سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 باب:

صفحو :13

صبح سوير  شهزادو، پرن جي ڦڙڪڻ جي آواز تي جاڳيو. شينهن ٻڌايس ته پريون اچي ويون آهن. شهزادو خاموش رهيو جيئن ئي پرين ڪپڙا لاٿا ۽ پاڻيءَ ۾ گهڙي  پيون، تيئن شهزادي شينهن کي چيو ته: ”حسينيءَ جي ڪپڙن تي لامارو هڻو.“ هنن ائين ڪيو. شهزادو ڍنڍ  جي ڪپ تي وڃي حسينيءَ کي چيڙائڻ لڳو ۽ چيائينس ته هاڻي توکي پنهنجو جوڙ جيس مليو آهي. توکي هن دفعي چالاڪي ڪرڻ ڪين ڏيندس.

حسينيءَ ڏٺو ته هاڻي هوءَ شهزادي  جي رحم ڪرم تي آهي، ڇو ته شينهن به ڏاڍي  خوفائتي نموني ۾ ڏانهس نهاري گجگوڙون پئي ڪيون. هوءَ اڳئين وانگر وري به شهزادي کي ريجهائڻ لاءِ ويجهو ٿي ۽ چيائين ته شهزادا مون آڻ مڃي، تو مون کي شڪست ڏني آهي. پوءِ نڪ مان بولو لاهي هن کي ڏنائين ۽ چيائينس  ته ايندڙ جمعرات  سفيد ديو  جي باغ ۾ اچج، جتي توهان گهڻي ئي پريون واڱڻائي پوشاڪن ۾ ڏسندا،  جن جي هٿن ۾ سون ۽ چانديءَ  جو  ٻاثي  طلب ڪجو ۽ جيئن ئي توهان جو گهرڙوگهگهيون هونديون. توهان هنن جي ويجهو اچي کانئن  پنهنجي گهوڙي لاءِ پاڻي   پيئڻ شروع ڪري، توهان هي بولو هڪ جي گهگهي ۾ وجهي ڇڏجو. مان پوءِ بولو ڏسي ڪڍي وٺندس پنهنجي ٻانهي توهان کي وٺي آڻڻ لاءِ موڪليندي توهان ۽ پنهنجي لڪل هنڌ کان  نڪري اچجو ۽ جڏهن توهان باع جي وچ تي پهچو ته وڏي واڪي سان چئجو ته سفيد ديو  منهنجي حقيقي زال سان شادي ٿو ڪري. اهو ٻڌي سفيد ديو چوندو ته جيڪڏهن تنهنجي نڪاح ٻڌل زال آهي ته تون هن کي سڃاڻي وٺ. هو توکان پڇندو ته ان کي سڃاڻي سگهندين؟“ توهان جواب ۾ چئجو ته ”ها“ ان کان پوءِ سفيد ديو، سئو پريون هڪ قطار ۾ بيهاريندو ۽ سڀئي هو بهو مون جهڙيون هونديون. توهان کي چوندو ته مون کي ڳولي هٿ ڪر. انهيءَ مهل آءُ بولو پاتل هوندس ۽ پوءِ اوهان مون کي آسانيءَ سان سڃاڻي وٺندا.

شهزادي، حسينيءَ جي صلاح تي عمل ڪرڻ جو وعدو  ڪيو ۽ هن کي ڪپڙا موٽائي ڏنائين جا پائي اڏامي هلي ويئي.

ٻيءَ خميس تي شهزاديءَ حسينيءَ جي صلاح مطابق عمل ڪيو هن اهو بولو پريءَ هڪڙيءَ جي گهگهيءَ  ۾ وجهي ڇڏيو ۽ حسينيءَ اهو ڏسي، هڪ ٻانهيءَ کي شهزادي کي وٺڻ لاءِ موڪليو. ٻانهي اتي اچي پهتي، جتي شهزادو لڪو ويٺو هو ۽ واڪو ڪري چيائينس، ”جلدي ڪري هڪ اتي شادي ٿي ٿئي.“ شهزادو ٻانهيءَ سان گڏجي وچ باغيچي ۾ اچي پهتو ۽ بلند  آواز سان پڪاري چيئاين ته: ”سفيد ديو منهنجي حق ٻڌيءَ  زال سان شادي ٿو ڪري.“ ديو شهزادي جا اهي لفظ ٻڌي اڳتي وڌي آيو ۽ اچي چيائين ته: ”جيڪڏهن ائين آهي ته تون پنهنجيءَ زال کي سڃاڻي سگهندين؟“ شهزادي هاڪار ڪئي. تنهن کان پوءِ ديو، هڪ سئو پرين کي هڪ قطار ۾ بيهاريو، جي سڀ هوبهو هڪ  جهڙيون هيون ۽ چئن ڪنڊن تي گهوڙيسوار بيهاري ڇڏيائين ته جيئن شهزادو ڀڄي نڪري نه وڃي. شهزادي کي چيائين ته: ”مان توکي ٽي موقعا ڏيندس ۽  جيڪڏهن تو ان هوندي به ان کي سڃاڻي نه سگهين ته پوءِ مان توکي پنهنجي قلعي جي ديوار تان لٽڪائي، ڳجهين کان تنهنجو ماس کارائي ڇڏيندس.“

