سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

سوچ - لوچ

8- مارچ تي هر سال سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آهي، ته جيئن ان ڏينهن تي خصوصي طور عورتن جي خدمتن کي مڃتا ملي. سڄي دنيا ۾ ان ڏينهن تي عورتن جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن، خدمتن ۽ جدوجهد تي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو آهي، سيمينار، ڪانفرنسون، ورڪشاپ ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون آهن، جن ۾ عورتن سان گڏوگڏ مرد پڻ حصو وٺندا آهن ۽ عورتن جي جدوجهد کي ساراهيو ويندو آهي.

ان حقيقت کان عالمي ليول تي ڪوبه انڪار ناهي ته سڄي دنيا ۾ عورتن ادب تعليم و تدريس، سائنس، آءِ.ٽي، ميڊيڪل توڙي زرعي شعبي ۾ مردن سان ڪلهوڪلهي ۾ اوترو ئي پاڻ ملهايو آهي، جيترو مرد حضرات خدمتون سرانجام ڏين ٿا. ڪن ڪن شعبن ۾ ته عورتن جي ڪاميابي مردن جي ڪاميابيءَ کان اڳڀري آهي. جتي جتي، جنهن جنهن شعبي ۾ عورتن کي ڪم ۽ خدمت جو موقعو مليو آهي، عورتن پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن سان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن جي خدمتن کي اوتروئي اهميت ملڻ گهرجي جيتري مردن کي حاصل ٿئي ٿي.

دنيا وانگر اسان جي سماج ۾ پڻ عورتن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تحقيق ۽ تدريس کان علاوه ادب، فن، صحافت توڙي سماجي خدمتن جي شعبي ۾ عورتون اڳيان آهن. اهڙيءَ طرح زرعي شعبي، گهريتيڙي سان گڏ پنهنجي اولاد جي پالنا اهڙيون ذميواريون آهن، جيڪي صرف ئي صرف عورتن جي حصي ۾ اچن ٿيون، ان کان علاوه اسان جي معاشري سان گڏ ڪيترن معاشرن ۾ عورتون پورهيو ڪري پنهنجي ٻچن جي گذر سفر سان گڏ سندن تعليم ۽ تربيت لاءِ جستجو ڪن ٿيون.

عورتن جي خدمتن خاص طور هن سائنسي دور ۾ عورتن جي جستجوءَ کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز ئي نٿو ڪري سگهجي، ۽ عورتن جي مختلف شعبن ۾ ڪاميابيون هڪ مڃيل حقيقت آهن.

عورتن جو ماضيءَ ۾ توڙي هن سائنسي دور ۾ اقتصادي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي، جنهن کي ڪيترن ئي معاشرن ۾ مڃتا حاصل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن کي تعليم ۽ تربيت جا سمورا موقعا حاصل هجڻ گهرجن، ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيت ۽ قابليت سان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن، ۽ سماجي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت جو استعمال ڪري سگهن.

مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمن مقرر:

        سنڌ حڪومت پاران مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ کي سنڌي ادبي بورڊ جو نئون چيئرمن مقرر ڪيو ويو آهي.

        چيئرمن طور مقرريءَ کان پوءِ مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ سنڌي ادبي بورڊ جو دورو ڪيو۽ بورڊ جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ ملازمن کان تجويزون پڻ ورتيون ته جيئن انهن تجويزن جي روشنيءَ ۾ وڌيڪ اُپاءُ وٺي سگهجن. چيئرمن صاحب بورڊ جي هر سيڪشن جو دورو پڻ ڪيو ۽ آفيسن کي بهتر ڪرڻ ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون ته جيئن سنڌي ادبي بورڊ جا ملازم ان ڳالهه ۾ پُرعزم هجن ته نئين چيئرمن جي سربراهيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ بهتر نتيجا ڏئي سگهندو.

        سنڌي ادبي بورڊ جي ملازمن مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ جي چيئرمن طور مقرريءَ جي آجيان ڪئي ۽ سَرهائيءَ جو اظهار ڪيو.

          سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ جي ناميارين ليکڪائن ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، آپا نذير ناز، آپا مريم مجيدي ۽ محترمه حسينه ساند جي ادبي خدمتن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سهڪار سان هڪ باوقار تقريب منعقد ٿي، هن تقريب ۾ هنن ليکڪائن جي خدمتن کي ساراهيو ويو، ڪافي قلم ڌڻين شرڪت ڪئي ۽ مختلف اديبن داڪٽر تنوير جوڻيجو،
آپا نذير ناز، آپا مريم مجيدي ۽ محترمه حسينه ساند جي زندگيءَ، لکڻين ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي ۽ سندن قلمي پورهئي تي خراج پيش ڪيو. اديبن ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي گڏيل سهڪار سان ٿيل هن تقريب جي انعقاد تي تمام گهڻو ساراهيو ويو. هن قسم جون تقريبون نه صرف معاشري جي صحتمنديءَ جي افزائي ڪن ٿيون ته ٻئي طرف قلم ڌڻين جي همت افزائي پڻ ٿئي ٿي، اميد ته سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي گڏيل سهڪار سان هن قسم جا پروگرام پڻ مستقبل ۾ منعقد ٿيندا رهندا.

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج)

ابراهيم منشي

 

 

(جنم: 15- جنوري 1934ع- وفات: 31- جولاءِ 2003ع)

وائي

 

چاهه چانڊوڪيون راتڙيون،

تو بنا ٿيون ڪهن ڪاتڙيون.

چپ تنهنجا چُريا، ٻول تنهنجا ٻُريا، ساز ڄڻ ڪي سُريا،

لار ماکيان مٺيون لاتڙيون.

پاڻ توتان وارجي، اڃا به تو نکارجي،وري وري به وارجي،

تن من تنهنجيون تاتڙيون.

تون سُمهين ته ساهه ۾، مُشڪ ٿئي هوا ۾، انڊلٺ اُهاء ۾،

جوڀن پائي جهاتڙيون.

ڪر تون پردو پري، منهن ۾ مشعل ٻري، سج سجدا ڪري،

”منشي“ ٿين ملاقاتون.

 

شيخ اياز

 

 

(جنم: 23- مارچ 1923ع- وفات: 28- ڊسمبر 1997ع)

 

جيسين اُڀري اُڀّ ۾، مينهُن ٻڌي مانڊاڻ،

تيسين پنهنجو پاڻ، ڌار نه ڪجو ڌڻّ کان!

ڪُڻڪيا ڪجهه ته ڪنواٽَ، توڙي ماڳُ نه ويجهڙو!

اِئين ويندي واٽَ، ڀارِي هئي ڀونءِ تي.

ڦِڦِڙ ڪن ڦرڙاٽَ، توڙي اُتر واءُ ۾،

پوءِ به ساڳي واٽَ، پوءِ به ساڳا پنڌڙا!

مارو ڌارون ڌارَ، ڪَتيءَ ڪڪر اُڀّ ۾،

اچن شل ٻيهارَ، ماڪڙ وانگر مينهڙا!

اوڏا اڏي نِجهُرا، هي جي ويٺا ڙي،

متان ڪو تن کي، ڌِڪي پنهنجي ديس مان!

اِجهو ڌُٻِي ڌَر، ڪِريا ڪوٽَ ڪَلُور جا،

هيڻون هانءُ نه ڪَر، باقي ٿورا ڏينهڙا.

وري رات ڀِنِي، وري تارن تڪيو،

ڪائي ڳَنڍِ ڇِنِي، ڪيئي گيت ٽڙي پيا.

وري ٿِي وراڻَ، گسن گل ڦل موريا،

وري واسيا ڀاڻَ، وايون مَهڪيون واٽ تي.

ڇَنن ٿي ڇمڪارَ، وِڄون وريون اُڀّ ۾،

اڄ جيڪا وسڪارَ، مَٽُ نه اُن جي مينهڙا.

اچي ٿو هيڪارَ، موت ته سڀني جي مٿان،

مُئيءَ ناهه ميارَ، جي تون جِيئين جَسّ سان.

 

سنڌ جي سرزمين ”باب الاسلام“ آهي، هتي هر دور ۾ وڏا محقق، عالم، اديب، عارف ۽ صوفي شاعر پيدا ٿيا، جن پنهنجين تخليقن سان سنڌيءَ جهڙي سٻاجهڙي، سهڻي ۽ سلوڻي زبان کي مالامال ڪيو.

