سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 باب:

صفحو :7

- هير ۽ رانجهو

ڪنهن زماني ۾، چناب نديءَ جي ڪناري تي جهنگ سيال ۾ چوچڪ نالي هڪ بادشاهه راڄ ڪندو هو. کيس هير نالي هڪ نينگري هوندي هئي. ڇوڪريءَ جي حسن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڳچي  اهڙي هيس جهڙي بدڪ جي ڊگهي ڳچي، اکيون هرڻ جهڙيون ۽ آواز وري ڪوئل جهڙو! مطلب  ته خدا جو هڪ رنگ هو. صورت سان گڏ سهڻي سيرت جي به مالڪ هئي. ڏاڍي سمجهو ۽ سياڻي هئي. بادشاهه کيس لاڏڪوڏ سان نپايو ۽ رهڻ لاءِ نديءِ جي ڪناري تي هڪ سهڻو محلات ٺهرائي ڏنائينس. هير کي هر طرف گهمڻ جي آزادي هئي. بادشاهه نديءَ جي سير و تفريه لاءِ هير کي  هڪ سهڻي ٻيڙي ٺهرائي ڏني هئي، جنهن ۾ هوءَ سواري ڪندي هئي ۽ نديءَ ۾ ڪڏهن اوڀاري ته ڪڏهن لهواري پئي ويندي هئي. سونهن سان گڏ کيس مٺو آواز پڻ مليل هو. رات جو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهو کيس ٻيڙيءَ واري گهر مان ڳائيندو ٻڌندا هئا ۽ ائين محسوس ڪندا هئا ته ڄڻ هير هڪ بلبل هئي ۽ سندس ٻيڙي هڪ پڃرو .

ان ساڳئي  وقت، هزارا رياست ۾ وري چار ڀائر حڪومت ڪندا هئا، جن ۾ سڀني  کان وڌيڪ بهادر ۽ مقبول رانجهو هو. هڪڙي ڏينهن، هنن وٽ هڪ سياح اچي مهمان ٿيو ۽ هن پنهنجي  عادت مطابق مهمان جي وڏي خاطرداري ڪئي. ليڪن ظاهري سک سهنج هوندي به، هي مهمان غمگين پئي نظر آيو. تنهن تي شهزادي رانجهو هن کان ان حالت جو سبب پڇيو.  بس،  هن جي پڇڻ جي دير  هئي. مسافر اچي احوالن ۾ پيو، چيائين ته: ”شهزادا، مون کي ٻي ته ڪا به تڪليف نه آهي، فقط منهنجا خيال ۽ دل پنهنجي شهر جهنگ سيال ۾ آهن ۽ جسماني طرح تو وٽ مهمان آهيان. اُتي جو چوچڪ نالي هڪ بادشاهه حاڪم آهي ۽ اُتي  سندس شهزادي هير به رهي ٿي. شهزادي هير جي سونهن بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ الفاظ نه آهن،  فقط محسوس ڪري سگهان ٿو. انڪري، جيڪڏهن اڄ تون مون کي غمگين  ڏسين ٿو، ته ان جو سبب هي آهي ته مان به پنهنجي  شهر جي ڪيترن نوجوانن وانگر، پنهنجي دل هير جي حوالي ڪري چڪو آهيان ۽ دراصل منهنجي سفر اختيار  ڪرڻ جو مقصد به اهو هو ته ڪنهن طرح سان هن غمگين  ۽ اداس دل کي ٻين شين طرف رجوع ڪري، پنهنجو غم غلط ڪريان.“

هن ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ، شهزادي جي دل ۾ هڪ عجيب احساس پيدا ٿيو ۽ دل جي تسڪين لاءِ مسافر کي  هير جي سونهن بيان ڪرڻ لاءِ گذارش  ڪيائين. مسافر هير جي حسن جو بيان اهڙن لفظن ۽ تشبيهن سان ڪيو جو ڳالهه ختم ٿيڻ وقت شهزادو رانجهو،  پنهنجي پاڻ تان قبضو وڃائي ويٺو ۽ چوڻ لڳو ته: ”مان وعدو ٿو ڪريان ته هن حسن جي حور کي ضرور ڏسندس يا تنهنجي اڳيان پنهنجو سر وڍيندس.“ مسافر جواب ۾ چيس ته: ”اي شهزادا، مرڻ يا مارڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. تون خود شهزادو آهين. تون هير جي سڱ لاءِ سندس پيءَ ڏانهن پيغام موڪلي سگهين ٿو.“

شهزادي رانجهو، چوچڪ بادشاهه ڏانهن پيغام ان ڪري نه پئي موڪليو جو کيس انڪار جو خطرو هو. ٻئي پاسي هير جي بيان ڪيل تصوير هن جي سامهون کيس وڌيڪ پريشان ڪندي رهي ۽ آخر اهڙو وقت آيو جو هن جو کاڌو پيتو حرام ٿي ويو. شهزادي جي هيءَ حالت ڏسي، سندس ڀائرن  هڪ سازش سٽي ۽ هڪ ڏينهن شهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍيائونس ۽ سندس حڪومت جو حصو به پاڻ ۾ ورهائي کنيائون.