شهزادو امل ماڻڪ، پرين جي بيٺل قطار ڏانهن نهاريو ۽ هر هڪ کي پيرن کان وٺي مٿي تائين نهاريندو رهيو. سموريون گهڻو ڪري هڪ ئي مهانڊي جون هيون، تنهنڪري سڃاڻي نه پئي سگهيو. پر پوءِ بولي واري ڳالهه ياد پيس ۽ جڏهن ڏٺائين ته ڪنهن کي به ٻولو پيل نه هو، تڏهن بنهه نااميد ٿيڻ تي هو، مگر شينهڻ جي وڏي ٻچي اشارو ڪري چيس ته شهزادا ڊپ نه ڪر. جيسين اسين زنده آهيون، تنهنجو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏينداسون.“ ديو هن کي ٻيو موقعو به ڏنو، مگر هن ڀيري به هو حسينيءَ  کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ڪين ٿيو. آخر هن غمگين ٿي، شينهن کي چيو  ته: منهنجو ٻيو وجهه به ويو شينهن وري ۽ اشاري ۾ چيو ”شهزادا همت نه هار، اڃا ٽيون موقعو به آهي.“ هن ڀيري شهزاديءَ کي شهزادي تي قياس آيو ۽ يڪدم بولو  نڪ ۾ پائي بيهي رهي. جڏهن ديو ٽيون ڀيرو چيس  ته هن پرين جي قطار مان هڪ کي بولو نڪ ۾ ڏسي، خوشيءَ کان واڪو ڪري چيو ته مون حسينيءَ کي ڳولي ورتو. ٻيون سڀيئي پريون هن جي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ مان تاڙيون وڄائڻ لڳيون ۽ ديو چيو ته:”ها، برابر شهزادي تنهنجي زال آهي، هاڻي تون هن کي ڀلي وٺي وڃ. هن سفيد ديو حسينيءَ جي ٻانهين شهزادي امل ماڻڪ کي ائين ڏني جيئن ڪو پيءُ پنهنجيءَ نياڻي ڪنهن کي پرڻائي ڏيندو آهي.

امل ماڻڪ ڪجهه ڏينهن ديو جو مهمان ٿي رهيو، ۽ پوءِ گهر ڏانهن موٽڻ جي موڪل گهريائين، جنهن تي سفيد ديو نهايت قرب سان چيس ته: ”جيترو وقت دل گهرئي اسان وٽ رهه، توهان جو آدرڀاءُ ٿيندو رهندو، مگر جيڪڏهن توهان وڃڻ چاهيو ٿا ته توهان ڀلي وڃو.“ شهزادي تانگهه ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي پيءُ جي بادشاهت ۾ ضرور ويندو.  پوءِ سفيد ديو طرفان گهوڙيسوارن جو وڏو ڊنبلو ۽ خزاني  جو انبار ساڻ ڪري، شهزادي حسينيءَ سان پنهنجي پيءُ  جي ملڪ ڏانهن راهي ٿيو.

سفر ڪندي هڪ رات، هنن کوهه وٽ اچي منزل ڪئي. شهزادو ۽ شهزادي ٻئي ساڳئي پلنگ تي سمهي پيا ۽ سندن چوڌاري پهريدار سمهي پيا. اڌ رات جو ان کوهه مان هڪ ديو، جو ان ۾ اندر رهندو هو، نڪري آيو ۽ ننڊ ۾ ستل شهزاديءَ کي پلنگ تان کڻي کوهه ۾ واپس هليو ويو.

صبح جو ننڊ مان اُٿڻ کان پوءِ شهزادي امل ماڻڪ کي شهزاديءَ جي غائب ٿيڻ جي ڪَل پئي. هن غم ۽ خوف جي حالت ۾ چوڪيدارن کان پڇا ڪئي، مگر هو ڪجهه به ٻڌائي  نه سگهيا. شهزادي سخت مايوس ٿي، ائين سمجهيو ته شهزادي پنهنجو قول ڪوڙو ڪري، مون کي وري ڇڏي هلي وئي آهي. مگر شينهڻ جي هڪ ٻچي  چيو ته: ”شهزادا، متان شهزادي کوهه ۾ لڪي وئي هجي، سو توهان اسان ٻنهي کي رسي ٻڌي، کوهه ۾ ڇڏيو ته اسين ڏسي اچون.“ پهريدارن  ٻنهي شينهن کي رسيءَ جي وسيلي، اندر کوهه ۾ لاٿو. جڏهن هو تري ۾ پهتا ته ڇا ڏسن ته هڪ وڏو شهر آهي، جو سندن اڳيان ميلن ۾ پکڙيو پيو آهي، جنهن جي وچ ۾ هڪ سهڻو باغيچو آهي ۽ انهيءَ جي وچ ۾ هڪ عاليشان  محلات آهي. جڏهن انهيءَ محلات ۾ گهڙي نظر ڪيائون ته ڏٺائون ته ديو ڏاڍيءَ ننڊ ۾ ستو پيو آهي ۽ هن جو مٿو حسينيءَ جي هنج ۾ آهي. حسيني شينهڻ جي ٻچن کي ڏسي، ڏاڍو خوش ٿي ۽ هنن کي آهستي چيائين ته ”مون کي هن خوفناڪ جاءِ مان يڪدم ڪڍو.“ شينهڻ جي ٻچن اهڙي ته آهستگيءَ سان ديو جو مٿو کنيو ۽ هڪ وهاڻو هن جي مٿي هيٺان رکيو، جو شهزادي اُٿي پيرن ڀر ٿي ۽ ديو سُتو ئي رهيو پوءِ ته شينهن ديو جي مٿان چڙهي، کيس چيري ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