برصغير ۾ واديء سنڌ اهو سعادتمند خطو آهي، جنهن کي سڀ کان پهرين اسلام جهڙي اعليٰ مذهب سان روشناس ٿيڻ ڪري ”باب الاسلام“ جو لقب عطا ٿيو. پهرين صدي هجري جي آخر ۾ جڏهن عرب مسلمان فاتح هتي پهتا ته اهي پاڻ سان گڏ عربي ٻولي (جيڪا قرآن مقدس جي ٻولي پڻ آهي) کنيو آيا ۽ برصغير جي سڀني ٻولين مان هن علائقي جي سٻاجهڙي، سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي ٻوليءَ جو عربي ٻوليءَ کان اڳ ۾ تعارف ٿيو ۽ سنڌي ٻولي عربي زبان کان اثر وٺي هڪ نئين روپ ۾ نمودار ٿي. هتي ٿوري ئي وقت ۾ وڏا وڏا محقق، عالم، اديب، عارف ۽ صوفي شاعر پيدا ٿيا، جن سنڌي ادب ۽ ساهت کي شعائر الله، اسلام جي علامتن، اصطلاحن ۽ اصولن جي ذڪر سان ڀرپور ڪري سنڌي ادب کي نئون جامون پهرايو.

قديم دور جو ادب گهڻو ڪري ڏوهيڙن جي شڪل ۾ ملي ٿو. هن سلسلي ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، قاضي قاضن، ميون شاهه عنايت، شاهه لطف الله قادري، شاعرن جو شهنشاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان لواريءَ وارو، سچل سرمست درازي ۽ ٺٽي جي مخدومن جا ڏوهيڙا ۽ ڪلام اسلامي علامتن ۽ قرآني آيتن سان ڀرپور آهن.

 

پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم

       ڪتاب: ”چونڊ علمي مضمون“

ص 11 تان کنيل

ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

 

 

 

 

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ ۽ ان جي صوتي حيثيت

 

 

1. اڀياس جو پسمنظر:

وسرڳ (Aspirate) جو تعلق آواز سان آهي، وسرڳ ڪنھن اوسرڳ وينجڻ آواز ۾ ڦڦڙن مان ڌوڪ ملائڻ سبب بيـﻫـندو آهي؛ جنـ هن سبب هن جو الڳ ڪو مخرج ڪونه هوندو آهي، بلڪ ڪنـ ھن اوسرڳي وينجڻ آواز ۾ ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان وسرڳ وينجڻ آواز جڙندو آهي. مثلاً: ’ج‘ سخت تارون وارو ڳرو ڌوڪڻو آهي، يعني هن جو مخرج سخت تارون آهي؛ ساڳئي مخرج (Point of Articulation) وٽ صرف ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان ’جھ‘ جو آواز نڪرندو. سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا ۾ ڪل ڏهه وسرڳ (ڀ، ٿ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک ۽ گهه) پڙهايا ويندا آهن، جڏهن ته پنج وسرڳ (ڙه، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه) سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ صورتخطيءَ جي صورت ۾ پڙهايا ويندا آهن.  اهڙا آواز جن جا ممڪن وسرڳ (Aspirate) ٿي سگهندا آهن، تن کي ’اوسرڳ‘ (In aspirate) ڪوٺبو آهي، مثال طور: ب، ت، ٽ، ج، چ، د، ڊ، پ، ڪ ۽ گ، سنڌي آئيويٽا/ الف- بي موجب ’اوسرڳ‘ آهن؛ جڏهن ته سنڌي ٻاراڻي ۾ ڄاڻايل وسرڳن موجب ’ڙ، ل، م، ن ۽ ڻ‘ پڻ اوسرڳ آهن. ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ آواز به صوتيي (Phoneme) جي حيثيت رکندڙ آهي.

صوتيي (Phoneme) مان مراد اهڙو آواز جيڪو لفظ ۾ معنوي فرق رکندڙ هجي. لسانيات پٽاندر آواز (Phone) جا ٻه قسم آهن: وينجڻ (Consonant) ۽ سُر (Vowel). سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن سڀني آوازن مان هرهڪ کي صوتيو  (Phoneme) چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنـ هن به لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ڪندڙ هوندا آهن، مثال طور:

    وينجڻ آواز جي مٽجڻ سان:

·       ٻارُ: ننڍڙو ڇوڪرو/ ڇوڪري- ابهم- نابالغ- بي سمجهه وغيره.

