڙي آهستي ڳالهاءِ ته ڀڃئي نه مڻڪو! خبر پئجي ويس ته آنڊا ڪڍي ڇڏيندءِ.

عيدو-

ڪري ڏسي اسان مولاين سان کيچل! هڪ پاراتي سان سر نه وڃايانس ته منهنجونالو به عيدو ناهي.

آچر-

ٻيلي عيدو.....

عيدو-

جي آچر.

آچر-

يار عيدو، اڄ صاحب جي پهرين ورسي هئي، بيگم صاحب، صاحب جي فوٽوءَ کي کڻي کوڙ دير تائين روئندي رهي.

عيدو-

ڪوڙي.

آچر-

نه ٻيلي، مون کيس پاڻ روئندو ڏٺو!

عيدو-

تون چوين ٿو ته هوندو، جهيڙي لاءِ ماڻهو نه ملندو هوندس، تڏهن روئندي هوندي--!

آچر-

ڇا به هجي، اڃا ته جوان بيٺي آهي! هاڻي به شادي ڪري ته جيڪر....

عيدو-

نه ابا؛ ڪنهن کي کُٽيءَ کنيو آهي جو هن عزرائيل سان شادي ڪندو--؟ سڄو ملڪ ٿو هن جي نالي کان ڪنبي--! ڪيترن ماڻهن ته ڀؤ کان هي رستو ئي ڇڏي ڏنو...!

آچر-

مهينو کن ٿيو ته وڏيري جانوءَ جي ٿي ڦِٽئي! سو ٿو هن گهٽيءَ مان لنگهئي؛ بيگم صاحب کڻي جو ڪتو پٺيان ڇڏيس، ته همراهه جي اچي اچي پئي پوي! ٽي ميل يڪ ساهيءَ ڊوڙندو ويو؛ کڏون کوٻا، دڙا دڪيون، ناليون نارا سڀ ائين ٽپي ويو؛ ڄڻ چوڏهن سالن جو جوان هجي.

عيدو-

۽ هن شاهو پساريءَ کي جو ڏنڊو مغز وارو هنيو هئائين.

آچر-

توبهه سائين توبهه؛ الله پناهه ڏيندو دشمن کي به.

عيدو-

يار ڳالهه ٻڌ.

آچر-

چئه.

عيدو-

بابا ڪهڙي هچا جون ڳالهيون کڻي ويٺو آهين؛ اڌ رات جو؛ ڇڏ ته ٿوري دير آرام ڪيون؛ ڄاڻ صبح ٿيو.

آچر-

(اوٻاسي ڏيندي) چوين سچ ٿو. آچر خان هاڻي سمهي رهه ٻيلي.

 

سين ٻيو

 

]آچر ۽ عيدو گهر جي صفائي ڪري رهيا آهن-[

آچر-

عيدو؛ او عيدو.

عيدو-

ڇاهي؟ بيگم صاحب پئي ٿي گهر ۾ ڦري؛ مارائيندين ڇا--؟

آچر-

اڙي ڳالهه ته ٻڌ...

عيدو-

ٻيلي ڳالهيون هلي ڪوارٽر ۾ ڪجانءِ، هت ڀڻڪو به ٻڌي ورتائين ته ٻنهي جو خير ڪونهي. (بيگم جي اچڻ جو آواز) اڙي مري وياسين، اچي پئي.

 

]بيگم اندر اچي ٿي-[

بيگم-

هان اچئي پئي! ڇا پئي اچي--؟ جواب ڏي؛ ڳالهاءِ،

کُل—(زور سان) ڳالهائين ڇو نٿو--؟

عيدو-

(ڇرڪي) جي- جي- جي- بيگم صاحبه--!

بيگم-

جي جي جا سڪا اڳتي چئه!

عيدو-

اڳتي ڇا چوان بيگم صاحبه--؟

بيگم-

اُهو ئي جيڪو هن مئي تاريل کي پئي چيئي منهنجي لاءِ--! تون ڇا ٿو ڏسين بيٺو ڏائڻ-؟ ساه ڪڍندين ڇا-؟

آچر-

بيگم صاحبه، مون ته ڪجهه چيوئي ڪو نه، مان ته....

بيگم-

تو ته ڪجهه چيو ئي ڪو نه، تون ته الهه لوڪ آهين. ڪجهه ڄاڻين ئي ڪو نه ٿو. بي سمجهه، معصوم، گگدام آهين. چور ڪنهن جاءِ جا، مان توکي چڱي طرح سڃاڻان.

