سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 باب:

صفحو :11

اهو ٻڌي شهزادي چيوته: ”مون وٽ حضرت  سليمان  جي منڊي موجود آهي، تون ڪو به خيال نه ڪر.“ ان کان پوءِ  شهزاديءَ  کي منڊيءَ جي هٿ اچڻ جو سمورو احوال بيان ڪري ٻڌايائين . اُن کان پوءِ شهزادو تيزيءَ سان محلات کان ٻاهر نڪري ويو ۽ سڌو وڃي اُن وڻ هيٺان اُها پيتي ڪڍيائين، جنهن ۾ هڪ ڳيرو ويٺو هو ۽ ڪجهه قيمتي پٿر پيا هئا. ڳيري کي ڏسي، شهزادو سمجهي  ويو ته ان ۾ ئي ديو جي جان هوندي. سو ڪپ ڪڍي، ان کي اتي جو اتي پورو ڪيائين. ان کان پوءِ قيمتي  پٿر پاڻ سان کڻي، ڊوڙي اچي محلات ۾ شهزاديءَ کي سربستو احوال ڪيائين هڪدم شهزاديءَ کي پاڻ سان وٺي، درياءَ ۾ ديو جي بيٺل ٻيڙيءَ ۾ سوار  ٿي، روانو ٿيو.

رستي ۾ بي انداز ڏکن ڏاکڙن ڏسڻ کان پوءِ،  شهزادو سيف الملوڪ، شهزاديءَ سميت پنهنجي ٻيڙي کي گلستان ارن جي ڪناري تي اچي پهچايو. شهزاديءَ کي ٻيڙيءَ ۾ ڇڏي، پاڻ هيٺ لهي آيو ۽ واءُ سواءُ لهڻ لڳو. اوچتو سندس  نظر وڃي هڪ ماڻهوءَ تي پيئي، ان کان اتي هجڻ جو سبب پڇيائين. هن جواب ڏنس  ته ڇهه مهينا  ٿيندا  جو هتان جي بادشاهه جي ڌيءُ ملڪان، کي هڪ واچوڙو کڻي ويو هو ۽ هو ٻين ڪيترن ماڻهن وانگر ان جي تلاش ۾ آهي.

شهزادو اها حقيقت ٻڌي، خاموش رهيو  جلد ئي ملڪان وٽ موٽي آيو ۽ اچي کيس سمورو قصو سڻايائين . شهزاديءَ خوشيءَ وچان رڙ ڪري  چيو ته: ”پروردگار جا لک احسان آهن! هيءُ ملڪ منهنجو  ملڪ ٿو ڏسجي. هاڻي جلدي ڪر ته  هلي ڪنهن ڀرواري ڳوٺ مان بابي متعلق ڪا خبر چار معلوم ڪريون.“

ائين چئي، شهزادي ملڪان، ٻيڙيءَ مان هيٺ لٿي ۽ شهزادي سيف الملوڪ سان گڏجي پنڌ پيئي . ٿوري پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ، هڪ شهر ۾ اچي پهتا، جتي سندس پيءُ جي پاران هڪ نواب مقرر ڪيل هو. هنن، شهر ۾ داخل ٿي، نواب سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ليڪن سندن ڪپڙا ايترو ته  اٽل هئا ۽ سندن ظاهري حالت ايتري ته ڪريل هئي، جو هنن کي نواب سان ملاقات  ڪرائڻ لاءِ ڪو به  ماڻهو تيار نه پئي ٿيو. دنيا به عجيب شيءِ آهي ماڻهو فقط ڪنهن جي ظاهري جوڙجڪ ۽ هار سينگار  ڏسن ٿا ۽ ان جي لڪل خصوصيتن  معلوم ڪرڻ جي تڪليف ڪو به نٿو ڪري. ماڻهن جي هن هلت تي شهزادي سيف الملوڪ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟  پوءِ شهزادي ملڪان، هڪ ڪاغذ  تي هي الفاظ لکي، نواب ڏانهن موڪليا:

