سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 باب:

صفحو :3

عمر گهڻيون ئي راتيون مارئيءَ کي ريجهائي ۽ هن جي قرب حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، مگر هن تي نڪي  عمر جي آزين نيزارين جو، نڪي دڙڪن ۽ ڌمڪين جو ڪو اثر ٿيو. هڪڙي ڏينهن عمر، شهر کان ڪجهه ميل دور هڪ جهوپڙي ٺهرائي ۽ ڌنارن کي حڪم ڪيائين ته پنهنجو مال ان جي چوڌاري چارين ته من مارئيءَ جي روح کي اهو منظر ريجهائي ۽ اُن کي ڏسي من مرڪي. مگر مارئي انهن کي ڏسي ڌڪار مان کلي ۽ چيو: ”ادا عمر، تنهنجي ساري  محنت رائگان وئي. ٻڪريون اُهي آهن ۽ جهوپڙي به منهنجي ڳوٺ جهڙي آهي، مگر ان ۾ منهنجا مائٽ آڻي ويهارين ها ۽ ٻڪرار منهنجو پرين، کيت هجي ها، ته انهن کي ڏسي دل باغ بهار ٿئي ها!“

هڪ ڏينهن، عمر بادشاهه، هڪڙي جت کي حڪم ڪيو ته ملير جي ڪڙمين جهڙي پوشاڪ پائي اچي ۽ مارئيءَ کي چوائي موڪليائين ته سندس ڳوٺ کان هڪ قاصد  سندس مائٽن وٽان نياپو کڻي آيو آهي ۽ سندس ڪمري  ۾ اچڻ جي اجازت گهري ٿو. مارئيءَ اجازت ڏني، جڏهن هو اندر داخل ٿيو ته چيائين ”تنهنجي ماءُ مون کي توڏانهن موڪليو آهي ۽ هن جو سنيهو ڌيان سان ٻُڌ . هن جو توڏانهن پيغام آهي ته”منهنجي ڌيءُ، تو ڇو پنهنجي هٺ ۽ ضد جي ڪري عمر بادشاهه، کي ڪاوڙايو آهي. ساري جڳ کي خبر پهچي چڪي آهي ته هو توکي ڀڄائي محلات ۾ وٺي ويو آهي. پوءِ ڀلي کڻي تون باعصمت رهين، ته به ساري دنيا توکي ستي نه سمجهندي. تنهنڪري هن جو پيار نه موٽاءِ “ مگر مارئي هيءَ اٽڪل سمجهي  وئي ۽ جيئن ئي هن تيز نظر سان هن ڪوڙي قاصد کي ڏٺو ته هو هيسجي ويو. مارئيءَ  ڪاوڙ مان چيو ”ڇانجو پيار؟ هتي ڪو پيار ڪونهي، پر پيار اهو آهي، جيڪو قدرت ڪنهن جي دل ۾ ٻئي لاءِ پيدا ڪري. منهنجي مائٽن مان ڪو به اهڙو نياپو، مون ڏي ڪونه موڪليندو. اهو نسورو ڪوڙ آهي، جو توکي لب آڇي چَوَ رايو ويو آهي.“ جڏهن عمر جي اها

مارئي

رٿ به ناڪامياب ٿي، تڏهن ڪاوڙ مان محلات مان ٻاهر نڪتو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته مارئيءَ جي مائٽن کان ۽ سندس مڱيندي کان وير وٺي. پر پوءِ ڪجهه وقت لاءِ مارئيءَ کي مهلت ڏنائين. 

انهيءَ وچ ۾ مارئيءَ جي سرتين کان سندس مائٽن کي خبر پئي ته هوءَ ڪهڙيءَ طرح کڄي وئي ۽ پوءِ جڏهن پتو پين ته ان ڏوهه جو ڏوهاري خود عمر ڪوٽ جو بادشاهه عمر  آهي، تڏهن ان جي آزاد ڪرائڻ جو خيال لاهي ڇڏيائون ۽ سمجهيائون ته هوءَ بادشاهه جي محبت جي ڄار ۾ ڦاسي ۽ شاهي محلات جي رونق تي موهجي پئي هوندي.

مارئيءَ جي قرب جو فراقيل کيت، پيرين پيادو هن جي ڳولا ۾ عمر ڪوٽ اچي پهتو ۽ ڏهاڙي نااميديءَ جي حالت ۾ هن جي محلات جي چوڌاري پئي ڦيرا ڪيائين. هڪ ڏينهن مارئيءَ هن کي دريءَ مان ڏسي ورتو ۽ اٽڪل سان هن ڏانهن نياپو ڏياري موڪليائين ته فلاڻي مشهور ٽڪاڻي وٽ، فلاڻي ڏينهن تي تکي اُٺ سان تيار بيٺو هن جو. هڪ دفعي جڏهن عمر بادشاهه مارئيءَ کي ڏسڻ آيو، تڏهن مارئيءَ هن سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن منهنجي مائٽن ۽ ڳوٺ وارن منهنجي  سار نه لڌي ۽ هنن مون کي ٻارهن مهينن ۾ نه ڇڏايو ته پوءِ  آءُ هميشه لاءِ تنهنجي ٿينديس. انهيءَ واعدي جي بهاني هن کي مندر ڏانهن وڃڻ جي اجازت ملي وئي ۽ انهيءَ ڏينهن جڏهن کيت کيس ملڻ لاءِ اچڻو هو،  مارئي ۽ سندس ساهيڙيون وڳا ويس ڪري، گڏجي مندر ڏانهن پرارٿنا لاءِ هليون، اتي پهچڻ سان پالڪين مان لهي، هڪ ٻئي سان کلنديون ۽ دل وندرائينديون پئي ويون ۽ هنن جو ڌيان  انهيءَ غريب جت ڏانهن اصل نه ويو، جيڪو اُٺ وٺيو ڀر ۾ بيٺو هو ان جي ويجهو لنگهيون ته مارئي پنهنجن ساهيڙين کان پاسو وٺي ڊوڙي  وڃي ان ويٺل  اُٺ وٽ پهتي. کن ۾ هوءَ ۽ اوٺي (سندس مڱيندو کيت) ٻئي ٽِپ ڏيئي اٺ تي سوار ٿيا، اُٺ کڙو ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو ملير  ڏانهن رخ رکيائين. ڇوڪرين  پٺيان وٺي واڪا ڪيا ”مارئي، هي ڇا ٿي ڪرين؟ ڇو هڪ ڌارئي ماڻهوءَ سان اُٺ تي سوار  ٿي وڃين ٿي؟“ مارئيءَ وراڻي ڏني ته” عمر کي وڃي چئو ته مون کي اُٺ تي کڻي آيو هئين، اڄ آءُ وري اُٺ تي چڙهي پنهنجي ملڪ وڃي رهي آهيان.“

