سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 باب:

صفحو :12

شادي جي خوشين کان پوءِ، ٻنهي جوڙن پنهنجو پاڻ آفريد جي حوالي ڪيو، جو چئني کي ساڳيءَ سولائيءَ سان مصر ملڪ ڏانهن کڻي اڏريو. جڏهن هي سڀئي سلامت مصر ڏيهه ۾ لٿا، تڏهن معلوم ٿين ته سندن والدين پنهنجن پٽن کي مئل سمجهي، آسرو لاهي ويٺا آهن. پر پوءِ جڏهن هنن جي آمد جو بادشاهه هاشم  ۽ وزير صالح کي پتو پيو، تڏهن بيحد خوشي ٿين. نهايت وڏي پيماني  تي هنن جو خير مقدم ڪيو ويو، سمورو گڏ ڪيل خزانو غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهايو ويو ۽ هڪ سال جون ڍلون پڻ معاف ڪيون ويون. ان کان پوءِ شهزادو ۽ سندس وفادار  ساٿي، پنهنجي ڪنوارين  سان حياتيءَ جا باقي ڏينهن عيش،خوشي ۽ آرام سان گذاريا.

12- سهڻي ۽ ميهوال

ڪنهن زماني ۾، چناب درياءُ جي ڪناري تي، گجرات شهر ۾ تلو نالي هڪ مشهور ڪنڀار رهندو هو جو ٿانون ٺاهڻ ۾ بي مثال ڪاريگر هو ۽ پنهنجي ڌنڌي مان گهڻي دولت  ڪمائي هئائين. هن کي پڇاڙيءَ ۾ هڪ نياڻي ڄائي، جا نهايت سهڻي ۽ سلڇڻي نينگر هئي. ڇوڪريءَ جي سونهن سوڀيا ننڍي کان ئي اهڙي ته نمايان هئي جو پڻس نالو ئي سهڻي رکيو هو.

انهن ساڳين ڏينهن ۾، بخارا شهر ۾ مرزا نالي هڪڙو دولتمند  سودا گر رهندو هو. جو پٽ جي اولاد نه هئڻ سبب ڏاڍو غمگين گذاريندو هو. هڪ ڏينهن کيس ڪنهن فقير  متعلق  معلوم ٿيو ته هو ڌڻيءَ جو اهڙو پيارو  آهي جو بي اولادن  کي اولاد ڏئي ٿو. اها خبر ٻڌي، هيءُ سوداگر به هڪلي وڃي ان فقير وٽ پهتو ۽ ٻاڏائڻ لڳو ته: اي سائينءَ  جا سنواريا!  منهنجي هيءَ هيتري گڏ ڪيل دولت ڪهڙي ڪم جي ٿيندي، جيڪڏهن مان بي اولاد مري ويندس.“  سوداگر وڏيءَ عمي جو ماڻهو هو، تنهنڪري سندس ٻاڏائڻ  تي فقير  کي رحم اچي ويو، ۽ هن اها خوشخبري ڏنس ته: ”تنهنجي آرزو قبول ٿي وئي،  توکي  هڪ پٽ عطا ٿيندو، پر انهيءَ  خطري کان ضرور  خبردار رهجان، جڏهن تنهنجو پٽ ڪنهن جي عشق ۾ مبتلا ٿيندو، ۽ توکان الڳ ٿي ويندو.“

پٽ ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌي، سوداگر ايترو ته خوش ٿيو جو فقير جي چتاءُ جي ڪا به پرواهه ڪانه ڪيائين. هو بيحد  خوشيءَ ۾ گهر موٽي آيو. الله جي قدرت اهڙي جو ٿورن ڏينهن ۾ سندس پيرسن زال کي پيٽ ٿيو ۽ پوري وقت تي کيس هڪ سهڻو پٽ ڄائو چون ٿا ته سوداگر کي به انهيءَ ڏينهن پٽ ڄائو، جنهن ڏينهن تي تلو ڪنڀر کي سهڻيءَ  نالي بيحد حسين نينگر ڄائي هئي.

هن سوداگر پنهنجي پٽ جو نالو عزت بيگ رکيو ڇوڪري جو ننڍپڻ کان وٺي راڳ ۽ شڪار طرف گهڻو  لاڙو هوندو هو ۽ جوانيءَ  جي عمر تائين هڪ بي مثال  گويو ۽ نالي وارو شڪاري ٿي پيو. هڪ ڏينهن هنن جي شهر ۾ هڪ هندستاني مسافر آيو،  جنهن پنهنجي ملڪ ۽ دهليءَ جي شهر جي خوشحاليءَ  ۽ مغل بادشاهه، شاهه جهان جي انصاف جي ڏاڍي تعريف پئي ڪئي. عزت بيگ هن جي ڳالهين  کان متاثر  ٿي، دهلي ڏسڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ ان لاءِ پيءُ کان اجازت گهريائين، ليڪن پيءُ پٽ کي موڪل ڪانه ڏني. عزت بيگ کي دهلي ۽ مغل بادشاهه ڏسڻ جو ايڏو شوق وڌي ويو، جو هن کائڻ پيئڻ ۽ ننڊ ڪرڻ ڇڏي ڏني. ظاهر آهي ته پٽ جي اهڙيءَ دکدائڪ حالت ۾ ان ماڻهوءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو، جنهن کي سالن کان سڪي سڪي هڪ پٽ ڄائو هجي. عزت بيگ جي هيءَ حالت سندس پيءُ کان ڏٺي ڪانه ٿي ۽ ڇوڪري جي مري وڃڻ جي خوف سببان لاچار کيس هندستان جي سفر  جي اجازت ڏنائين.