عشق جو به عجيب سرشتو آهي. ڪالهه جو حاڪم اڄ پينو فقير هو ٻي ڪا واهه نه ڏسي، رانجهو پينو فقير جي حالت ۾، پنهنجي اڻ ڏٺي محبوب  جي وطن ڏانهن رخ رکيو. سفر تمام اڻانگو ۽ ڊگهو هو. آخر ٿڪاوٽ  ۾ چُور ٿيل رانجهو هڪ ڏينهن اچي جهنگ سيال شهر ۾ پهتو ۽ اچي چناب درياءَ  جي ڪنڌيءَ تي دم پٽيائين. درياءَ جي ڪناري تان، شهزادي رانجهو، شهزادي هير جو محلات ڏٺو، جو تصور جي دنيا ۾ اڳي ئي ڏسي چڪو هو. شهزادو  اڃان اُن محلات طرف نهاري  رهيو هو ته ايتري ۾ کيس پريان هڪ ٻيڙي ايندي نظر آئي. شهزادي  ٻيڙيءَ جي ميربحر کي منت  ڪئي ته هو کيس ان ۾ چاڙهي ته جيئن هو ٿورو آرام ڪري سگهي. شهزادي جي صورت ۽ سونهن سوڀيا مان ميربحر سمجهي  ويو ته هو به ڪو شهزادو يا امير ماڻهو آهي، پر هو ائين ڪرڻ کان مجبور  هو. نِوڙت ۽ نياز  سان وراڻيائين ته ”سائين  هيءَ ٻيڙي منهنجي نه آهي، پر شهزادي هير جي آهي، تنهنڪري مان توکي ان ۾ چاڙهي نٿو سگهان.“

شهزادي رانجهوءَ اِهو جواب ٻڌي دل ڪانه هاري ۽ وڌيڪ منت ميڙ ڪرڻ لاءِ ميربحر جي ٻيڙيءَ ڏانهن وڌيو. ٿڪجڻ سبب، شهزادو ايترو ته ساڻو ٿي چڪو هو، جو ٿورو هلڻ کان پوءِ، درياءَ جي ڪناري تي پاڻ نه جهلي سگهيو ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو. هيءُ حال ڏسي، ميربحر رحم وچان، شهزادي کي پاڻيءَ مان ڪڍي، ٻيڙيءَ جي تختي تي کڻي ليٽايو. ان کان پوءِ کڻي شهزادي هير جي بستري تي سمهاريائينس، ته جيئن ڪجهه آرام ڪري، هوش ۾ اچي. بستري تي ليٽڻ سان ٿڪل شهزادي کي ننڊ اچي ويئي.

قدرت خدا جي اهڙي ٿي، جو اُن ڏينهن دستوري وقت کان اڳ، هير کي درياءَ جي سير ڪرڻ جو ارادو ٿيو، سو پنهنجي سٺ ٻانهين سان محلات جي باغ مان لنگهي،درياءَ جي ڪناري تي اچي پهتي. شهزاديءَ کي اوچتو سامهون ڏسي، مير بحر  خوف وچان ڏڪڻ لڳو. زال کي سڏي چيائين ته” ڪنهن طرح سان شهزاديءَ کي وڃي راضي ڪر، ورنه هوءَ اڄ منهنجي کل لهرائي ڇڏيندي.“ مڙس کي بچائڻ لاءِ، سندس زال ٻيڙيءَ  مان لهي وٺي رڙيون ڪيون. شهزاديءَ جي پڇا تي عرض ڪيائين ته ”شهزادي،  اڄ اهڙو واقعو ٿيو آهي، جنهن لاءِ منهنجو مڙس بيقصور  آهي، اوهين مهرباني ڪري هن کي معاف ڪجوس. دراصل هڪ جوان  مرد زبردستيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي آيو. اچي توهان جي بستري تي سمهي پيو آهي.“ انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ سان، شهزادي ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهي ٿي ويئي ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳي ”ڪير آهي؟ جنهن کي ايڏي جرئت ٿي آهي؟ مون کي ڏيکار ته مان ٿي وڍي ڳترا ڪيانس.“ ائين چئي، ٻيڙيءَ ۾ داخل ٿي ته جيئن خنجر سان سمهيل ماڻهوءَ کي ختم ڪري، ليڪن جڏهن سندس نظر سمهل جوان تي پيئي، تڏهن سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي. مٿان بيهي، هن ننڊ ۾ ستل جوان جي سونهن جي تلاءَ  مان پريت جو پاڻي پيئندي رهي ۽ ايتري ۾ رانجهوءَ جي به اک کُلي پئي. جان کڻي ڏسي ته سندس سامهون هڪ اهڙي حسين ۽ جميل نجوان بيٺي آهي، جنهن جي سونهن پريءَ جي حسن کي به پئي شرمايو، جنهن جو اکيون ۽ جنهن جي جسماني بيهڪ بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي. هير جي حالت ان وقت اهڙي هئي، ڄڻ ته مٿس ڪنهن جادو پڙهيو آهي، بي وس بنجي بستري جي ڀرسان اچي بيهي رهي. شهزادي پيار مان ٻانهون کوليون ۽ وڌي چاهه مان هير کي چُمي ڏنائين.