”اُڏندڙ پکيءَ وانگر، آءُ هڪ عجيب ملڪ کانپنهنجي مُلڪ ۾ واپس آئي آهيان، ليڪن دل غمگين آهي.“

شهر جي نواب هيءَ چٺي کولي پڙهڻ جي ڪوشش  ڪئي، مگر مفهوم سمجهي ڪين سگهيو. تنهن هوندي به نوڪرن کي شهزادي کي اندر آڻڻ جو حڪم ڏنائين. شهزادو سيف الملوڪ اندر آيو ۽ نواب کانئس حال احوال پڇيو. شهزادي جواب ۾ عرض ڪيو ته هو پاڻ هڪ بادشاهه جو پٽ آهي، ليڪن سفر جي تڪليفن  ۽ غير رواجي حادثن کيس فقير بڻائي ڇڏيو آهي. نواب، جي سونهن ۽ منهن مهانڊي مان اندازو لڳايو ته هن جي بيان ۾ واقعي صداقت آهي. نواب جي زور ڀرڻ تي، شهزادي سيف الملوڪ پنهنجي سفر جو سمورو قصو ٻڌايو ۽ آخر ۾ چيو ته مون توهان جي بادشاهه جي وڃايل ڌيءُ پاڻ سان آندي آهي.

هيءَ خبر ٻڌي، نواب خوشيءَ ۾ مدهوش ٿي ويو، ڇو ته هو بادشاهه جو عزيز پڻ هو. پوءِ ته نواب حڪم ڪيو ته شهزاديءَ ملڪان کي هڪدم  پالڪيءَ ۾ ويهاري، عزت ۽ احترام سان محلات ۾ آندو وڃي. ان کان پوءِ انهي خوشيءَ جي موقعي ملهائڻ جا پروگرام رٿجي  ويا ۽ ڪيترا ڏينهن شهزاديءَ جي  واپسيءَ تي خوشين جا شادمانا ٿيندا رهيا.

آخر هڪ ڏينهن نواب، شهزادي سيف الملوڪ جي دعوت ۾ شڪار جو پروگرام رکيو. ان سلسلي  ۾ شهزادو سڄو ڏينهن جهنگ ۾، شڪار ۾ مصروف رهيو. واپسيءَ  وقت سيف الملوڪ هڪ ماڻهوءَ  کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو، جنهن جي شڪل سندس پراڻي دوست صياد سان ڪافي ٺهڪي پئي آئي اهو ماڻهو ايترو ڪمزرو ۽ پريشان پئي ڏٺو، جو شهزادي کي يقين ئي نه پئي ٿيو ته ڪو هيءُ صياد هوندو. تنهنڪري  نوڪرن کي ان ماڻهوءَ  کي آڻڻ  لاءِ حڪم ڏنائين. نوڪرن وري ائين سمجهيو  ته شايد  شڪار ڪرڻ وقت ان ماڻهوءَ  شهزادي کي شڪايت  جو موقعو ڏنو آهي ۽ سزا ڏيڻ لاءِ کيس پاڻ وٽ گهرائي  ٿو، تنهنڪري  ان سان شوخيءَ سان پيش آيا  ۽ ساڻس  سختيءَ سان گڏ مارڪٽ به ڪيائونس.

ان ماڻهوءَ کي جڏهن شهزادي آڏو آندو ويو، تڏهن ان کان پڇيو ويو ته: ”تون ڪير آهين؟“ صياد سخت پريشانيءَ جي حالت ۾، شهزادي جي پيرن تي ڪري پيو  ۽چوڻ لڳو ته: ”سائين منهنجا! منهنجو نالو صياد آهي. سج  کي ٻه پاڇا آهن، ڪنهن وقت ته مان به مصر جي بادشاهه جي  وزير جو پٽ ۽ بادشاهه جي پٽ جو دوست هوس، پر اڄ زماني مون کي هن حال تي آڻي پهچايو آهي.“ هي احوال  ٻُڌي، شهزادي کي يقين ٿيو ته سندس پراڻو ساٿي آهي ۽ خوشيءَ وچان هن کي ڀاڪر پائي مليو ۽ کيس پنهنجي قصي ٻڌائڻ لاءِ چيائينس.

