سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 باب:

صفحو :5

راڻي جو موت جي منهن مان هن طرح بچڻ ڄڻ ته هڪ معجزو هو. هو پوءِ ٻئي هاٿيءَ تي سوار ٿيو، ۽ پنهنجي اميرن کي چوڌاري بيهاري پڇيائين  ته اهو ڪير هو، جنهن شينهن  کي ماريو؟  ڇو ته گلاب سنگ جو اچڻ ۽ موٽڻ جهٽ  پٽ ٿيو هو ۽ راڻو هن کي سڃائي نه سگهيو هو. هر هڪ امير  اهوئي رايو ڏيکاريو  ته مون ئي اهو سورهائيءَ  جو ڪم ڪيو آهي.“ مگر راڻو ڪنڌ ڌوڻي، پنهنجي هاٿيءَ تي چڙهي اچي محلات ۾ پهتو.

محلات جي در وٽ  پهچي، پنهنجي اميرن کي حڪم ڪيائين ته سڀ سندس ڀر وٽان لنگهن، جو هن جو خيال هو ته پنهنجي بچائيندڙ کي ڏسندو ته ضرور سڃاڻي  وٺندو. جڏهن گلاب سنگ  هن جي سامهون لنگهيو، تڏهن راڻي هن کي سڃاڻي  ورتو ۽ سڏ ڪري چيائين ته، ”اهو راجپوت  تون آهين، جنهن شينهن کي ماري منهنجي جان بچائي.“  گلاب سنگ ادب سان جواب ڏنو: ”جيئندا قبلا! جيئن توهان سمجهو ٿا، تنهن ئي شينهن کي ماريو آهي.“ راڻو اهو ٻُڌي منجهي پيو ۽ پڪ ڪانه ٿيس ته ڪو منهنجو گمان ٺيڪ آهي. مگر اجيتسنگ اچي کليو ۽ چوڻ لڳو ته: ”غريب پرور! جنهن به شينهن کي ماريو هوندو تنهن ضرور ان جا چنبا ۽ ڪَن پاڻ وٽ شاهدي لاءِ رکيا هوندا.“ راڻي ڪاوڙ مان هن جي طرف نهاريو۽ چيائين ته:”ڪن هجنس يا نه، چنبا هجنس يا نه، مگر تو ته شينهن نه ماريو آهي.“ اجيت سنگ لڄي  ٿيو ۽ چيائين ته: ”مون ته ڪو نه ماريو آهي. مگر جنهن به ماريو آهي، تنهن وٽ ان جا چنبا ۽ ڪن ضرور هوندا.“

انهيءَ کانپوءِ راڻي کي يادگيري آئي ته اجيت سنگ ۽ گلاب سنگ پاڻ ۾ سالا ڀيڻيويا  آهن، تنهنڪري گلاب سنگ  کي حڪم ڪيائين ته: ”جيڪڏهن هن وٽ  ڪن ۽ چنبا آهن ته ظاهر ڪري.“ گلاب سنگ  گهوڙي تان هيٺ لٿو ۽ پنهنجي خرزين مان شينهن جا چنبا ۽ ڪن ڪڍيائين  ۽ ادب سان راڻي جي سامهون رکيائين. راڻي خوشيءَ وچان گلاب سنگ  جي سور هيائي ۽ حياءَ جي تعريف  ڪئي ۽ هن کي سندس بهادريءَ جي عيوض هڪ چوغو عطا ڪيائين. اجيت سنگ کي پنهنجي دربانن جو مهندار  مقرر ڪيائين ۽ گلاب  سنگ کي پنهنجي شاهي محلات جي چارج ڏنائين.  هنن کي شاهي بخشش کي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو چارو ڪونه هو، مگر هنن ٻنهي کي هن قسم جي مستقل جدائي تي بيحد صدمو رسيو.