هو جڏهن باغيچي کان ٻاهر ٿي نڪتا، ته ديو جو خوبصورت سامونڊي گهوڙو، سون جي زنجير ۾ ٻڌل هو ۽ ڪُنجي  تالي ۾ ئي لڳي پئي هئي. پوءِ گهوڙي کي کولي ورتائون ۽ جڏهن کوهه جي تري وٽ رسيا ته گهوڙي کي به پاڻ سان ٻاهر آندائون، پوءِ شهزادي کي ساري حقيقت اچي ٻڌايائون ته مشورو ڏنائون ته پاڻ ۽ سندس دربان هنن سان گڏ هڪ دفعو وري کوهه ۾ هلي ديو جي خزانو کڻي اچن . مگر شهزادي انڪار ڪيو ۽ چيائين ته: ”منهنجي پيءُ جي خزاني ۾ ڪابه کوٽ ناهي. باقي اهو سامونڊي گهوڙو شهزادي پاڻ وٽ جهليو ۽ پاڻ ۽ شهزادي انهيءَ تي سواري ڪندا هئا.

جڏهن سمنڊ  جي ڪناري تي پهتا،  تڏهن ٻئي سامونڊي گهوڙا شهزادي ۽ شهزاديءَ کي سفيد ديو جي سمورين  سوغاتن سميت پٺيءَ تي کڻي ست سمنڊ پار ڪري وڃي ٻيءَ  ڀَر  لٿا هو اتي پهچي، ملڪ ڏانهن روانا ٿيا، جڏهن هو ويجها پهتا، تڏهن بادشاهه لالوءَ  کي هنن جي آمد جي خبر ملي، دهلن ۽ شرنائين وڄائيندڙن جو پاڻ  سان قافلو آندو،  ۽ کين وڏي شان ۽ مرتبي سان پنهنجي بادشاهي ۾ وٺي آيو، جتي هو ٻيئي هڪ محلات ۾باقي حياتيءَ جا ڏينهن عيش ۽ مزن ۾ گذاريندا رهيا.

14- ڪورو ۽ چنيسر

ڪنهن زماني ۾، سنڌ ۾ راءِ کنگهار  نالي هڪ وڏو اثر وارو راجا رهندو هو. پنهنجي دولت ۽ حشمت هوندي به، هو ساري هندستان ۾ ٻين مڙني راجائن کان زياده ڌرم پرست ۽ رعيت سان سهڻو انصاف ڪندڙ هو. هن کي پٽ جو  اولاد ڪونه هو، رڳو هڪ نياڻي هيس، جنهن کي ”ڪورو“ ڪري سڏيندا هئا. ڇوڪري وڏي سونهن ۽ سوڀيا واري هئي درٻار جا شاعر هن جي ڏندن  کي موتين سان تشبيهه، سيني کي ڏاڙهونءَ سان، ڳچيءَ کي مور جي ڳچيءَ سان ۽ هن جي هلڻ کي ڊيل جي رفتار  سان مشابهت  ڏيندا هئا. پيءُ  ماءُ جي لاڏڪوڏ ۽ ٻين سڀني عزيزن جي پيار سببان هوءَ  هر وقت رڳو هار سينگار ۽ اوچن وڳن پهرڻ ۾ مشغول هوندي هئي ۽ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا پئي لباس بدلائيندي  هئي. سارو ڏينهن عنبر پئي مکيدي  هئي، اکين ۾ سرمو وجهندي هئي ۽ قيمتي  عطرن سان پئي وهنجندي هئي. مگر انهيءَ  کان به وڌيڪ سندس خاص خوشيءَ جو سبب هڪ هار هو، جنهن ۾ ٻه شب چراغ جڙيل هئا جي رات جو پنهنجيءَ ٿڌي روشنيءَ  سان ساريءَ محلات کي منور ڪري ڇڏيندا هئا. ڪورو جو مڱڻو سندس هڪ نوجوان مائٽ، اتماديءَ سان ٿيل هو، جنهن جي ڀيڻ جمنا سندس هميشه جي ساٿياڻي هئي.