ٻئي وڇڙيل دوست پاڻ ۾ مليا ۽ پراڻيون يادگيريون سندس دلين تي تري آيون شهزادي جي زور ڀرڻ تي، صياد پنهنجو قصو هن طرح شروع ڪيو: ”طوفان ۾ اسان جو جهاز ڀڄي پيو. ان کان پوءِ هرڪو پنهنجي جان بچائڻ ۾ لڳي ويو. مون کي به هڪ ڪاٺ جو تختو هٿ اچي ويو، جنهن جي اڌار تي ڇولين ۽ موجن سان مقابلو ڪندو رهيس. گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ ان تختي وڃي مون کي ڪناري تي ڇڏيو. اتان مون کي آدمخورن پڪڙيو ۽ کائڻ چاهيو، ليڪن بعد  ۾ هنن اهو فيصلو ڪيو ته مون کي کارائي ٿلهو متارو ڪري پنهنجي بادشاهه کي سوکڙيءَ طور  ڏين. ان کان پوءِ مون کي ڪيترا ڏينهن خوب کارايو ويو ۽ جڏهن آمدمخورن ڏٺو ته هاڻي بادشاهه کي پيش ڪرڻ جهڙو ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي  بادشاهه ڏانهن وٺي  هليا. خوشنصيبيءَ جي ڳالهه اهڙي ٿي جو آدمخور  مون کي درياءَ جي ڪناري سان وٺي هلڻ لڳا. مون موقعي کي غنيمت  ڄاڻندي، درياءَ ۾ ٽپو ڏنو. آدمخور  ترڻ ڪونه ڄاڻندا هئا. سو پنهنجو پاڻ تي افسوس ڪندا ۽  ڏسندا  رهيا ۽ مان تري وڃي  ٻئي ڪناري تي پهتس. ان کان پوءِ مان سر بچائڻ لاءِ پنڌ  پيس ته اچي هن ملڪ ۾ نڪتس. ٻيو ڪو ذريعو  نه ڏسي، پنهنجي پيٽ  پالڻ لاءِ  ڪاٺين جي مزوري کي پنهنجو پيشو  بڻايم. هينئر ڪاٺيون ڪري شهر ۾ وڪڻندو آهيان ۽ انهن پئسن مان پنهنجو روزگار ڪندو آهيان.“

ان کان پوءِ، شهزادي پنهنجي تڪليفن ۽ سفر جي سُورن  جو بيان ڪيو ۽ هڪ دفعو وري هڪٻئي کي ڀاڪر پاتائون ۽ الله تعاليٰ جا شڪرنا بجا آندائون ، جنهن معجزي سان  ٻنهي  دوستن کي بچايو ۽ صحيح سلامت پاڻ ۾ ملايو.