سانوڻ گذريو سيارو آيو، پر صراف وارن ويهن هزارن جي ادائگيءَ جو ڪو به امڪان نظر نه ٿي آيو. هڪ ڏينهن شام جو هڪ زبردست طوفان لڳو. گلابسنگ  ان وقت راجائي محلات  جي حاضريءَ تي هو ۽ اجيتسنگ راجا سان گڏ هو. راجا اجيتسنگ کي آرام ڪرڻ جي اجازت  ڏني ۽ پاڻ راڻيءَ  وٽ وڃي آرامي ٿيو. انهيءَ وقت ويچارو  گلابسنگ، جو محلات جي ڊيوٽيءَ تي هو، مينهن جي پاڻيءَ ۾ پسيل ، ٿڌ ۾ پريشان  ۽ اٻاڻڪو هو. هو ان وقت پاڻ کي وندرائڻ لاءِ هيءَ مصرع ڳائي رهيو هو:

”لٿو آهي مينهن، ڏاڍا اوهيرا ڪري،

دريا جو ڌمچر! ٻڌجي پيو پري،

کِوڻيون خوب کيون ٿيون، طوفان زور ڀري،

 اندر باهه ٻري، جدائي جانب کان.“

اجتسنگ گلاب سنگ جو راڳ ٻُڌي ورتو ۽ جيئن هو گهر ڏانهن پئي ويو، تيئن هن جا لفظ پڙاڏي وانگر هن  جي دل تي پئي ٻُريا ۽ پل کن ۾ هن به وراڻيءَ ۾ هيءُ راڳ آلاپيو:

”منصب آهي مالڪ، بيشڪ پاڻ خدا،

توڙي ڌاٿي ننڊ ۾، جاچي پاڻ سدا،

شايد اڳ جنم ۾، ڪيم ڪم ڪُڌا،

جنهنڪري جُدا گهارڻ پيون هي گهڙيون.“

گلاب سنگ جڏهن اهو جواب ٻڌو، تڏهن ساهه ڀري جهونگاريائين ته:

”قسمت  پنهنجيءَ ۾ آ، قصو هي سارو،

ڪونهي ڪو چارو سوا ڀوڳڻ ان جي.“

هاڻي ڇا ٿيو جو راڻي، جيڪا تمام چالالڪ ۽ هشيار هئي، تنهن جڏهن اهي ٻئي مصرائون ٻڌيون، تڏهن بادشاهه کي چيائين ته اهي توهان جي دربانن جا مهندار  پاڻ ۾ زال مڙس آهن ۽ جيڪو توهان جي محلات جي مٿان چوبدار آهي اُها يقيناََ  عورت آهي. راڻي کلي  ڪنڌ ڌوڻندي  چيو:” نه نه هو پاڻ ۾ سالو ڀيڻيويا آهن.“ راڻيءَ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته توهان صحيح هجو، مگر اسان کي آزمائڻ گهرجي ته توهان جي خيال مطابق مرد آهي يا منهنجيءَ راءِ موجب زال آهي.“

راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ راجا قاصد موڪلي ٻنهي راجپوتن کي گهرايو، پر جڏهن هو آيا ۽ نمسڪار  ڪري بيٺا، تڏهن راجا ڏانهن گهوري  چيو: ”گلاب ۾ لجيت، مون کي هڪدم ٻڌايو ته توهان مان هڪ عورت ته ناهي؟“ هيءُ ڳالهه ٻڌي ٻئي ڊڄي ويا ۽ اکر به ڪونه ڪڇائون. انهيءَ تي راجا وڌيڪ تکو ٿي پڇين ته:”جواب ڇو نه ٿا ڏيو؟“ هنن جو منهن لٿل ڏسي، وري نرم لهجي ۾ چوڻ لڳو: پنهنجي اصليت ٻڌائن ۾ نه ڊڄو. جنهن منهنجي جان بچائي آهي، انهيءَ لاءِ مان  خوشيءَ سان پنهنجي وس  آهر مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ اها ڳالهه ٻڌي، اجيتسنگ ۾ ٿوري  جرئت آئي ۽ راڻي کي شروع کان وٺي آخر تائين سڄي ڪهاڻي ٻڌايائين.