پيءُ جي اجازت سان عزت  بيگ پاڻ سان ڪيترا ئي نوڪر ۽ ناڻو کڻي دهليءَ  جي شهر ۾ پهتو. اُتي دربانن کي چڱيون خاصيون سوکڙيون ڏنائين، جن مغل بادشاهه، شاهجهان سان ملاقات ڪرڻ جو شرف ڏياريس. ٿوري ئي عرصي ۾،  عزت بيگ جي دل دهليءَ مان ڍائجي وئي ۽ موٽڻ جي تياري ڪيائين. هو جنهن وقت پنجاب مان لنگهي رهيو هو، ان وقت گجرات جي تلو ڪنڀر جي مشهوري به چوٽ تي پهچي چڪي هئي. عزت بيگ خيال ڪيو ته اهڙي مشهور ڪنڀر جا ٿانو ڇو نه پنهنجي پيءُ لاءِ سوکڙيءَ طور خريد ڪري کڻي وڃي. سو ان ارادي سان گجرات شهر ۾ اچي لٿو. اتان هڪ ڪنڀر کان ٿانون خريدڻ لاءِ پنهنجو هڪ نوڪر موڪليائين، جنهن موٽي اچي عزت بيگ کي ٻڌايو ته: ”سائين، هن ڪنڀر جي ٿانون جي خوبصورتي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي. سبحان الله! اهڙي من موهڻي صورت واري ڇوڪري، مون ساري ڄمار ڪٿي به نه ڏٺي ۽ ٻڌي آهي. سچ پچ اهڙي بي مثال سونهن لاءِ توهان ئي مستحق آهيو.“

 نوڪر کان نينگريءَ جي سونهن جي واکاڻ ٻڌي، عزت بيگ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ انهيءَ  دم نوڪر ساڻ ڪري، ڪنڀر جي دڪان تي چڙهي آيو . ڏسڻ سان عزت بيگ پنهنجي دل وڃائي ويٺو ۽ ان ڇوڪريءَ کي زياده دير تائين ڏسڻ جي مقصد. سان ٿانون جو عزر ڪندو رهيو ۽ سڀ ٿانو ڏسندو رهيو. جڏهن ڇوڪري کيس سڀ ٿانو ڏيکاري چڪي ۽ هن هڪ ٿانو به خريد  نه ڪيو، تڏهن سهڻيءَ کيس چيو ته: ”جيڪڏهن توهان کي ٿانو خريد ڪرڻا آهن، ته آءُ اوهان  کي سڀئي ٿانو ڏيکاري چڪي آهيان، ۽ جيڪڏهن توهان کي مورڳو ٿانو وٺڻا ئي نه آهن ته پوءِ مهرباني ڪري مون کي ڇڏيو، ڇو ته مون کي ٻيو گهر جو ڪم به ڪرڻو آهي.“

سهڻيءَ کي راضي ڪرڻ لاءِ، عزت بيگ ڪنڀر جا سڀ اوچا ۽ مهانگا ٿانو خريد ڪري پاڻ سان کڻي آيو. ان وچ ۾ سوداگر جي پٽ سوچيو ته آءُ سهڻيءَ جي محبت ۾ بُريءَ طرح گرفتار  ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زنده رهڻ لاءِ سواءِ ان ڳالهه جي ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته آءُ گجرات شهر ۾ ئي رهي پوان. پوءِ سهڻيءَ کي روزانو ڏسڻ لاءِ هن ٿانون  جي واپار کي کڻي هڪ بهانو ٺاهيو. شهر ۾ هڪ دڪان  ورتائين ۽ ٿانون وڪڻڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. عشق جو رستو به عجيب آهي، ڇاڪاڻ ته عشق آيو ته عقل موڪلايو.اهڙي طرح، هيءُ سوداگر به ڪنڀر کان مهانگي قيمت تي، ٿانو ان ڪري پيو خريد ڪري، ته جيئن هو راضي رهي ۽ سسي بها تي انهيءَ لاءِ پيو وڪڻي ته جيئن  جلدي جلدي ٿانو وڪرو ٿين ۽ هو ٻين ٿانون  خريد ڪرڻ جي بهاني  سان ڪنڀر جي دڪان تي ويندو  رهي. عزت بيگ جي هيءُ  حالت ڏسي، سندس نوڪر ڊڄي  ويا ته هن نموني سان واپار ڪرڻ ۽ رهڻ جي معنيٰ هيءَ ٿي ته هٿين خالي ٿي وڃڻ کان پوءِ  پنهنجي زندگيءَ ۾ وطن جا وڻ ٻيهر ڪين ڏسبا، تنهنڪري  هڪ رات سڀئي صلاح ڪري، عزت بيگ کان باقي پئسا ڦري، بخارا ڏانهن روانا ٿيا.

ٻئي ڏينهن تي صبح جو، عزت بيگ جي حالت فقيرن جهڙي وڃي ٿي. کيس هڪ پئسو به نه هو، پر پوءِ به هو ٿانون جو واپار قرض تي به ڪندو رهيو. جڏهن ڪنڀر جو قرض ان تي وڌي ويو، تڏهن هن عزت بيگ تي ان جي ادائگيءَ  لاءِ زور بار رکيو. عزت بيگ نوڪرن جي ڦري  وڃڻ وارو  واقعو ڪنڀر کي ٻڌايو  ۽ قرض لاهڻ  لاءِ ڪنڀر وٽ نوڪر ٿي بيهڻ جي آمادگي  ڏيکاري. تلو ڪنڀر انهيءَ تي رضامند ٿيو ۽ عزت بيگ کي پاڻ وٽ نوڪر رکيو. عزت بيگ تي گهر جي ٻُهاري ڏيڻ ۽ درياءَ تان ٿانون لاءِ مٽي کڻي اچڻ جو ڪم هوندو .

ڪنڀر وٽ عزت بيگ ايڏي محنت سان ڪم ڪيو جو ٿوري وقت کان پوءِ  بيمار  ٿي پيو. گهڻيءَ محنت  سان ڪم ڪرڻ ۾ عزت بيگ جو مقصد هيءُ هو ته جيئن ڪنڀر منجهانئس  راضي رهي ۽ کيس نوڪريءَ مان نه ڪڍي. هن جي بيماريءَ  کان پوءِ تلو ڪنڀر کي هن تي قياس آيو ۽ ان کان پوءِ مينهن  چارڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو ۽ کيس ”ميهار“ جي نالي سڏڻ لڳو.

هڪڙي ڏينهن جيئن ميهار مينهون چاري رهيو هو، تيئن  کير لاءِ هن وٽ سهڻي آئي. کير ڏهڻ وقت ميهار پنهنجو سڄو درد جو داستان  سهڻيءَ کي ٻڌايو ۽ پڻس وٽ نوڪر رهڻ جو سبب به بيان ڪيو. ميهار جي هن داستان سهڻي ءَ  تي ايڏو اثر ڪيو جو هوءَ ان وقت سندس سامهون روئي رهي هئي ۽ آخر ميهار وانگر هن به پنهنجيءَ دل کي محبت  جي بيقراريءَ  ۾ تڙپندي محسوس ڪيو.

