سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:10 

ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ

 

 

 

ڪافي

ساگر منهنجو مَنُ سرڪار،

بوندون بڻجي پاڻ سمايون.

خوشبو خوشبو منهنجو هر پل،

سونهن سڄڻ سنسار.

چاهت منهنجي منزل مٺڙا،

پرت سڄو وهنوار.

روشن روشن رخشان رخشان،

جيون مند بهار.

ڪومل ڪومل جذبا سارا،

درسن دم دم يار،

خوشيون ساريون نغما نغما،

هرجا ميگهه ملهار.

گلشن گلشن نينهن سورو،

دل پڻ لاله زار،

گل ڦل منهنجو چاهه نيارو،

نرمل رت مهڪار،

رم جهم رم جهم ساعت ساعت،

”عادل“ قرب قرار.

 

گيت

 

همقدم آهيان صنم،

توکي ٿو چاهيان صنم.

محبتي من تان فدا.

گل گلابي زندگي،

مهڪ خوشبو روشني.

دل پسند جوڏس ضيا.

پاڻ وٽ سڪ جو وکر،

پرت چاهت جو ثمر.

قرب سارو بي بها.

سونهن جوڀن جو چمن،

ٿي پوي جنهن ۾ مِلن،

گلبدن توسان سدا.

روح جو رشتو، عجب،

جو رهي ٿو با ادب،

چو طرف جانِ وفا.

قرب ڪامل جستجو،

سُرت ساعت گفتگو،

نينهن نرمل جابجا.

محبتي ميدان ۾،

عاشقي وجدان ۾،

با وفا هرهڪ عطا.

سڪ اندر ”عادل“ سڙي،

ڪو نه پوءِ به ٿو مڙي،

عشق بخشيا حوصلا.

 

غزل

 

دل ڏي يا نه ڏي دلبر، دلدار جي مرضي آ،

سڪ ڏي يا نه ڏي بهتر، بس يار جي مرضي آ.

دنيا ته پئي هلندي، ميڙو به متل هوندو،

هٿ ڏي يا نه ڏي هرهر، منٺار جي مرضي آ.

رولاڪ پيا رلندا، رهندا به پيا بادل،

گس ڏي يا نه ڏي هيڪر، سرڪار جي مرضي آ.

انمول هجن هيرا، ماڻڪ ۽ سچا موتي،

زرڏي يا نه ڏي زرگر، وينجهار جي مرضي آ.

گلشن ۾ سوين ٻوٽا، گلڙن جا ڏسان ٿو پر،

گل ڏي يا نه ڏي ٻيهر، گلزار جي مرضي آ.

محنت ٿو ڪري هاري، پوکون به پچائي ٿو،

اَنُ ڏي يا نه ڏي اڪثر، ڀوتار جي مرضي آ.

ميدان هجي جنگ جو، تلوار جي پاڇي ۾،

زرهه ڏي يا نه ڏي افسر، سالار جي مرضي آ.

پيرن ۾ يا ڏي دل ۾، يا مرڳو هو ٺڪرائي،

جڳهه ڏي يا نه ڏي برتر، جيدار جي مرضي آ.

هرحال ۾ ”عادل“ بس، راضي ئي رهڻ گهرجي،

سک ڏي يا نه ڏي ڏاتر، ڏاتارجي مرضي آ.

 

مرتضيٰ جمالي

 

 

 

 

غزل

 

ملي ناهي خوشي جيون سفر ۾،

رڳي آ دل جلي جيون سفر ۾.

شروع کان گڏ رهي آ ۽ رهي پئي،

اسان سان بيوسي جيون سفر ۾.

هئي بن يار جي تڪليف جيڪا،

نه ڪنهن سان ٿم سلي جيون سفر ۾.

ٿي پل پل منُ ڏکائي مرتضيٰ جو،

صنم جي بيرخي جيون سفر ۾.

اسان ٿا هاڻ پڇتايون، اجائي،

ڪئي سون دل لڳي جيون سفر ۾.

غزل

ٿاڪ ڪوئي نه گهر مليو آهي،

بس سفر ئي سفر مليو آهي.

پيار ۾ پاڻ کي پرين طرفان،

آجيان ۾ پٿر، مليو آهي.

ياد مان خواب مان نه ٿو نڪري،

شخص ڪو معتبر مليو آهي.