هير، شهزادي کي اٿڻ جي تڪليف نه ڏني ۽ پاسي ۾ وهندي کيس پنهنجي احوال بيان ڪرڻ لاءِ چيائين. جڏهن شهزادي رانجهوءَ شهزاديءَ کي اهو ٻڌايو ته هُن هير لاءِ پنهنجي بادشاهي وڃائي آهي ۽ فقيراڻي ويس ۾ زندگي اختيار ڪئي آهي، تڏهن هير جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ان کان پوءِ هير چوڻ لڳي ته” اي منهنجي دل جا مالڪ، تنهنجو هتي منهنجي هن ٻيڙيءَ واري گهر ۾ رهڻ خطري کان خالي نه آهي. تنهنجي رهائش واري ڳالهه نوراَ  منهنجي پيءُ  تائين پهچي ويندي ۽ هو توکي جيئرو نه ڇڏيندو.“ ان کان پوءِ  ٿورو سوچي، هير چوڻ لڳي ته ”مون کي هڪ ترڪيب  سُجهي آئي آهي. توکي ميهار جي شڪل ۽ ويس اوڍڻو  پوندو. ان کان پوءِ جيڪڏهن تون منهنجي پيءُ وٽ مينهن چارڻ جي نوڪري حاصل ڪندين ته پوءِ اسان جو ملڻ آسان ٿي پوندو. تون مينهن کي درياءُ جي ڪناري تي چارڻ جي بهاني سان وٺيو ايندين ۽ مان تفريح جي سانگي هن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روزانو توسان ملي سگهنديس.“ ان تي شهزادو ٿورو مشڪيو ۽ ميهار  جا ڪپڙا پائي پيار مان، هير کان موڪلايائين. ان کان پوءِ هير سِڌي ماءُ وٽ  آئي ۽ اچي چيائينس ته: ”اسان جي مينهن جي چارڻ جو خاطر خواه بندوبست نه آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اُهي وڌن ويجهن ڪونه ٿيون. اسان کي اهڙين مينهن مان ڪو فائدو ڪونه ٿو پهچي. دراصل اسان جي مينهن لاءِ هڪ هوشيار ميهار جي ضرورت  آهي. مون اڄ اهڙو  ميهار هٿ ڪيو آهي، جيڪو هزارا جو  آهي ۽ ان ڪم ۾ بيحد ڀروسي جهڙو آهي. منهنجو خيال آهي ته ان کي پاڻ وٽ نوڪريءَ  ۾ رکون.“ اهو ٻڌي،  سندس ماءُ ان ڳالهه تي رضامند ٿي ۽ ڏينهن جو جڏهن رانجهو  سمجهايل  طريقي موجب پاڻ کي ميهار جي نوڪريءَ لاءَ آڇيو، تڏهن راڻي کيس هڪ هزار مينهون چارڻ لاءِ ڏنيون.

رانجهوءَ کي انهيءَ نوڪريءَ ملڻ تي هير کان وڌيڪ خوش ڪوبه ڪونه ٿي نظر آيو، پوءِ ته هوءَ روزانو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چناب درياءَ جي ڪناري تي، رانجهوءَ سان خوب ملاقاتون ڪندي رهي. اهڙيءَ طرح هي ٻئي عاشق معشوق چناب جي ڪنڌيءَ تي وڻن هيٺان ويهي، روح رهاڻيون ڪندا هئا.

ليڪن باوجود انهيءَ راز لڪائڻ جي، هنن جي محبت جي پچار ماڻهن تائين پهچي وئي ۽ هر هنڌ چوپچو ٿيڻ لڳي ته: هير پنهنجيءَ عزت ۽ ننگ ناموس کي هڪ حسين ڌنار وٽو ڪيو آهي. هي ڳالهيون، آخرڪار، شهزاديءَ  جي مامي جي ڪن تي پهتيون، جنهن جو نالو ”هيڏو“  هو. هن وري پنهنجي ڀيڻ راڻيءَ کي سمورو قصو ٻڌايو، جنهن تي هير کي گهرايو ويو ۽ کانئس سمورو احوال پڇيو ويو. پهريائين ته هير پنهنجي محبت جي اظهار کان انڪار ڪيو، ليڪن بعد ۾ ماءُ  کي سڄي حقيقت ٻڌايائين. خبر ٻڌڻ تي راڻي غصي ۾ ڀرجي وئي ۽ چوڻ لڳي ته: ”جيڪڏهن تون هن جهنگلي ڌنار کي هميشه لاءِ ڇڏڻ جو وعدو ڪرين ته مان خاموش رهنديس نه ته مان سڄي ڳالهه تنهنجي پيءُ  سان ڪنديس ۽ پوءِ هن ڌنار کي زنده ڪين ڇڏيندو.“ هي ٻڌي، هير جواب ڏنو ته: ”امان! مان اهڙو وعدو نه ٿي ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي زندگي ان ڌنار جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏي آهي، تنهنڪري  هن وقت ڌنار کي ڇڏي ڏيڻ پنهنجي زندگي کي ڇڏي ڏيڻ  برابر ٿيندو.“ راڻي هي جواب ٻڌي، هڪدم، بادشاهه کي وٺي آئي، جنهن هي ڳالهه ٻڌڻ شرط ترار ٻاهر ڪڍي ۽ غصي جي باهه وچان، هير کي قتل ڪري وجهي ها پر سندس راڻيءَ  چنبڙي ۽ آزيون ڪيس. لاچار هير کي قيد م بند ڪيائين. ان کان پوءِ بادشاهه پنهنجي دربانن کي حڪم ڪيو ته.“ ”رانجهو کي وڃي مار ڪڍو ۽ شهر مان تڙي روانو ڪيو.“