·       بارُ: وزن- ٻوجهو- سامان وغيره. (جيٽلي، 2000: 43)

·       پارُ: درياه يا ڪنـ هن به ڌار جو ٻيو پاسو يا ڪپ- ڏس- پتو وغيره.

·       ڏارُ: چيرُ- ڦوٽ- ڦاڙ- وڍُ- ڦاڪُ وغيره.

(مٿين لفظن ۾ صرف اڳيون وينجڻ آواز تبديل ڪرڻ سان معنوي فرق ٿئي ٿو، ان سبب اڳئين هر وينجڻ آواز کي صوتيو (Phoneme) سڏبو.)

    سُر آواز جي مٽجڻ سان:

·       ڪَنو: ڪنـ هن ٿانوَ جو ڪنار- پاسو- گهيرَ، ڀر- ڪنارِي- حاشي، وٽِ وغيره.

·       ڪِنو: خراب- ميرو- ڪوجهو- بُرو وغيره.

·       ڪُنو: رڌ پچاءَ جي ڪم ايندڙ ٺڪر جو ديڳڙو- ڏڌ ولوڙڻ لاءِ چاڏي وغيره.

·       ڪانو: سَرَ جي ڏانڊي. جوئر يا ٻاجهري وغيره جو ڳَنو. ڇڙهي- لڪڙي- ڏنڊي- لڪڻ. تارازيءَ جو ڳن. ڳَٽ وغيره.

(مٿين لفظن جي صرف پـ هرين وينجڻ (ڪ) جي زبر /اَ/، زير /اِ/، پيش: /اُ/ ۽ مد: /آ/ مٽائڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو. جنهن سبب انهن سر آوازن کي صوتيو ڪوٺبو)

لسانيات موجب آواز ۽ صوتيي جو فرق معنوي بنياد تي رکيو ويو آهي. پروفيسر علي نواز جتوئي ڄاڻائي ٿو ته: ”صوتيو اهو آواز يا آوازن جو گروهه آهي جو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. انهيءَ ڪري بلوم فيلڊ (Bloomfield) صوتيي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ آوازي نوعيت جو ايڪو سڏي ٿو...“

(جتوئي، 1996: 69- 70)

2. اڀياس جو سوال:

هن پيپر جو رخ هيٺئين سوال تي ٻڌل آهي ته:

s             سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪي به وسرڳ آهن، تن جي ڪهڙي صوتي حيثيت آهي؟

3. وسرڳ جي صوتي حيثيت جو اڀياس:

علمي لحاظ کان ڊاڪٽر غلام علي الانا وسرڳ جي مخرجي حيثيت بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”هيءَ هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته آوازن جي اچارڻ مـ هل ڦڦڙن کان ايندڙ هوا جو زور، ڪن حالتن ۾ ججھو ٿيندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ گهٽ ٿيندو آهي. هوا جو زور ’پيٽ ڇـ هه‘ (diaphragm) جي وسيلي ڏنل زور تي مدار رکي ٿو. جڏهن هوا جي داٻ ۾ زور گهڻو هوندو آهي، ۽ هوا جي لنگھ ۾ رڪاوٽ يا رنڊڪ پيل هوندي آهي، تڏهن انهيءَ رنڊڪ يا رڪاوٽ جي ’هٽڻ يا ڇٽڻ‘ سان، هوا جي ڦوڪ هڪدم آواز جي پويان، ان سان گڏوگڏ، ٻاهر ڌوڪيندي ايندي آهي. هوا جي انهيءَ ’ڦوڪ‘ کي ’وسرڳائي‘(Aspiration) چئبو آهي.“  (الانا، 2009: 77))

سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان هتي اهڙن وسرڳن جي تعداد ۽ ان جي صوتي حيثيت تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪبي. حقيقت اها آهي ته صورتخطيءَ جي خيال کان وسرڳن ۽ ان جي فونٽن بابت ڪافي عرصي کان اسان وٽ مونجهارو رهيو آهي، ان جو مک سبب لاپرواهي ۽ اڻڄاڻائي پڻ آهي. هڪ وڏي عرصي کان ان جي فونٽن بابت به بحث هلندو رهيو آهي، پر ان تي اسان جا ادارا باضابطا ڪو خاطر خواه توجـ هه نه ڏئي سگهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي وسرڳ صوتي حيثيت رکن ٿا، ڪي صوتي دائري کان ٻاهر آهن. وسرڳن جي صوتي حيثيت جو درجو ڪيترو آهي، ان بابت اڃا ڪو ڪم سامهون نه ٿو اچي.