 ان کان پوءِ، هرروز سهڻي کير جي بهاني سان، ميهار سان ملندي هئي ۽ گهڙي  پلڪ هن جي رهاڻ ۾ گهاريندي هئي. چوندا آهن ته ڀتين کي به ڪن آهن، سو هنن ٻنهي بيقرار دلين جي محبت  جو راز گهڻو  وقت راز نه رهيو ۽ آخر  هنن جي محبت جو راز فاش ٿي پيو. شهر جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ڪنن ۾ سس پس ڪندا رهيا. آخر تلو ڪنڀر جي ڪن  تي به اها ڳالهه وڃي پهتي، جنهن سخت غصي  جي باهه ۾ اچي، ميهار  کي نوڪريءَ مان  ڪڍي  ڇڏيو ۽ باوجود سهڻيءَ جي آهه و زاريءَ ۽ روڄ راڙي جي سندس  سئوٽ سان زبردستيءَ کيس  پرڻائي ڇڏيو. شاديءَ واري رات سهڻي، الله پاڪ جي بار گاهه ۾ زارو زار روئي ٻاڏايو ته منهنجي ميهار سان محبت آهي، تنهن ڪري منهنجي سئوٽ کان منهنجي عزت کي پناهه ۾ رک. قدرت الله جي اهڙي ٿي، جو روزانو رات جو هن نئين گهوٽ کي اهڙي ته ننڊ وٺي ويندي هئي، جو سهڻيءَ  جي پنهنجي پاسي ۾ هئڻ جي ڪا سڌ ئي ڪانه رهندي هئي.

جنهن ڏينهن ميهار کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو ۽ شهر مان تڙيو ويو، تنهن ڏينهن کان هن چناب درياءُ لنگهي، هُن پار وڃي هڪ جهوپڙي ٺاهي ۽ انهيءَ  ۾ ئي رهڻ لڳو.ڏينهن جو پنهنجي جهوپڙيءَ مان ڪُنڀر  جي ڇت ڏسي پيو وقت ڪاٽيندو هو، جنهن ۾ هن  جي محبوبه سهڻي رهندي هئي. سهڻيءَ جي وڇوڙي ۾ ميهار ڏينهن ڏکن ۾ راتيون روئيندي ئي گذاريندو هو، پر جڏهن خبر پيس ته سهڻيءَ جو سڱ سندس  سئوٽ کي ڏنو ويو آهي ته ان کان پوءِ هن جي دل ۾ پنهنجي محبت جي ناڪاميءَ  جي باهه ڀڙڪي اُٿي . هڪ ڏينهن سهڻيءَ ڏانهن خط موڪليائين، جنهن ۾ هن کي بي وفا قرار ڏنائين ۽ گهڻو ئي ننديائين . هن کي ائين به لکيائين ته تون اُن ماڻهوءِ سان بي وفا ٿي آهين، جنهن تنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪيو. پر ميهار سهڻيءَ  کي غلط سمجهيو هو. انهيءَ خط پهچڻ کان پوءِ، سهڻيءَ جوابي خط ۾ ميهار  کي لکيو ته ايندڙ  رات سندس سئوٽ جي گهر جي ڀرسان ساڻس ضرور ملي، جتي  کيس معلوم ٿيندو ته سهڻي بي وفا  آهي يا با وفا.

سهڻيءَ  جي جوابي خط  ميهار ۾ ٻيهر زندگي پيدا  ڪئي.  اُن رات ميهار، چناب ندي تري، سهڻيءَ  سان درياءَ جي ڪنڌيءَ  تي اچي محفل  مچايائين. سهڻيءَ جي مڙس کي خدا اهڙي ننڊ بڇي هئي، جو هو سڄي رات ان ۾ سوگهڙو پيو هو. هنن ٻنهي سڄي رات اُتي گذاري ۽ محبت جي وعدن کي نئون ڪيو. ميهار، سهڻيءَ لاءِ سوکڙي طور پڪل مڇي  آندي هئي، سا به اتي گڏجي کاڌائون ۽ آخر پرهه ڦٽيءَ  مهل ميهار درياءَ ٽپي پنهنجي جهوپڙيءَ  ۾ پهتو.

ان کان پوءِ هر رات، ميهار درياءَ تري، سهڻيءَ سان ملاقاتون ڪندو هو ۽ پاڻ سان هميشه پڪل مڇي آڻيندو هو، جا ٻئي گڏجي کائيندا هئا.

هڪ رات سخت طوفان لڳو ۽ ميربحر مڇي ڦاسائي ڪين سگهيا. ميهار سوچڻ لڳو ته مڇي نه نيڻ واريءَ حالت ۾، سهڻي ڪٿي ائين نه سمجهي ويهي ته مان ڪنجوس  ٿي پيو آهيان يا منهنجي  محبت جي درياءَ ۾ لاٿ اچي ويئي آهي. سو ڇا ڪيائين جو پنهنجي ران جو گوشت جو ٽڪر وڍي پاڻ سان کنيائين. . سندس ڦٽ مان ايترو ته خون وهيو، جو درياءَ ۾ ترندي هو بيهوش ٿي ويو ۽ وڏيءَ تڪيلف سان درياءُ تري، ڪناري تي پهتو، سهني پڻهنجي محبوب جي جسم مان خون وهندو ڏسي، کانئس اُن جو سبب پڇيو، ميهار سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. هي ٻُڌي سهڻيءَ جي دل تي اهڙو گهرو اثر ٿيو ، جو ملاقات ختم ڪرڻ کان پوءِ ميهار کي چيائين ته: ”اڄ کان پوءِ آءُ پاڻ درياءُ تري تو وٽ ايندس ۽ تون مهرباني ڪري وري اهڙي تڪليف نه ڪجانءِ.“ بس، ان کان پوءِ روزانو رات جو سهڻي  درياءُ تري، ميهار وٽ اچي رهاڻيون ڪندي هئي.

ٻي رات سهڻي، وعدي مطابق، پيءُ جو هڪ پڪل دلو پاڻ سان کنيو ۽ اُن جي آڌار تي چناب درياءَ تَري  ميهار  سان اچي ملي ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ وري ساڳئي دلي تي تري، موٽي اچي گهر پهتي.