کيس آهي خبر ته عاشق هان،

پو به ٿي بي خبر مليو آهي.

مرتضيٰ ٻيو نه ڪجهه مليو مون کي،

دردِ دل عمر ڀر مليو آهي.
 

غزل

رهي ٿو غم حيات ۾،

وڏي هان مشڪلات ۾.

مان منهنجي دل رهون ٿا ٻئي،

تو دلربا جي تات ۾.

گهري رهي آ ڏس ڪويل،

خدا کان ڪجهه ته رات ۾.

ڪڏهن ته سکُ ڏي سمهڻ،

نه اچ تون ياد رات ۾.

ڇڏي نه مون ڪسر ڪا ڀي،

پرين جي حاصلات ۾.

هٿان تو دلربا ملي،

مان خوش هان تنهن وفات ۾.

خلاف سنڌ جي جو وڙهيو،

هوندو سدا سو سات ۾.

وائي

توبن تنها رات،

تڙپي تڙپي ٿو ڪَٽيان.

مون کان جهلجن ٿا نڪي،

جوڀن جا جذبات،

تڙپي تڙپي ٿو ڪَٽيان.

سوچون تنهنجون ساڻ هِن،

دردن جا لمحات،

تڙپي تڙپي ٿو ڪَٽيان.

جيون سارو سوڳ ۾،

ساهن ۾ سڪرات،

تڙپي تڙپي ٿو ڪَٽيان.

محبوبن ري مرتضيٰ،

ڏنگي مون کي ڏات،

تڙپي تڙپي ٿو ڪَٽيان.

 

گهايل لغاري

 

 

 

 

ابراهيم جويو کي ڀيٽا

بيت

جويو پنهنجي جُوءِ ۾، جوتن جو جولان،

ههڙو مون انسان، ڏِٺو ناهي ڏيهه ۾.

 

جويو پنهنجي جُوءِ ۾، ڏاهپ جي سُڃاڻ،

علمن جي کاڻ، ارپي پنهنجي قوم کي.

 

ٻاريائين ڏيئا، جوتون ڏئي جوت جون،

پايوڪي ليئا، دل سندا تاريخ ۾.

 

سنڌ سڃاتو جويو، سنڌ سڃاتي جويي،

پنهنجو نور نچويو، آندئين پئي سوجهرو.

 

هڪڙي هڪڙي ورق ۾، اوتيائين پئي پيار،

ساجن سڀ ڄمار، گذاري ويو غلام ٿي.

 

گذاري ويو غلام ٿي، هڪڙي سنڌڙي ڪاڻ،

موجن ۾ مهراڻ، پاڻي ڏئي ويو پيار جو.

 

پاڻي ڏئي ويو پيار جو، رهندي سنڌ سڪار،

ماڻهو مڻيادار، ايندا ويندا ڏيهه ۾.

 

جويو جي تخليق ۾، ماڻهپي جون ڳالهيون،

ٽهڪن جون ٽالهيون، پوکي ويو پريت ۾.


 

بيتابُ ناپر

غزل

 

درياءَ ڪنڌيءَ گهرُ تنهنجو،

موجن جو محورُ تنهنجو.

ڇا، سُهڻي پَسيئي ڪنهن رات!؟

سامهون آهي در تنهنجو!

يا ڪنهن ڪارڻ دروازو،

ٿئي ٿو بند ساجُهر تنهنجو.

مون کي هڪڙو ”ٿَرُ“ ڏيئي ڇڏ!!

باقي سارو تَرُ تنهنجو.

بيههُ! ڀٽ شاهه جي روضي ۾،

مان بڻجان مُصورُ تنهنجو.

سنڌ جيجل ۾ ساههُ آهي،

باقي سَکڻو سِرُ تنهنجو.

ڄام- تماچي، نُوري ڏي،

ڪارونجهرُ ڪينجهرُ تنهنجو.

مان اُن جو به ”ٻانهن ٻيلي“،

جيڪو بڻجي وَرُ تنهنجو.

مومل جي ماڙي پَسيان!

پنڇي بڻجان پَرُ تنهنجو.

 

غزل

 

خواب ساڀيائون رُنيُون،

آسَ آشائون رُنيُون.

مارئيءَ جي ڀيڻ جُون،

ڀاڳ ريکائون رُنيون.

گهوٽ پوڙهي سان ڪُنوار،

جُون لڌل لائون رنيون.