بس، بادشاهه جي حڪم جي دير هئي. بادشاهه جي نوڪرن رانجهوءَ کي سخت مار ڏني ۽ نهايت بُري حالت ۾ هو پنهنجي جان بچائي شهر کان دور هڪ جهنگ ۾ رهڻ لڳو. اُتي هن وٽ نه کائڻ لاءِ ڪا شيءِ هئي، ۽ نه پيئڻ لاءِ پاڻي، ليڪن تنهن هوندي به، رانجهو رڳو انهيءَ اميد تي زنده پئي رهيو ته شايد ڪنهن وقت پنهنجي محبوب  جو ديدار ڪري سگهي. اها اميد غلط ڪانه ثابت ٿي. شهزادي هير قيد ۾ اهڙي حالت ۾ هئي جو سندس ماءُ کي هن جي مري وڃڻ جو خطرو اچي لڳو ۽ بادشاهه کي منتون ميڙون ڪري شهزادي کي آزاد ڪرايائين. بس، آزاد ٿيڻ جي دير هئي!  قيد مان نڪري، هير جهنگ منهن ڪيو ۽ اُتي اچي نڪتي، جتي رانجهو هن جي لاءِ انتظار جون گهڙيون گذاري رهيو هو. ٻئي پياسي پاڻ ۾ مليا. ٿورو وقت اُتي رهي، هير محلات ۾ موٽي آئي. ان ڏينهن  کان پوءِ روزانو رانجهو سان ملڻ ايندي هئي ۽ ان لاءِ کائڻ پيئڻ جون شيون به پاڻ سان کڻندي هئي.

بهرحال، هير جو مامو پنهنجيءَ ڀاڻيجيءَ تي نظر رکندو پئي آيو. هن کي هڪ ڏينهن  هير متعلق  الائي ڪيئن شڪ پئجي ويو، سو فقير جو ويس ڍڪي، هن جي پٺيان جهنگ ۾ ويو ۽ وڃي رانجهو جو پتو لڳايائين. ان کان پوءِ موٽي اچي سمورو قصو بادشاهه کي ٻڌايائين. هن دفعي، بادشاهه کي هير سان همدردي ٿي ۽ جيڪڏهن سندس پٽ رضامند هجن ها ته هوند ٻنهي جي شادي ڪرائڻ کان نه ڪيٻائي ها. پهريائين ته هي چارئي گڏجي رانجهوءَ  ايڏو جريت وارو بهادر مرد هو جو هنن چئني کي ماري ڀڄائي ڪڍيائين، ان کان پوءِ هنن هڪ ٻي رٿ ڪئي. پاڻ ۾ گڏجي، نورنگ پور جي بادشاهه نورنگ  وٽ ويا ۽ ان جي پُٽ خيرو سان پنهنجي ڀيڻ هير جو سڱ ڪيائون. شهزادي خيرو خوشيءَ سان هير سان شادي ڪرڻ قبول ڪئي. ان کان پوءِ ان جا ڀائر موٽي آيا ۽ اچي ڀيڻ کي شاديءَ لاءِ حڪم ڪيائون. جنهن وقت عورتون هير کي ميدي لڳائڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ داخل ٿيون، تڏهن هير کين ڀڄائي ڪڍيو ۽ شادي ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.