اهڙيءَ طرح، دلي جي آڌار تي، سهڻيءَ ڪيتريون راتيون درياءُ تريو ۽ سندس وعدي وفائيءَ ۾ ڪا به رنڊڪ پيدا ڪانه ٿي. هن ميهار  سان محبت جون ڪافي راتيون گذاريون. هڪ رات سندس مڙس جي ڀيڻ“ هن کي ڏسي ورتو ۽ پڪو پهه ڪيو ته ڀاءُ جي اهڙيءَ ڪميڻي زال جو ضرور خاتمو آڻڻ گهرجي! هڪ رات درياءَ جي ڪناري تي، سهڻيءَ  جو پيڇو ڪندي، لڪي وڃي ويٺي ۽ سهڻيءَ جي واپس موٽڻ تي، اها جڳهه به ڏسي ورتائين، جتي سهڻي پنهنجو دلو لڪائي رکندي هئي . هوءَ ٻئي ڏينهن منجهند جو اُن جاءِ تي وڃي، پڪي دلي جي بدران، ڪچو دلو رکي آئي ۽ پڪو دلو گهر کڻي آئي.

سهڻي ٻيءَ رات، هميشح وانگر، ميهار جي محبت جي نشي ۾، پنهنجو دلو کنيو. ان رات سخت هوا گهلي رهي هئي، جنهن درياءَ جي موجن ۽ ڇولين ۾ تيزي پيدا ڪري ڇڏي هئي . درياءَ ۾ وڏي دهشت هئي، پر سهڻي  پٺتي هٽڻ واري نه هئي  ۽ دلو هيٺان ڪري درياءَ ۾ ٽپي پئي. وچ سير ۾ ڪچو دلو ڀُري، مٽي ٿي پيو  ۽ سهڻيءَ جو وسيلو ويندو رهيو. گهڻي ئي ٻانهون هنيائين، موجن سان مقابلو ڪيائين، پر آخر سندس ٻانهن ست ڇڏي ڏنو ۽ درياءَ کيس پنهنجي پيٽ ۾ ڳيهي ڇڏيو.

درياءَ جي ٻئي طرف، ميهار سهڻيءَ جو انتظار ڪندو رهيو ۽ آخر انتظار ڪندي ڪندي پرهه ڦٽي ويئي. ميهار کي يقين هو ته سهڻي درياءَ جي دهشت کان ڊڄڻ واري نه آهي ۽ ان جو نه اچڻ ثابت ٿو ڪري ته شايد کيس ظالم درياءَ ٻوڙي ڇڏيو آهي. اهو ويچاريندو ۽ سهڻيءَ  کان سواءِ پنهنجي زندگي زهر سمجهندي، ميهار دانهن ڪري وٺي درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ته: ”سهڻي !آءُ به تو وٽ اچان ٿو.“ ان کان پوءِ ميهار کي وري ڪنهن به ڪونه ڏٺو.

13- شهزادو امل ماڻڪ ۽ شهزادي حسيني

ڪنهن زماني ۾، چين ولايت ۾، هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي لالو سڏيندا هئا. هڪ ڏينهن هن پنهنجي وزير  صيفل  کي سڏايو ۽ چيو ته: ”مون وٽ دنيا ۽ دولت  جي ڪا به ڪمي ڪانهي، پر افسوس جو مون کي اولاد ڪونهي.“ پوءِ وزير کي وڏو خزانو ڏيئي حڪم ڪيائين ته تون پڙهو گهماءِ ته جيڪو به ڌڻيءَ جي درگاهه مان مون کي پٽ  وٺي ڏيندو، انهيءَ کي آءُ پنهنجو خزانو ڏئي ڇڏيندس. اهو حڪم ٻڌي، وزير ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو ڍنڍ ورو ڦيرايو. آخر اهو ڍنڍورو هڪ ڏينهن ڪنهن فقير جي ڪن تي وڃي پيو، جو هلي وزير وٽ ويو ۽ هن کي رک جي چپٽي هٿ تي رکي چيائين ته : ”جيڪڏهن بادشاهه هيءَ  خاڪ جي چپٽي پاڻيءَ جي پياليءَ ۾ وجهي، پنهنجي دل گهريءَ  راڻيءَ کي پياري، ته هن کي خدا جي مهرباني  سان ضرور  پٽ پيدا ٿيندو، پر انهيءَ ڇوڪري جو نالو : امل ماڻڪ، رکجو، جڏهن امل ماڻڪ وڌي جوان ٿيندو ته هن ۾ 33 صفتون هونديون. هو هڪ سياڻو انسان ۽ اعليٰ گهوڙيسوار  ٿيندو. جڏهن تعليم  مڪمل ٿئيس ته بادشاهه کي گهرجي  ته هن کي مون وٽ آڻي حاضر  ڪري.“ وزير بادشاهه جي پاران فقير سان وعدو ڪيو ته جيئن اوهان چيو آهي تيئن ضرور ڪبو. ان کان پوءِ فقير کان چپٽي رک جي وٺي،  بادشاهه وٽ کڻي آيو.

خدا جي مهربانيءَ سان فقير جي اڳڪٿي پوري ٿي. جڏهن ڇوڪرو بالغ ٿيو، تڏهن صيفل وزير بادشاهه کي عرض ڪيو ته: ”بادشاهه سلامت! اوهان جي رضا سان، مان شهزادي کي فقير سان ملائڻ وٺي تو وڃان.“ لالو بادشاهه  اها ڳالهه مڃي ۽ ڪيترائي گهوڙيسوار سپاهي شهزادي سان گڏ موڪليا ۽ ٻه گهوڙا جواهرن سان سنجيل ۽ وڏو خزانو سون ۽ رپي جو ۽ اُچا ويس وڳا پڻ فقير لاءِ سوغات طور وزير هٿان ڏياري موڪليائين.

فقير شهزادي جو چڱو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ آڌيءَ رات جو هن کي جاڳائي  پنهنجو ۽ شهزادي جو ويس مٽائي، هڪ بادشاهه جي ملڪ ۾ وٺي ويو، جنهن کي ”گل  آستان“ چوندا هئا. هو پوءِ پنهنجي رهڻ جو بندوبست  ڪري سارو شهر گهمڻ نڪتا ۽ ڳوليندي آخر  هڪ گهٽيءَ  ۾ پهتا، جتي بادشاهه ٿي رهيو. هنن محلات  جي درين مان ڏٺو ته اهو محلات اندران تمام گهڻو روشن ٿي نظر آيو. فقير شهزادي کي محلات کان تڪڙو وٺي وڃي ها، پر شهزادي هن کي زور ڪيو ته اُتي ٿورو ترسي ته جيئن محلات جي روشنائي جو نظارو چڱيءَ طرح ڏسي سگهي.