ان وچ ۾، شهزادي ملڪان جي ماءُ پنهنجي نوڪرياڻين سان ان شهر ۾ اچي نڪتي. دراصل  ملڪان جي واپسيءَ واري خبر هر هنڌ پهچي چڪي هئي ۽ شهزاديءَ جي ماءُ کي جدائيءَ  ۾ هڪ ڏينهن به وڌيڪ گهارڻ مشڪل نظر آيو ۽ هڪدم خبر ٻڌڻ  سان پنهنجي ڌيءَ کي ملڻ لاءِ اچي سهڙي. ڌيءُ کان شهزادي سيف الملوڪ جي بهادريءَ  ۽ جرئت  جون ڳالهيون معلوم ڪري، ملڪان جي ماءُ پنهنجي سموري اٽالي سان شهزادي سيف الملوڪ کي ڏسڻ جي لاءِ آئي. شهزادي جنهن وقت پنهنجي دوست صياد کي پنهنجو سفر نامو ٻڌائي ختم ڪيو ته ان وقت شهزادي ملڪان جي ماءُ پنهنجي ساهڙين سان سندس رهائش گاهه تي اچي نڪتي. شهزادي سيف الملوڪ جي سونهن  سوڀيا ڏسي، شهزادي ملڪان جي ڀيڻ شهزادي بديع الجمال مٿس موهت ٿي پيئي. هيءَ اها ساڳي پري هئي، جنهن شهزادي سيف الملوڪ جي دل پهرئين ئي ديدار ۾ کسي ورتي هئي ۽  جنهن لاءِ هن ايڏا ڏک ڏاکڙا ۽ مصيبتون ڀوڳيون هيون.  پنهنجيءَ دل جي اهڙي بيوس حالت هوندي به شهزادي بديع الجمال اُتي ڪجهه به ڪين ڪڇيو، ليڪن رات جو ”سڪ سمهڻ نه ڏئي، تنهنجي آهي تات“ واريءَ چوڻي مطابق  شهزاديءَ کي آرام ڪين آيو، آخر سڀني کي ستل ڏسي، خاموشيءَ  سان شهزادي سيف الملوڪ جي ڪمري ۾ داخل ٿي. اُتي ڪمري ۾ ستل شهزادي جي ڳل تي منهن رکي چُمي  ڏنائين، جنهن تي شهزادو جاڳي پيو. سيف الملوڪ، بديع الجمال کي ڏسندي ئي خوشيءَ ۾ ڀرجي ويو ۽ کيس  ٻٽا ڀاڪر پاتائين  ۽ چاهه مان چُميون ڏنائين. ٿورو ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان پوءِ، بديع الجمال چون لڳي ته: ”مون کي اها ڳالهه وڏي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ٿي ته مان پري آهيان ۽ تون انسان آهين. مان هن ملڪ جي رهاڪو ۽ تنهنجو وطن دور مون کي خطرو  اهو آهي ته شاديءَ  کان پوءِ ڪٿي تون وطن جي وڇوڙي کان مجبور ٿي، مون کي جدائيءَ جو داغ نه ڏين.“ اها ڳالهه ٻڌي، شهزادي سيف الملوڪ وعدو ڪيو ته مان توکي ڪڏهن به ڪين ڇڏي ويندس. آخر شهزادي جي وعدي تي شهزاديءَ کي مس مس يقين آيو.

ٻئي ڏينهن شهزادو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال، شهزادي ملڪان ۽ شهر جي نواب سان مليا ۽ پنهنجي شاديءَ لاءِ  اجازت گهريائون، ليڪن نواب اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو.  هن چيو ته اها شادي تيستائين ناممڪن آهي جيستائين  بادشاهه شهوال اجازت ڏئي يا سندس ڀيڻ شهزادي سرو بانو اجازت ڏئي، جيئن ته بادشاهه کان شهزادي سرو بانو قريب هئي، تنهنڪري نواب اها رٿ ڪئي ته ان ڏانهن خط موڪليو وڃي.  آخر هڪ آفريد  کي حڪم ڪيائين ته هو اهوخط ۽ شهزادي سيف الملوڪ جي ٻانهن هن وٽ پهچائي.