ڇوڪريون موٽي اچي پنهنجين پالڪين ۾ ويٺيون ۽ گهر پهچي عمر کي سڄي حقيقت  ٻڌايائون. عمر سومري، رعيت جي ڊپ کان مارئيءَ جي آڻڻ لاءِ لشڪر  نه موڪليو ته متان سندس ماڻهو کيس مهڻو ڏين ته اسان کي نصيحت ٿو ڪري ته ظلم نه ڪريو ۽ خود پاڻ بي گناهه ماڻهن سان ظلم پيو ڪري. اهڙيءَ ريت مارئي صحيح  سلامت پنهنجي ڳوٺ پهتي، جتي وڃي پنهنجي سوٽ کيت سان لائون لڌائين ۽ ان کان پوءِ ٻيئي باقي حياتيءَ جا ڏينهن خوش سان گهارڻ لڳا. 

مومل ۽ راڻو

ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾، نند نالي هڪ راجا رهندو هو. هن وٽ سوئر جو هڪ عجيب ڏند هو، جنهن ۾ اها خاصيت هوندي هئي ته جيڪڏهن ان کي پاڻيءَ جي ويجهو آڻبو هو ته پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندو هو. راجا نند ان ڏند کي پنهنجي خزاني  جي بچاءَ لاءِ ڪم آڻيندو هو. هو اهو ڏند  سنڌونديءَ تي کڻي ويندو هو ۽  ڏند سميت جڏهن پاڻيءَ ۾ گهڙندو هو ته نديءَ جو پاڻي خشڪ ٿي ويندو هو. اهڙيءَ  ريت جڏهن به راجا نند کي پئسي  جي گهرج ٿيندي هئي، تڏهن ڏند کڻي، سنڌو درياءَ  جي ڪپ تي ويندو هو ۽ انهيءَ کي پنهنجي طلسمي  ڏند سان سُڪائي،  پوءِ جيڪي به خزانا  هن کي درڪار هوندا هئا، سي کڻي  گهر موٽندو هو. وري جڏهن ڏند سميت درياءَ مان نڪري ڪناري تي ايندو هو ته ساڳي ندي اڳئين وانگر وهڻ لڳندي هئي.

هڪ ڏينهن ائين ٿيو جو هڪ نجوميءَ کي رمل ۽ نجوم جي علم وسيلي انهيءَ سوئر جي ڏند جي خبر پئجي ويئي. هو انهيءَ لالچ ۾ اچي ويو ته ڪهڙيءَ طرح سان به اهو جادوءَ وارو ڏند ضرور هٿ ڪجي. انهيءَ نيت سان هو هڪ ڏينهن راجا نند  جي غير موجودگيءَ ۾ هن جي محلات ۾ ويو. راجا نند کي 9 (نَوَ) ڌيون هيون، جن مان مومل بيحد سهڻي هئي ۽ سومل سڀني ۾ سياڻي، محلات جي ويجهو پهچي، نجومي مڪر ڪري، زور سان وٺي دانهون ڪوڪون شروع ڪيون، جو هن جي شور تي راجڪماريون محلات مان  نڪري آيون. بدقسمتيءَ جي ڳالهه وري اهڙي جو سومل، جا هوند انهيءَ نجومي جو مکر سمجهي وڃي ها، سا راجا نند سان ٻاهر ويل هئي. سو مومل نجوميءَ کي گهرائي هن جي تڪليف جو سبب دريافت ڪيو. نجومي چيو ته ”آءُ هڪ نهايت خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا آهيان، جيڪڏهن مون کي سوئر جو ڏند ملي وڃي ته هوند هن آزار مان ڇٽي پوان.“ مومل کي ياد گيري  پئي ته بابا وٽ هڪ سوئر  جو ڏند رکيل آهي، پر ان ڏند جي ڪرامت جي خبر ڪانه هيس،  سو پيءُ جي ڪمري مان اهو ڏند کڻي انهيءَ اجنبيءَ کي ڏنائين. نجومي ڏند وٺڻ سان هڪدم پاڻ کي انهيءَ مکريلي  بيماريءَ مان ڪيقدر  چاڪ ظاهر ڪرڻ لڳو، ۽ پوءِ سنڌونديءَ  جي ڪناري تي، جتي راجا نند پنهنجو خزانو درياءَ جي پيٽ ۾ رکايو هو، اتي پهچي، خزانو ڪڍي، ڪنهن دور دراز شهر  ۾ وڃي آرام ۽ مزي سان زندگي بسر ڪرڻ لڳو.