اوڏيءَ مهل هڪ ٻانهي ٻه بدلا هڪ سون جو ۽ ٻيو چانديءَ جو، کڻي آئي. شهزادي ۽ فقير کي ڏسي،  چيائين ته: ”توهين ڪير آهيو جو هن وقت رات جو درين مان بادشاهه جي محلات ۾ ليا پائي رهيا  آهيو. بهتر آهي ته توهين هتان جلدي هليا وڃو، نه ته چوڪيدار توهان کي جهلي، بادشاهه وٽ وٺي ويندو  ۽ ڏاڍي سزا ملندو.“

فقير جواب ڏنو ته: ”اي مائي، اسين ڏور ڏيهه کان آيا آهيون ۽ واٽ منجهي پيا آهيون. اسان کي ته خبر به ڪانه هئي ته هي ڪو شاهي محلات آهي. مهرباني ڪري اسان کي ڏس ڏي ته مسجد  ڪٿي آهي، ته اسين وڃي اُتي  آرامي ٿيون.“

ٻانهيءَ جواب ڏنو ته: ”توهان کي  مسجد جو ڪهڙو ضرور آهي؟ اتي ته فقير سمهڻ ويندا آهن، پر توهان ته ڏسڻ ۾ امير ماڻهو ٿا اچو.“

شهزادي وچ ۾ پئي، مائي کان پڇيو ته: ”اي موچاري عورت! خدا جي واسطي ٻڌاءِ ته هيءَ روشني ڇاجي آهي ۽ انهيءَ جي معنيٰ ڇا آهي؟“ ٻانهيءَ جواب ڏنو ته اها روشني  شهزادي حسيني نالي هڪ پريءَ جي حسن جي آهي. هوءَ  پنهنجي غسلخاني ۾ ويٺي آهي ۽ جنهن مهل هوءَ پنهنجا ڪپڙا لاهيندي آهي ته هن جي جسم جي چمڪ ۾ سارو محلات روشن ٿي ويندو آهي.

فقير ۽ شهزادي اها ڳالهه ٻڌي ٻانهيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ موٽي گهر آيا، جتي پنهنجي منزل  ڪئي هئائون. رستي تي، شهزادي عرض ڪيو ته: ”اي بزرگ سائين!  ”توهان جي علم ۽ عقل  جي ته حدئي  ڪانهي. مان وينتي ٿو ڪريان ته مون کي انهي پري  شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪرايو.“ فقير وراڻيو ته: ”منهنجا  پٽ! خدا اڳ ۾ انهيءَ جي ٻانهن توکي ڏئي ڇڏي آهي.“

ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادي فقير کان گهر موٽي هلڻ جي اجازت گهري. هن گهر پهچي پنهنجي پيءُ بادشاهه کي عرض ڪيو ته: ”بابا سائين! مهرباني ڪري منهنجي شادي حسيني  پريءَ سان ڪرايو، جا هڪ نهايت عجيب محلات ۾ ٿي رهي ۽ هن جي سونهن ۽ سوڀيا جي ڪا حدئي نه آهي. انهيءَ کان پوءِ هو بادشاهه کي تفصيل  سان ٻڌائڻ ويٺو  ته جڏهن هوءَ وهنجڻ ٿي ويهي تڏهن سندس جسم جو حسن اونداهيءَ رات ۾ به محلات کي ورشن  ڪيو ڇڏي. بادشاهه تنهن تي چيس ته: ”منهنجا پٽ! منهنجي تمنا آهي ته تون پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪر، مگر شهزادي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي بي صبريءَ سان جواب ڏنو ته: ”مان  يا ته شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪندس، يا ته ساري ڄمار ڪنهن سان به شادي ڪونه ڪندس. جيڪڏهن توهان مون کي آڏو ايندا ته مان هميشه لاءِ توهان کي ڇڏي هليو ويندس. بادشاهه نرميءَسان جواب ڏنس ته: ”منهنجا پٽ! اجايو ڇوٿو ڪاوڙجين، جيڪڏهن تون هن جي عشق ۾ ڦاٿل آهين ته مان بيشڪ توکي شهزادي حسينيءَ سان شادي ڪرائيندس.“

تنهن کان پوءِ صيفل وزير کي بادشاهه حڪم ڏنو ته وڃي گلستان بادشاهه کان سندس ڌيءَ حسينيءَ جو سڱ گهري. وزير، بادشاهه جي ملڪ ۾ ويو ۽ گلستان  کي وڃي چيائين ته جيئندا قبلا! لالو بادشاهه منهنجي آقا، توهان جي نياڻيءَ شهزادي حسينيءَ جي ٻانهن جي گهر پنهنجي پٽ شهزادي امل ماڻڪ لاءِ ڪئي آهي.“

بادشاهه گلستان جواب ڏنو ته: ”توهان ڀلي ڪري آيا، پر منهنجي ڌيءَ هاڻي عاقل بالغ آهي، مون کي هن کان ضرور پڇڻ گهرجي ته هوءَ راضي آهي يا نه. جيڪڏهن هوءَ راضي آهي ته مان هن کي ڪونه روڪيندس.“

پوءِ بادشاهه گلستان، شهزادي حسينيءَ وٽ ويو ۽ لالو بادشاهه جي آڇ جو احوال  ٻڌايائينس، جنهن تي هن جواب ڏنو ته ”بابا سائين، مان اوهان کي پنهنجو ڪعبو  ۽ قبلو ٿي سمجهان، مان شهزادي سان هڪ شرط تي شادي ڪرڻ لاءِ  تيار آهيان ته اسين ٻئي ڌار ڌار محلاتن ۾ رهنداسون. جيڪڏهن هن کي مون سان ڳالهائڻو هوندو ته هو ٻانهيءَ کي چوندو ۽ اها جڏهن مون کان اجازت وٺندي، تڏهن مون سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.

بادشاهه شهزاديءَ جو شرط وزير کي ٻڌايو، جنهن ٿورو سوچي جوا ب ڏنو ته: ”چڱو ، مون کي شهزاديءَ پاران اهو شرط قبول آهي.“  هن دراصل ائين سمجهيو ته شادي ڪرڻ کان پوءِ شهزادي انهيءَ شرط تي ڪو به ضد ڪونه ڪندي.  پوءِ وزير اهو جواب وٺي موٽي بادشاهه وٽ پهتو ۽ کيس سارو احوال ڪري ٻڌايائين.