فرض ڪريو ته اسان وٽ وسرڳ، صوتيي جي حيثيت سان آئيويٽا ۾ شمار ڪيا ويا آهن، جيڪي صرف ڏهه آهن: ڀ، ٿ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک ۽ گهه. انهن جا اوسرڳ (In Apirates) آهن: ب، ت، ٽ، ج، چ، د، ڊ، پ، ڪ ۽ گ. جيڪڏهن انهن کي صوتيي (Phoneme) جي اصول/ پيراميٽر ۾ توربو ته هيٺين ريت معلوم ڪري سگهبو:

اوسرڳ

مثال

وسرڳ

مثال

ب

بَرُ = ويڪر- موڪرائي- مُنڍو. ڪپڙي جو پنو- عرَضُ. رڻ پٽ- بيابان. کنڊ- ٿڪل حالت ۾ وهنجڻ يا پاڻي پيئڻ ڪري بدن ڪُڙجي پوڻ جي حالت.

ڀ

ڀَرُ = زور- سَتُ. جهَل- ٽيڪَ. آڌارُ- آسرو- ڀروسو- وسيلو- داٻُ- دٻاءُ. بارُ- وزن. ڀراءُ- ڀنڊار- خزانو. تڪبر- غرور- هٺُ.

ت

تَرُ = ترو- پاڻيءَ جو هيٺيون دنگ- ڪنـ هن به شيءِ جو هيٺيون پاسو. جتيءَ جو تري وارو ڀاڱو. بنياد. مٿاڇرو- سطح. آسپاس- پسگردائي- ويجهي ڇِڪَ- ويجهڙائي. ڪپڙي جي اڻت-.گهاٽائي. ڊيگهه. سَرن جا پڪل ٻوڙا. شرط ۾ لڳايل رقم. لانجهو- هيڻو- مرڻينگ.

ٿ

ٿَرُ = مٽيءَ جو ڪيل ڍير، دڙو. واريءَ جي دڙن ۽ ڀٽن وارو ملڪ. ريگستان. غير آباد ملڪ. پاڻيءَ جو ڇڏيل ريٽ- لَٽُ- رءُ. کير جي گَجُ. کير ۽  ڌؤنري جو ملائيءَ وارو تهه.

ٽ

ٽِڪَ = مُنڊيءَ جي ٽِڪَ- هڪ جاءِ تي پوري

بيـ هڪ. اصل.

ٺ

ٺِڪَ = ٿورو پنڌ- قدم- وک.

ج

جَرُ = جل- پاڻي- آب- لڙڪ- ڏيک- چمڪو- همت- جام- گهڻو.

جهه

جَهرُ = جهنگ- ميدان- هي لفظ فقط ’جهنگ‘ سان گڏ استعمال ٿئي ’جهرُ جهنگ‘، ’جهنگ جهرُ‘.
جَهرَڻ (ڳڻتي- ڳاراڻو- جهوري) جو امر.

چ

چَـرَ = کڏَ- چَري. اها کڏ جنهن ۾ باهه ٻاري مٿان ديڳ چاڙهجي. ڪپڙي ڦاڙڻ جو آواز.

ڇ

ڇَرَ = پاڻيءَ جي اٿل- ليٽَ- ٻوڏِ. هيٺاهينءَ زمين ۾ بيٺل تانگهو پاڻي. پاڻيءَ جي لسَ. درياهَ جي چاڙهه جو پاڻي.

د

دَنُ = اناج جو ڍير يا گُندي- گاه يا ڪانن جو وڏو ڍير- ڍِڳُ- سَٿِي.

ڌ

ڌَنُ = چوپايو مالُ. ڌَڻُ- نصيب- بخت- ڀاڳ- ملڪيت- ناڻو- دولت- مال- متاع- مايا- خزانو- دنيا- زر- اِملاڪ- ٽڪو- ٽُڪر- مُوڙي- پونجي- آجڪو- اَجهانگ- الهو تلهو. قوس- ڪمان- جَسُ- شاباس- آفرين- واه واه- خوش رهه.