هڪ ڏينهن جمنا، ڪوروءَ کي سندس آڏاڻي وٽ ويٺل ڏٺو، جو بلڪل پراڻو هو، چوڻ لڳي ته هي آڏاڻو توکي نه ٿو سونهين. تنهنجي پيءُ جهڙي ماڻهوءَ جي نياڻيءَ کي ته سونو آڏاڻو هجي، جنهن ۾ قيمتي جواهر جڙيل هجن. ڪورو جي دل انهيءَ ڳالهه تي ريلو کاڌو ۽ هڪدم ان جي ٺهرائڻ  لاءِ هڪ سونارو گهرايائين جو سڄي  شهر ۾ بهترين ڪم ڄاڻندو هو، هن جي هدايت سان، ڏهن ڏينهن اندر انهيءَ  سوناري هڪ خوبصورت آڏاڻو، سارو سون ۽ ياقوتن سان جڙيل تيار  ڪيو، جو اهڙو چلڪندو  هو جهڙو چنڊ، جڏهن آڏاڻو تيار ٿيو، تڏهن ڪوروءَ پنهنجي سرتين کي دعوت ڏني ته اچي هن جي سبڻ ڀرڻ واري ڪوٺيءَ ۾ سندس سوني آڏاڻي کي  ڏسن. پوءِ سڀني سرتين سندس قيمتي آڏاڻي جي بي انتها تعريف ڪئي ۽ ساراهيو ۽ انهيءَ کان  پوءِ پنهنجي آڏاڻن تي ويهي ڪم ڪرڻ لڳيون. پر ڪوروءَ  کي سندس نئين رانديڪي  جي خوشيءَ بيقرار ڪري رکيو هو. هوءَ رڳو پئي پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ خوشيءَ وچان  ڪڏندي ۽ ٽپندي هئي يا ته وري سارو ڏينهن آرسيءَ ۾ پنهنجي سونهن کي ڏسيو پئي ساراهيندي  هئي. ساهيڙين هن کي سندس چلولائيءَ تي پئي  چيڙايو، ۾ نچندي، ٽپندي جمنا جي آڏاڻي کي ڪيرائي ڀڃي  وڌائين. جمنا کان صبر ڇڏائجي ويو  ۽ هڪدم ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيائين ته: ”تون منهنجي غريب ڀاءُ اتماديءَ  جي وس جي نه آهين. توکي جڳائي ته وڃي چنيسر کي مڙس ڪر.“

چنيسر ديول ڪوٽ جو شهزادو هو ۽ ساري راجپوت  قوم جو وڏو سردار هو. ڪوروءَ کي جمنا جي طعني ڏنگي  وڌو، سو ڪمري مان ڊوڙي، اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي، پنهنجي ماءُ مارڪيءَ کي وڃي جمنا جي ڳالهه ٻڌايائين ۽ چيائينس ته: ”مان انهيءَ ڏائڻ جي ڀاءُ اتماديءَ سان هرگز  شادي نه ڪنديس ۽ چنيسر سان شادي ڪري کيس جلائيندس.“

پهريائين ته راڻي مارڪي ڌيءَ کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر آخرڪار هوءَ سندس مڱڻو اتمادييءَ سان ٽوڙڻ تي راضي ٿي ۽ چنيسر سان پرڻائڻ جي فڪر ۾ پئجي ويئي.

انهيءَ کان پوءِ راڻي راءِ کنگهار وٽ ويئي ۽ هن کي رضامند ڪيائين، جنهن پنهنجي مرضيءَ جي خلاف اجازت ڏني ته پنهنجي ڌيءَ کي چنيسر جي درٻار ۾ وٺي وڃي. هن انهيءَ لاءِ  اُٺ ۽ ٻيا دولت جا انبار سفر لاءِ تيار ڪرائي، مارڪي ۽ ڪوروءَ کي پنج سئو گهوڙيسوار  سنڀال لاءِ ۽ چار پنج ٻانهيون راڻي ۽ شهزادي جي خدمت لاءِ حوالي ڪيا.

قافلو ديول ڪوٽ ڏانهن راهي ٿيو. هو جيئن راجپوتانا ڏانهن وڌندا ٿي ويا ته شهزادي ڌڻيءَ کان دعائون گهرندي پئي هلي ته شل چنيسر هن کي هٿ اچي. رستي تي هن قافلي کي چورن جي پاٿاريندار  ”سارڪ“  جي جاگير مان لنگهڻو  هو، جنهن پنهنجي ماڻهن هٿان هنن کي ترسڻ جو حڪم ڏنو ۽ کانئن محصول جي طلب ڪئي. مگر جڏهن شهزاديءَ جي قاصد کان خبر پيس ته هوءَ طاقتور چنيسر  جي ڪنوار آهي ته هڪدم ڊڄي، هنن کي بنان محصول وٺڻ جي ڇڏي ڏنائين.

هرروز  شهزادي ڳوٺاڻن کان حال احوال پڇندي رهندي هئي ته ديول ڪوٽ اڃان ڪيترو پري آهي. آخرڪار هڪ ڏينهن، هڪ ٻڪرار کيس ٻُڌايو ته باقي ٻن ڏينهن جي پنڌ تي آهي. سڀئي انهيءَ خبر تي ڏاڍا سرها ٿيا ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ پريان هنن کي پنهنجي منزل مقصود نظر آئي.

هيءَ اڻ سڌريل شهزادي، هوند سڌو چنيسر  وٽ لنگهي وڃي ها ۽ شاديءَ لاءِ چويس ها، ليڪن هن جي وڏيءَ عمر ۽ عقل واريءَ ماءُ هن کي روڪيو ۽ چيو ته: ”منهنجي ڌيءَ، توکي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي. اسان کي پاڻ کي گهوڙڻ جو واپاري ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙيءَ طرح اسان پنهنجو مقصد آسانيءَ سان هاصل ڪري سگهنديونسين. اسان کي پنهنجي گهوڙا وڪڻڻان نه آهن، پر اسان انهن جي بها اهڙي ڳري ٻڌائينداسين، جو ڪو به خريد ڪري نه سگهندو.“

ڌيءُ، پنهنجي ماءُ جي صلاح سان اتفاق ڪيو، ۽ پوءِ ديول ڪوٽ وٽ  وڃي ديرو ڪيو ۽ پاڻ کي گهوڙن جو واپاري سڏايو. انهيءَ دم ساري ديول ڪوٽ جا ماڻهو گهوڙن کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا،پر ڳري قيمت ٻُڌي سڀ نااميد ٿي موٽي ويا.