لالو بادشاهه، شهزادي کان پڇيو ته: ”شهزاديءَ جي انهيءَ شرط تي هلي سگهندين؟“ شهزادي جواب ڏنو ته: ”مان ڇا ڪريان، وزير ته اڳ ئي اهو قبول ڪري آيو آهي.“

ان کان پوءِ لالو بادشاهه وڏيون تياريون ڪيون ۽ پنهنجي پٽ کي وڏي شان شوڪت سان گلستان جي ملڪ ۾ موڪليائين،  جتي هن جو ڏاڍو آدرڀاءُ ٿيو ۽ حسيني سان هن جي شادي ڪرائي وئي. ڪجهه ڏينهن خوشيون ۽ جشن جاري رهيا ۽ انهيءَ کان پوءِ شهزاديءَ کي پنهنجي پيءُ  جي ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڳ ۾ ڪيل وعدي مطابق  ڌار ڌاري محلات ۾ رهڻ لڳا ۽ جڏهن شهزادي ۽ شهزاديءَ کي پاڻ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪرڻي هوندي هئي ته ٻانهيءَ جي معرفت  ڪندا هئا، جا هنن جا نياپا هڪڙي محلات کان ٻئي محلات  تائين کڻي ويندي هئي.

هڪ ڏينهن شهزادو امل ماڻڪ شڪار تي نڪتو ۽ هن سان گڏ ٻيا سوار ڪافي اڳتي نڪري ويا ۽ هڪڙي نيري ڍڳي  کي نيزي جو نشانو ڪيائون، ۽ جڏهن شهزادو شڪار ڪري گهر ڏانهن موٽيو ٿي ته رستي تي پنهنجي ماڻهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪندو ٿي آيو ته هن کي هڪ فقير گڏيو جنهن هن کي چيو: ”شهزادا سائين! مون کي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي.“ شهزادو، فقير کي هڪ گهوڙي  تي چاڙهي پنهنجي محلات ۾ وٺي آيو. اتي پهچڻ کان پوءِ هن کان پڇيائين ته: ”اي بزرگ سائين! توهان کي مون سان ڪهڙي ڳالهه ڪرڻي آهي.“

فقير جواب ڏنس ته: ”شهزادي حسيني، جنهن سان تو شادي ڪئي آهي، اها هڪڙي ديو سان عشق ۾ ڦاٿل آهي، باغيچي ۾ رهندو آهي، انهيءَ باغيچي کي بستي باغيچو چوندا آهن، هر وسپت جي ڏينهن شهزادي ”حسيني پپر جي وڻ ۾پنهنجي ٻانهين سميت اڏامي ”بستي باغيچي“ ۾ پهچائي ڇڏيندو آهي. مان توکي جادوءَ  جي هڪ ٽوپي ڏيندس، جا توکي پائڻ کان پوءِ ماڻهن جي نظر کان الوپ ڪري ڇڏيندي، تون انهيءَ ٽوپيءَ کي پائي ايندڙ خميس ڏينهن شام جو شهزاديءَ  جي محلات ۾ وڃج، هوءَ انهيءَ وقت وهنجندي آهي ۽ وهنجڻ کان پوءِ هوءَ هڪڙي غاليچي  تي ويهي ۽ پنهنجا سون ورنا  وار سڪائيندي آهي. تون به انهيءَ غاليچي تي هن جي ڀر ۾ ويهي رهج، هوءَ توکي ڪانه ڏسي سگهندي. وارن سڪائڻ کان پوءِ هوءَ قيمتي  زيورن سان پاڻ کي آرائسته ڪندي ۽ مشڪ عطر سان پاڻ کي معطر ڪندي. ٻانهن ۾ چوڙيون ۽ پيرن ۾ پازيب ۽ عاليشان پوشاڪ پائي تيار ٿيندي. انهيءَ  کان پوءِ پنهنجي کاڌي  لاءِ حڪم ڪندي ۽ ماني  هن جي اڳيان رکي ويندي.  هوءَ مانيءَ کي هٿ لائي تنهن کان اڳ تون سموري ماني کائي ختم ڪري ڇڏج. جڏهن هوءَ پنهنجي  اڳيان کاڌو نه ڏسندي، تڏهن بورچيءَ کي سڏ ڪري چوندي ته: ”منهنجي ماني جلدي کڻي اچ.“  بورچي جواب ۾ چوندس ته : ”اسين هميشه توهان جي بچيل کاڌي  مان ڏهه ٻارهن ڄڻا  کائي ويندا آهيون، پر اڄ اوهان سفيد ديو جي ملاقات جي خوشيءَ ۾ سمورو  کاڌو کائي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ هاڻي ٻيو ٿيون طلب ڪريو. حسيني، بورچيءَ جي حاضر جوابي تي اهڙي شرمندي ٿيندي جو چوندي ته چڱو  ڀلا تڪليف نه ڪر، مون کي پپر جو وڻ آڻي ڏي، هاڻي انهيءَ کان اڳ جو هوءَ وڻ تي چڙهي، تون غاليچي تان اٿي وڻ تي چڙهي وڃج. شهزادي پنهنجي سرتين سان انهيءَ تي چڙهندي ۽ هن جي طلسم سان پپر جو وڻ هنن کي کڻي ست سمنڊ  پار ڪري سفيد ديو جي باغيچي ۾ پهچائيندو. اتي پهچڻ تي تون سڀني جي پٺيان هجج، ته جيئن ڀل ٻيا سڀ لهي وڃن ۽ توکي آخر ۾ لهڻ جو موقعو ملي. پوءِ سفيد ديو هنن کي کيڪاري پنهنجيءَ محلات ۾ وٺي ويندو جتي ٻيون سئو کن پريون پيون ناچ ڪنديون هونديون. سفيد ديو  حسينيءَ کي چوندو ته: ”جيڪڏهن تون اڄ هنن سئو پرين بدران ناچ ڪندينءَ  ته مان توسان ايندڙ خميس تي شادي ڪندس.“ شهزادي انهيءِ آڇ تي راضي ٿي ويندي ۽ ناچ جو گهگهرو پائي ديو جي اڳيان نچڻ لڳندي. جڏهن هوءَ ناچ ختم ڪندي ته ديو هن کي نو لکو هار ڏيندو. پوءِ تون اهو هار چورائي پنهنجي سٿڻ جي ور ۾ لڪائي ڇڏج. وري جڏهن ٻيهر  نچندي ته ديو کيس جواهرن جو چوغو ڏيندو، تون اهو به چورائي پنهنجي چيلهه سان ٻڌي ڇڏج. وري ٽيون دفعو به نچندي ۽ ديو هن دفعي هن کي نو لکي نٿ ڏيندو، اها به چورائي اڳٺ ۾ ٻڌي ڇڏج، ۽ پوءِ پپر جي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃج. ٿوريءَ دير بعد شهزادي ديو کي خدا حافظ چوندي ۽ پنهنجي ساهيڙين  سان گڏجي وڻ تي چڙهندي . پپر توهان سڀني کي کڻي آڻي توهان جي شهر ۾ پهچائيندو، اتي وڻ تان لهي پنهنجي محلات  ڏانهن وڃج. شهزادي ۽ هن جون سرتيون پنهنجي گهر وينديون ۽ شراب پي انهيءَ ۾ الوث ٿي سمهي پونديون ۽ سج چڙهئي اٿنديون. شهزادي جڏهن هار، جواهرن سان جڙيل چوغو ۽ نٿ جيڪي ديو هن کي انعام طور ڏنا هئا نه ڏسندي ته ٻانهين کي ڌمڪائيندي  ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندي، مگر ٻانهيون صاف اظهار ڪنديون ته اسان کي انهن شين جو ڪو  به علم ڪونهي ۽ پنهنجي معصوميت جي اقرار کان پوءِ، شهزاديءَ کي مشورو ڏينديون ته هوءَ توهان وٽ اچي. هوءَ انهيءَ مشوري تي راضي ٿيندي  ۽ سڀني سان گڏجي تو وٽ محلات ۾ ايندي، جڏهن تون هن کي ايندو ڏسين تڏهن منهن تي چادر وجهي کونگهرا هڻڻ شروع ڪج، شهزادي لڪي تنهنجي هنڌوٽ ايندي، ۽ ائين وسهندي ته تون سچ پچ سمهيو پيو آهي ته اهو موقعو تولاءِ نهايت موزون آهي. پوءِ تون يڪدم هنڌ مان ٽپ ڏيئي، شهزاديءَ کي جهلي هن جا پر وڍي وٺج، جنهن کان پوءِ هوءَ اڏامڻ کان بيڪار بنجي هميشه لاءِ تنهنجي ٿي رهندي.