ڊ

ڊُڪَ = ڊوڙ- ڀاڄ- ڀَڄ- ٽاپي- سَٽ- لُوههَ

ڍ

ڍُڪَ = (ڍُڪُ جو جمع) سرُڪَ- سُرڪي- سُرڪو- ڳيتَ- ڇِڪَ- اُرڪ- چُڪو- کَپَ- چَرون.

پ

پَڪَ = مضبوطي- پڪائي- تصديق- يقين- خاطري- دلجاءِ- تحقيق- فيصل ٿيل معاهدو. خاطريءَ سان- ٺيڪ- برابر- يقيني.

ڦ

ڦَڪَ= (ڦَڪُ جو جمع) ڪنهن سفوف يا چُوريءَ جي لپ- ڦڪي- ڦڪو- ترڪي- لپ ۾ ايندڙ ڪنهن شيءِ جو انداز. هڪ ئي واري سان وات ۾ پئجي سگهندڙ شيءِ جو انداز. گرهه. ذرو- ٿورو- حصو.

ڪ

ڪَنُ = ٻڌڻ جو ڪم ڏيندڙ مشهور عضوو يا حواس- گوشُ- سمعُ- اُذن. توجـ هه- ڌيان- خيال- ڊپ- ڀؤ- خطرو- انديشو- بي سمجهه- موڳو- موڳشٽ. ڳڻپ- شمارو. ڇيڙو- پڇاڙي. ستار يا سرندي جي ڳيٽي- ڄاريءَ جو رسو- پکين ڦاسائڻ جو ٽنگڙ جو پاسو.

ک

کَنُ = مانيءَ جو ٽڪر- ٽُڪر- ڀور، ڳڀو- چوٿو- ماني وغيره جو اڌ. اٽڪل- اندازا- اٽڪل رُوءِ- لڳ ڀڳ- ڌاري- ٿورو اڳتي- ٿورو پوءِ- قريباً (جيئن: سؤ کَنُ يا سير کَنُ). انگن جو ميڙ ڏيکاريندڙ عدد، مثلاً ڏهاڪو کن- ويهارو کَنُ. اَکَ

گ

گَرُ = بدن وغيره سان گڏ ڄميل مٽي- گندگي- مَرُ- مٽي- ميرُ- ميراڻ- ميلُ- ميرائي- غلاظت (بت تي). چمڙيءَ جي بيماريءَ جو هڪ قسم- خارش- ڪرِنهِن- جانور جي بيماريءَ جو قسم. هڪ يا ان کان وڌيڪ جبلن وارو ملڪ.

گهه

گَهرُ= رهڻ جي جاءِ- جاءِ- مڪان- اَجهو- جهُڳو- چونڪي- چؤنڪي- چؤنرو- ڇنو- مَنَهُن- لانڍي- صفو- ڪوٺو- بنگلو- محلات- ڇپر- ڀونگو.

 

(بلوچ: 1960، 1981، 1984 1985، 1988. جامع سنڌي لغات جلد: 1- 5)

هي خيال خاطر چند مثال اوسرڳ ۽ وسرڳ آواز جا ساڳين لفظن واري بيـ هڪ ۾ تبديل ڪري ڏٺا ويا، جن سبب لفظن ۾ معنوي فرق معلوم ٿيو. ان سبب اهو ئي چئي سگـ هبو ته اهي ٻنهي قسمن (اوسرڳ ۽ وسرڳ) جي آوازن مان هرهڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتيي (Phoneme) جي حيثيت رکي ٿو.  توڻي جو اها وسرڳائي (Aspiration) لاڙي لـ هجي جي عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ گـ هٽ آهي، تنـ هن هوندي به سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لـ هجن نسبت، يڪسان طور تي، سنڌي آئيويٽا ۾ اهڙن وسرڳ آوازن جا اکر رکڻا پون ٿا. ڄاڻايل وسرڳن جي استعمال ٿيڻ جي سطح معلوم ڪرڻ وارو معاملو وري هڪ الڳ زاويو ٿي وڃي ٿو، جنـ هن تي پڻ ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي.