هي حال ڏسي، سڀئي ڏاڍا مايوس ٿيا ۽ سندس پيءُ هير کي قاضيءَ وٽ وٺي آيو. پهريائين ته قاضيءَ نرميءَ سان هير کي سمجهائڻ لڳو ته: ”اي ڌيءُ ! توکي پرديسيءَ سان محبت نه ڪرڻ گهرجي، توکي ان سان پيار ڪرڻ گهرجي،  جنهن کي تنهنجا والدين تنهنجي لاءِ چونڊين ٿا.“ ليڪن هير انهن ڳالهين  ۾ اچڻ واري نه هئي. هوءَ اڳتي وڌي، قاضيءَ  کي چوڻ لڳي ته: ”اي قاضي!  محبت جي معنيٰ  مان تون ڇا ڄاڻين مون جيڪڏهن، پنهنجي والدين جي سُڌ کانسواءِ  پيار جي پيالي مان ڍڪ پيتو آهي، ته مون کي ايتري ته خبر پئي آهي ته ان پيالي ۾ ڇا آهي؟“ انهيءَ تي قاضيءَ  کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ جوش مان چوڻ لڳو ته : ”تون پاپڻ آهين ۽ تون وڏو پاپ ڪيو آهي. والدين جي نافرماني ڪري، تو مذهبي حڪم جي حد لتاڙي آهي.“ ائين چئي، قاضي ڪتاب  کولي، ڪجهه پڙهي ٻڌائڻ  وارو  هو، پر هير هڪ به نه ٻڌس ۽ چوڻ لڳس ته: ” شل توتي خدا جو قهر پوئي! مان ڇا ڄاڻان تنهنجي مذهبي بهثن مان مون کي ته زير ۽ زير جي فرق جي به خبر ناهي. مون کي انهن ڳالهين جي ڪهڙي پرواهه آهي ته ”الف “ الله  لاءِ آهي، ”ميم“ محمد لاءِ  ۽ ”عين“ علي لاءِ. تون چوين ٿو ته اهي ڪتاب آسمان کان آيا آهن ۽ ان هوندي  به تون انهن مان محبت جا اصول ڪونه ٿو ڳولي سگهي  جيتوڻيڪ پيار به ايترو ئي آڳاٽو آهي جڏهن هو پنهنجي دل جي آئيني ۾ پنهنجي  معشوق  کي صاف ڏسي سگهي ٿو“ نعي گرو جواب پوءِ قاضي زور سان چوٽ لڳو ته ”هن کي وٺي وڃو ۽ وڃي قتل ڪريوس، ڇو ته هوءَ هاڻي زنده رهڻ لائق نه آهي.“ ليڪن پيءُ پنهنجي ءَ ڌيءَ کي ڪيئن مارائيندو؟ آخر هن هير کي زبردستي نورنگ پور ڏانهن موڪليو. جتي سندس شادي سندس خواهش خلاف زبردستيءَ خيروءَ سان ڪرائي وئي.

 ان وچ ۾، رانجهو فقيراڻي لباس پائي، نورنگ پور ۾ پهتو، جتي هير جي گهر وٽان لنگهڻ وقت، هير بهي نڻان جي همدردي حاصل ڪري ورتائين. ان جي مدد سان، پنهنجي اچڻ جي خبر هير تائين پهچايائين. هڪ ڏينهن مکر ڪري، هير وٺي دانهون ڪيون. هن جي دانهن تي سڄي گهر جا ڀاتي اچي مڙيا ۽ پڇا تي ٻڌايائين ته کيس نانگ کائي وڌو آهي. بس، پوءِ ته اچي شاهي گهر ۾ مانڌاڻ متو. بادشاهه جي درٻار جا حڪيم طبيب آندا ويا، ليڪن نانگ ڏنگيو هجي ته فائدو ٿئي! آخر، هير جي نڻان سهتي، چوڻ لڳي ته: ”ٻڌو اٿم، ته شهر ۾ هڪ نئون فقير آيو آهي، جو نانگ جي ڏنگيل جو علاج ڪرڻ ڄاڻي ٿو. ان کي گهرايو وڃي. شايد ان جي منترن مان هير کي آرام ملي.“ بادشاهي حڪم موجب، فقير کي آندو ويو، جنهن ڏسي يڪدم چيو ته: ”هن شهزاديءَ جو علاج اڪيلائي ۾ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن گهر جا سڀئي ڀاتي ٻاهر نڪري ويا ۽ هير رانجهو  وڃي ڪمري ۾ رهيا، تڏهن هنن پيارو چان هڪ ٻئي کي خوب ڀاڪر پاتا.  ان کان پوءِ هير رانجهو سان ايندڙ رات محلات ڇڏي ڀڄڻ جو وعدو ڪيو. ۽ پوءِ ڪمري  کان ٻاهر ويٺل ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ رانجهوءَ آواز سان ”منتر“ پڙهڻ شروع ڪيا. ٿوري دير کان پوءِ، رانجهو ٻاهر وڃي، انتظار ۾ ويٺل ماڻهن کي ٻڌايو ته منتر هير تي اثر ڏيکاريو آهي ۽ هوءَ هاڻي بلڪل آرام ۾ آهي. ان کان پوءِ رانجهوءَ کي وڏا انعام ڏنا ويا.

انهيءَ رات وعدي مطابق، هير محلات مان نڪري، شهر کان ٻاهر وڃي رانجهوءَ سان ملي ۽ هي ٻئي هزارا ڏانهن روانا ٿيا. نورنگ پور جي بادشاهه هير ۽ رانجهي کي هٿ ڪرڻ لاءِ جهنگ سيال واري رستي سان وٺي گهوڙا ڀڄايا، ڇو ته هن ائين سمجهيو هو ته هير ضرور پنهنجي وطن ويئي هوندي، تنهنڪري ناڪامي ڏسڻي پين.