جڏهن راجا پنهنجي ڌيءَ سومل سان گڏ موٽي آيو ۽ خبر پيس ته مومل سوئر جو ڏند ڪنهن بيمار فقير کي ڏئي ڇڏيو آهي، تڏهن اهڙي ته ڪاوڙ آيس جو جيڪر مومل کي هڪ ئي ڌڪ سان ماري پورو ڪري ڇڏي ها، مگر مومل سياڻيءَ هن جي دل کي ٺاريو ۽ چيائين ته مون وٽ هڪ طريقو  آهي، جنهن سان مومل ايڏو  وڏو خزانو حاصل ڪري سگهي ٿي، جهڙو هن فقير دولاب ڪري چورايو آهي. پوءِ ٻئي  ڏينهن مومل  کي ساڻ وٺي پري ڪنهن هنڌ، سنڌ کان ٻاهر،  ”پاٽ“ يا بيابان ڏانهن وئي ۽ اُتي  پنهنجي جادوءَ جي زور تي هڪ سهڻو محلات اڏايائين، جنهن جي چوڌاري ميوي ۽ خوشبوءِ  وارن گلن سان هڪ باغيچو کڙو ڪيائين. باغ جي ساموهن هڪ آل بازار ٺهرايائين ، جنهن جي چوڌاري ائين ٿي ڀانيو ڄڻ  ته ڪو وڏو  ڳاڙهو درياءَ ٿو وهي، جنهن کي ” ڪاڪ“  جو نالو ڏنائين. آل بازار جي منهن وٽ هڪ سرنگهه رکيائين، جنهن جي اندر مومل پنهنجي جادوءَ جي زور تي خوفناڪ جانور  کڙا ڪرايائين، جن مان گجگوڙون ۽ خوفناڪ آواز پنهنجو پاڻ پئي نڪتا، طلسمي محلات جي هر هڪ ڪنڊ تي زنجيرن سان ٻڌل شينهن بيهاريا هئائين ته جيڪڏهن ڪو به محلات اندر گهڙڻ جي ڪوشش ڪري، ته ان کي ڊيڄاري  واپس  موٽائي ڇڏين. جڏهن مومل اهو سارو مانڊاڻ تيار ڪرايو، تڏهن مومل ۽ سندس ٻانهين کي گهرايائين ته اچي انهيءَ  محلات ۾ رهن ۽ اعلان ڪن ته مومل انهيءَ سان شادي ڪندي، جيڪو پهرين سرنگهه مان خطرناڪ رستو پار ڪري، سندس ڪمري  ۾ پهچندو.

مومل جي حسن جي هاڪ سببان ڪيترا شهزادا ۽ امير ديسان ديس ڪهي، خزانا ۽ نوڪر ساڻ ڪري، وڏي آس ۽ اُميد سان اُسهيا ته وڃي ٿا انهيءَ سهڻي راجڪماريءَ کي هٿ ڪريون. پر جيئن ئي اُهي عاشق ٻاهرئين دروازي تي آيا ٿي ته مومل پنهنجيون ٻانهيون کين آدر ڀاءُ ڪرڻ ۽ دعوت ڏيڻ لاءِ  ٿي موڪليون. اُهي عاشق، انهن ٻانهين جي پٺيان اُنهيءَ  سرنگهه  ۾ گهڙي اچي آل بازار ۾ پهتا ٿي، جتي ڪاڪ ندي کين گهلي وڃي اوجهڙ ۾ ٿي رسايو ۽ پوءِ اُتان نڪرڻ جا سڀ رستا بند ٿيو ٿي ويا. آخر اهي  عاشق اتي ڀٽڪي ڀٽڪي مري ويندا  هئا ۽ مومل جون ٻانهيون سندن  مال خزانا ۽ جسم جا ڪپڙا به کانئن ڦري وٺنديون هيون.

تن ڏينهن عمرڪوٽ ۾ همير بادشاهه راڄ ڪندو هو، جو سومري  خاندان جو راجپوت هو. هن کي ٽي وزير هئا، جيڪي هڪٻئي سان ڏاڍا قرب ۾ ٻڌل  هئا ۽ بادشاهه سان تمام گهڻو پيار هوندو هون. بادشاهه جو به ساڻن ايترو قرب هوندو هو، جو شڪار تي يا جنگ تي هنن کان سواءِ  نه ويندو هو. گهڻو  ڪري دنار، شينرو ۽ راڻو، ٽنهي مان ڪونه ڪو ساڻس  ضرور  گڏ هوندو هو. چارئي همراهه جهڙاشڪل شبيهه ۾ سهڻا  هئا، تهڙا وري سورهيه  هئا، پر راڻو سڀني کان وڌيڪ ٺاهوڪو  جوڌو جوان هو.

هڪ ڏينهن بادشاهه ۽ سندس وزير شڪار تي نڪتا. جيئن هو هڪڙي ڳوٺ جي ويجهو پهتا، تيئن هنن هڪ فقير کي رستي جي ڀرسان بيٺل ڏٺو. هن جي شڪل ۽ صورت مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته هو ڪنهن وڏي گهراڻي ۾ ڄاول ۽ نپنل هو، مگر انهيءَ وقت ڦاٽل اڳڙيون پيل هيس. غربت ۽ مسڪينيءَ کان ڏاڍو مايوس ۽ منجهيل  پئي لڳو. پهريائين ته چارئي جوان فقير جي حالت  تي کلڻ لڳا، پر پوءِ اڳتي وڌي هن کان پڇيائون ته” تون ڪير آهين ۽ ڪٿان کان آيو آهين؟ تون ته ڪنهن وڏي خاندان  جو اولاد ٿو ڏسڻ ۾ اچين. اسان هن کان اڳ تو جهڙو  ڏکي حال ۾ ڪو به  ڪونه ڏٺو آهي.“ فقير  نِوڙت سان وراڻي ڏني ”بادشاهه  سلامت! آءُ به ڪنهن وقت توهان جي انهن ٽنهي اميرن وانگر شاهوڪار  ۽ سکيو ستابو هوس. مون وٽ به گهوڙا، زمينون ۽ گهڻي ئي خدمتگار هئا، پر هڪ ڏينهن مون مومل  جي سونهن جي هاڪ ٻڌي ۽ وڏا انبار  سون جا ساڻ ڪري، ساٿي وٺي هن جي ٻانهن هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتس،  مگر مومل ۽ سندس ٻانهين منهنجا ماڻهو ماري ۽ مون کي ڦري، هن حال ۾ فقير  ڪري ڇڏيائون ته هينئر  آءُ پيرين پيادو ، دربدر ۽ خاڪ بسر رلندو ٿو وتان ته جيئن ڪنهن طرح موٽي پنهنجي وطن پهچان.“

