سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 باب:

صفحو :4

بدقسمتيءَ  سان مومل ۽ راڻي جي محبت جو قصو مومل جي ماءُ جي ڪَنن تائين  پهتو ۽ مومل جي ڀيڻ سومل  کي به اها خبر پئجي ويئي. ماءُ کي پنهنجي ڌيءَ  جي بدناموسيءَ جو گهڻو ارمان ٿيو، مگر سومل کي پنهنجيءَ ڀيڻ مومل جو راڻي سان عشق ۾ آڙجڻ ۽ پنهنجي ڪاروبار (شهزادن کي ڦاسائڻ ۽ دولت  حاصل ڪرڻ) کي ترڪ ڪرڻ جو وڏو افسوس ٿيو . هن سوچيو ته هاڻي پيءُ جي وڃايل خزاني جو پورائو نه ڪري سگهبو. آخر مومل  جي محلات ۾ ويئي ۽ هن کي  مڪريلي نموني جو پيار ڏيکاري ساڻس  گڏ سمهي پئي، رات جو جڏهن مومل کي ننڊ کڻي ويئي، تڏهن سومل پلنگ تان اُٿي، مرداڻه ڪپڙا پهري وري اچي هن جي پاسي ۾ ليٽي پئي.

هوڏانهن راڻو پنهنجي تيز اُٺ تي اونداهي رات ۾ پنهنجي محبوب  ڏانهن پئي ويو. واٽ تي هن کان رستو وڃائجي ويو. اوچتو هڪ اوٺيءَ تي نظر پوندي کانئس مومل جي محلات جو ڏس پڇيائين. حقيقت هيءَ هئي  ته اُهو اوٺي خود سومل جو موڪليل هو ۽ راڻي جو انتظار ڪري رهيو هو. هو چوڻ لڳو ”اُها  مومل،  جا راجا نند جي ڌيءَ  آهي ۽ سيتل جي ساهيڙي آهي؟“  ائين چوندي، راڻي کي رستو ڏيکاريائين. راڻي اِهي لفظ هڪ ڪَن کان ٻُڌي ٻئي کان ڪڍي ڇڏيا، ڇو ته کيس  مومل جي محبت ۽ وفاداريءَ تي يقين هو. راڻو محلات ۾ پهچي ويو ۽ ماڙيءَ تي چڙهي، مومل جي ڪمري جي در کوليائين. ڇا ڏسي ته هن جي ڀر ۾ هڪ مرد سُتو  پيو آهي. اوڏيءَ مهل واٽ تي گڏجندڙ اوٺيءَ واري ڳالهه ذهن تي تري آيس.

راڻي کي اول ته اهڙو جوش آيو، جو چاهيائين ته تلوار  جي هڪ ئي ڌڪ سان ٻنهي کي اُتي  جو اتي چورو ڪري ڇڏي،  پر پوءِ جڏهن مومل جي من موهيندڙ پيشانيءَ  تي نظر پيس، تڏهن ٿڌو ٿي ويو. هن پنهنجي اُٺ کي هڪلڻ وارو لڪڻ مومل جي پاسي ۾ رکيو ۽ ڏاڪڻ تان آهستي آهستي لهي، اُٺ تي سوار  ٿي عمر ڪوٽ واپس پهتو.