راڻي جواب ۾ ڪي ڪين ڪڇيو ۽ هڪ ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو ته گلاب سنگ کي ڇوڪريءَ جا ڪپڙا پهرائي  آڻي. ٻئي ڏينهن هن پنهنجي خزانچيءَ کي حڪم ڪيو ته اجيتسنگ کي 20 هزار روپيه  ۽ جيڪي ان تي وياج ٿيو هجي، انهيءَ سميت رقم ڏني وڃي. جوان  کي اڃا مس رقم ملي  ته هو پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي فوراََ  جيسلمير پهتو. اُتي پهچڻ کان پوءِ، هو صراف وٽ ويو ۽ وڃي هن کي قرض ادا ڪيائين، جنهن کي ورتي پورو هڪ سال ٿي ويو هو ۽ جنهن جو ٻُڌي صراف ڪجهه ڏينهن کان آسرو لاهي ڇڏيو هو. هو پنهنجي دل کي اها تسلي ڏيندو ٿي رهيو ته انهيءَ رقم کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ اجيتسنگ جي پيءُ سان جيڪو هن جو وهنوار  هوندو هو، انهيءَ مان حاصل ڪري چڪو هو. مگر جڏهن اجيتسنگ کان وڃايل رقم موٽي مليس، تڏهن بيحد  گهڻو خوش ٿيو.

صراف کي پئسا ڏيئي، اجيتسنگ هوا وانگر تکو  موٽي اڌيپور پهتو ۽ ان لاءِ ٿورو مڃيندي راڻي جي پيرن تي ڪري پيو. ان کان پوءِ راجا راجبالا کي سڏايو ۽ رسمن موافق هن کي ؟ پرن رڪشا“ يا حياتي بچائيندڙ ديويءَ جو لقب ڏنائين، جنهن نالي سان هوءَ ساري اڌيپور ۾ مشهور ٿي وئي. ان کان سواءِ کيس هڪ وڏي جاگير ۽ هڪ رهڻ لاءِ عاليشان محلات ڏنائين. انهيءَ ڏينهن کان جيتسنگ  ۾ راجبالا انهيءَ ۾ رهڻ لڳا. ليڪن هاڻي راڻي جي تلوار مياڻ اندر هئي ۽ اڳي وانگر مياڻ مان ڪڍي پاسي ۾ رکڻ بند ڪيائين، جا ٻنهي محبت جي متوالن کي هڪ ٻئي کان الڳ رکندي هئي.

5-دودو ۽ چنيسر

ڪنهن زماني ۾، روپا شهر ۾، ڀونگر نالي هڪ وڏو حاڪم راڄ ڪندو هو. هو سومرا قوم جو فرد هو ۽ سڄيءَ سنڌ جو مڃيل حاڪم هو. هو هڪ دفعي شڪار تي ويو ۽ لاهر قوم جي هڪ حسين ڇوڪري ڏٺائين، جا وقت  پنهنجي ماڙيءَ  جي دريءَ مان ٻاهر نهاري رهي هئي. توڙي جو بادشاهه ڇوڪريءَ کي ته گهڙي پلڪ  لاءِ ڏٺو هو، پر ڏسڻ سان ئي سندس دل ۾ گهڙي ويئي.  جڏهن بادشاهه واپس پنهنجي محلات ۾ پهتو،  تڏهن هن پنهنجي وزيرن کي گهرايو ۽ انهيءَ  واقعي  جو احوال ٻڌايو ۽ اهو اظهار  ڪيائين ته يا هو ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪندو يا مرڻ پسند ڪندو. وزير کلي چوڻ لڳا ته: ” بادشاهه کي مرڻ جي ڪا ضرورت  ناهي.  اوهان سان شادي ڪرڻ تي ڪا به لاهر ڇوڪري  آرهي  ڪانه ٿيندي.“ ان کان پوءِ بادشاهه جا وزير ان ڇوڪريءَ  جي مائٽن  سان مليا ۽ وعدي مطابق بادشاهه جي شاديءَ جو بندوبست ڪيائون.