بادشاهه پڇيس ته ”مومل ڪير آهي؟“ سيلاني فقير سموري ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايس. حقيقت  ٻُڌڻ کان پوءِ  بادشاهه ۽ سندس ٽنهي وزيرن پڪو پهه ڪيو ته هو به مومل کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا پوءِ توڙي  اُن جي محلات  جو ڏس پڇيائون ۽ ڳچ ڏينهن جي سفر کان پوءِ  هن جي باغ  

سهڻي

جي ٻاهرئين دروازي تي اچي پهتا. ان وقت اونده،  ٿي ويئي هئي، تنهنڪري اتي ئي ديرو دمائي رات جا چار پهر  گذاريائون. ٻئي ڏينهن صبح جو مومل جي هڪ ٻانهي دستور موجب کين کيڪارڻ لاءِ آئي. هن جو نالو ناتر هو ۽ هوءَ اهڙي ته سهڻي هئي جو هنن چئني ائين سمجهيو  ته شايد اهائي مومل آهي. پر ناتر کلي چين ته” مان مومل نه آهيان، هن کي ڏسڻ لاءِ توهان کي هن باغ مان لنگهي محلات ۾ پهچڻو پوندو.  ڪنهن به غير مرد  نه ڏٺي آهي. مومل مون کي موڪليو  آهي ته مان توهان جي آڌرڀاءَ ڪريان ۽ هي خونچو کاڌي جو اوهان لاءِ موڪليو  اٿس.“ پوءِ هن خونچو لاهي هيٺ پٽ تي رکيو ۽ جيئن هنن جوانن اهو مزيدار  کاڌو پئي کاڌو،  تيئن مومل جي سونهن جي وڌيڪ  ساراهه پئي ڪيائون، ايتري قدر جو هو سڀيئي هن جي عشق ۾ ايترو  ته ديوانا  بنجي ويا  جو خود ٻانهي مٿن  چٿرون ڪرڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي ته: ”توهان ڪير آهيو جو مومل سان پنهنجي محبت جي هام هڻي سگهو؟  جيڪو سورهيه  مومل کي هٿ ڪندو، انهيءَ جو منهن مهانڊوئي نرالي قسم جو هوندو. توهان لاءِ بهتر آهي ته موٽي پنهنجي ڳوٺ وڃو، جي نه ته توهان  هن سرنگهه ۾ ٽڪر ٽڪر ٿي ويندا، يا بک ۽ اُڃ وگهي هن جي وروڪڙ واريءَ واٽ ۾ منهنجي ختم ٿي ويندا.“ اهڙيءَ طرح، ناتر هنن جي همت  ۽ شوق کي ايترو  ته ڀڙڪايو جو هنن سڀني هڪل ڪري چيو ته ”اسين نڪي سرنگهه کان ٿا ڊڄو، نڪي اوجهڙ کان، اسين تيستائين  مومل جو درنه ڇڏينداسين، جيستائين مومل کي هٿ نه ڪنداسين.“ انهيءَ تي ٻانهيءَ جواب ۾ کين منجهيل پَٽَ جو هڪ منجهيل ڍيرو  اُڇلائي ڏنو ۽ چيو ته هن کي ويهي کوليو ۽ پنهنجي ڪاريگريءَ کي آزمايو ۽ ان کان پوءِ  سامهون آلَ بازار  مان لنگهڻ جي ڪوشش ڪريو.“ همير هڪدم اهو پَٽَ جو ڦورو کنيو، پر هو سلجهائي نه سگهيو،  ان کان پوءِ دنار ۽ پوءِ شينري پَٽ  کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر سندن سموري ڪوشش اجائي ويئي، آخر ۾ڪڪ ٿي اهو ڦورو هنن ”راڻي“ کي ڏنو، جنهن جي چالاڪ آڱرين جلد ڳنڍين کي سلجهائي، پٽ جي ڍيري مان مڻکيارو ٺاهي ، پنهنجي گهوڙي جي منهن تي ٻڌي ڇڏيو.

ٻانهيءَ راڻي جي حرفت کي ڏسي ڏانهس وڏي عجب مان نهاريو ۽ پوءِ پنهنجي سانئڻ ڏانهن ويئي ۽ وڃي چيائينس ته ”چار سهڻا جوان توکي حاصل ڪرڻ لاءِ آيا آهن، پر هڪڙو  راڻي نالي سان، سڀني کان سونهن ۽ عقل ۾ سرس آهي،  بلڪ ائين چئجي ته جيڪي به عاشق هيل تائين تنهنجي محلات جي در تي آيا آهن، انهن سڀني کان مٿانهون آهي. سانئن! منهنجي صلاح آهي ته تون انهيءَ سان هڪدم شادي ڪر ۽ هن جوڌي جوان کي ٻين وانگر نه مارائجانءِ.“ اها ڳالهه ٻڌي مومل کي في الحال ته راڻي ته رحم آيو، پر پوءِ وري  به پنهنجي دستوري فريب تي ڪاربند رهندي جواب ڏنائين ته: ”جيڪڏهن سچ پچ، جيئن تون چوين ٿي، هو اهڙو ئي عقلمند  آهي ته ڀل مون کي پنهنجي همٿ سان هٿ ڪري. جيڪڏهن ان ۾ ناڪامياب ويو ته عقلمند نه آهي، پر بيوقوف آهي ۽ پوءِ مان هن جي ڌن دولت کي پنهنجي پيءُ جي خزاني ۾ ملائي ڇڏيندس.“

انهيءَ کان پوءِ مومل وڌيڪ لذيذ طعام تيار ڪرايا (سٿ رڇيون ٺهرايون) ۽ انهيءَ ۾ قاتل زهر وجهائي ڇڏيائين. اهو کاڌو ٻانهيءَ کي ڏنائين ته وڃي بادشاهه ۽ سندس ٽنهي وزيرن کي ڏي. ٻانهيءَ حڪم جي تعميل ڪئي. پوءِ ٻانهي کاڌي جا ٿانو هنن جي اڳيان رکي، پنهنجي هٿن سان هنن کي وڌيندي ڏيندي  وئي ۽ چوندي پئي وئي ته اهي طعام سانئڻ پنهنجي هٿن سان توهان لاءِ تيار ڪيا آهن، انهيءَ خيال کان ته اوهان پَٽ سُلجهائڻ ۾ ٿڪجي چُور ٿي پيا هوندا.“