هڪ ڏينهن، هڪ پوڙهي عورت، ڪوروءَ وٽ گلن جا هار وڪڻڻ لاءِ کڻي آئي، راجڪماري، گلن کي ڏسي اهڙي ته راضي ٿي، جو پنهنجي ساري ڪهاڻي مُنڍ کان وٺي آخر تائين  هن کي ڪري ٻڌايائين ۽ هن کي منت ڪيائين  ته ڪا اهڙي رٿ ڪڍ، جو چنيسر سان ملي سگهجي ۽ ساڻس  اهو به وچن ڪيائين ته جيڪڏهن سندس اٽڪل ڪامياب ٿي ته پوءِ  جيڪو به انعام گهرندي، سو کيس ڏنو ويندو. مگر ٻُڍيءَ  ڪنڌ ڌوڻي چيو ته: ”مان انهيءَ معاملي ۾ ڪجهه به ڪري نه ٿي سگهان،  پر جيڪڏهن تون هن جي وزير جکري کي چوندينءَ ته شايد تنهنجي مقصد جي ڪانه ڪا راهه ڪڍي وجهي. ڪورو، ٻڍيءَ  کي پنهنجيءَ ماءُ وٽ وٺي ويئي ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻيون گڏجي، جکري  جي گهر ويون ۽ هن کي سڄي ماجرا اول کان آخر تائين ڪري ٻڌايائون . ڪورو هن. جي پيرن تي ڪري، ليلائي  چوڻ لڳي ته: ”ڀلائي ڪري منهنجي مدد ڪريو.“ آخرڪار وزير جي دل ڀني ۽ چيائينس ته: ”دل جاءِ ڪر. مان سڀاڻي راجا چنيسر کي ٿو چوان ۽ مون کي پڪ آهي ته هو توکي پاڻ وٽ آڻيندو.“ ائين چئي، ٽنهي ڄڻين کي رخصت  ڏنائين.

جکرو صبح سان چنيسر وٽ ويو ۽ ڪورو جي اچڻ جي ڳالهه  ساڻس چوريائين  ۽ راجا تي زور آندائين ته هن کي پاڻ وٽ گهرائي ۽ پنهنجي اکين سان هن جي سونهن جو مشاهدو ماڻي. مگر چنيسر بيرُخيءَ سان وراڻي ڏني ته:”توکي خبر آهي ته منهنجي ليلان، منهنجي محلات ۾ موجود آهي، جنهن کي مان بيحد پيار ٿو ڪريان. ڀلا اهڙيءَ حالت ۾ آءُ ڪنهن ٻيءَ  ڌاريءَ عورت سان ڪيئن ناتو رکي  سگهندس؟ چڱو ائين آهي ته ڪورو کي واپس وڃڻ لاءِ چئو. مون کي هن جي گهرج ڪانه آهي.“

جکري هن نااميديءَ جو نياپو ڪوروءَ کي آڻي پهچايو. ڪورو وزير اڳيان ڪين ڪڇيو، پر پوءِ راڻي مارڪي کي چيائين ته: ”اما، منهنجي جيئڻ جو باقي هڪ وسيلو وڃي رهيو آهي، هارائي گهر موٽڻ کان بهتر  آهي ته آءُ پاڻ کي هتي ئي ماري ختم ڪري ڇڏيان. مان سمجهان ٿي ته اسان کي خود ليلان وٽ وڃڻ گهرجي، هوءَ شايد مون تي قياس ڪري ۽ چنيسر سان ملڻ ۾ مدد ڪري.“

راڻي ڳالهه مڃي، ماءُ ۽ ڌيءَ گڏجي ليلان جي محلات ۾ ويون، ليلان هنن کان پڇيو ته توهان ڪير آهي ۽ ڪيئن  آيون آهيو؟ ڪورو جواب ڏنو ته: ”اسين هتي مسافر  آهيون، اسان جو پئسو پنجڙ سڀ کپي ويو آهي، ڌڻي توکي قياس ۽ وڏو مرتبو بخشيو آهي، سو اسان کي ڀلائي ڪري پنهنجي گهر جي ڪم تي رک . منهنجي ماءُ کي ڪپهه ڪتڻ اهڙي ايندي آهي جهڙو پَٽ، ۽ مون کي جيڪو به ڪم ڏيندينءَ، مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“

ليلان کي هنن ٻنهي مسافر عورتن تي قياس آيو ۽ کانئن نالا پڇي، پنهنجون نوڪرياڻيون ڪري رکيائين. ڪوروءَ کي روزانو چنيسر جي هند پکيڙڻ جو ڪم ڏسيائين، ۽ مارڪيءَ  کي حڪم ڪيائين ته مڙسس لاءِ لنُگي آڻي تيار ڪري.