آچر-

پر بيگم صاحبه....

بيگم-

اڙي وري جواب ٿو ڏين ڏندرا؟ اهي ڏند انبوريءَ سان نه ڪڍايامانءِ ته منهنجو به نالو ناهي. منهنجون گلائون ٿا ڪيو، نمڪ حرام.

عيدو-

مون کي ته قسم آهي بيگم صاحبه...

بيگم-

زبان بند رک مئا موالي، پيو ڀنگ جو ڪونڊو وتين ٿو جهوٽا کائيندو سڄي گهر ۾. ڪلهه وڃي چُلهه ۾ دون هنئي هيئي، اڄ وڃي فرش تي ڪياڙي لڳئي. پاڻ نٿو سنڀالي سگهين ته مئا وڃي ڪنهن مقام ۾ مجاور ٿي ويهه. هتي ڇو مئو پيو آهين--؟ تون ڙي ڇو چپ ڪيو بيٺو آهين...؟ گهر جو ڪم چاچهين ڪندو--؟

آچر-

ڪم پئي ڪيم بيگم صاحبه.

بيگم-

هان، ڪم پئي ڪيئي. مان آهيان تماشو، سو مون کي ڏسڻ بيهي رهيو آهين. کڻ پوچو، هڻ فرش کي ته ڏيانءِ نه مغز وارو سروٽو. نڪما ڪنهن جاءِ جڪا. ۽ تون ڇو چپ ڪيو بيٺو آهين مئا چرسي--؟

عيدو-

مون ته ڪپڙي کي ٽيبل سان پئي ڇنڊيو. نه نه، ڇنڊڻي سان ڪپڙي کي – نه نه—ٽيبل سان.

بيگم-

ڌوڙ پئي اٿئي منهن ۾. تون ائين نه سڌرندين. اڙي ڪيڏانهن ويو اهو ڏنڊو--؟

 

]بيل وٺي ٿي—[

بيگم-

ڪهڙي مئي جو اٽو کٽو صبح مردان ساڻ--؟

آچر-

بيگم صاحبه، کير وارو آيو هوندو بل وٺڻ.

بيگم-

اهو مئو اڃا جيئرو آهي--؟ ڪلهه جو پيٽ ۾ ٽڦڻي هنئي مانس.

عيدو-

بيگم صاحبه کير وارو ته اسپتال داخل آهي، هي ته پڪ جعفر ڪاسائي هوندو.

بيگم-

چڱو چڱو، ڏسندين به وڃي در تي يا اتي بيٺو جهوٽا کائيندين ٻڍا طوطا.

عيدو-

 وڃان ٿو، بس اِجهو ٿو وڃان. (وڃي ٿو--)

 

]بيل ٻيهر ٿي وڄي-[

بيگم-

اڙي وڃ به کڻي جڏا، هن مئي جو ساهه ٿو وڃي. ٻه منٽ صبر سان بيهي به نٿو سگهي. اڙي وئين موالي؟ انهيءَ عيدوءَ مان به اچي ڦاٿي آهيان. ڪنهن ڏينهن ڏئي زهر ذرو هلائي ڇڏيانس ته چڱو. اڙي ٻڌين ٿو ڇا چوها؟

آچر-

نه بيگم صاحبه، مون ته ڪجهه به ڪو نه ٻڌو، ان ڀٽاري.

بيگم-

اڙي جي ٻڌندين ته به ڇاهي، ڇوڏا نه لاهي ڇڏيانءِ ته ٻي ڳالهه آهي.

 

(عيدو اندر اچي ٿو---)

عيدو-

بيگم صاحبه.....

بيگم-

ڇا ٿيئي؟ ڪير آهي در تي--؟

عيدو-

بيگم صاحبه، ڪو ماڻهو آهي، توهان سان ملڻ ٿو چاهي.

بيگم-

چوينس ته مان گهر ۾ ناهيان.

عيدو-

چوي ٿو ته هن توهانجو آواز ٻن ميلن تي ٻڌو هو.

بيگم-

چوينس ته سمهي پئي.

عيدو-

چيومانس، پر چوي ٿو ته هي وقت سمهڻ جو ناهي.

بيگم-

چوينس ته مري وئي.