بادشاهه، شينرو ۽ دُنار وزير جيڪر اهو کاڌو کائي بي موت مري وڃن ها، مگر راڻي کاڌي مان هڪ گرنهه ڪتي کي اُڇلائي ڏنو. ڪتو گرنهه کائڻ سان، زمين تي ڦٿڪي ڪري پيو ۽ ايذاءَ کان ڪوڪاٽ ڪرڻ لڳو. همير سخت ڪاوڙ مان اُٿي  کڙو ٿيو ۽ وزيرن کي چيائين ته ”هلو ته موٽي پنهنجي گهر هلون ۽ هن خونڻ کي اتي ئي ڇڏي ڏيو.“ راڻي وراڻي ڏني ته ”موٽي وڃڻ گيدين جو ڪم آهي. اسان کي پنهنجي همت  ڪرڻ گهرجي ۽ خدا جي مدد سان اسين هن فريبڻ کي هٿ ڪنداسون.“

انهيءَ وچ ۾ ناتر محلات ڏانهن موٽي وئي ۽ مومل کي وڃي ٻڌايائين ته راڻي ڪيئن پنهنجي ساٿي کي زهر کان بچائي ورتو. ناتر وري به پنهنجي سانئڻ کي ليلايو ته راڻي کي جيئدان ڏي. مگر مومل هن  کي ڇنڀيو ۽ چيو ته جيڪڏهن مان هن کي ڇڏي ڏيندس ته سڀيئي مون تي کلندا.  هاڻي وڃ ۽ هنن جوانن کي هڪ هڪ ڪري سڏي اچ ته منهنجي محلات ۾ پهچڻ جي سوڀ کٽن ۽ جڏهن آل بزار  ۾ گهڙندا، تڏهن کين ساري سڌ پئجي ويندي.

ناتر کي جيئن ئي سندس سانئڻ چيو، هن ائين ڪيو. پوءِ همير بادشاهه وٽ وڃي عرض ڪيائين ته توهان  مون سان گڏ هلو. مومل توهان جي طلب ٿي ڪري ته توهان کيس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. جيڪڏهن توهان هن جي ڪمري تائين پهچي ويا ته پوءِ هوءَ ساري ڄمار توهان جي آهي.

همير اها ڳالهه ٻڌي ٽپ ڏيئي ناتر جي پويان سرنگهه  ۾ هليو، جتي اونده ۾ هوءَ کانئس کسڪي وئي ۽ بادشاهه اڪيلو رهجي ويو. سومل جي جادوءَ جي رٿيل رمزن اهڙيون ته گجگوڙون ۽ رانڀاٽ لائي ڏنا، ڄڻ ته وحشي جانورن  سڄيءَ فضا تي حملو ڪرائي ڏنو هجي. بادشاهه ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو، پر پوءِ هن جلد هوش سنڀالي ورتو ۽ سرت ۾ آيو. آخر ڪڪ ٿي اڳتي وڌڻ جي پچر ڇڏي پٺتي موٽڻ جي ڪيائين، جتي سندس ساٿي انتظار ۾ ويٺا هئا. اتي پهچي دوستن کي غار جي هيبتناڪ منظر ۽ خوفناڪ  آوازن جو سربستو  احوال ڏنائين ۽ چيائين ته هاڻي اسان کي هتي وڌيڪ ترسڻ نه گهرجي. هلو ته موٽي عمر ڪوٽ هلون“. انهيءَ تي راڻي ورندي ڏني ته” بادشاهه سلامت!  توهان ڪوشش ڪئي، پر توهان ڪامياب ڪونه ٿيا، انهيءَ  ڪري توهان کي ڪير به مهڻو  نه ڏيندو. پر جيڪڏهن اسين بنا آزمائش جي موٽي عمر ڪوٽ هلنداسون ته اسان تي چٿرون ۽ کلون ٿينديون. ڇڏيو ته اسين به ڪوشش ڪري ڏسون، پوءِ جي هارايوسين ته گڏجي موٽي هلنداسون.“

اوڏيءَ مهل ناتر خيمي ۾ گهڙي آئي ۽ ٺٺولي واري مُرڪ سان چوڻ لڳي ته” بادشاهه سلامت! توهان ته مومل جي باغيچي  ۾ ترسيا ڪين، اهي حال اٿو ته ڪيئن مومل ماڻي سگهندا؟ هاڻي اوهان جي وزيرن مان ڪهڙو  ٿو مومل  کي هٿ ڪرڻ لاءِ مون سان گڏجي هلي؟“

اها ٽوڪ ٻڌي، دنار ٽپ ڏيئي گهوڙي تي سوار ٿيو ۽  ناتر  جي پٺيان  سرنگهه ۾ گهڙيو. اڃا ٻه چار قدم اڳتي مس هليو ته هوءَ کسڪي وئي ۽ دنار جي چوطرف سومل جي رٿيل ٽڪساٽ جي ڌمچر کيس لرزائي وڌو. هو دل جهلي ڪين سگهيو  ۽ گهوڙي جي واڳ ڦيرائيندي ڌوڪيندو اچي دوستن جي ديري تي پهتو ۽ ساٿين کي ساري ماجرا اچي ٻڌايائين.

ڪجهه منٽن کان پوءِ ناتر وري باغ مان نڪري آئي ۽ گهنڊ پائي چوڻ لڳي ته” بادشاهه سلامت! تنهنجي وزير ته تو جيتري به سٽ  ڪانه جهلي!  اهڙيءَ ڪمزور دل وارا مومل جي ماڻڻ جي ڇالاءِ ٿا سڌون ڪن؟“

اهو ٻڌي، شينرو اُٿيو ۽ زره پائي پنهنجي ڀلي گهوڙي تي سوار  ٿي، ناتر جي پٺيان سرنگهه ۾ هليو. مگر هن پڻ دل ڪانه جهلي ۽ گهوڙي کي پٺتي ورائي اوجهڙ ۾ گهڙڻ کان اڳ ئي موٽي اچي ماڳ پهتو.