شاديءَ کان هڪ سال پوءِ بادشاهه کي انهيءَ لاهر زال مان هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو چنيسر رکيائين. ڀونگر بادشاهه کي سومري خاندان مان هڪ زال هئي، جنهن کي به ان وقت ڌاري هڪ نياڻي ڄائي جنهن جو نالو ڀاڳي  رکيو ويو. ان کان هڪ سال پوءِ بادشاهه کي ان سومري  راڻيءَ مان هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو دودو رکيائين.

وقت گذرندو رهيو ، چنيسر ۽ دودو وڌي جوان ٿيا. بادشاهه چنيسر جي شادي هڪ لاهر نينگريءَ سان ڪرائي ۽ دودي کي پنهنجي ڏاڏي پوٽي شهزادي پرڻائي . چنيسر کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ننگر رکيو ويو ۽ دودي کي نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو ڪاويل  رکيو ويو.

هڪڙي  ڏينهن بادشاهه ڀونگر پنهنجي لاهر، راڻيءَ وٽ ويٺو هو ته راڻيءَ نهايت  ئي مغمور ٿي چيو ته:”بادشاهه سلامت!  توهان جي مهربانين جي اظهار  لاءِ مون وٽ لفظ ڪونهن، نڪي مان پنهنجي خوشنصيبي بيان ڪري سگهان ٿي، جا توهان وٽ نصيب ٿي اٿم. پر مون کي هڪ خطرو رهي ٿو، اهو هيءُ ته توهان جي وفات کان پوءِ سومرا مون کي ۽ منهنجي پٽ چنيسر کي محلات مان ڪڍي ڇڏيندا ۽ ڪنهن جهنگ ۾ کڻي ڦٽو ڪندا.“ ڀونگر بادشاهه جواب ڏنو ته: ”نه منهنجي پياري! تون دلجاءِ ڪر. مان ننگر ۽ ڪاويل جي شادي ڪرائي ٿو ڇڏيان ۽ ان کان پوءِ سومرا توکي ٻاهر ڪڍڻ جي جرئت نه ڪري سگهندا.“ ان ئي ڏينهن، بادشاهه پنهنجي ننڍڙن پٽن  جو مڱڻو ڪرائي ڇڏيو.

ان واقعي کان ڳچ مهينا  پوءِ، ڀونگر بادشاهه بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. ان وقت سنڌ ۾ هيءَ رواج هو ته جيستائين  نئين بادشاهه جو انتخاب نه ٿيو آهي، تيستائين  مئل بادشاهه  کي دفن نه ڪيو  ويندو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جو تخت  ڪڏهن به خالي نه رهندو  هو. ليڪن جنهن وقت نئين بادشاهه جي چونڊ لاءِ سنڌ جا ماڻهو گڏ ٿيا ته ڪنهن به ڳالهه تي متفق نه ٿي سگهيا.  ڪي سومرا  چوڻ لڳا ته بادشاهه جو حقيقي  وارث دودو آهي، ڇو ته بادشاهه کي سومري راڻي مان ڄائو هو. ٻين سردارن وري راءِ ڏني ته نه ، حقيقي وارث چنيسر آهي، ڇاڪاڻ ته اهو دودي کان اڳ ۾ ڄائو هو. آخرڪار وزير بارن چيو ته” جيڪڏهن سومري  جو ئي انتخاب ڪرڻو آهي ته پوءِ حقيقي حڪومت  جي وارثياڻي ڀاڳي آهي، جا بادشاهه جي نياڻي آهي ۽ دودي کان به اڳ ڄائي آهي. هاڻي اهو فيصلو انهيءَ تي ڇڏڻ گهرجي، چاهي هوءَ تخت دودي کي ڏي يا چنيسر کي ڏي.“ اها رٿ سومرن سردارن کي به وڻي، ڇو ته هنن کي يقين هو ته هوءَ تخت جو مالڪ پنهنجي سڳي ڀاءُ دودي کي بڻائيندي ۽ نه چنيسر  کي ، جو پيتو ڀاءُ اٿس. اهو فيصلو ڪري وزير بارن ڀاڳيءَ کي لکيو ته هوءَ تخت جي وارثياڻي آهي ۽ پنهنجي مرضيءَ  مطابق جنهن کي وڻيس، تنهن کي تخت ڏي. پر ڀاڳي دودي جي ڀيٽ  ۾ چنيسر سان وڌيڪ پيار ڪندي هئي جواب موڪليائين ته هوءَ چنيسر جي حوالي  تخت ڪرڻ چاهي ٿي. اهو ٻڌي  سومرن غصي  ۾ چپن کي چڪ پئي واڌا،  ليڪن ڪري به ڇاٿي سگهيا. هنن خود  اها رٿ قبولي هئي، تنهنڪري لاچار چنيسر کي گهرايائون.