ٻيءُ خميس تي، شهزادي امل ماڻڪ ائين ڪيو، جيئن فقير هن کي صلاح ڏني هئي. هن اها آلوپ ٽوپي پاتي ۽ شهزادي حسينيءَ سان گڏجي پپر جي وڻ تي ديو جي محلات ۾ وڃي، موٽي آيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو، شهزادي حسيني پنهنجن ٻانهين سان گڏجي شهزادي وٽ وئي، شهزادو مکر ڪري کونگهرا هڻڻ لڳو، شهزاديءَ نرمي سان چيو ته اهو به زمانو هو، جڏهن تون مون سان ڳالهائڻ لاءِ سڪندو هئين ۽ هاڻي جڏهن مان تو وٽ آئي آهيان ته تون پيو کونگهرا هڻين. شهزادو هن جي اکرن تي موهجي پيو ۽ هڪدم چيائين ته مون هڪ خواب ٻئي لڌو. اهو جواب ٻڌي، شهزاديءَ  زور ڀريس ته مهرباني ڪري مون کي پنهنجو خواب ٻڌاءِ . شهزادي وراڻيو ته مون خواب ۾ ڏٺو ته تون وهنجي پنهنجا سونهري وار پيئي سڪائين ۽ سڪائڻ کان پوءِ تو اُچا  ڪپڙا ۽ زيور پاتا تنهن کان پوءِ پنهنجي لاءِ مانيءَ جي گهر ڪئي ۽ مان جو تنهنجي ڀر ۾ ويٺو  هوس، سو سموري ماني کائي ختم ڪري پيو ڇڏيان، پوءِ مان، تون ۽ تنهنجون ٻانهيون سڀ پپر جي وڻ تي چڙهي ٿا ويهون ۽ وڻ هوا ۾ اُڏائي اسان سڀني کي کڻي ”بستي باغيچي“ ۾ آڻي ٿو پهچائي، جتي سفيد ديو ٿو رهي، انهيءَ ديو توکي پنهنجي اڳيان ناچ ڪرايو ۽ انهيءَ توکي هڪ هار، هڪ موتين جڙيل چوغو ۽ نولکي نٿ ڏني، اهي ٽيئي شيون تو منهنجي حوالي ڪيون، جي هينئر به مون وٽ موجود آهن.“

”منهنجا شهزادا“ نهايت ئي نرم لهجي ۽ شهزاديءَ چيو: ”مهرباني  ڪري اهي سمورا  زيور مون کي موٽائي ڏي.“ ”مگر هي ته رڳو هڪ سپنو هو.“ شهزادي کلي چيو: ”ڪيئن توکي موٽائي ڏيان.“

شهزاديءَ بيحد ليلايو ۽ ڳراٽڙيون پاتائين ۽ اٽڪل سان ريهي ريبي شهزادي کي اهڙو نرم ڪري وڌائين، جو نيٺ هن ديو جون ڏنل سوکڙيون ڪڍي ڏيکاريس. شهزادي جهٽ هڻي، هن جي هٿ مان ڦري هوا ۽ اُڏامي غائب ٿي ويئي.  اهو حال ڏسي، وڏيءَ مايوسيءَ  ۾ گهيرجي ويو. آخر شهزادي جي مايوسيءَ جي خبر فقير جي ڪنن تي وڃي پهتي، ۽ هو هڪدم وٽس هلي آيو ۽ چيائيس ته: ”جيئن مون توکي چيو هو، تو ائين نه ڪيو، جڏهن تو هن جا پَرَ  ڪپيا ته ڇا ٿيو؟“ شهزادي ارمان مان جواب ڏنو ته: ”ته، مون کان هن جا پَرَ  ڪپڻ وسري ويا ۽ هوءَ هڪدم اڏامي هلي وئي. مهرباني ڪري هاڻي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان؟  فقير جواب  ڏنو ته:”تنهنجي پيءُ جي طنبيلي ۾ هڪ سامونڊي گهوڙو آهي سان جڙيل سنج وجهه، لغام ۽ خرزين  ۾ هيرا ۽ موتي ڀرينس،  ۽ پوءِ واسريءَ  ۾ ٽن مهينن جي سفر جيتري رقم وجهي ۽ سفيد ديو جي تلاش ۾ نڪري پو.“