شاهه آ تنهنجيءَ سِنڌُ ۾،

پئي تمنائون رُنيون.

لاش رڻ ۾ لا وارثُ،

هاءِ! صحرائون رُنيُون.

پُٽ نه پيءُ جي ادبَ ۾،

خامُ دعوائون رُنيون.

پهريان شاعرُ رُنو،

پوءِ ڪوتائون رُنيون!

 

سيد رفيق امروٽي

 

غزل

 

مٺا محبوب جي مرڪي نهاريندين به مان تنهنجو،

تکا تون تير اَبرن جا الاريندين به مان تنهنجو.

 

ستمگاري به سونهين ٿي وفاداري ته ڇا چئبي،

جي ٻاريندين به مان تنهنجو ۽ ٺاريندين به مان تنهنجو.

 

تون ليکين يا نه ليکين مان ته تنهنجي ليکي ۾ آهيان،

پني تي پيار جي رکندين يا واريندين به مان تنهنجو.

 

کِلائيندين کلي پوندس، روئاريندين پيو روئيندس،

جي ڏيندين آٿتون وهوا جي ماريندين به مان تنهنجو.

 

نگاه ناز سان اڪثر نوازيندو رهيو آهين،

هٿن سان ڪو زهر پيارا پئاريندين به مان تنهنجو.

 

جي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ڪندين ڳالهيون ته بسم الله،

ڪڏهن ناراض ٿي در تان ڌِڪاريندين به مان تنهنجو.

 

مون توکي ساهه ۾ سانڍي رکيو آهي اڃا تائين،

مگر تون مون کي اومٺڙا اوساريندين به مان تنهنجو.

 

ڪڏهن تو مون سان گڏ ويهي سڏي تو ڦوٽو ڪڍايو هو،

ڪري اڄ ڏاڍ مون کان دور گهاريندين به مان تنهنجو.

 

مون پنهنجي گهر ۾ گلڪاري ڪئي آهي رڳو تولئه،

اچڻ سان تون اڃا ان کي نکاريندين به مان تنهنجو.

 

عثمان فقير کوسو

 

 

 

 

وائي

 

صبح سان ئِي يار،

تنهنجو ٿيو ديدار.

اڄ ڪي منهنجا ڀاڳ ها.

راحت آئي روح کي،

کلندي ٿي کيڪار.

اڄ ڪي منهنجا ڀاڳ ها.

هلڪي ٿي وئي جان ڄڻ،

دل تان لٿو بار.

اڄ ڪي منهنجا ڀاڳ ها.

ايندين ائين تون اوچتو،

اڳ نه ها آثار.

اڄ ڪي منهنجا ڀاڳ ها.

نيٺ توکي ياد پيو،

پرين منهنجو پيار.

اڄ ڪي منهنجا ڀاڳ ها.

آئين جو عثمان وٽ،

ٿيئڙا قلب قرار.

اڄ ڪي منهنجا ڀاڳ ها.

 

وائي

 

اکڙين آندو آب،

گلڙن تي سيلاب.

پرين نه آئين اڃان.

وئي سرنهن ڦولارجي،

ڪڻڪن ۾ پيو لاب.

پرين نه آئين اڃان.

موٽي آيون موسمون،

ٽڙيا گل گلاب.

پرين نه آئين اڃان.

ساري ساروڻين ڪيو،

قلب کي ڪباب.

پرين نه آئين اڃان.

مل اچي ميلاپ ٿي،

سپنا ٿين ساڀ.

پرين نه آئين اڃان.

عثمان هِن عشق جو،

حد نڪي حساب.

پرين نه آئين اڃان.

 

غزل

 

روز سامهون نه آ وار کولي مٺا،

سونهن تنهنجي ڏسي، هوش ٿين ٿا خطا.

باغ مان گل پٽي ٿو رکين ڳل مٿان،

ٿيو اضافو وڃي حُسن ۾ دلربا.

ٽهڪ تنهنجا ٻڌي موج مهراڻ ڪئي،

سنڌ جهڙي لڳي تنهنجي هر هڪ ادا.

راهه ويندا وري ٿا پون اي پرين،

ناز ايڏا نه ڪر او مجازي خدا.

آ چمن ۾ لٿي ڪا گهمڻ لئه پري،

چئو طرف اڄ اهي مون ٻڌا چهچٽا.