هڪ ڏينهن ڪورو جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي، سندس  ڳلن تي وڃي پيا. هن دل ئي دل ۾ ويچار ڪيو ته ڪيترا  ڏينهن گذري ويا آهن پر چنيسر  سان ملڻ جي اميد نظر نٿي اچي. ليلان هن کي اهڙي حال ۾ ڏسي کانئس پڇيو ته: ”ڇوٿي روئين؟ ڪوروءَ جواب ڏنو ته: ”راڻي! مان روئان ڪانه ٿي، مگر بتيءَ جو دونهون اکين ۾ آيو آهي، تنهنڪري پاڻي نڪتو آهي، پنهنجي گهر ۾ اسين بَتي  ڪونه ٻاريندا هئاسون، بلڪ شب چراغ، جيڪي منهنجي هار ۾ جڙيل آهن، اهي سڄي گهر کي هيٺان کان مٿي تائين روشن ڪي ڇڏيندا هئا.“ ليلان انهيءَ تي کلي چيو ته مون کي هار ڏيکار ته پوءِ توتي ويساهه ڪيون. ڪورو هڪدم وئي ۽ وڃي پيتيءَ  مان هار ڪڍي آئي، ٻنهي شب چراغن جي ٿڌي سائي چمڪ سڄيءَ محلات کي روشن ڪري ڇڏيو، ۽ انهن ليلان جي دل تي موتمار زهر  جو ڪم ڪيو. ”گهر جيڪي توکي کپي.“ انهيءَ متوالي ليلان واڪو ڪري چيو: ”گهر جيڪي توکي وڻي، پر مون  کي اهو عجيب هار ڏي.“ ڪورو چيس ته مون کي پئسو ڪونه کپي، رڳو مون کي هڪ رات پنهنجي مڙس چنيسر سان گذارڻ ڏي. ليلان، جنهن کي هار جي موهه  انڌو ڪري ڇڏيو هو، هڪدم راضي ٿي چيائينس ته تون پنهنجي گهر وڃ ۽ مان هن کي شام جو تو وٽ وٺي ايندس.“

ڪورو گهر ويئي ۽ هڪدم قيمتي غاليچا  فرش تي پکيڙيائين ۽ جيترو به ٿي سگهيس، چنيسر جي آدرڀاءُ لاءِ  پنهنجي غريباڻي اجهي کي سينگاريائين، جنهن ۾ پاڻ ۽ راڻي مارڪي ٿي رهيون.

انهيءَ شام جو راجا پنهنجي دوستن ۽ درٻارين جي محفل ۾ خوف شراب نوشي ڪئي هئي، ۽ ايستائين عيش ۾ مست رهيو، جيستائين هن جو دماع شراب جي نشي ۾ ٽمٽار ٿي ويو. جڏهن ليلان جي محلات ڏانهن موٽڻ جي ڪيائين ته گهوڙي  تي مس ويهي ٿي سگهيو. ڪافي دير کان پوءِ محلات ۾ پهتو ۽ ليلان هن کي کيڪارڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ راجا کي اهڙي حالت ۾ ڏسي بيحد خوش ٿي، انهيءَ خيال کان ته هاٺي جيڪي  به هن کي چونديس، سو ضرور قبول ڪندو. پوءِ هن کي ويجهو وڃي، ليلائي چيائينس ته ”منهنجا سرتاج منهنجي نوڪرياڻي ڪورو توهان جي محبت ۾ ماندي آهي، سو ڪرم ڪري هن جي گهر وڃو ۽ فقط اڄوڪي رات هن کي وڃي خوش ڪريو. چنيسر جيتوڻيڪ نشي ۾ هو، تڏهن به ڳالهه ٻڌڻ سان هڪدم انڪار ڪيائين، پر پوءِ جيئن مٿس مدهوشي وڌندي ٿي ويئي ۽ هو وڦليو پئي، تڏهن ليلان جي ٻانهيءَ گهوڙي جو لغام هٿ ۾ ڪري، گهوڙي کي واڳ کان وٺي ڪورو جي در تي وڃي پهتي. چنيسر  بلڪل بي خبر هو ته ٻانهي ساڻس ڇا پيئ ڪري. ڪورو هڪدم راجا کي کيڪاري، هٿ هٿ ۾ ڏيئي، پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويئي، جتي برهمڻ تڙتڪڙ ۾ هنن جي ويڏي پڙهي ورتي. تنهن کان پوءِ، هوءَ چنيسر کي هنج ۾ ڪري چوڻ لڳي ته آءُ توسان ڪيڏو نه پيار ٿي ڪريان. مگر چنيسر شراب جي نشي جي ڪري پاڻ کي پلنگ تي کڻي اڇليو ۽ ديوار ڏي منهن ڪري، الوث ننڊ ۾ سمهي  پيو. ڪورو ڪلاڪ کن جتن ڪيا ته جيئن کيس سجاڳ ڪري، مگر آخرڪا ر  نااُميد  ٿي ماءُ جي ڪمري ۾ ويئي ۽ اوڇنگارن  ۾ اچي ڇٽڪي . چي، ”امان، مان ڇا ڪريان؟  چنيسر مون ڏانهن نڪي نهاري ٿو، نڪي وري ڳالهائي ٿو. مون ڏانهن پٺ ورائي ڇڏي اٿس ۽ منهنجي هزار  مٿن هڻڻ جي، هو جاڳي ئي نٿو.“ ماڻس جواب ڏنس ته: ”توکي ضرور جاڳائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن کي ليلان کان هار جي عيوض خريد ڪيو اٿيئي.“

انهيءَ مهل جيئن ڪورو ڪمرو ڇڏي ٻاهر نڪتي ته چنيسر جاڳي پيو ۽ ڪورو ۽ ماڻس جي گفتگو  ٻڌي ورتي. سمجهيائين ته ليلان مون کي هار جي عيوض ڪوروءَ کي وڪڻي ڏنو آهي. انهيءَ ڳالهه کي ويچاريندي،  هن جي سڀني مان غيرت جي باهه ڀڙڪي آئي. هڪدم ڪورو کي سڏايائين ۽ کانئس سڄي حقيقت معلوم ڪري، پڪو پهه ڪيائين ته ڪورو کي ليلان جي عيوض پنهنجي راڻي ڪندس.