رستي جي ڏکن ڏاکڙن کان پوءِ، رانجهو هير کي هزارا ۾ آڻي ڪڍيو. جڏهن ان کي سندس رعيت ڏٺو، تڏهن هنن ۾ خوشيءِ جي لهر  ڊوڙي وئي. دراصل قصو هن ريت هو ته رانجهو جي ڀائرن ظلم ۽ جبر سان حڪومت پئي هلائي، جنهن ڪري رعيت بيزار ٿي چڪي هئي. ان ڪري رانجهو  کي ڏسندي ئي ماڻهن ۾ نجات حاصل ڪرڻ جي اميد جاڳي. هو هزارن جي تعداد ۾ انقلاب لاءِ نڪري پيا ۽ رانجهوءَ  جي  ظالم ڀائرن کي بلڪل اهڙيءَ طرح محلات مان هڪالي ڪڍيائون، جهڙيءَ طرح ڪجهه وقت اڳ کيس سندس ڀائرن ڪڍيو هو. اهڙيءَ طرح رانجهو پنهنجي پيءُ جي سڄيءَ  حڪومت جو بادشاهه تسليم ڪيو ويو. اتي هن وڏي شان ۽ دٻدٻي سان شهزادي هير سان شادي ڪئي ۽ ڪيترن سالن تائين پنهنجي محبوب راڻي سان گڏجي راڄ ڪيائين.

9- بيرسنگ ۽ سُندر ٻائي

آڳاٽي وقت جي ڳالهه آهي ته سيلا رياست ۾، ڪيسرسنگ نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن کي سُندر ٻائي نالي هڪ ڌيءَ هئي. بادشاهه جي لاءِ سُندرٻائي ڌيءَ نه هئي، پر هڪ خزانو هو، جنهن کي ڏسي پيو گدگد ٿيندو هو. شهزاديءَ جي گُڻن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ٿوري ئي وقت ۾ سنسڪرت زبان ۾ ماهر ٿي ويئي هئي ۽ حڪمت تي سمورا ڪتاب پڙهي، ڀڙ ٿي هئي. مذهبي شاستر سڀ پڙهيا هئائين . ٻئي پاسي وري حسن جي ميدان ۾“ هندوستان ۾ سندس ڪو مَٽ ٿاني نه هو. اهڙيءَ طرح سُندرٻائي نالو واقعي سندس صورت ۽ سيرت سان ٺهڪي ٿي آيو.

باو  ايتري علم ۽ ڄاڻ جي، سُندرٻائيءَ ۾ هَٺُ  ۽ وڏائي ڪانه هئي ۽ پنهنجي سهيلن سان راند روند ۽ ٻين ڳالهين ۾ شرمائيندي ڪانه هئي. هوءَ هڪڙي ڏينهن پنهنجي سهيلين سان گڏ، پنهنجي پيءُ جي باغ ۾ راند ڪري رهي هئي. انهيءَ باغ جي خوبصورتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سڄي باغ ۾ وڏا وڏا  وڻ هئا، جن جي ڇانو ڏاڍي گهاٽي ۽ ٿڌي هوندي هئي. ان ۾ بهترين خوشبوءَ ورا عجيب عجيب گلن جا ٻوٽا هوندا هئا، جن جو هٻڳاءُ پري پري تائين پهچندو هو. اهڙي ٿڌڪار ۽ خوشبوءِ جي وچ ۾ محلات جي عمارت هئي، جنهن ۾ ان وقت جي معلومات مطابق، سڀئي عيش و آزام جون شيون موجود هيون، اهڙي محلات ۾ ڏينهن جي گرمي گذارڻ کان پوءِ، سندرٻائي پنهنجي سهيلين سان گڏ باغ ۾ کيڏي  رهي هئي.

خدا جي قدرت اهڙي  ٿي، جو ان ڏينهن ولڀپرا جو راجڪمار بيرسنگ به اوڏيءَ مهل اُتي اچي سهڙيو. ڏينهن جو شڪار جي خيال سان پنهنجي دوستن سان نڪتو هو ۽ جهنگ ۾ دوستن کان جدا ٿي هتي اچي پهتو هو. هو آرام ڪرڻ جي ارادي سان، راجا ڪيسرسنگ جي باغ ۾ لنگهي  آيو هو ۽ گهاٽن وڻن جي جهڳٽي هيٺ ليٽي پوڻ لاءِ گهوڙي جو هنو لاهي، ٽپڙ وڇايو هئائين. اڃان سمهڻ واروئي  هو ته ڀرسان ڪنهن جي ڳائڻ جو آواز ٻڌائين، جنهنڪري پنهنجي ٿَڪ کي وساري ان آواز طرف وڌڻ لڳو. چاهيائين ٿي ته اُتي وڃي پاڻ به راڳيندڙن  سان شريڪ ٿي تفريح  وٺي،  ليڪن انهن جي ڀرسان پهچڻ تي ڏٺائين ته ڇوڪرين جي ٽولي ڳائي رهي هئي، تنهنڪري انهن وٽ وڃڻ بيرسنگ کي چڱو نظر نه آيو ۽ وڻن جي اوٽ ۾ ويهي ڇوڪرين جا گيت ٻڌڻ لڳو.