عشق ۾ ٿيندي آ هار ڀي جيت ڀي،

ڇو ته عثمان آ، هي ڏکي ماجرا.

 

غزل

 

لڳي ٿو ته منهنجي دعا قيد ۾ آ،

اگهي ڪا نه ٿي ڪا صدا قيد ۾ آ.

مرڻ ڀي ٿو چاهيان جيئڻ جي به تمنا،

مگر ڇا ڪيان مان رضا قيد ۾ آ.

ڏسي مرض منهنجو مسيحا رنو پيئي،

دوا ڪا نه ٿي ڪا شفا قيد ۾ آ،

سِوا تو حياتي لڳي ٿر مثل ٿي،

ناهي چهچٽو ڪو صبا قيد ۾ آ.

ڏٺم هر جا وفا ۽ جفا کي،

جفا ئي ملي بس وفا قيد ۾ آ.

خطا خدا ڪئي جي ڪيان مان ها ليڪن.

اها ڀي ڪيان ڪيئن خطا قيد ۾ آ.

هِتي آءٌ عثمان رهان دربدر ٿو،

هُتي محب منهنجو جدا قيد ۾ آ.

 

حسيني فقير

 

 

 

 

 

غزل

چورِي جهاتيون پائي ٿي،

مُرڪي ٿِي شرمائي ٿي.

چنڊ مثل چهرو پنهنجو،

پوتي ساڻ لڪائي ٿي.

گُڏيون گُڏا هٿ سان ٺاهي،

جوڙ سان جوڙ ملائي ٿي.

منهنجي کٽ جي ڀر ۾ بيهي،

چوڙين کي ڇمڪائي ٿي.

سرتين کي ڪجهه ڪن ۾ چئي ٿي،

سمجهان ٿو راز ٻڌائي ٿي.

ڏونڪن وارو ناچ نچڻ لئه،

جهومي جهمريون پائي ٿي.

اکين سان ڳالهائي حُسيني،

اشارن سان گهرائي ٿي.

 

غزل

 

اکڙين ۾ ڪو جادو آهي،

اکڙيون ويٺيون دل ڦاسائي.

راز لِڪل سي سارا من جا،

پل ۾ ويهن ٿيون ٻُڌائي.

هُن کي نياپو ڪيئن ڪيان،

ڪانءُ ڪبوتر ڪوئي ناهي.

محفل ٿي خاموش وئي آ،

محفل ۾ هو آئي آهي.

گهُور منجهان هن گهُوريو ”حُسيني“،

پاڻ ڇڏيو مون پاڻ ڦسائي.

 

غزل

 

منزل ڏي وِک وڌايو،

وقت وڃايو نه اجايو.

سورهيه جي سوڀ آ،

ڪُوڙ کي نه چمڪايو.

ڳجهين ٿي لاش پٽيا،

ٿر تي نه مينهن جو سايو.

اندر جي ڪان کي ماري،

پيار جي ٻولي ڳالهايو.

جاٿي ڪاٿي گل پوکيو،

صحرا کي به سجايو.

”حُسيني“ حاضر آ يارو،

چاهي تخت تي گهرايو.

 

احمد خان مدهوش جي نانءُ

مدهوش چنڊ مثل هو،

کير ۽ کنڊ مثل هو.

 

وسرن ڪيئن ڪچهريون،

محبتي منڊ مثل هو.

 

سمجهي نه ڪو سگهيس،

گهري سمنڊ مثل هو.

 

هُيو پيار پکيئڙو،

سڪ جي تار تند مثل هو.

 

سچ ”حُسيني“ چوي ٿو،

ڀلي ڀاڳ ونڊ مثل هو.

 

ايوب اَلستي رند

 

 

 

 

 

غزل

رات مون ڏٺو عجب نظارو،

چنڊ کي چُمي پيو تارو.

 

هر هر مون کي دل چوي پئي،

هي قدرت جو ٿئي کيل سارو.

 

سوچڻ منجهان ائين لڳي پيو،

جيئن بي بدڪ جو هيو اکر سارو.

 

حيرت منجهان مان ڏسندو رهيس،

پيار انهن جو هو ڏاڍو پيارو.

 

سڄو ڏينهن مان اداس هيس،

وري رات جو لٿو من جو مونجهارو.

 

چمڪ انهن جي ڏسي ”ايوب“!