جڏهن چنيسر آيو ۽ اچي ڏٺائين ته سومرن سردارن  جا منهن لٿل آهن، تڏهن پاڻ ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته مون کي پنهنجي ماءُ راڻيءَ کان صلاح پڇڻ گهرجي. جيڪڏهن  هن جي مرضي هوندي ته پوءِ آءُ تخت  قبول ڪندس.“ چنيسر  ائين چئي، درٻار ڇڏي پنهنجي ماءُ وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين  ته:”امان ٻڌاءِ ته سومرن جي هوندي مان تخت تي ويهان؟“ سندس ماءُ اهو ٻڌي، هن کي مٿي کنيو ۽ فخر سان هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيائين ته: ”منهنجا پٽ! ڪنهن جي به پرواهه ته ڪر. بخت تنهنجي طرف آهي، تخت تي ويهه ۽ سومرن جو مقابلو ڪر.“

جڏهن چنيسر  درٻار ڇڏي ٻاهر نڪتو هو، تڏهن ان وقت سومرن سردارن کي ڏاڍي  کل آئي ۽ نفرت سان چوڻ لڳا ته ”هيءَ  ته بهترين بادشاهه پيو ڏسجي. ماءُ کان پڇڻ بغير تاج به ڪونه ٿو پهري.“ ان کان پوءِ، دودي کي سڏائي، وڏي ڌام ڌوم سان، دهل دمانن سان روپا شهر مان گشت  ڪرائي، کيس پنهنجو بادشاهه ظاهر ڪيائون. دهلن جو آواز جڏهن چنيسر جي ماءُ جي ڪنن تي پيو، تڏهن هن نوڪرياڻي  ٻاهر موڪلي ان جو سبب معلوم ڪرايو. نوڪرياڻي موٽي اچي ٻڌايس ته سومرن سردارن دودي کي بادشاهه بڻايو آهي، ڇو ته چنيسر ماءُ جي رضا کان سواءِ تخت تي ويهڻ جي جرئت نٿو رکي. اهو ٻڌي، لاهر راڻيءَ جون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ غصي ۾ چنيسر  کي چوڻ لڳي ته: ”بيشڪ  سومرا  سردار درست آهن، مون سمجهيو ٿي ته مون پٽ  ڄڻيو هو، پر تون ته ڌيءَ ثابت ٿئين. هاڻي توکي چرخي وٽ عورتن سان گڏ ويهي ڪتڻ گهرجي.“  چنيسر  جي زال کي به مڙس جي تخت وڃائڻ واري  ڳالهه بيحد غصي ۾ وجهي ڇڏيو.  هوءَ چوڻ لڳي ته: ”ڇا جو، هي ته چرخي هلائڻ لائق به نه آهي. هن کي ته ڪلهن تي چادر رکي ٻڪريون ۽ رڍون  چارائجنس.“ چنيسر کي هنن طعنن ۽ ٺٺولين سخت ڪاوڙايو. هو اُٿي  چوڻ لڳو ته: ”هڪڙي ڏينهن اوهان  پنهنجي چيل لفظن تي پشيمان ٿيندو.“ ائين چوندي هو جلدائيءَ سان گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ دودي ڏانهن چوائي موڪليائين ته” سنڌ جي حڪومت  منهنجي آهي. اها مون کي موٽائي ڏي. نه ته مان انصاف وٺڻ لاءِ دهليءَ جي بادشاهه علاءَ الدين ڏانهن ويندس.“