جڏهن ڇوڪرين گيت ڳائڻ ختم ڪيا، تڏهن سڀيئي  پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ لڳيون. هڪ چيو: ”جڏهن مان شادي ڪنديس. تڏهن پنهنجي متد کي پاڻ سان نرميءَ سان هلڻ يستاريندس اڪثر ڪري ائين ٿئي ٿو ته مڙس پنهنجي زال  کي جُتيءَ وانگر لتاڙيندو رهي ٿو، حالانڪ زال کان وسواءِ  مرد بيڪار  آهي.“ اهو ٻڌي شهزادي سندر  ٻائي چوڻ لڳي ته: ”تون درست چوين ٿي. ليڪن مون ته شهزادي  بيرسنگ سان شادي ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي جو ولڀپرا جي راجا جو پٽ آهي. شاديءَ کان پوءِ مان کيس اهڙيءَ طرح هلائينديس  جو هو ٻيءَ ڪنهن به عورت ڏانهن نه نهاريندو ۽ جيڪڏهن  هن مون کي منهنجي خواهش مطابق نه هلايو ته پوءِ مان کيس پنهنجي بهادري ۽ جرئت  سان اهو ڏيکاريندس ته عورت مرد کان ڪنهن به طرح گهٽ  ناهي. ان کان پوءِ ته يقيناََ  شرم وچان مون سان محبت ڪرڻ ۽ منهنجي عزت ڪرڻ تي مجبور ٿيندو ۽ منهنجي چوڻ مطابق هلندو.“ ان کان پوءِ ٽينءَ ڇوڪريءَ چيوته : ”توکي ان ڳالهه جو يقين ٿي سگهي ٿو ته راجڪمار ٻي زال ڪين پرڻبو؟“

راجڪمار  بيرسنگ هي سموريون ڳالهيون ڪن لائي ٻڌي رهيو هو. هو ڇوڪرين جي ڳالهائڻ مان اهو  اندازو لڳائي ويو ته ٻيو نمبر ڳالهائيندڙ ڇوڪري  ڪماري سندرٻائي هئي، تنهنڪري هن اُتي وڌيڪ ترسڻ مناسب نه سمجهيو. راجڪمار جلديءَ ۾ باغ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻاهر نڪرڻ کان اڳ هُن هڪ دفعو  سندر ٻائيءَ کي ڏٺو ڇا سندس سونهن هئي! راجڪماريءَ جو منهن چوڏهينءَ  جي چنڊ وانگر گول ۽ روشن هو ۽ پوري بناوت  لاثاني هئي. راجڪمار گهوڙي تي هنو رکي ۽ لغام سنڀاليو. جڏهن ٻاهر آيو، تڏهن ماڻهن کان ان باغ بابت پڇيائين، جن ٻڌايس ته اُهو باغ سندر ٻائيءَ جو آهي. ان تي کيس يقين ٿيو ته مٿي ڳالهائيندڙ سندرٻائي هئي، جنهن جي سونهن ۽ علم گهڻو مشهور هو. بس، پوءِ ته پنهنجي دل ۾ اهو فيصلو ڪيائين ته سندر ٻائيءَ کي پنهنجي ڪنوار ضرور  بڻائيندس.

گهر پهچڻ کان پوءِ راجڪمار کي آرام نه پئي آيو. هن پنهنجي  پيءُ کي ٻڌايو ته مان ڪيسرسنگ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. راجا کي معلوم هو ته ولڀپرا ۽ سيلا جا خاندان سماجي طرح هڪٻئي جو مٽ ثاني هئا، تنهنڪري مٽيءَ لاءِ  ڪيسرسنگ ڏانهن هڪ پنڊت موڪليائين، جنهن وڃي ٻڌايو ته سيلا جي راجا جي خواهش آهي ته سندس پٽ جي شادي راجڪماري سندر ٻائي سان ٿئي. هي احوال ٻڌي ڪيسرسنگ، سندرٻائيءَ جو سنڱ ڏيڻ قبول  ڪيو ۽ ان کان پوءِ وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪئي وئي ۽ راجڪماري سندرٻائي کي راجائي سواريءَ ۾ راجڪمار بيرسنگ  جي محلات ۾ پهچايو ويو.

نوجوان راجڪمار، سندرٻائيءَ جو اهو امتحان وٺڻ ٿي چاهيو، جنهن جو هوءَ پنهنجي سهيلين سان واعدو ڪري چڪي هئي، تنهنڪري راجڪمار ڄاڻي واڻي پهرينءَ  رات سندرٻائيءَ  جي ويجهو نه ويو، جنهن تي هن کي ڏاڍو تعجب لڳو ۽ سندس ٻانهين ۽ سهيلين کي ان کان به وڌيڪ حيرت لڳي. ليڪن راجڪماريءَ ان غم کي پنهنجي منهن تي آڻن نه ڏنو، خوشيءَ ۽ اطمينان سان گذارڻ لڳي.