صبح جو مومل جڏهن ننڊ مان سجاڳ ٿي، تڏهن پنهنجي پاسي ۾ راڻي جو لڪڻ پيل ڏٺائين. ٻاهر نڪري ڏٺائين  ته اُٺ جي اچڻ ۽ وڃڻ جا پيرا به موجود هئا. سمجهي وئي ته راڻو رات آيو هو ۽ مومل کي منهنجي پاسي ۾ ستل ڏسي، بيوفا  سمجهي موٽي هليو ويو. سڄي ڏينهن جي انتظار کان پوءِ  مومل هن ڏانهن ليلائي نياپو ڏياري موڪليو ته ”ڀلائي ڪري موٽي مون وٽ آءُ. تو جنهن ماڻهوءَ کي مون سان گڏ ستل ڏٺو هو، اُهو ڪو مرد ڪونه هو، پر منهنجي ڀيڻ سومل هئي،“ راڻي انهيءَ قاصد هٿان جواب موڪليو ته : ”مون جيڪي اکين  سان ڏٺو، تنهن تي ڪيئن نه  ويساهه ڪريان؟ ڪا به عورت  مرد جا ڪپڙا پائي ڪانه سمهندي آهي.“ انهيءَ جواب کان پوءِ مومل هڪٻئي پٺيان ڪيئي قاصد موڪليا ته راڻي سان ملي کيس اصلي حقيقت  کان آگاهه ڪريان، مگر راڻي کي ويساهه  نه آيو، سو نه آيو. آخر راڻي قاصد هٿان  اهو جواب ڏياري موڪليو ته ” مومل کي وڃي چئو ته مان توکي هرگز معاف نه ڪندس، توڙي کڻي تون منهنجي در تي ڪيترو به ليلائي اچي معافي گهرين.“

جڏهن قاصد اهو نياپو مومل کي اچي ڏنو، تڏهن ٻڌڻ شرط مومل جي دل کي سخت صدمو رسيو، پر پوءِ همت ڪري، مرداڻا گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائي ۽ ڪشتو هٿ ۾ کڻي در در سئن هڻندي اچي عمر ڪوٽ پهتي. انهيءَ ئي  ڏينهن  پتا پار پڇي اچي  راڻي جي دروازي تي سئن هنيائين. هڪ درد يلي آواز واري سئن ٻڌي، راڻو ٻاهر نڪتو. فقير کي مرداڻا ڪپڙا ڏسي سڃاڻي ڪونه سگهيو، پر هن جي موهيندڙ مهانڊي تي موهت ٿي پڇيائين ته” فقير! توهان ڪٿان آيا آهيو؟ ڪڏهن کان سنياسيءَ  ٿيا آهيو؟ اصل کان انهيءَ حالت ۾ هئا يا دنيا  کان بيزار ٿي ڪنهن ساڌوءَ  جي سنگت  ۾ هيءَ روپ ورتو اٿو؟“ سنياسيءَ 

Text Box: مومل


 

جواب ڏنو ته” ڪنهن ساڌوءَ جي سنگت   ۾ هيءَ روپ ڪين ورتو اٿم، پر دُکي سنسار جا ئي ڪرشما آهن، جنهن هيءَ ماڳ ڏيکاريو آهي.“ راڻو هن جي جواب کان تمام گهڻو  متاثر  ٿيو ۽ نهايت دل جي محبت سان چيائين ته ”سيلاني، ٻه چار ڏينهن اسان  کي پنهنجيءَ خدمت جو جيڪر  موقعو ڏين ته تنهنجا وڏا لائق ٿيندا.“ مومل ته پنهنجي دل ۾ ڌڻيءَ کان اهوئي سوال ٿي گهريو، سو سواءِ ڪنهن رد ڪد جي هڪدم ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪيائين.

ٻن چئن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ، هڪ ڏينهن راڻي سنياسيءَ  کي ڍاري راند جي آڇ ڪئي ۽ کانئس راند جي هارجيت جا شرط پڇيائينس . سنياسيءَ وراڻي ڏني ته: ” جيڪڏهن مون کٽيو ته مان توهان وٽ هميشه لاءِ ترسي پوندس، پر جي هاريم ته سڀاڻي هتان هليو  ويندس.“ راڻي کلندي جواب ڏنو ته: ”جيئن توهان جي مرضي.“ ائين چئي ٻئي ڄڻا راند تي ويهي رهيا. راڻو پنهنجو وارو هليو ۽ جيئن ئي مومل جو وارو آيو ۽ ڍاري کڻڻ لاءِ پنهنجو هٿ ڊگهيريائين، تيئن هن جي ٻانهن اگهاڙي ٿي پيئي ۽ بدقسمتيءَ  سان ٻانهن وارو تر، جو راڻي جو ڏٺو هو، ظاهر ٿي پيو. اتي کڙو ٿيو. مومل ڄاڻي ويئي ته راز ظاهر ٿي پيو. پوءِ ته مومل راڻي کي راضي ڪرڻ لاءِ آزين ۽ نيزارين ۾ ڪا به ڪوتاهي ڪانه ڪئي، پر راڻي جي دل تي ڪو به اثر ڪونه ٿيو، ۽ هو پنهنجي ضد تي قائم رهيو.