جڏهن دودي کي اهو پيغام پهتو، تڏهن هن جي دل ۾ نرمي پيدا ٿي ۽ هن سڀني  سردارن کي گهرائي چيو ته: ”چنيسر هيءَ ڌمڪي موڪلي آهي. آخر هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي ۽ سندس پٽ جو منهنجي نياڻيءَ سان مڱڻو ٿيل آهي. هن کي ڪاوڙ  ۾ دهليءَ وڃڻ کان روڪيو وڃي ۽ تخت  کيس ڏجي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان سنڌ کي تباهيءَ کان بچائي سگهبو ۽ اسان ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي همدردي وڃائينداسون.“ پر سومرا سردار غصي ۾ اچي چوڻ لڳا ته: ”بادشاهه سلامت! ائين نه ٿيندو، بادشاهي توکي هلائڻ لاءِ ڏني ويئي آهي، نه انهيءَ لاءِ ته اها خيرات ۾ ڏئي ڇڏ. جيڪڏهن هن کي  خيرات جي ضرورت آهي ته کيس ڍڳا ڍور ڏئي ڇڏ.“ اهو جواب ٻڌي دودو خاموش رهيو. اهو جواب سردارن جي دودي کي ڏنل صلاح جڏهن چنيسر کي پهتي، تڏهن هن گهوڙي تي لانگ ورائي ۽ سڌو دهليءَ رخ ڪيو.

جيئن نوجوان شهزادو مغموم حالت ۾ گهوڙي تي اوڀر طرف وڃي  رهيو هو، ته هن هڪ ٻڪرار ماٿريءَ ۾ ستل ڏٺو. پريان ٿوري پنڌ تي ڏٺائين ته ٻڪرين  جا ڌڻ چري رهيا  هئا. جن جي پٺيان هڪ ٻڪرار  جي لٺ پنهنجو پاڻ هلي رهي هئي ۽ رولو ۽ ڌار ٿي ويندڙ  ٻڪرين کي هڪليندي  پئي هلي. ٻڪرار  جي مٿي کان مياڻ ۾ سندس تلوار  رکيل هئي!چنيسر  سوچڻ لڳو ته جنهن صورت ۾ ٻڪرار جي لٺ ۾ ايترو جادو آهي، تنهنڪري سندس تلوار ۾ ته ان کان به وڌيڪ جادو هوندو. سو ان جي چورائڻ لاءِ ستل ٻڪرار  جي مٿي ڏانهن آهستي آهستي هلڻ لڳو. بس هن اڃا ٻه قدم مس کنيا هوندا ته خوف هن کي سُڪائي ڇڏيو. جڏهن ڏٺائين  ته تلوار خودبخود اڀي ٿي هن ڏانهن ٽپا ڏئي  هلڻ لڳي. هو بي اختيار  دانهون ڪرڻ لڳو: ”اڙي ٻڪرار! اڙي ٻڪرار!  پنهنجيءَ تلوار  کي پڪڙ.“ رڙين تي ٻڪرار  جاڳي پيو ۽  هڪدم وڃي تلوار کي پڪڙيائين. تنهن کان پوءِ چنيسر  ڏانهن منهن ڪندي چيائين ته: ”اي موچارا جوان! تو ضرور منهنجيءَ لٺ کي يا تلوار کي چورائڻ  جي ڪوشش ڪئي هوندي،  جنهن ڪري تلوار  توتي حملو ڪيو آهي. چنيسر پنهنجو ڏوهه مڃيو ۽ چيو ته مون واقعي  هن تلوار  چورائڻ  جي ڪوشش ڪئي هئي. پر ساڳئي وقت هن وڌيڪ چيو ته: ”اي ٻڪرار! مون کي پنهنجي تلوار  ڏي، ڇو ته مون کي ان جي سخت ضرورت آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، ٻڪرار  پڇيو ته: ”تون ڪير آهين؟“ چنيسر سوال جو جواب فخر سان ڏنو: ”مان بادشاهه ڀونگر سومري جو پٽ آهيان.“ ٻڪرار چيو ته: ”ڪهڙو پٽ؟ چنيسر يا دودو؟ ڀانيان ٿو ته تون مَمِي چنيسر هوندين، (ڇو ته سومرن سردارن هن کي اهو نالو ڏنو هو) ڇاڪاڻ ته دودو ته تخت تي ويٺو آهي.“ چنيسر وراڻيو: ”هائو، مان مَمِي چنيسر آهيان ۽ ان ڪري ئي تنهنجيءَ تلوار  جي ضرورت آهي.“ٻڪرار  چيو: ”چڱو! مان توکي پنهنجي تلوار اڌاري ڏيان ٿو، پر جڏهن تون هي رستو وٺي موٽندين، تڏهن اها توکي ڇڏي مون وٽ واپس ايندي.“ ان کان پوءِ  ٻڪرار پنهنجي تلوار  چنيسر کي ڏني ۽ چنيسر اها وٺي دهليءَ  روانو ٿيو. هو شهر جي دروازي کي ويجهو پهتو، تڏهن هڪ رخشش هن کي داخل ٿيڻ کان روڪيو. چنيسر  گهوڙي تان ٽپو ڏيئي لهي پيو ۽ مياڻ مان جادوءَ واري تلوار کي ڪڍندي هڪ ئي ڌڪ سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين.

