سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:20 

ڊاڪٽر ثمر رفيق الرحمٰن

 

 

 

سنڌي ادب ايم.سي ڪيوز: هڪ نظر

 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پنهنجي علمي، ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تخليقي حوالي سان مشهور اسڪالر ۽ ليکڪا آهي، سندس مضمون، مقالا ۽ ڪالم اڪثر اخبارن ۾ ڇپجندا رهن پيا. پاڻ ڳچ عرصي کان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهوليءَ ۾ نور نچوئيندي اڻٿڪ محنت سان ڪيترائي علمي، تحقيقي ۽ ادبي ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا اٿن. ادب جي آبياري، ڪندي نه ڄاڻ هن حياتيءَ جا ڪيترائي قيمتي پل هن تحقيقي سرمايي کي ارپيا آهن، جنهن جي شاهدي سندس ڇپيل 12 ڪتابن ۽ اڻڇپيل ڪتابن جا سوين صفحا ڏئي رهيا آهن. هوءَ پنهنجي محنت، جدوجهد، عقل ۽ ڏات سان سنڌي ادب ۾ نشانبر نالو آهي، پاڻ شاعره نه آهي سندس سڄو ڪم نثر ۾ آهي، خاص طور مضمون نگاريءَ ۾ ملڪو حاصل اٿس.

سنڌي ادب ايم.سي.ڪيوز، ڪتاب سي.ايس.ايس ۽ هاير ڪلاسن لاءِ معروضي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل آهي. ليکڪا هيءُ ڪتاب، وقت جي ضرورت مطابق شاگردن جي اصرار تي لکيو جو موجوده وقت معروضي سوالن واري ڪتاب جي سخت ضرورت هئي. هن ڪتاب جي 15 بابن ۾ ڪافي اهم موضوعن تي سوال ۽ جواب ڏنل آهن، جن ۾ ٻولي، ادب، تاريخ، شاعري، صحافت، ٻاراڻو ادب ۽ ٻيا موضوع شامل آهن.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو ڪم روايتي انداز کان مختلف آهي، هن کان اڳ سندس جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا آهن، سي پنهنجي طور مختلف صنفن ۾ نئين ڪم بابت آهن، جيئن عورتن جي ڪهاڻين جو ڪوبه مجموعو هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪونه هو، سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ”سون ورنيون سوڍيون“ ۾ 1932ع کان 2009ع تائين جون، ليکڪائن جون چونڊ ڪهاڻيون ڏنل آهن. شاهه عبداللطيف جي بيتن مان پنهنجي ڪتابن جا عنوان چونڊڻ جو رواج سؤ سالن کان هلندڙ آهي، پر هن ڏس ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب سنڌيءَ ۾ موجود ڪونه هو، جنهن ۾ اها ڄاڻ هجي ته سنڌي ادب جي ڪهڙن ڪتابن جا نالا، شاهه جي بيتن مان ورتل آهن ۽ ٻيا، لطيفي عنوان ڪهڙا شاهه جي رسالي مان رکي سگهجن ٿا؟ ڊاڪٽر پروين اها انوکي ۽ نئين پيشڪش ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“ ڪتاب معرفت پڙهندڙن اڳيان آندي، انهيءَ ڪتاب جو مطالعو نه فقط لطيف شناسيءَ جي فروغ لاءِ پر ڪنهن ڪتاب جو عنوان لطيفيات مان چونڊڻ لاءِ تمام ضروري آهي. ان کان سواءِ نثر جي صنفن جي تفصيلي مطالعي تي سندس HEC مان منظور ٿيل ڪتاب پڻ هڪ اهم قدم آهي ڪنهن به ادبي تاريخ يا نثر جي تاريخ ۾ نثر جي ڪتابن جو هيترو تفصيلي مطالعو موجود ڪونهي. شاگردن لاءِ سنڌيءَ ۾ مضمون نگاريءَ جي کوٽ کي خاص طور محسوس ڪندي ڊاڪٽر پروين 60 مضمونن تي مشتمل هڪ اهڙو مجموعو ”گلدستو“ عنوان سان 2017ع ۾ پيش ڪيو آهي جو ڳچ عرصي کان مضمون جي مد ۾ ڇپيل ڪتابن جي کوٽ ۾ هڪ انتهائي منفرد، نئون ۽ وڻندڙ ڪتاب آهي. خاص پي.سي.ايس ۽ ايم.اي وارن لاءِ وڏي وٿ آهي، ساڳيءَ ريت سي.ايس.ايس جي نئين نصاب مطابق سندس لکيل ضخيم ڪتاب ”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“ (ڪرائون سائيز جي 400 صفحن تي) هڪ تمام ڪارائتو ڪتاب ۽ موضوع مطابق آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي لاءِ شاعريءَ تي ته انيڪ ڪتاب موجود آهن ته ڪي ڪهاڻين جا ڪتاب پڻ موجود آهن پر اڄ تائين ٻاراڻي ادب ۾ ڪوبه مضمونن جو مجموعو موجود ڪونه هو 16 سالن جي عمر تائين جي ٻارن لاءِ لکيل ڊاڪٽر پروين جو ڪتاب ”اخلاقي قدر“ ٻه ڇاپا ڇپجي پڙهندڙن ۾ وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ اخلاقي قدرن تي مشتمل ننڍا ننڍا مضمون آهن جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ وڏي وٿ آهن.