مومل دل شڪسته ٿي شهر کان ٻاهر نڪتي، هن سوچيو ته هاڻ هن زندگيءَ کان مرڻ بهتر آهي. اهو فيصلو ڪري هڪ چکيا تيار ڪرايائين. اها خبر راڻي جي ڪنن تائين وڃي پهتي ته هڪ سَتي  پاڻ کي شهر  کان ٻاهر چکيا  تي چاڙهي رهي آهي. هن کي يقين ٿيو ته شايد اها مومل هجي، جنهن نااميد ٿي، اهو قدم محبت جي ناڪاميءَ  سببان کنيو آهي. اهو سوچي هن کي سخت ارمان ٿيو ۽ بي اختيار  ٿي دانهن ڪري چيائين ته: ”او مومل! مون توکي معاف ڪيو، آءُ غلطيءَ  تي هوس. مان تنهنجي محبت کي سچو سمجهان ٿو.“ پر هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو. محبت پنهنجي آخري انجام جو فيصلو ڪري چڪي هئي. مومل وراڻيو: ”تنهنجي انهيءَ اقرار کان پوءِ  مون لاءِ هاڻي وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي.“ ائين چئي، هن هڪدم پنهنجو پاڻ مچ ۾ اڇلي وڌو. باهه جو وڏو ڀنڀٽ آسمان کي ڇهي رهيو هو. مومل جو هيءُ انجام ڏسندي، راڻي جو هوش حواس گم ٿي ويو. هن بي اختيار بنجي ڊوڙي وڃي باهه ۾ ٽپ ڏنو. اهڙيءَ  ريت هي ٻيئي عاشق ۽ معشوق، محبت جي آخري امتحان ۾ پنهنجو پاڻ سچو ثابت ڪري، هميشه لاءِ جاودان بنجي ويا.

 4 - راجبالا

راجبالا ويشلپور جي هڪ ٺڪر، پرتابسنگ جي ڌيءَ هئي ۽ ساري ملڪ ۾، سونهن سوڀيا، عقل ۽ سمجهه ۽ جرئت ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هئي. اڃا ننڍڙي ٻار هئي، جو سندس پيءُ  هن جو مڱڻو سوڍي راجپوت، انارسنگ جي پٽ اجيتسنگ  سان ڪري ڇڏيو هو. هي انار سنگ امرڪوٽ تي راڄ ڪندو هو.

انارسنگ هڪ ننڍڙي ملڪ جو راجا هو ۽ جيئن ته هن پاڻ وٽ گهوڙيسوارن جو هڪ لشڪر رکيو هو ۽ انهن جي خرچ  جي پورائي لاءِ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي ڳوٺن  تي ڦرلٽ ڪرائيندو رهندو هو. هڪ ڏينهن سنڌ جي راجا، پنهنجو خزانو هڪ پيدل قافلي  سان ڪنهن طرف روانو ڪيو. اها خبر انارسنگ جي ڪن تي وڃي پئي، جنهن فيصلو ڪيو  ته انهيءَ خزاني کي ضرور لٽجي . ان نيت سان پنهنجي گهوڙيسوارن سان قافلي کي گهيرو ڪري انهن تي حملو ڪيائين، مگر خزاني  جي حفاظت وارا وڏا بهادر ۽ فرض شناس  هئا، ان ڪري وڏيءَ  مردانگيءَ سان مقابلو ڪيائون. انارسنگ جا گهوڙيسوار  ڪي ڀڳا ۽ ڪيترا قيد ٿيا. سنڌ جي راجا کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن انارسنگ کي سيکت ڏيڻ لاءِ، سندس سموري جائداد ضبط ڪري، کيس سندس ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيائين. بدنصيب انار سنگ ڀڄي  وڃي ڪنهن هنڌ پناهه ورتي، جتي آخرڪار غربت ۽ گمناميءَ ۾ مري ويو.