نواب اها گفتگو  ئي مس ختم ڪئي ته شهزادي سيف الملوڪ پاڻ کي آفريد جي ٻانهن ۾ محسوس ڪيو جو کيس هوا وانگر جبلن، جهنگن، دريائن ۽ ميدانن مٿان اڏائيندو کڻي هليو ويو. انهيءَ گهڙيءَ ۾ آفريد شهزادي سيف الملوڪ کي هيٺ لاهڻ لڳو ۽ شهزادي سروبانو جي محلات جي دروازي وٽ وڃي بيهاريو. پوءِ آفريد، نواب جو خط هڪ دربان جي هٿان شهزاديءَ کي پهچائڻ لاءِ ڏنو جنهن اهو خط اندر وڃي پهچايو. خط پڙهڻ شرط شهزاديءَ سيف الملوڪ کي اندر گهرايو ۽ سندس  پر لطف ۽ عجيب سفر جو بيان ٻڌو. آخر ۾ شهزادي سيف الملوڪ جي رهائش جو محلات اندر انتظام ڪرايو ۽ هن جي لاءِ شاهاڻي نموني دعوتن  جو سلسلو شروع ٿيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادو سيف الملوڪ ٿورو پرڀرو هڪ ٿڌي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ غسل ڪرڻ ويو، انهيءَ پاڻيءَ ۾گلاب جي خوشبوءِ هئي، غسل ڪرڻ کان پوءِ، شهزادي  ٻاهر نڪري ڪپڙا پهريا ۽ ڪناري تي بيٺل وڻ جي ٿڌي ڇانو هيٺ ليٽي پيو. اُتي هن کي ننڊ اچي ويئي. شهزادو اڃا ننڊ ۾ ئي هو ته مٿان هڪڙو ديو اڏامندو آيو ۽ هن کي چنبن ۾ کڻي پنهنجي ولايت ڏانهن روانو ٿيو. شهزادي کي  ديون جي بادشاهه وٽ آندو ويو، جنهن کي ٻڌايو ويو ته هيءُ اهو ماڻهو آهي، جنهن شهزادي ملڪان کي قبضي ۾ رکندڙ ديو کي ماريو هو. هيءَ خبر ٻڌي، ديون جي بادشاهه کي ڏاڍو غصو آيو ۽ حڪم ڪيائين ته شهزادي کي زنجيرن  ۾جڪڙي اونهي غار ۾ رکيو وڃي. هوڏانهن شهزادي سروبانو، شهزادي سيف الملوڪ جو انتظار ڪندي رهي، ليڪن جڏهن هو ڪافي دير تائين به نه موٽيو، تڏهن ان جي تلاش ۾ آفريد موڪليائين، جنهن پوري ڪائنات ۾ شهزادي جي تلاش ڪئي ۽ آخر شهزادي جي ديون جي قبضي ۾ اچڻ جي حقيقت شهزاديءَ کي ڏني.

ان کان پوءِ، شهزادي سروبانو، آفريد کي حڪم ڪيو ته مون کي اڏائي پرين جي بادشاهه شهوال وٽ پهچاءِ.  چوڻ جي دير هئي، گهڙيءَ ۾ شهزادي، بادشاهه شهوال  جي درٻار ۾ اچي لٿي ۽ شهزادي سيف الملوڪ جي سفر جو احوال، سندس ڌيءَ ملڪان کي آزاد ڪرڻ جو بيان، بديع الجمال تي عاشق ٿيڻ جي حقيقت ۽ سندس باغ مان شهزادي کي ديو جي کڻي وڃڻ جو قصو سربستو ڪري ٻڌايو.

بادشاهه شهوال، ديون سان جنگ ڪانه ٿي ڪرڻ گهري، ڇو ته ديون ۽ پرين جا تعلقات  دوستانه هئا ۽ سندن درميان ڪا به دشمني ڪانه هئي ۽ وڏي ڳالهه اها هئي ته بادشاهه سيف الملوڪ کي ڏٺو به ڪونه هو، رڳو ان متعلق ڳالهيون ٻڌيون هئائين. ليڪن بادشاهه جي ان روش تي  شهزادي سيرو بانوءَ کي ڏاڍي چڙ آئي، جنهن گهڻو ئي بادشاهه کي جوش ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪو فائدو ڪونه ٿيو. ان کان پوءِ شهزاديءَ آفريد کي حڪم ڪيو ته تون شهزادي بديع الجمال کي اُڏائي هتي کڻي اچ. شهزاديءَ جي اچڻ تي سيرو بانو ۽ بديع الجمال ٻنهي گڏجي، بادشاهه کي قدم کڻڻ لاءِ منٿون ڪيون.