موجوده وقت سندس ڪم ۾ چٽاڀيٽيءَ جي امتحانن لاءِ لکيل مواد آهي جو پاڻ ڪتابي صورت ۾ آڻي رهيون آهن، جنهن ۾ گلدستو ”(مضمون نويسي پي.سي.ايس)“ سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (سي.ايس.ايس نئون نصاب 2013ع آهي) جنهن جو ٻيو ڇاپو (2019- 2018ع) شايع ٿي چڪو آهي.

سنڌي ادب ايم.سي.ڪيوز پنهنجي موضوع حوالي سان نصاب مطابق سراسري ڪتاب آهي جو شاگردن جي امتحاني ضرورت جو صحيح پورائو ڪري ٿو. هلندڙ وقت ۾ هي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ميرون رنگ جي ٽائيٽل سان ڇپجي چڪو آهي. محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي طرفان ڇپايل هن ڪتاب جي قيمت -/350 آهي.

بيخود بلوچ

درد جو ڇو انت نه آ؟

درد جي ڪتاب جي ڳالهه

 

 جديد شاعريءَ جي سنسار تي پرک ۽ پروڙ جي نگاه وجهبي ته اسان جون ڪيتريون ئي شاعرائون سُٺو ۽ سگهارو شعر لکي، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مصروف آهن. اهڙين باشعور ۽ بيباڪ شاعرائن ۾ محترمه ارشادِ سومرو پڻ شامل آهي، جنهن جي ڪوتائُن جو ڪتاب ”درد جو ڇو انت نه آ؟“ شايع ٿي ادب جي منظرنامي  تي آيو آهي. نالي کان وٺي 184 صفحن تائين هي ڪتاب، ڪتاب نه، پر هڪ سوال نامو آهي. ارشادِ صاحبه پنهنجن آزاد ۽ نثري نظمن ۾ سماج دشمنن کان خنجر جهڙا تِکا ۽ تيز سوالَ ڪيا آهن. سندس پهريون سوال ڪتاب جي ٽائيٽل تي درج آهي ته ”درد جو ڇو انت نه آ“؟

حقيقت اِها آهي ته سنڌي قوم جيڪو درد ڀوڳي رهي آهي، ان جو انت ئي نٿو ٿئي. اِهو درد ڀاڳ جي ڀلائي نه، پر موجوده ظالماڻي سِسٽم طرفان مليو آهي. انڪري هڪ سُجاڳ ۽ سنجيده قلمڪاره جي حيثيت ۾ ارشاد صاحبه سوال نما سِٽُون سرجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين سان پُختي وابستگي جو ثبوت ڏنو آهي، هُونءَ به جنهن شاعر جي شاعراڻي وڻَ جون پاڙُون ديس واسين جي دل جي ڌرتيءَ ۾ کُتل نه آهن، اُن شاعر جي شاعري قافيي، رديف جي راند کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. اِرشادِ جي تخليق جو تعلق ڌرتي ڌڻين سان ائين آهي، جيئن گُل جو خوشبوءِ سان يا لَهر جو ساگر سان، ڪتاب جو هر صفحو ۽ سِٽَ قومي ۽ سماجي درد جو هڪ داستان آهي. ڪوتا جو لفظ لفظ احتجاج به آهي. سراپا سوڳُ به. ارشاد جڏهن به ڪنهن وارتا ۽ ويڌن کي ڏٺو آهي ته هُن جو قلم ۽ ذهن تڙپي پيا آهن ۽ هُن درد ڀرين ڪوتائُن ۾ چيخ ۽ پُڪار ڪئي آهي.