انارسنگ جي موت کان پوءِ هن جي بيوه زال، پنهنجو سارو تن من پنهنجي پٽ اجيتسنگ، جي سنڀال لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. آخرڪار جنهن وقت سندس پٽ ڦوهه جوانيءَ ۾ قدم رکيو، انهي وقت هوءَ گذاري ويئي.  اجيتسنگ پنهنجي مٿي اڪيلو رهجي ويو. پهريائين سنڌ  جي راجا کي منت ڪيائين ته سندس ملڪ موٽائي ڏئي، پر راجا انڪار ڪري ڇڏيو . تنهن کان پوءِ هن کي پنهنجي مڱيندي، راجبالا، جو خيال آيو ۽ هڪ عزيز کي ٺاڪر پرتابسنگ ڏانهن موڪليائين ته  وڃي هن کي چوي ته پنهنجو وعدو پورو ڪري ۽ پنهنجي ڌيءَ هن کي پرڻائي ڏئي.

جڏهن اجيتسنگ  جو ماڻهو، ويشلپور پهتو، انهيءَ وقت راجبلا سورهن سالن جي هئي ۽ هوءَ پنهنجي ننڍيءَ عمر ۾ ٿيل مڱڻي بابت پئي سوچيندي هئي. جڏهن خبر پيس ته هو هينئر هڪ وڏو بهادر  ۽ سهڻو جوان آهي، تڏهن هن کي انهيءَ  ڳالهه جي ڪابه پرواهه نه رهي ته هو هينئر دنيا ۾ سڀڪجهه  وڃائي ويٺو آهي. راجپوت لاءِ تلوار کان وڌيڪ ٻي ڪا به دولت ڪانه ٿي ٿي سگهي، سو جڏهن اجيتسنگ  جو قاصد ويشلپور آيو، تڏهن راجبالا کيس چوائي موڪليو ته آءُ هر حالت ۾ تنهنجي  آهيان،  پوءِ ڇا به ٿئي ۽ جيڪڏهن  منهنجي پيءُ  شاديءَ کان انڪار ڪيو ته آءُ ٻئي ڪنهن سان به شادي  ڪانه ڪنديس.

ٺاڪر پرتابسنگ  جواب ۾ چيو ته” مان راجبالا جو سڱ  ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، مگر مون کي اها پڪ ڏئي ته هو مون تي ڪين ڀاڙيندو ۽ ٻيو شرط هيءُ آهي ته پاڻ سان 20 هزار رپيا کڻي اچي ته راجبالا جو سنڱ کيس ڏيندس“.

قاصد  ٻئي نياپا کڻي  اچي اجيتسنگ  کي پهچايا. هو راجبالا جو نياپو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، مگر ٺاڪر  جو شرط ٻڌي پريشان ٿيو. 20 هزار  ته ٺهيو، پر 20 رپيا به هن وٽ  پونجي ڪانه هئي ۽ انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ڪجهه عرصو غلطان رهيو. پر آخر هن کي جيسلمير  جي هڪ شاهوڪار صراف  جي يادگيري آئي، جنهن سان هن جو پيءُ اڪثر وهنوار رکندو هو. هو جيسلمير ويو ۽ صراف کي پنهنجي ڪهاڻي  ٻڌائي، هن کان 20 هزار رپيا اُڌارا گهريائين. ٻڍو صراف ڳچ دير تائين اجيتسنگ  ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ آخر جواب ڏنو ته 20 هزار توکي ڏيندس، مگر شرط هيءُ آهي ته زال کي تيستائين پنهنجو نه ڪري سمجهندين، جيستائين اهو قرض  وياج سميت مون کي ادا نه ڪندين. بدنصيب اجيتسنگ پهريائين خيال ڪيو ته اهو شرط  قبول نه ڪري، مگر ٻيو ڪو به وسيلو پئسن هٿ ڪرڻ جو نه ڏسي، آخرڪار راضي ٿيو ۽ 20 هزار رپيا وٺي ويشلپور روانو ٿيو.