سوچ ۾ پئجي ويو ويچارو.

 

 

قلندر جو نذرانو

 

تون جي آئين قلندر لال،

سنڌڙي ٿي وئي مالا مال.

حَسن حسين جون تون آهين پيارو،

هر جاءِ هر هنڌ تنهنجو نعرو،

دم دم تنهنجي وڄي ڌمال.

سيوهڻ شهر کي تو آ وسايو،

حق جو پيغام تو آ رسايو،

جلوو تنهنجو جوش جمال.

عاشق الله جو آهين ڀلارو،

سنڌڙي کي آ تنهنجو سهارو،

تنهنجا لک ڀَلايون ڀال.

رند جي اندر ۾ آس رهي ٿي،

”ايوب“ جي دلڙي توکي ساري پئي،

تون ته آهين علي جي آل.

 

غزل

 

تو جيڪي مون کي درد ڏنا ها،

سي مون قبوليا هيج مان.

دل تي ائين لکندو رهيس،

لفظ ايندا رهيا کوج مان.

درد ائين اڌ مان ڏين پيا،

جيئن مهراڻ ڇلي موج مان.

مَن ۾ يادون ائين ڦٽن پيون،

جيئن داڻا ڦٽن ريج مان.

”ايوب“ جي دل تي ٿاڪ ڄمائي،

ويهي ڳالهيون ڪن پيا اوج مان.

 

 

مستقيم بازيدپوري

 

 

 

 

 

غزل

جڏو هي جيءُ، جياري وڃ،

سڄڻ سرڪي، پياري وڃ.

 

اڃا مون آسرو تُنهنجو،

ٻڏل ٻيڙو ته تاري وڃ.

 

نه ڪو ساٿي، نه ڪو همدم،

ڇڏي مون کي نه ڪناري وڃ.

 

لَپون لوڻ ڦَٽن تي رکي.

نه ٻارڻ اهڙو ٻاري وڃ،

 

نه ڪا موت تي مَيار هاءِ.

گهڙي گڏ ڪا ته گهاري وڃ،

 

پيو مان ساريان توکي،

اچي تون ڀي ته ساري وڃ.

 

وري فرصت ملي نه ملي،

کڻي نيڻ ته نهاري وڃ.

 

ڇڄي پيو ٿو سڳو ساهه جو،

پرين آٿت ڏياري وڃ.

 

تتيءَ آهي وڏو تاءُ اڄ،

پرين ترس شام ٺاري وڃ.

 

زاهد عباسي

 

 

 

 

ٽيڙو

 

تارن ڀري آ رات،

مون کي آهه پرين،

تنهنجي طلب ۽ تات.

 

زندگي منهنجي ڏکي،

هن ڪمپيوٽر دور ۾،

هر انسان آ دکي.

 

رٺل آ راڻو،

ايندس نيٺ پرچائي،

ڳوٺ آ اباڻو.

 

ٻار پيو روئي،

ماڻس پئي نهر ڪناري،

ڪپڙا ڌوئي.

 

اڌورا خواب ڦٽي ويا،

حق وٺڻ ۽ سچ چوڻ تي،

ڪيڏا هت آزار بنجي ويا.

 

ٽڙيا گلاب جا گل،

چانڊوڪي رات ۾،

چميا تنهنجا ڳاڙها ڳل.

 

اُداس لُنڊ

 

 

 

 

غزل

توسان رشتو آ سنڌ ۽ شاهه وانگي،

مٺو آهين سنڌو درياهه وانگي.

رهن ٿا ديس جا مزدور هاري،

اديبن جي بدن ۾ ساهه وانگي.

غريبن جي اميدن کي سدائين،

لتاڙيو آ اميرن گاهه وانگي.

اڪيلو ناهيان گڏ گڏ هلي پئي،

سفر ۾ شاعري همراهه وانگي.

ڏسي ڪنهن غير جي تصوير تو وٽ،

ٻري پيس من ئي من ۾ باهه وانگي.

پيو ڪو پور آ مهراڻ جيڏو.....

وهي پئي اک ڦليلي واهه وانگي.

 

غزل

 

خوشي ڇاهي الئه ڇاهي،

ٻڌي مون آ ڏٺي ناهي.

اڏيو هُم گهر ڪناري تي،

ڇڏيو ڇولين اهو ڊاهي.