آخر  ۾ راڻو پنهنجي قسمت آزمائيءَ لاءِ اُٿيو ۽ ٻين سڀني هن کي روڪيو، مگر هن ڪا به ڳالهه ڪانه ٻڌي. ايتري ۾ ناتر به خيمي  ۾ موٽي آئي ۽ چوڻ لڳي ته” اوهان کي مومل جي باغيچي  ۾ وٺي هلڻ وقت  جو زيان آهي. توهان سڀ بزدل آهيو! ٿوري ئي آواز تي ڊڄي سهي وانگر  وٺي ٿا ڀڄو. اهڙا ڪانئر ڪڏهن به مومل جو منهن پسي نه سگهندا“.

راڻو پنهنجي زرهه پائي، صمند گهوڙي تي سوار ٿي، ڌڻيءَ کان دعا گهرندو، ناتر جي پويان سرنگهه ۾ گهڙيو.  ٻه- چار قدم  هلي راڻي  هن کي چوٽيءَ کان جهلي ورتو ته جيئن هوءَ ڇڏائي نه وڃي. نهايت قابو ڪري جهليائينس. انهيءَ مهل چوڌاري مومل جي جادوءَ جي مانڊاڻ خوفناڪ آواز ۽ گجگوڙون شروع ڪيون. انهيءَ سببان راڻي جي ڪنن تي تاڙيون ۽ اکين اڳيان اونداهه ٿي ويو. چالاڪ ۽ دغاباز  ٻانهي  جڏهن ڏٺو  ته هاڻي  راڻي کان پاڻ نه ٿي ڇڏائي سگهان، تڏهن ڇا ڪيائين  جو راڻي کي هڪ تلاءَ جي ڪپ تي گهلي  وئي، جتي راڻي کي وٺي ڌڪو ڏنائين. راڻو گهوڙي سوڌو وڃي تلاءَ ۾ ڪريو ۽ ڪرڻ سان چئوطرف اوندهه ٿي وئي.  انهيءَ اوندهه ۾ راڻي کي ٻانهيءَ جي حقارت ڀري کل جو آواز  ٻڌڻ ۾ آيو.

قسمت جي ڪايا وري هئي جو راڻو گهوڙي هيٺان اچڻ ۽ ضرب رسڻ کان بچي ويو. وڏيءَ تڪليف سان رڙهندو ٻاهر نڪتو ۽ سرنگهه مان لنگهي اچي اوجهڙ ۾ پهتو. راڻواڃان ور وڪڙن ۾ ئي ڦاٿل هو ته ڪاڪ نديءَ جي پاڻيءَ وٺي اُٿل ڪيس . پاڻيءَ جي وهڪري کي آزمائڻ لاءِ راڻي هڪ سوپاري اُڇلائي، جا ترڻ بدران نديءَ جي سطح تي بيهي رهي. راڻي انهيءَ مان سمجهيو ته اها ندي هڪ طلسم آهي ۽ سامهون جيڪا زمين پئي ڏسجي، سا انهيءَ ويران بيبان جو ئي ٽڪر آهي. سو انهيءَ تان هلي وڃي نديءَ جي ڪناري  تي پهتو ۽ جرئت سان انهيءَ ۾ قدم رکيائين. ندي هڪدم غائب  ٿي وئي ۽ راڻو پنڌ ڪندو وڃي مومل جي محلات کي ويجهو ٿيو.

محلات جي اڱڻ ۾ شينهن ڇُ ماري پيو هو، ڄڻ ته هن جوان  تي حملو ڪرڻ وارو هو، پر مومل مٿان دريءَ مان رڙيون ڪري هن کي ڇنڀيو. ان هوندي به راڻو تلوار ڪڍي ڌوڪيندو، شينهن کي لتاڙيندو، محلات جي در مان نڪري ويو،  جتان ماڙيءَ تي چڙهي، انهيءَ ڪمري  ۾ ويو، جتي مومل  ويٺي هئي. راڻو ڌوڪيندو سڌوهن جي ڪمري  ۾ وڃي گهڙيو.  مومل ڊوڙي وڃي ڀاڪر وڌس ۽ چيائينس ته ”اي بهادر راڻا،  تو مون کي وڏيءَ بهادريءَ سان جيتيو آهي. آءُ اڄ کان تنهنجي آهيان ۽ مون کي قبول ڪر.“

پرهه ڦُٽيءَ ويل راڻي مومل کان موڪلايو. پهريائين ته مومل هن جي وٽانئس وڃڻ جي ڳالهه ئي ٻڌڻ ڪانه ٿي گهري، پر پوءِ راڻي  وڃڻ ڏنس ته هڪ رات موٽي وٽس ايندو، تڏهن گهڻي  روڄ راڙي کان پوءِ پنهنجي عاشق کي موڪل  ڏنائين. راڻو زرهه پائي، صمند گهوڙي تي چڙهي، اوجهڙ مان  لنگهي، سرنگهه پار ڪري،  ٻن وزيرن وڏي خوشيءَ مان هن جي کيڪار ڪئي، ڇاڪاڻ ته هنن کي پڪ ٿي وئي هئي ته راڻو ضرور انهيءَ سرنگهه ۾ ختم ٿي ويو هوندو ۽ هو راڻي کي مئو سهائي ويٺا هئا. سڀئي هن کان پڇڻ لڳا ته ”تون ڪٿي هئين؟ تون ايترو وقت ڇو ترسي پئين؟ توکي انهيءَ طلسمي  محلات جي واٽ هٿ آئي ڇا؟“

راڻي کي بادشاهه جي حسد جو ڊپ ٿيو، انهيءَ ڪري مايوسيءَ واري انداز  ۾ جواب ڏنائين ته مون به هارايو  ساري رات انهيءَ نڀاڳي سرنگهه ۾ رلندو رهيس ۽ اجهو هينئر جان بچائي اوهان سان اچي مليو آهيان.