ٻُڍي ٺَڪر ، جنهن سمجهيو هو ته انهيءَ شرط سببان آجيتسنگ  مان جند آزاد  ٿيندي، تنهن جو اجيتسنگ  کي محلات  جي دريءَ مان ايندي ڏٺو، سو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. هو وچن ڏئي ويٺو هو، سو ناڪار نٿي ڪري سگهيو. آخر راجبالا کي اجيتسنگ  سان مناسب  رسمن رواجن  جي ادائگيءَ سان پرڻايائين ۽ کين رهڻ لاءِ پنهنجو هڪ محلات ڏنائين.

جڏهن هيءُ جوان جوڙو رات جو آرامي ٿيو، تڏهن راجبالا کي هي ڏسي حيرت لڳي ته مڙسس تلوار  مياڻ مان ڪڍي،  ٻنهي  جي وچ تي رکي ڇڏي. شرميلي راجبالا  کان اهو نٿي پُڳو جو مڙس  کان ان ڳالهه جو سبب معلوم ڪري. ڪيترائي  ڏينهن ائين گذري ويا. آخرڪار  همت کي هٿ ۾ جهلي، هن وٽو يئي ۽ چيائينس: ” منهنجي  دل جا راجا! مان اڪثر توهان کي ٿڌو ساهه کڻندو ڏسندي آهيان، ڄڻ ڪنهن وڏي غم جو شڪار آهيو. مان توهان کي منٿ ٿي ڪريان ته مون کي ٻڌايو ته ماجرا ڪهڙي آهي؟ مان توهان  جي ٻانهي آهيان، اوهان جيئن به چوندو، مان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ويندي پنهنجي جان به توهان لاءِ ڏيڻ کان نه ڪيٻائينديس. هر تڪليف جو ڪونه ڪو علاج ضرور آهي، مگر غم لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪو به موثر ڏسُ  ڪونهي ته پنهنجي دل جي دوست سان حال اورجي.“

پهريائين ته اجيتسنگ ڪي ڪين ڪڇيو، پر پوءِ اکيون مٿي ڪيائين ۽ راجبالا جي سندر ۽ سهڻيءَ صورت ۽ سادي ٻوليءَ هن کي موهي وڌو ۽ هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ساري ڪهاڻي  کيس ٻڌايائين.

راجبالا  ڪهاڻي ٻڌي، رڙ ڪري چيو ته سائين! تو مون کي منهنجي لائقيءَ کان بيحد وڌيڪ ملهه ڏئي ورتو آهي،  مگر هاڻي هتي ترسڻ سان توکان ويهه هزار ڪٿان گڏ ٿيندا.  اسان کي هتان ڀڄي هلڻ گهرجي. مان ڇوڪراڻو ويس ڪنديس ۽ اسين ائين ڏيکارينداسين ته پاڻ ۾ سنڍو آهيون. اسان کي جلد کان جلد هتان نڪرڻ گهرجي. اسين جيترو جلدي ڪنداسون، اوتروئي ترت انهيءَ منحوس صراف کي ويهه هزار  موٽائي ڏيئي سگهنداسون.“

انهيءَ ئي رات راجبالا مردانو ويس ڪيو ۽ جڏهن محلات  ۾ سڀئي سمهي  پيا هئا، تڏهن اجيتسنگ ۽ راجبالا ٻئي گڏجي محلات کان ٻاهر نڪتا.  گهوڙن کي خرزين چاڙهيائون ۽ سوار  ٿي ويشلپور  کان نڪري روانا ٿيا.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، اڌيپور جي راڻي، جڳتسنگ جيئن پنهنجي گهر جي کُڏ تي ويٺي  پنهنجي شهر کي ڏٺو ته اوچتو هن هڪڙا ٻه جوان گهوڙن تي سوار شهر جي دروازي  ڏانهن ايندا ڏٺا. هنن جو ڊيل ڊول اڻ ڏٺل هو، ان ڪري ماڻهو موڪلي کين پاڻ وٽ گهرايائين. هنن جوانن راڻي کي سلام ڪيو ۽ منجهانئن  وڌي ٻڌايو ته:” اسين راجپوت آهيون، منهنجو نالو اجيتسنگ  آهي ۽ منهنجي سالي جو نالو گلابسنگ. اسين نوڪريءَ جي تلاش ۾ نڪتا آهيون ۽ قدرت اسان کي توهان جي درٻار ڏانهن وٺي آئي آهي.“