اجايون حسرتون پالي،

عمر جو سج ڇڏيم لاهي.

ڏڪي پو ڪيئن نه آئينو،

اڳيان بيٺي جو هوءَ آهي.

وڏي غلطي ڪئيسين دل،

صنم بـــــــي درد کــــــــــــي چاهي.

ٿڪايو آن ڍڳي جان غم،

ٿڪي جو چيچڙو ڪاهي.

 

 

غزل

 

گهٽائي ويون هيون اڳ روشنائي،

ڏٺم توکي اکين ۾ جوت آئي.

هلون ٿا واٽ تنهنجي تي ڀٽائي،

مليل آهي اوهان جي رهنمائي.

نه سمجهيو آهي جن انسانيت کي،

انهن جي زندگي ڄڻ وئي اجائي.

انڌيرا دور شاعر کان رهن ٿا،

قلم جي هن جي هٿ ۾ آسهائي.

ڪڏهن آهي ڪڏهن ناهي مزوري،

جڏو هي جيءُ جهوري آ وهائي.

ڪيو مون پيار يا مون ڏوهه ڪيو آ،

جو دشمن ٿي پئي ساري خدائي.

 

غزل

 

ڏٺم بي درد ماڻهو گل پٽيندي،

پٽيندي ۽ ويا پٽ تي سٽيندي.

اُميدن جي ته آئيني کي پيارا،

لَٽي وئي دز وڇوڙن جي لٽيندي.

مليو شيرين سان فرهاد آخر،

محبت ۾ پهاڙن کي ڪٽيندي.

اڃا منصور ايندا حق جا دشمن،

تڏهن آيا نظر رسيون وٽيندي.

اسان جي واٽ تي ڪاوا رکيا ويا،

پڳاسين پير تو تائين ڦٽيندي.

حَسينَ جي اڳيان هارايو سو مون،

زماني کان جو آيو هان کٽيندي.

نه اُٿندا ها جيڪي ڀر مان اسان جي،

ڏسي ڏک ويا اُهي ڀي منهن مٽيندي.

 

سنڌي ڪهاڻيءَ هميشه پنهنجي سماج جو عڪس پيش ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج مختلف دورن ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن جو شڪار رهيو آهي، اڪثر ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻين ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي ئي عڪاسي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ به هيٺين يا وچولي طبقي سان تعلق رکن ٿا. انهن جي ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي پڻ سادي ۽ نِج ٻهراڙيءَ واري آهي.  رسول ميمڻ پنهنجي مضمون ۾ ڪهاڻيءَ بابت لکي ٿو ته:   ”خدا جيئن پيغمبرن کي ڌرتيءَ تي موڪليو، ائين تخليقڪارن کي به موڪليو، سچن ڪهاڻيڪارن ڌرتيءَ تي اچي ڪهاڻيون ٻڌايون ۽ سنگتراشن پٿر ۾ موجود وجود کي کوٽي ظاهر ڪيو، مائيڪل اينجيولو، موسيٰ جي جيئري وجود کي هڪ سنگ مرمر جي پٿر اندران کوٽي ڪڍيو ۽ ان سان گفتگو ڪئي هئي، مونا ليزا جي نظر نه ايندڙ تصوير سڀ کان پهريون ليونار ڊونچيءَ ڪنواس تي ڏٺي، هن ان ۾ صرف رنگ ڀريا هيا، جيڪا هڪ ڪهاڻي جڙي پئي.“

اسان جي سماج ۾ روز ڪيئي ڪهاڻيون جُڙن ٿيون ۽ ڊهن ٿيون. اسان جي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو بلڪل سادا ۽ سٻاجها آهن، پر انهن وٽ جملا به ايترا تز ۽ تِکا آهن، جيڪي روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪندا رهن ٿا، جن کي اهو احساس ئي نه هوندو آهي ته سندس انهن جملن سان اڳئين ماڻهوءَ کي ڪا تڪليف به پهچي سگهي ٿي....!؟

ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جون خوشيون به ساديون ته غم به سادا هجن ٿا، انهن جا ڏک به سٻاجها محسوس ٿين ٿا، ان سموري صورتحال کي انهن جي وچ ۾ رهندڙ هڪ حساس ليکڪ ئي انهن جملن جي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهي سگهي ٿو.

غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪتاب: ”ڀِنل اکڙيون“

ص 11 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org