 

 

گُونجي قلمڪار جي، چئني پاسي چيخَ،

تڙپي پئي تاريخَ، تخليقن جي تڙپ تي.

(بيخود)

مان هيٺ ڪتاب ”درد جو ڇو انت نه آ“؟ ۾ موجود ڪوتائُن جا ڪجهه ٽُڪرا ڏيان ٿو، جن کي پڙهي معلوم ٿي سگهندو ته محترمه ارشادِ جي اکرن ۾ ڌرتيءَ جو درد سمايل آهي يا نه؟ سندس سٽون خنجر جهڙا سوال آهن يا نه؟

هڪ معصوم جي اکين مان

موت جو عڪس مٽائيندو ڪير؟

ذهن مان گولين جو آواز هٽائيندو ڪير؟

دل کي لڳل زخم ڀريندو ڪير؟.....

هنن رهزنن کي پڪڙيندو ڪير؟

ڦاهيءَ تي چاڙهيندو ڪير؟

غريب جي عدالت ڪندو ڪير....؟

ڪاڪا او پوليس وارا،

هيءَ جا تو وٽ آهي بندوق

امن ڪندين، پڪڙيندين چور ۽ رهزن؟..

*****

انسان جي انسانيت

ماڻهوءَ جو ماڻهپو

ضمير جو آواز

مُئو ڇو آهي؟.....

*****

ڀلا نياڻين جو ڪو حق ئي ناهي؟

نياڻين جو ڪو فرض ئي ناهي؟

هن مرد جي معاشري ۾

ڏوهي صرف عورت ئي آهي؟

حق صرف مرد کي ئي حاصل آهن؟

اگر هيءُ خُدا جو آهي قانون

ته پوءِ عورت ڪهڙي در تي دانهين؟...

*****

هر ڪنهن جو عقيدو پنهنجو پنهنجو

سوچن تي ناهي پهرو ڪنهن جو

ڪوئي مسلم سڏرائي

ڪوئي هندُو ڪوٺائي

ڪوئي اهلِ حديث چوائي

ڪوئي ٿو صُوفي صاف سڏائي

ڪوئي پيدل ٿو هلي

ڪوئي هوا ۾ ٿو هلي

ڪوئي هوا ۾ ٿو اُڏامي

اهو ته ٻُڌايو وڃڻو آ ڪٿي؟

هڪ ئي سڀ جي آمنزل

پوءِ هي فرق ڇا جا؟

پوءِ هي نفرت ڇا جي؟....

ڪوتائُن جي مذڪوره ڪتاب ۾ ”اسلامي سوشلزم“، ”ذوالفقار آباد منصوبو“ ۽ ”ٻِٽو نظام“ سميت ڪيترائي اهڙا آزاد ۽ نثري نظم شامل آهن جن جو سِڌو سنئون واسطو سنڌ جي مسئلن ۽ مامرن سان آهي.

ارشادِ سومرو صاحبه جون اکيون رڳو دردن تي آليون نه آهن، پر هُن وٽ آسَ جا مُرڪندڙ ۽ مهڪندڙ گُلاب پڻ آهن جن جي مهڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته هڪ ڏينهن ديس جا دودا جاڳندا، ظُلم جي ڪاري ۽ ڊگهي رات کي ضرور ختم ڪندا.

ڪير ٿو چوي سنڌ جو ڀاڳُ رُٺل آهي؟

هي دودا آهن، هِي دُولهه آهن

اڄ به موهن جي دڙي جيان شاندار ٿا لڳن....