عيدو-

چيومانس پر.....

بيگم-

ڇا چيئي--؟

عيدو-

ڪجهه به نه بيگم صاحبه، ڪجهه به نه--!

بيگم-

چوينس ته مان ڪنهن سان به ملڻ پسند نه ڪندي آهيان هليو وڃي.

عيدو-

مون ته گهڻو ئي چيومانس پر هو ماڻهو ته صفا چچڙ ٿي لڳو آهي! چوي ٿو ته مان ڪنهن به صورت ۾ بيگم فاروق سان ضرور ملندس، ضروري ڪم آهي.

بيگم-

مون چيو ته مان ساڻس هرگز نه ملندس. وڃي کڏ ۾ پوي.

آچر-

اڙي اڙي؛ ڪاڏي ٿو اچين--؟ مان چوان ٿو اتي بيهه، بيگم صاحبه گهر ۾ ناهي.

راجا-

تون چپ ڪر ٽيڙو! مونکي اندر اچڻ ڏي.

آچر-

پر سائين هيءَ گهر آهي--!

راجا-

مون ڪٿي چيو ته هي وٿاڻ آهي؟ هٽي پري ٿي منهنجي رستي تان! لڪڻ وهائي ڪڍندومانءِ....!

عيدو-

ڀوتار ڪجهه خيال ته ڪيو--!

راجا-

خاموش! گستاخ پوڙها، ڪٿي آهي تنهنجي مالڪياڻي--؟

بيگم-

ڪير آهي هيءَ اڌ مغزي؟ هت ڇو آيو آهي؟ ڪڍوس ڇو نٿا ڌڪا ڏئي--؟

راجا-

اوهو ته هيءَ آهي اها محترمه جنهن جي تعريف مون سؤ ڪوهن تي ٻڌي هئي.

عيدو-

۽ توهان کيس سؤ ڪوهه تي به ڳولي لڌو آهي!

بيگم-

(غصي ۾) عيدو، تون بڪ بڪ بند ڪر! هيءَ ڪير آهي--؟

راجا-

ٽيڙو، پنهنجي مالڪياڻيءَ کي ٻڌاءِ ته منهنجو نالو راجا آهي. آءُ ساڻس ملڻ آيو آهيان.

بيگم-

هن کي چئه ته هڪدم هتان نڪري وڃي نه ته ميڄالو ڦيهي ڇڏيندي مانس.

راجا-

ٽيڙو، پنهنجي مالڪياڻيءَ کي ٻڌاءِ ته مان ضروري ڪم سان آيو آهيان.

بيگم-

آچر ڪڍ مئي کي ٻاهر.

راجا-

محترمه، معاف ڪجانءِ، مان خدانخواسته تنهنجو مڱيندو يا مڙس ناهيان جو مونتي هٿ کڻين مان تو سان ملڻ آيو آهيان.

بيگم-

مون وٽ ڪنهن سان به ملڻ جو وقت ناهي.

راجا-

توکي مونسان ملڻو ئي پوندو.

بيگم-

هرگز نه---!

راجا-

ته پوءِ مان گهر مان ٻاهر نه ويندس!

بيگم-

منهنجا نوڪر توکي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا.

راجا-

تنهنجا ههڙا چار مردار نوڪر به منهنجو ڪجهه بگاڙي نه سگهندا--!

بيگم-

مان پوليس کي گهرائيندس.

راجا-

اهو ته مان به چاهيان ٿو--!

بيگم-

ڇا مطلب--؟

راجا-

آئينءَ  نه مطلب جي ڳالهه تي--!

بيگم-

مان چوان ٿي نڪري وڃ هتان--!

آچر-

راجا صاحب، هتان هليا وڃو! توهان کي خبر ناهي بيگم صاحبه ڏاڍي ڇتي آهي!

راجا-

مون پيٽ ۾ تيرنهن سيون اڳواٽ لڳائي ڇڏيون آهن.

بيگم-

ڇا ٿو چوين؟ جو ڪجهه چوڻو اٿئي جلدي چئه ۽ پير ڊاهه، مون وٽ وقت ناهي.

راجا-

چوڻ اِهو آهي ته محترمه تنهنجو مڙس فاروق خان، مرڻ کان اڳ مون کان ٽي هزار روپيا قرض ورتو هو.

بيگم-

قرض ورتو هو--؟

 ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com