هڪ ڏينهن راجڪماريءَ جي ساهيڙيءَ کيس چيو ته اڄ نئين سال جو ڏينهن  آهي ۽ مندر  ۾ ماڻهن جو وڏو مجموعو  لڳو آهي، تون به اسان سان گڏجي هلي اهو ڏس. ائين ڪرڻ سان تنهنجي طبيعت  ۾ به تبديلي ايندي. اهو ٻڌي سندرٻائي تياري ڪئي ۽ راجائي  سواريءَ ۾ پنهنجي سهيلين ۽ ٻانهين سان گڏ مندر ۾ پهتي. اهو بندوبست ڪيو ويو هو ته جنهن وقت راجڪماري  مندر  ۾ اندر داخل ٿئي، ان وقت ڪو به مرد ماڻهو اندر نه ڇڏيو وڃي. جڏهن سندرٻائيءَ  جي  هن روانگيءَ جي خبر بيرسنگ کي پئي ته ان به پنهنجي دربانن سان گڏجي مندر  جو رستو  ورتو.  دراصل هن اهو ڏسڻ ٿي چاهيو ته سندرٻائي اتي وڃي ڇاٿي  ڪري. راجڪمار کي اندر وڃڻ کان ڪير ٿي منع ڪري سگهيو؟  هو اندر داخل ٿيو ۽ مخفي طرح سندرٻائيءَ  جي پٺيان وڃي بيٺو. سندرٻائي ان وقت پرار ٿنا ۾ مستغرق هئي ۽ وڏي آواز سان چئي رهي هئي ته: ”اي، عالم جي راڻي!  منهنجي مڙس  جا سڀ ڪم سولا ڪر!“  اهو چئي جيئن ئي سندرٻائي پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪيو ته راجڪمار بيرسنگ سامهون بيٺل ڏٺائين  جو سندس ڀرسان اچي  بيٺو  هو. بير سنگ  طعنو هڻندي  سندرٻائيءَ  کي چيو ته:”ڇا، اهو ئي طريقو  آهي پنهنجي مڙس کي بهادري  ۽ جريت سان حاصل ڪرڻ جو، جنهن جو وعدو تون پنهنجي سهيلين کي ڏئي چڪي آهين؟

جڏهن سندرٻائي پنهنجي مڙس جو هيءُ طعنو ٻڌو، تڏهن سمجهي ويئي ته باغ ۾ سهيلين  سان ڪيل ڳالهيون شايد هن ٻڌيون آهن. ان تي ٻئي هٿ ٻڌي سندرٻائي  وراڻيو ته: ”اي، منهنجي زندگيءَ جا مالڪ! عورتون مورک آهن، ڇوڪريءَ  جي ڳالهه کي ڪهڙي اهميت! منهنجي ان اعلان کي ڪا به اهميت  نه ڏي. پنهنجي عقل  جي وسعت ۾ مون کي معاف ڪري ڇڏ.“  پر بيرسنگ تي انهيءَ التجا ڪو به اثر نه ڪيو. هو چوڻ لڳو ته: ”جيستائين تو پنهنجي وعدي کي پاڻي نه ڏنو آهي ۽ جيئن تو چيو آهي تيئن نه ڪيو آهي، تيستائين  مان تنهنجي محلات ۾ پير نه وجهندس.“ ائين چئي راجڪمار بيرسنگ مندر کان ٻاهر نڪري  ويو. سندرٻائي ڪجهه وقت ته مايوسيءَ جي عالم ۾ بيرسنگ  کي ڏسندي رهي، پر پوءِ دل ۾ سوچيائين ته: ”جيڪڏهن مون کي مڙس جي  محبت حاصل ڪرڻي آهي ته ان لاءِ مون کي بهادري ۽ جرئت  ڏيکارڻي پوندي.“ ائين چئي مندر کان ٻاهر نڪتي ۽ محلات ۾ موٽي آئي.

ان کان پوءِ  سندرٻائي انهيءَ ڳالهه تي ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون سوچيندي رهي ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي،  پر ڪا ترڪيب دماغ ۾ نه پئي آيس. آخر هن نهايت  پريشانيءَ ۾ هڪ رات محلات  ڇڏي ڀڄي  نڪرڻ جو ارادو ڪيو. ليڪن محلات مان نڪرڻ ڪيو سئولو  ڪم نه هو. آخر هڪ ڏينهن پنهنجي پيءُ  کان مليل منڊي آڱر  مان لاهي ٻانهيءَ  کي ڏنائين ۽ کيس چيائين ته: ”هيءَ منڊي منهنجي پيءُ  کي وڃي ڏي ۽ عرض ڪر ته ان جي ٽڪ پنهنجي جاءِ تان تڙڪي پئي آهي، سا مهرباني ڪري درست  ڪرائي ڏيو.“ حڪم ٻڌڻ کان پوءِ ٻانهي يڪدم  اها منڊي پاڻ سان کڻي سيلا رياست ۾ پهتي ۽ اتي وڃي راجا کي سندس نياڻي جي نياپي سان گڏ اها منڊي به ڏنائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org