شينرو  ۽  دُنار هن تي ويساهجي ويا، مگر بادشاهه هن جي ڳالهه تي شڪيو ۽ سمجهائين ته ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ ته هن جي حالت اهڙي ڪانه هئي، جهڙي شڪست  کاڌل ماڻهوءَ جي ٿيندي آهي. آخر بادشاهه پنهنجي ٽنهي  وزيرن   کي چيو ته ”اسان سڀني بي همت  ٿي هاريوآهي ۽ هاڻي اسان کي عمر ڪوٽ هلڻ گهرجي، پر انهيءَ ماجرا جي ڪنهن سان به ٻڙڪ  ڪڍڻ نه گهرجي، ورنه اسان جي خواريءَ جو ڍنڍورو ساري ديس ۾ شروع ٿي ويندو.“

بادشاهه ۽ سندس ٽئي ساٿي وزير گهوڙن تي سوار ٿي عمر ڪوٽ روانا ٿيا. همير جي دل ۾ راڻي لاءِ بدگماني پيدا ٿي چڪي هئي. شينرو ۽ دنار پنهنجيءَ هار تي تمام گهڻو پريشان هئا ۽ راڻو بادشاهه جي غصي جي غضب کان ڪافي ڊنو ٿي.

عمر ڪوٽ ۾ پهچڻ تي راڻي کي پنهنجي وچن جي يادگيري پئي، جيڪو هو مومل سان ڪري آيو هو. پوءِ ته روزانو رات جو راڻو پنهنجي هڪ تيزرفتار ڏاچيءَ تي سوار ٿيندو هو، جا کيس ڪلاڪ ٻن ۾ عمر ڪوٽ کان مومل جي محلات ۾ آڻي پهچائيندي هئي، ۽ پرهه ڦٽڻ کان اڳ مومل کان موڪلائي، سج نڪرڻ کان اڳ پنهنجي گهر پهچي ويندو هو. اهڙيءَ طرح راڻو مومل وٽ ايندو ويندو هو. ٻئي طرف بادشاهه جو ڏمر ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿي ويو. نيٺ هن راڻي سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ۽سوچڻ لڳو ته ڪهڙيءَ ريت راڻي کي تباهه ۽ برباد ڪجي.

آخر هڪ ڏينهن راڻي، بادشاهه سان مخفي ملاقات ڪئي ۽ اهو قبول ڪيائين ته مون اوهان سان ڪوڙ ڳالهايو هو ۽ پوءِ بادشاهه کي رحم جي درخواست ڪيائين. همير پڇيس  ته جيڪي  توسان ٿي گذريو، اهو سڀ مون کي ٻڌاءِ ته مان توکي معاف ڪري ڇڏيندس. راڻي بادشاهه کي اها ساري حقيقت  ٻڌائي  ته ڪيئن هو سرنگهه  ۽ آل  بازار مان لنگهي  طلسمي نديءَ مان پار اُڪري، تلوار هٿ ۾ کڻي،  مومل جي ڪمري ۾ ڌوڪيندو ويو، ۽ پوءِ مومل جي حسن جي ساراهه اهڙن زوردار لفظن ۾ ڪيائين جو همير کي مومل جي ديدار جو شوق اڳي  کان به وڌي ويو ۽ راڻي کي سختيءَ سان چيائين ته ” مان رڳو هڪ واريءَ مومل کي ڏسان، پوءِ آءُ  توتي اڳئين وانگر مهربان رهندس.“

راڻي ٿوري دير ويچار ڪري، ورندي ڏني ته ” جيڪڏهن توهان بادشاهه جي حيثيت  ۾ هلندا ته هوءَ توهان سان شايد ڪانه ملڻ چاهيندي، پر جيڪڏهن توهان ڌنار جي ويس ۾ هلندا ته هن کي شڪ ڪونه پوندو ۽ اهڙيءَ طرح مومل کي چڱيءَ طرح سان ڏسي سگهندو.“

آخر همير راڻي جي صلاح سان ڌنار جو ويس پائي، بوڇڻ مٿي تي ويڙهي،  لٺ هٿ ۾ کڻي،  تيزرفتار اٺ تي راڻي  سان سوار ٿي ويٺو. ٿوري وقت کان پوءِ مومل جي باغيچي جي ٻاهرئين دروازي وٽ اچي پهتا.  راڻو اٺ جي واڳ  وٺي سرنگهه ۽ آل بازار سان لنگهي، ندي پار ڪري اچي مومل جي اڱڻ تي پهتو. همير به ساڻ هوس، هن اٺ کي اڱڻ تي جهڪايو ۽ اٺ جي مهار همير کي ڏيئي پاڻ محلات ۾ گهڙي، مٿينءَ ماڙي تي مومل جي ڪمري ۾ لنگهي ويو. مومل پڇيس ته” اهو نئون ماڻهو توسان ڪير آهي؟“ جواب ڏنائيس ته ”اسان جو ڌنار آهي.“ تنهن تي مومل وراڻي ڏنس ته ” ڌنار جو ٻار ۽ رنگ جو اهڙو ڀورو؟“ راڻي وراڻي ڏني ته  ”ٻانهيءَ  جو پٽ آهي ۽ اسان جي گهر ۾ نپنو آهي.“ انهيءَ تي مومل کي شڪ پيو ته هي ماڻهو ڌنار ناهي، سو انهيءَ آزمائش لاءِ پنهنجي هڪ مينهن گهرائي، راڻي کي چيائين ته ”ڌنار کي چئو ته هيءَ مينهن  ڏُهي وٺي.“ ائين چئي راڻو ۽ پاڻ گڏجي محلات ۾ وڃي آرامي ٿيا.

هوڏانهن همير مينهن کي ته جيئن تيئن ڪري ڏُهي ورتو، مگر هن جي جسم ۾ اچي خارش ٿي ۽ زور سان کير ڏُهڻ سبب سندس هٿن ۾ لڦون پئجي ويون. هو مومل جي حسن ۽ راڻي جي خوشنصيبيءَ تي سوچيندي  پنهنجي اندر ۾ کامڻ لڳو ۽ راڻي کي نقصان  رسائڻ جا پهه پچائڻ لڳو. هينئر هن کي مومل جي محلات  ۾ هڪ منٽ  به وڌيڪ  ترسڻ نٿي وڻيو. راڻي هن جي حسد  ۽ بيقراريءَ  کي تاڙي ورتو ۽ مومل  کان موڪلائي  اڱڻ ۾ وڃي بادشاهه کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، مگر بادشاهه جي ڪروڌ جي باهه تنهان ئي تيز ٿيندي ويئي. آخر راڻو بيوس بنجي همير سان گڏ موٽي عمر ڪوٽ آيو.