ان کان پوءِ چنيسر شهر ۾ داخل ٿيو ۽ سڌو وزير وٽ وڃي بادشاهه سان ملاقات جي موقعي لاءِ عرض ڪيائين. وزير چيس ته بادشاهه توسان دهليءَ ۾ ڪونه ملندو، ۽ گڏوگڏ هي به چيائينس ته : ”هڪ ڳالهه ۾ آهي  ته بادشاهه  سال ۾ فقط هڪ دفعو جمعي جي مقرر ڏينهن تي شينهن جي شڪار لاءِ نڪرندو آهي ۽ اهو جمعو هاڻ ويجهو آهي. ان ڏينهن جڏهن بادشاهه ٻاهر ايندو، تڏهن توکي وٽس پيش ڪندس.“ اهو ٻڌي چنيسر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته ان ڏينهن شڪار ۾ دليري ڏيکاري بادشاهه جو جس کٽندس.

ان ڏينهن صبح جو سوير، بادشاهه شينهن جي شڪار لاءِ نڪتو ۽ پاڻ سان هزارين سپاهي به کنيائين، ڇو ته شينهن جو شڪار هڪ جوکائتو ڪم هو. چنيسر وزير وٽ ويو ۽ پڇيائينس ته: ”بادشاهه هڪڙي شينهن جو شڪار ڪندو آهي يا گهڻن جو؟ ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ هڪ شينهن جو مقابلو هڪ مرد ڪندو آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، وزير ڪو به جواب ڪونه ڏنو ۽ کيس بادشاهه وٽ وٺي ويو ۽ هن جا لفظ ان کي دوٻاره ٻڌايائين. بادشاهه چنيسر کي چتائي ڏٺو ۽ چيو ته: ”مون کي يقين آهي ته چنيسر پنهنجي لفظن کي ضرور پاڻي ڏيندو! ۽ کيس اهو ثابت ڪري ڏيکارڻو پوندو ته هو سنڌ ۾ شينهن جو شڪار ڪيئن ڪندا آهن. جيڪڏهن مُئو  ته سندس غلطي آهي ۽ جي شينهن کي ماري ٿو وجهي ته هن لاءِ وڏو انعام آهي.“ چنيسر اِها  ڳالهه قبول ڪئي.