ٻئي ڏينهن هڪ عاليشان دعوت، پنهنجي نئين ڪنوار جي اعزاز ۾ ڏنائين. اهوسڄو ڏينهن ليلان، راجا لاءِ واجهايو، مگر بي سود، آخرڪار ٻانهيءَ کي سڏڻ لاءِ موڪليائين، پر راجا ٻانهيءَ کي چيو ته وڃي پنهنجي سائڻ کي چئو  ته: ”مان  هاڻي تنهنجو ڀتار نه آهيان، ۽ هاڻي اهو هار سندس گهوٽ آهي، جنهن تي  مون کي وڪيو اٿس.“

جڏهن ليلان کي اهو نياپو مليو، تڏهن هڪدم وٺي محلات ڏانهن ڊوڙي. مگر دربان کي حڪم مليل هو ته ليلان کي ڪنهن به صورت ۾ اندر گهڙڻ نه ڏئي. انهيءَ ڪري در تان نااميد ٿي هلي وئي ۽ پوءِ هڪ دريءَ مان، جيڪا راجا جي خاص ڪمري ۾ هئي. ليو پائي ڏٺائين . ڇا ڏسي ته چنيسر ۽ ڪورو پاڻ ۾ عشق بازي پيا ڪن ۽ انهيءَ  منظر هن کي ايترو ته گهائي وڌو جو آخر هوءَ بيهوش ٿي وئي ۽ جڏهن هوش ۾ آئي، ته پاڻ کي کنائي گهر ڏي آئي ۽ پوءِ مٿي  ۾ ڌوڙ وسائيندي، سينو پٽيندي ، سڏڪا  ڀريندي، روڄ راڙو شروع ڪري ڏنائين. پاڙي جون سموريون  زالون ڊوڙي وٽس آيون، مگر جڏهن هنن ٻڌو ته هن پنهنجي مڙس کي هار تي وڪيو آهي، تڏهن سڀني مٿس ملامت ۽ ٺٺولي ڪئي ۽ گهر  مان نڪري ٻاهر هليون ويون.

آخرڪار ليلان نراس ٿي وري موٽي محلات ڏي وئي ۽ زبردستي دربان وٽان ڌوڪيندي، وڃي ڪوروءَ وٽ پهتي ۽ هن کي گهٽ وڌ ڳالهايائين ۽ دغابازيءَ جا طعنا ڏنائين. مگر ڪوروءَ ڌڪار مان فقط ايترو چيس ته توکي پنهنجي پنهنجي پتيءَ سان محبت هجي ها ته هن کي هرگز ڪين وڪش ها. هاڻي ڇو نه ٿي هار پائي انهيءَ سان پاڻ کي وندرائين ۽  خوش رکين! آخر ليلان کي چيائين ته هڪدم ديول ڪوٽ مان نڪري وڃ، ورنه توتي هڪ آفت اچي ڪڙڪندي.

آخر بدنصيب ليلان، چنيسر کي ليلائي التجا ڪئي ته مون کي پنهنجي گهر ڏانهن موڪليو ته جيئن منهنجي ماءُ، منهنجي دل کي پرڀائي سگهي. چنيسر هن کي وٺي وڃڻ تي راضي ٿيو، جيتوڻيڪ ساڳئي اُٺ تي سواري ڪيائون، مگر چنيسر هن سان هڪ اکر به نه ڳالهايو. رستي تي هرڻن جو ڌڻ ڏٺائون، جتي چنيسر اُٺ  کي جهڪايو ۽ هرڻ جو شڪار ڪيائين، پوءِ باهه تي هڪ هرڻ کي پڇرايائين . ليلان کي اُميد هئي ته هميشه وانگر کيس به پڪل گوشت جو حصو ملندو، مگر چنيسر سمور گوشت پنهنجن نوڪرن ۽ ٻين ماڻهن ۾ ورهائي، پنهنجو حصو  پاڻمرادو کائي ڇڏيو ۽ راڻيءَ کي ڪي به ڪين ڏنائين. ان کان پوءِ، اُٺ تي سوار ٿي، ليلان جي گهر جو رخ رکيائون . ليلان جي پيڪاڻي گهر کان ٿوري پنڌ تي، چنيسر کيس اُٺ  تان لاهي، پنهنجي اُٺ  جو رخ ڦيرائي، پنهنجي ماڻهن ۽ نوڪرن سان نهايت تيز رفتار سان پنهنجي شهر پهتو.

ليلان کي اُميد هئي ته چنيسر هن وٽ موٽي ايندو، مگر سالن جا سال گذري ويا ته هن جو پتوئي ڪونه پيو. آخر چنيسر کي ڏسڻ جي اُميد لاهي ويٺي.