عمر ڪوٽ پهچڻ شرط همير، راڻي کي کڻي قيد ۾ وجهايو، جتي ست راتيون ۽ ست ڏينهن هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند رهيو. اٺين ڏينهن راڻي جي ڀيڻ، جا همير جي سڀني راڻين ۾ حسين هئي، مڙس کي ڀاءُ  جي رهائيءَ لاءِ ليلايو. پهريائين ته همير نهڪار ڪئي، پر پوءِ چيائين ته ”سڀاڻي مان راڻي کي هڪ پرولي  ڏيندس، جيڪڏهن اها ڀڳائين ته” آءُ کيس آزاد ڪندس، پر جيڪڏهن ٻڌائي  نه سگهيو ته ڦاسيءَ تي لٽڪائيندو سانڌ راڻي جي ڀيٽ پنهنجي مڙس کي انهيءَ خيال تان لاهڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر همير پنهنجي ضد تي قائم رهيو.

ٻئي ڏينهن راڻو، صبح جو، زنجيرن ۾ جڪڙيل شاهي درٻار ۾ آندو ويو. بادشاهه هن ڏانهن سخت ڪاوڙ ۽ نفرت سان نهاريندي چيو ته ”مون کي توکان هڪ پرولي پڇشي آهي  جيڪڏهن تو سلي ته پوءِ تون آزاد آهين، پر جيڪڏهن تو نه ڀڳي ته توکي اڄ جو اڄ  موت جي سزا ڏبي.“ راڻي هٿ ٻڌي، وراڻيو ته” جيڪا  بادشاهه سلامت  جي مرضي.“ ان کان پوءِ همير وراڻيو ته” اجها هيءَ پرولي آهي:“

”ريشمي ساڙهيءَ  ۾ ايڏو انگ ڪيئن آيو؟“

راڻي جي ڏاهپ کي مومل جي معاملي ۾ اڳي ئي آزمايو ويو هو، سو ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ جواب ڏنائين:

”همير پنهنجي راڻيءَ سان، جنهن کي تازو ننڍڙو ٻار ڄاول هو، ناز  نخرا پئي ڪيا ته ايتري ۾ سندس ٻار کير لاءِ  رُنو، جنهن تي راڻي ٽپ ڏئي اُٿي  ته ساڙهي ڦاٽي پيس.“

همير کي پنهنجي وزير جي حاضر جوابيءَ  تي حيراني ٿي ۽ هڪدم هن جي آزاديءَ  جو حڪم ڏنائين. ايتري قدر جو سڀڪجهه موٽائي ڏنائينس ۽ سندس  پراڻا القاب به عطا ڪيائينس.  ان کان پوءِ راڻو هر رات، اڳي وانگر، پنهنجي اُٺ تي سوار ٿي، مومل جي ملاقات  لاءِ ويندو هو.

 آخرڪار راڻي جي زال ۽ سندس پيءُ ڪبير کي راڻي جي روزانو گم ٿيڻ تي شڪ جاڳيو. راڻي جي گهر واريءَ کي پنهنجي مڙس  جي ڪپڙن تي ڳاڙهي دَزَ ۽ عمر ڪوٽ جي اڇي مٽي نظر آئي، ۽ ساڳئي وقت  مومل ۽ راڻي جي عشق جا قصا ڳوٺ ڳوٺ ۾ پکڙبا ڪبير جي ڪَنَ تي اچي پيا. هن کي عجب لڳو ته ڪيئن راڻو راتورات  مومل وٽ وڃي ۽ موٽي  سگهي ٿو، ڇو ته فاصلو تمام گهڻو هو. گهڻيءَ جاچ  کان پوءِ کيس هڪ تيز رفتار ڏاچيءَ جي خبر پيئي، جنهن کي هن هٿ ڪري، ڪُهرائي ڦٽو ڪيو، ۽ هاڻ پڪ ٿيس ته راڻو، مومل وٽ پهچي ڪونه سگهندو.

انهيءَ رات راڻي پنهنجي ڏاچيءَ جي ڳولا ڪئي، پر هن کي هٿ نه آئي ۽ نڪي هن کي جت مليا، ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪبير  ڏاچيءَ  کي ڪُهرائڻ لاءِ آتاولو هو، تڏهن هو خوف سببان ڀڄي نڪتا هئا. آخرڪار هن کي ٻوڙو جَت مليو، جو پٺتي رهجي ويو هو. راڻي هن کان نهايت ئي رازدارانه نموني پڇا ڪئي ته” منهنجي  ڏاچي ڪٿي آهي؟“  ٻوڙي جت جواب ڏنو ”تنهنجي پيءُ ڪهرائي ڇڏي،  پر انهيءَ  جو  هڪ  توڏو آهي، جو توکي اهڙيءَ  ئي تيزيءَ سان پهچائيندو.“ ائين چوندي هن کي اُٺن  جي جهوڪ تي وٺي آيو، ۽ اهو توڏو، واڻي جي حوالي ڪيائين، ۽  پوءِ راڻي جي لانگ ورائڻ جي دير هئي. ان پنهنجي ماءُ کان به تيز رفتاريءَ سان راڻي کي مومل جي محلات ۾ آڻي رسايو.

ان رات راڻو پنهنجي دستور خلاف مومل وٽ ساري رات ڪين ترسيو، بلڪ صبح کان اڳ گهر موٽي آيو ۽ ڪپڙا  صاف ڪري اچي زال وٽ حاضر  ٿيو ته جيئن هن کي شڪ نه پوي. راڻي کي صبح جو گهر ۾ ڏسي جوڻس ۽ سندس پيءُ سمجهيو ته راڻو هاڻي مومل وٽ ڪونه ٿو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org