جڏهن سوارن جي ٽوليءَ شينهن کي ڳوليندي ڳوليندي هڪ کڏي ۾ کيس ڏٺو، تڏهن چنيسر گهوڙي تان لهي، ٻڪرار واري تلوار هٿ ۾ کڻي شينهن ڏانهن اڪيلو هلڻ لڳو.  هو اڃا  ان کي ٿورو ويجهو ٿيو ته شينهن وڏيءَ جلهه سان وار ڪيو، پر هو ٽپو ڏئي  پاڻ بچائي ويو. ان کان پوءِ وڏي ڦڙتائيءَ سان جادو واريءَ تلوار سان، شينهن کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيائين.

 بادشاهه چنيسر جي بهادري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هن کي کيڪاريندي چيائين ته ”هاڻي  پنهنجو انعام  گهر.“ اتي  چنيسر پنهنجي سڄي  ڳالهه هن کي ڪري ٻڌائي ته ڪهڙيءَ  طرح کيس تخت مليو ۽ ڪيئن سومرن سردارن کيس سنڌ مان لوڌي ڪڍيو. هن رڙ ڪري چيو ته : ”اي دنيا جا رکپال! مون کي انعام پنهنجي سنڌ جي تخت جو موٽي ملڻ جو گهرجي.“ انهيءَ تي علاو الدين ورندي ڏنيس ته ”توکي  اهو ضرور ملندو.“  ان کان پوءِ چنيسر لاءِ سنڌ فتح ڪرڻ جي نيت سان وڏو لشڪر تيار ڪيو ويو.

افغانن جو لشڪر سنڌ ڏانهن روانو ٿيو ۽ جڏهن اهو اتان اچي لنگهيو، جتي اُهو  ٻڪرار رهندو هو، تڏهن ان ٻڪرار جي چوڻ مطابق سندس تلوار چنيسر کي ڇڏي، مالڪ ڏانهن موٽي آئي. چنيسر کي ٿورو افسوس ٿيو، مگر اهو علاو الدين جي لشڪر سان گڏ هليو. آخر علاوالدين جي لشڪر دودي جي شهر،  روپا جي ٻاهران اچي خيما کوڙيا.

جڏهن سومرن سردارن پنهنجي شهر جي ٻاهران هيڏو سارو لشڪر ڏٺو، تڏهن دهلجي ويا ۽ چنيسر جي پٽ ننگر کي سفير بڻائي  موڪليائون ته وڃي بادشاهه کي عرض ڪري ته جيڪڏهن هو پنهنجي لشڪر سميت امن سان اتان ئي واپس دهليءَ موٽي ته سندس لشڪر جي اچ وڃ جو سمورو خرچ ب ڀري ڏنو ويندو ۽ سنڌ جو تخت به چنيسر جي حوالي ڪيو ويندو. بادشاهه اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ورندي ڏنائين ته: ”فقط چنيسر کي تخت تي ويهاريو، مان توهان کان ڪا به ڍل ڪانه وٺندس.“ پر چنيسر جي مرضي هئي ته سندس دشمنن کي وڌيڪ نوايو وڃي. سو چيائين ته:  ”عالم  جا محافظ!  مون کي تخت وٺي ڏيارڻ سان گڏ خود اوهان کي به دودي کان تحفو وٺڻ گهرجي. اوهان کي منهنجي ڀيڻ ڀاڳيءَ جو پاڻ لاءِ سڱ وٺڻ گهرجي ۽ ائين ڪرڻ سان مان سمجهندس ته اسان جي دوستي پائيدار رهندي.“ بادشاهه علاوالدين  چيو ته: ” جيڪڏهن تنهنجي اها مرضي آهي ته آءُ راضي آهيان.“ پوءِ ننگر ڏانهن منهن ڪندي چيائين ته : ”وڃ  ۽ سومرن کي ٻڌاءِ ته مان شهزادي ڀاڳيءَ جو سڱ بادشاهه سان ڪندس، ته جيئن اسان جي دوستي هميشه قائم رهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org