هڪ ڏينهن، بادشاهه جي وزير جکري جو مڱڻو ليلان جي ڪنهن مٽياڻيءَ سان ٿيو ۽ هو شاديءَ لاءِ هن جي ڳوٺ ۾ آيو. ليلان جي ماءُ کي جو خبر پئي، سو پنهنجي ڪٽنب جي گهر ويئي ۽ کين ٻانهن ڏيڻ کان روڪيائين ۽ جکري  کي چيائين  ته:  ”منهنجي ڳوٺ جي ڪا به نياڻي، ديول وارن سان ڪانه پرڻبي، ڇاڪاڻ ته اُن جو به اهڙو حال ٿيندو، جهڙو چنيسر  ليلان جو ڪيو آهي. جکرو نراسائيءَ ۾ ليلان وٽ ويو. آخر ليلان کي هن تي رحم آيو ۽  چيائينس ته: ”منهنجي محب کي پنهنجي وهانءَ تي وٺي اچ، ته پوءِ توکي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪين ڪبو. جکرو تيز رفتار سان، ديول ڪوٽ موٽي ويو ۽ راجا کي هٿ ٻڌي عرض ڪيائين ته: ”مون سان گڏجي شاديءَ تي هلو.“ وڌيڪ عرض ڪيائين ته: ”منهنجا سائين! مون ساري عمر توهان جي خدمت ڪئي آهي، مون سان هي وَڙ ڪريو، ورنه هو مون کي پنهنجي منڱينديءَ سان شادي  ڪرڻ ڪونه ڏيندا.“

چنيسر پهريائين ته انڪار ڪيو، مگر آخرڪار مڃيائين ۽ هڪ بهادر بورائن جو هٿياربند جٿو، شرنائيون ۽ دهلائي ساڻ ڪري، جکري سان گڏجي ليلان جي ڳوٺ ويو. جيئن ڳوٺ جي ويجهو پهتو، ته ليلان شهر جي جوان سرتين سميت بانقاب چنيسر کي کيڪارڻ لاءِ اڳتي وڌي. هن جي دل چاهيو پئي ته پاڻ کي چنيسر جي قدمن تي اڇلي، ليڪن خيال ٿيس ته متان هو کانئس ٽهي وڃي ۽ سڀ مٿانئس کلن، تنهنڪري اڳتي وڌي عرض ڪيائين ته : ”مرحبا!  منهنجا بادشاهه سائين! اسان کي اميد آهي ته اسان جي هن غريب  شهر مان، توهان ڪا ڇوڪري پسند ڪندا، پر اوهان جنهن کي پسند ڪريو، اُنهيءَ سان ڀلائي ڪري، مسڪين  ليلان جهڙو برتاءُ نه ڪجو.“ اهي لفظ هن ايڏي ته ناز نخري سان چيا ۽ کليو، جو چنيسر جي دل موهجي پئي ۽ سڃاڻڻ کان سواءِ ئي جواب ڏنائين ته : ”مان خوشيءَ سان توکي قبول ڪرڻ لاءِ  تيار آهيان، جيڪڏهن تون مون سان هلين. پر ان کان اڳ، تون ڀلائي ڪري، پنهنجو نقاب لاهه ته مان تنهنجي سهڻي  شڪل ڏسان . مون کي پڪ آهي ته تنهنجي صورت، تنهنجي آواز کان وڌيڪ مٺي ۽ حسين هوندي.“ ليلان ان تي نقاب  پري ڪري، چوڻ لڳي ته: ”منهنجا بادشاهه سائين! ڏسو، مان خود ليلان آهيان، جنهن کي اوهان ڪوروءَ خاطر پاڻ کان ڌڪي ٿو ڪاري ڇڏيو. منهنجا سرتاج، مون کي قبول ڪر، مان اوهان سان هلڻ لاءِ تيار آهيان.“

ليلان اُهي لفظ چئي ختم ئي ڪين ڪيا ته کيس ڏندڻ پئجي ويا۽ هوءَ مُنهن ڀَر وڃي ڪري ۽ اُتي ئي ساهه ڏنائين. ليلان پنهنجي محبوب کي جنهن جي ملڻ لاءِ هوءَ ايترو ماندي هئي ملڻ سان جيڪا خوشي ٿيس، تنهن جو تاءُ سندس نرمل ۽ دُکن جو ستايل جسم سهي ڪين سگهيو. چنيسر هي منظر ڏسي دل شڪستو  ٿي پيو ۽ نهايت ئي عاجزيءَ مان هٿ ٻڌي دعا گهريائين ته: ”اي  مالڪ مهربان! تون مون کي به پاڻ ڏانهن ڪوٺ، ڇاڪاڻ ته مان هاڻ ليلان کان سواءِ، هڪ دم به جي نٿو سگهان.“ هن جي ڌڻيءَ در  اها ارداس قبول ٿي ۽ انهيءَ ئي گهڙيءَ، اتي جو اتي بادشاهه پاڻ به هوش حواس وڃائي، بيهوش ٿي، ليلان جي لاش مٿان وڃي ڪريو.

جکري وزير هيءُ حال ڏسي حڪم ڏاگهه تيار ڪرايو ۽ هنن ٻنهي محبت جي متوالن جا لاش، باهه جي ڀنڀت ۾ جلي کامي ناس ٿي ويا. ڪوروءَ جيتوڻيڪ حياتيءَ ۾ پنهنجي من جي مراد ماڻي، مگر ليلان، محبت جي آخري امتحان ۾ ، پنهنجو پاڻ سچو ثابت ڪري، پنهنجي محبوب چنيسر سان، هميشه لاءِ ملي، هڪ ٿي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org