شهزادي، فقير جي چوڻ موجب ڪيو. هو پيءُ جو سامونڊي گهوڙو سنجي، سوار ٿي نڪتو  ۽ ست سمنڊ لتاڙي،  آخر هڪ وڏي جهنگ  ۾ اچي نڪتو. ٻيلي ۾ هن هڪ شينهڻ  ڏٺي، جا هڪ وڏي ڪنڊي لڳڻ ڪري منڊي ٿي پيئي هئي، هن جڏهن شهزادي کي ڏٺو تڏهن کيس سڏ ڪري چيائين: ”اي انسان جا ٻچڙا! خدا جي واسطي منهنجي پير مان هيءُ ڪنڊو ڇڪي ڪَڍُ “ شهزادي جواب ڏنس ته: ”مون کي خطرو آهي ته جيڪڏهن مان توکي ويجهو ايندس ته تون مون کي ماري وجهندينءَ.“ پوءِ شينهڻ يقين ڏنس ته:”حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم منهنجو شاهد آهي ته مان توکي ڪو به ايذاءُ نه رسائيندس.“

اهو جواب ٻُڌي، شهزادو گهوڙي تان لٿو ۽ الله جو آسرو ڪري، شينهڻ  جي ويجهو وڃي، هن جي پير مان ڪنڊو ڪڍيائين. شينهڻ سور کان گجگوڙ ڪئي، پر شهزادي کي ذرو به ڪونه ايذايائين. هن جي گجگوڙين تي، سندس ٻيئي ٻچا  ڊوڙي ويجهو آيا ۽ ڪاوڙ مان چوڻ لڳا ته : ”آدم جا ٻچا! توکي ڪهڙي کٽيءَ کنيو آهي جو اسان جي غار ۾ گهڙي، اسان جي ماءُ کي ايذاءُ پهچائين ٿو؟“  مگر شينهڻ هنن کي تسلي ڏني ته ائين نه آهي. هن ته پاڻ مون کي وڏي درد کان ڇُٽايو آهي. انهيءَ ڀلائيءَ جي عيوض ۾، مان توهان ٻنهي کي هن جي حوالي ٿي ڪريان ته توهان هن جا خادم ٿي رهو ۽ هن کي جننن ، ديون، پرين ۽ ٻين خوفناڪ جانورن ۽ نانگن کان حفاظت ۾ رکجو، هن کي کاڌي لاءِ هرڻ ۽ ڦاڙها ماري ڏجو. نه رڳو ايترو، مگر ضرورت وقت هن جي جان جي حفاظت خاطر پنهنجي جان قربان ڪرڻ ۾ به اصل نه ڪيٻائجو.“

شينهڻ جي ٻچن ماءُ جي حڪم پوري ڪرڻ جو وعدو ڪيو ۽ شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. شهزادو جڏهن سامونڊي گهوڙي تي سوار ٿي هلندو هو، تڏهن شينهڻ جا ٻيئي، ٻچا سندس بچاءَ ۾ ٻنهي پاسن کان گهوڙي جي رفتار سان ٻٽ هلندا هئا.

هلندا هليا، آخر هو هڪ ڏينهن هڪ وڏيءَ ڍنڍ وٽ اچي پهتا، جنهن جي ويجهو هڪ محلات هو، جنهن جي در وٽ ڪي سون ۽ چانديءَ جا ڏاڪا  هڪٻئي پٺيان پاڻيءَ جي ڪناري تائين ٿي پهتا. شهزادي، شينهن کي چيو ته هي محلات  ضرور ڪنهن پريءَ جو هوندو. شينهن نهايت نوڙت سان شهزادي کان ان محلات ۾ اندر وڃڻ جي اجازت گهري.

شهزادي گهوڙي تان لٿو. گهوڙي کي وڻ سان ٻڌي، ڏاڪا چڙهيو. هڪ شينهن سندس اڳ ۾ هو ۽ هڪ پٺيان جڏهن شهزادو محلات جي در مان اندر گهڙيو ته هڪ سهڻي ڇوڪري، شهزاديءَ جي  لباس ۾ اندرئين ڪمري ۾ ڏٺائين. شهزاديءَ اُتي يڪدم دروازو بند ڪيو. ”در کول.“ شهزادي  وڏي آواز ۾ کيس چيو. مگر ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته: ”هتان ڀڄي وڃ، جيڪڏهن پنهنجيءَ جان جو خير گهرندو هجين. ديو هاڻي هتي پهچڻ وارو آهي.“ شينهن رڙ ڪري ڌمڪي ڏنيس ته: ”جيڪڏهن تو دروازو نه کوليو ته اسين ان کي ڀڃي  تختو تختي کان جدا ڪري ڇڏينداسون.“ پوءِ شهزاديءَ  جواب ڏنو: ”چڱو ڀلا!“ ائين چئي هن دَرُ کوليو ۽ اندرئين ڪمري مان نڪري، ٻاهر ورانڊي ۾ هڪ ڪوچ تي ٿي ويٺي. شهزادو سندس ڀر ۾ ٿي ويٺو. ڇوڪريءَ پڇيس ته: ”اي جوان، توکي ڇا گهرجي؟“  شهزادي جواب ڏنو ته: ”مان شهزادي حسينيءَ کي ڳولي رهيو آهيان. هوءَ منهنجي زال آهي ۽ مون وٽان ڀڄي، سفيد  ديو وٽ، هن جي ملڪ ۾ وڃي لڪي آهي.“ ڇوڪريءَ ٻڌايس ته: ”ادي حسيني  ته منهنجي ڀيڻ آهي.“ پوءِ دور بيني هن جي هٿ ۾ ڏئي، چيائين ته: ”هو ڍنڍ  جي ڪناري تي پپر جو وڻ توکي ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟  اڄ خميس جي رات آهي، حسيني سڀاڻي  صبح جو پنهنجي ٻانهين سان گڏجي  ايندي ۽ هو انهيءَ ڍنڍ  ۾ ڪپڙا لاهي تڙڳنديون. جنهن مهل هو پاڻيءَ  ۾ اندر گهڙنديون، ان وقت تون حسينيءَ جا ڪپڙا کڻي وٺج، پوءِ هوءَ تنهنجي رحم ۽ ڪرم جي محتاج ٿي پوندي.“

ائين چئي ڇوڪريءَ، شهزادي کي موڪل ڏني. ٻيئي شينهن ۽ شهزادو گڏجي  ڍنڍ جي ڪپ تي، پپر جي وڻ هيٺان وڃي پهتا، جتي شينهن ، شهزادي کي آرام ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ پاڻ ٻيئي چوڪيءَ تي ٿي بيٺا، شهزادي کي جلدي ننڊ کڻي وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org