راڻو نوجوان راجپوت جي ساديءَ گفتار مان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هنن ٻنهي جوانن کي پاڻ وٽ اجهو ڏنائين ۽ حڪم ڪيائين ته روزانو هنن کي پنج رپيا کاڌي خرچ لاءِ ڏنا وڃن. شروع ۾ اجيتسنگ ۽ راجبالا آدر ڀاءُ  تي ڏاڍا  سرها ٿيا، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ته هنن ڏٺو ته صراف جي قرض کان نجات جا آثار نظر ڪين ٿا اچن . هو اڌيپور ۾ سانوڻ کان ٿورو اڳ پهتا. مينهن جي مند جلد گذري وئي ۽ دسهڙو اچي پهتو، مگر هو پنهنجي روزانه جي ڀتي مان ڪجهه به نه بچائي سگهيا هئا، ڇاڪاڻ ته اها رقم کاڌي ۽ ڪپڙي لاءِ مس پوري هئي.

هڪ ڏينهن راڻي جڳتسنگ، هميشه جي دستور موجب دسهڙي جي شڪار جي تياري ڪئي ۽ دسهڙي واري ڏينهن شڪار تي نڪتو. ان سان گڏ گلابسنگ ۽ اجيتسنگ به ويا. هو جيئن رستي سان ويا پئي ته هڪ پيادو  شخص ڊوڙندو وٽن آيو ۽ اچي خبر ڏنائين ته هڪ شينهن ۽ ڪجهه هرڻ پريان  ڏسجن پيا. راڻي هڪدم ويچاريو ته ڇو نه شينهن جو شڪار  ڪجي ۽ پوءِ هڪل ڪري چيائين ته” دسهڙي جي ڏينهن شينهن جو شڪار بلڪل موزون آهي“. ۽ پوءِ هاٿيءَ  تي سوار  ٿي ۽ پنهنجن اميرن سان انهيءَ هنڌ پهتو. شڪار تي ٽن پاسن کان گهيرو  ڪيو ويو ۽ شينهن کي سوڙه مان ڌڪيلي، جتي راڻو جڳتسنگ انتظار ۾ بيٺو هو، اتي آندائون  اميرن ٻين پاسن کان گهيرو  ڪيو. هڪ هيبتناڪ شينهن هڪدم راڻي تي حملو ڪيو ۽ راڻي جي هاٿي تي ڪاهه ڪيائين ۽ اهڙو ته خوفناڪ منظر هو جو راڻي جو خوف ۽ هراس وچان تير ۽ ڪمال پٽ تي ڪري پيا. وحشي درندي، هاٿيءَ جي سونڊ تي ڇال ماري ڳپل ماس جو پٽي ورتو، ۽ وري ٻيو حملو ڪيو. هاٿي سور ۽ زخم کان بيحال ٿي ڪرڻ تي هو ته گلابسنگ، اجيتسنگ کي، راڻي جي مدد لاءِ رڙ ڪئي. فقط آواز جي دير هئي. اجيتسنگ  هڪدم گهوڙي تي سوار ٿي تيز رفتاريءَ سان شينهن کي تيز ڀالو آرپار لنگهائي وڌو ۽ شينهن زمين تي ڪري پيو. انهيءَ کان اڳ جو هو ساهه کڻي وري اٿي، گلاب سنگ پنهنجي تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان هن جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. اُنهيءَ کانپوءِ گهوڙي تان هيٺ لهي، شينهن جا ڪن ۽ چنبا ڪپي خرزين ۾ وجهي تيز رفتاريءَ  سان گهوڙي کي هڪليندو پنهنجي مڪان تي اچي پهتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org