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب وسرڳن بابت تقابلي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته: ”وسرڳ آواز، انگريزي ٻوليءَ ۾ به ملن ٿا؛ پر انگريزي زبان جي صوتياتي نظام ۾ وسرڳائي، صوتي (Phonemic) نه آهي، پر سنڌي صوتياتي نظام موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ وينجڻ آواز ڌار صوتئي جي حيثيت رکن ٿا. جڏهن ته انگريزيءَ ۾ وسرڳ آواز ڌار صوتئي طور ڪم نه ٿا اچن. مطلب ته سنڌيءَ جي صوتياتي نظام موجب [پ] ۽ [ڦ] ٻه ڌار ڌار صوتيه (Phonemes) آهن. …اهڙا وسرڳ آواز آهن: ڦ، ڀ، مهه، ٿ، ڌ، ٺ، ڍ،  ڻهه، نهه، ڇ، جھ، ڙهه، ک، گھ، لهه.“         (الانا، 2009: 75- 76)

ڊاڪٽر الانا جي ڄاڻائڻ مطابق وسرڳي آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتئي جي حيثيت رکن ٿا؛ ۽ ظاهر آهي ته جيستائين آئيويٽا ۾ ان وسرڳي آواز لاءِ ڪو اکر يا علامت مقرر نه ٿي ڪئي وڃي، تيستائين ان آئيويٽا کي اڌورو ئي ڀانيو ويندو آهي. ان لاءِ موجوده آئيويٽا ۾ اهڙا ڏهه وسرڳ شامل ڪيا ويا آهن؛ بعد ۾ پنج وسرڳ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب/ ڪچي پـﻫـرين درجي ۾ صورتخطيءَ جي خيال کان ڏنا ويا آهن. اڄ تائين انهن کي آئيويٽا / پٽيءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. موجوده دؤر ۾ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اهي پنج وسرڳ جيڪڏهن صوتئي جي تارازيءَ ۾ پورا لـﻫـن ٿا ته انهن کي آئيويٽا ۾ شامل ڪرڻ گهرجن، ٻي صورت ۾ ضميمي طور ئي سـﻫـي، سنڌي پٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ گهرجن. مذڪوره ’ڙهه، نهه، ڻهه، مهه، لهه‘ نظر انداز ٿيل وسرڳن جي سندن اوسرڳ آواز جي مٽا سٽا سان معنوي فرق معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺيان مثال ڏجن ٿا:

اوسرڳ

مثال

وسرڳ

مثال

ڙ

ڪوٗڙُ= تاڃي ڪڍڻ لاءِ ميدان ۾ کوڙيل ڪِلن جي قطار- تاڃي ڪڍڻ لاءِ ڪم ايندڙ ڪاٺي- ڪروڙ

ڙﮩ

ڪوٗڙﮩ= بدن تي اڇا داغ ڪندڙ هڪ وچڙندڙ بيماري- جذام

ڪُڙِ = ٿڪ، ٿڪاوٽ. ڪڪڙ کي هڪلڻ جو آواز

ڪُڙهه = ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي پلجڻ ۽ وڏي ٿيڻ جي جاءِ

سَڙُ = (امر) سڙڻ، ڪاوڙ ۾ پچڻ

سَڙهه = ڪم ڪوس يا سست (ڏاند)

ل

ڪَلَ = سُڌ، ڄاڻ؛ انجڻ؛ اٽي جي ڳوهه

لهه

ڪَلههَ = گذريل ڏينـﻫـن

مالَ = ڌن، ڍور ڍڳا (جمع)

مالههَ = هار؛ نار ۾ لوٽين ٻڌڻ لاءِ رسو

ڪُلو = پٽڪي هيٺان وجھندڙ ٽوپي

ڪُلهو = ٻانـﻫـن ۽ ڪنڌ جو وچيون حصو

مَلَ = مـ هٽو؛ گدلاڻ

مَلههَ = سنڌي ڪشتي

ن

ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجڻن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

نهه

ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجڻن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

ڻ

ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجڻن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

ڻهه

ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجڻن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

م

ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجڻن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

مهه

ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينجڻن جي مٽ سان مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.

سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ صورتخطيءَ جي نسبت، ڏنل مٿين پنجن وسرڳن (ڙ، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه) کي صوتيي جي اصول/ پيراميٽر تي جاچيو ويو، جنهن مان معلوم ٿيو ته انهن پنجن وسرڳن مان ’ڙﮩ ۽ لهه‘ صوتي (Phonemic) حيثيت رکن ٿا، باقي گهُڻن وينجڻن (ن، ڻ ۽ م) جا وسرڳ صوتي معيار (Phonemic Standard) تي پورا نه ٿا لهن.