پهريائين ته بادشاهه شهوال ٻنهي جي منٿن کي ٺڪرائي ڇڏيو، پر بعد ۾ جڏهن ڏٺائين ته سندس ڌيءُ بديع الجمال جو کاڌو پيتو حرام آهي ۽  هوءَ شهزادي سيف الملوڪ جي جدائي برداشت نه پئي ڪري سگهي، تڏهن مجبوراََ  ديون جي خلاف پرين جو لشڪر تيار ڪيائين. پريون تمام تيزيءَ  سان، ديون جي ملڪ ۾ داخل ٿيون ۽ اهڙو ته اوچتو حملو ڪيائون جو ديو ڪو به مقابلو ڪري نه سگهيا، ۽ هڪدم  ديون جي بادشاهه کي گرفتار ڪري بادشاهه شهوال جي حضور ۾ آندو ويو.

جڏهن ديون جي بادشاهه کي قيد ڪري، شهوال بادشاهه جي اڳيان آندو ويو، تڏهن شهوال بادشاهه ديو کي سيف الملوڪ متعلق معلومات ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن کان هن بلڪل نابري واري، پر پوءِ جڏهن بادشاهه شهوال جوش ۾ ديو جي سر ڪپڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن ديو، شهوال کي ان قيد خاني ڏانهن وٺي هليو جنهن جي هڪ غار ۾، سيف الملوڪ کي چار مهينا بند ۾ گذري چڪا هئا.

چوڻي آهي ته ڏکن پٺيان سک آهن، تنهن جيان هاڻ سيف الملوڪ جي سکن جا ڏينهن اچي چڪا هئا. آخر  سيف الملوڪ کي صحيح سلامت انهيءَ غار مان ڪڍي پرين جي ملڪ ۾ آندو ويو، ان خوشيءَ ۾ ڪيترائي ڏينهن شادمان ٿيندا رهيا ۽ رنگين مفلون ٿينديون رهيون.  ان کان پوءِ پرين جي بادشاهه شهوال، شهزادي سيف الملوڪ کي بديع الجمال سان پرڻايو. ڪجهه ڏينهن خوشين ۾ رهڻ کان پوءِ شهزادي  سيف الملوڪ بادشاهه کي عرض ڪيو ته:”گهڻو عرصو گذريو آهي جو آءُ پنهنجي وطن ۽ والدين کان وڇڙيل رهيو آهيان منهنجو پيءُ مصر ولايت جو بادشاهه آهي، مون کي اجازت  ڏيو ته مان بديع الجمال کي پاڻ سان وٺي مصر وڃان.“ بادشاهه شهوال هن کي اجازت ڏني ۽ شهزاديءَ کي گهڻو خزانو ڏيئي، آفريد کي حڪم ڪيائين ته هنن کي سلامتيءَ  سان اُڏامي مصر ملڪ ۾ ڇڏي اچ.

شهوال بادشاهه کان موڪلائي، شهزادو سيف الملوڪ ۽ پري بديع الجمال، آفريد تي چڙهي ويٺا جو هنن کي هوا ۾ کڻي اڏاريو ۽ مصر ملڪ طرف هلڻ لڳو، رستي ۾ شهزادي سيف الملوڪ کي شهزادي ملڪان سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش  ٿي. آفريد گهڙيءَ پلڪ ۾ ٻنهي کي ملڪان جي باغ ۾ آڻي لاٿو، سڀئي هڪٻئي سان مليا ۽ شهزادي سيف الملوڪ جي خوشيءَ جي حد نه رهي، جڏهن کيس معلوم ٿيو ته صياد ۽ شهزادي ملڪان هڪٻئي سان پيار جي رشتي ۾ جڪڙجي چڪا آهن ۽ شادي فقط ان ڪري روڪيل هئي، جو سيف الموڪ جي غير موجودگيءَ ۾سندس پراڻي  ساٿي صياد، شادي ڪرڻ پسند ڪانه ٿي ڪئي. بس، پوءِ ته هنن جي اچڻ سان ٻنهي جي شادي بنان ڪنهن دير جي ڪرائي  ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org