4.  اڀياس جو نچوڙ:

·       وسرڳ جو وينجڻ آواز، ڪنـ هن اوسرڳ وينجڻ آواز ۾ ڦڦڙن جي ڌوڪ ملائڻ سان بيـ هندو آهي.

·       سنڌي آئيويٽا موجب اوسرڳ آواز صرف اهي ئي سڏبا آهن، جن جا وسرڳ ممڪن هجن، جيئن: ب، ت، ٽ، ج، چ، د، ڊ، پ ۽ ڪ.

·       سنڌي آئيويٽا ۾ صرف ڏهه وسرڳ ڄاڻايل آهن، جـ هڙوڪ: ڀ، ٿ، ٺ، جهه، ڇ، ڌ، ڍ، ڦ، ک ۽ گهه.

·       سنڌي صورتخطيِءَ جي نسبت، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ پنج اضافي وسرڳ ڄاڻايل آهن، جـ هڙوڪ: ڙه، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه، جن جا اوسرڳ: ڙ، ل، م، ن، ڻهه آهن.

·       ڄاڻايل پندرهن وسرڳن کي صوتيي (Phoneme) جي پيراميٽر ۾ جاچيو ويو. ياد رهي ته صوتيو، ڪنـ هن ساڳي لفظي جوڙجڪ ۾ صرف گهربل آواز (وينجڻ توڻي سُر) بدلائڻ سان معنوي فرق ڏيکاريندو آهي. 

·       جاچڻ بعد واضح ٿيو ته سنڌي آئيويٽا ۾ ڄاڻايل ڏهه وسرڳ، صوتيي جي پيراميٽر ۾ پورا لـ هن ٿا، جڏهن ته سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڏنل پنج اضافي وسرڳن مان ٻه /ڙ/ ۽ /لهه/ وسرڳ صوتي (Phonemic) حيثيت رکن ٿا، باقي ٽي گهُڻا وسرڳ [مهه]، [نهه] ۽ [ڻهه] صوتيي جي اصول تي پورا نه لهن.

5. نتيجو:

هن پيپر ۾ تمام مختصر انداز ۾ ڊاڪٽر الانا جي ان راءِ کي جاچيو ويو ته ”سنڌي صوتياتي نظام موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ وينجڻ آواز ڌار صوتئي جي حيثيت رکن ٿا.“ ڊاڪٽر الانا جي راءِ کي صوتيي جي ميزان/ اصول/ پيراميٽر ۾ ڏسڻ بعد هيٺيون نتيجو نڪتو:

·       سنڌي آئيويٽا ۾ ڏنل ڏهه وسرڳ /ڀ/، /ٿ/، /ٺ/، /جهه/، /ڇ/، /ڌ/، /ڍ/، /ڦ/، /ک/ ۽ /گهه/ سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتي (Phonemic) حيثيت رکن ٿا.

·       سنڌي صورتخطيءَ نسبت، سنڌي ٻاراڻي ڪتاب ۾ ڏنل پنجن وسرڳن ، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه) مان ٻه وسرڳ /ڙﮩ/ ۽ /لهه/صوتي (Phonemic) حيثيت رکن ٿا، جڏهن ته گهُڻا وسرڳ [مهه]، [نهه] ۽ [ڻهه]سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتي (Phonemic) حيثيت نه ٿا رکن.

 

حوالا/ ذريعا:

×   الانا، غلام علي، ڊاڪٽر[1967] 2009ع، سنڌي صوتيات- حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.

×       بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960، 1981، 1984 1985، 1988ع)، جامع سنڌي لغات، جلد ترتيبوار 1 کان 5. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

×   جتوئي، علي نواز، پروفيسر [1968] 1996ع، علم لسان ۽ سنڌي زبان، ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

×   جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر، (2000ع)، سنڌي ڌوَني وگيان (سنڌي صوتيات)،  دهلي: اکل ڀارتيه سنڌي ساهتيه،

×   سنڌي ٻاراڻو ڪتاب، (2018ع)، ڄام شورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org