اڄ ويرين کي رُئاري ڇڏينداسين

ڌرتيءَ تان ڌارين کي ڌڪاري ڇڏينداسين...

ڪَرَ موڙي اُٿي آهي قوم ننڊ مان.

 

محمد يوسف جويو

 

 

 

 

ڪتاب:  ڀِنل اکڙيون

 

ڪهاڻيءَ جي تاريخ به انسان جي تاريخ سان گڏوگڏ هلندي ٿي اچي. انسان جڏهن کان سوچڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو، تڏهن کان هُن پنهنجي وڏن جا گذريل قصا يا داستان ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ شروع ڪيا. ائين ڪهاڻيءَ جي شروعات ٿي. داستان، آکاڻي، ڪهاڻي يا هن سائنسي دور ۾ ننڍڙي ڪهاڻي  (Flash story)، جنهن کي هن وقت مختصر ترين ڪهاڻي يا ’ڪهاڻــــڙِي‘ چيو وڃي ٿو. اهو آهي ڪهاڻيءَ جو سفر! جيڪو جاري ساري رهندو ٿو اچي. اسان وٽ به ڪهاڻي لکي پئي وڃي ۽ پڙهي پئي وڃي. هاڻ سوال اِهو آهي ته ڪهاڻي آهي ڇا؟ ڪهاڻيءَ کي سمجهڻ جا بنيادي نُڪتا ڪهڙا آهن؟ ۽ معياري ڪهاڻي ڇا کي چئجي ٿو؟  

اسان کي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪهاڻيءَ کي پرکڻ جا ڪجهه اصول يا نُڪتا ٿين ٿا، جنهن تحت اسان ڪهاڻيءَ کي سٺو ۽ معياري چئون ٿا. مثال طور هڪ سٺي ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار، مڪالما، منظرڪشي هجڻ لازمي آهي. ۽ ٻي وري اهم ڳالهه اها ته ڪهاڻيءَ  ۾ ’ڪهاڻي-پڻو‘ جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Story Telling) چئبو آهي سو هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اهي نُڪتا ڪهاڻيءَ ۾ نه آهن ته سمجهبو هيءَ ڪهاڻي نه، پر هڪ مضمون آهي. ٻڌايل مٿين نُڪتن تحت هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻيون پوريون لهن ٿيون يا نه، اهو غور ۽ فڪر پڙهندڙن تي ڇڏي ڏجي ٿو! وڌيڪ ته؛ ڪهاڻيون مختلف قسمن جون به ٿين ٿيون، مثال طور ’تاريخي ڪهاڻيون، علامتي يا تاثراتي ڪهاڻيون ۽ مشاهداتي ۽ محسوساتي ڪهاڻيون‘ وغيره، نور حسين جون هيءُ سڀ ڪهاڻيون مشاهداتي ۽ محسوساتي آهن. هڪ ڳالهه طئي آهي ته هر لکيل ڪهاڻيءَ ۾ سماج جو عڪس هوندو آهي. هنن ڪهاڻين ۾ به ظلم بربريت، ۽ ناانصافي جيڪا اسان جي سماج جي بدترين شڪل آهي سا واضح نظر اچي ٿي.   

نور حسين ڪلهوڙو هڪ حساس ليکڪ آهي. سندس ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ اسان کي معلوم ٿيندو ته هن پنهنجي سماج کي، جنهن ۾ هُو پاڻ به رهي ٿو، تنهن کي بنهه اونهائيءَ سان ڏٺو،  پرکيو ۽ محسوس ڪيو آهي. حساس طبعيت هئڻ جي ڪري انتهائي پيڙا ۽ ڀوڳنا کان پوءِ هن هيءُ ڪهاڻيون لکيون آهن. سي سچ ته اسان جي ماحول جون حقيقي عڪس لڳن ٿيون. اسان وٽ ائين ئي ته ٿئي ٿو، جيئن هنن ڪهاڻين ۾ ڏَسيو ويو آهي. هونئن به ڪهاڻيون اسان ۽ اسان جي گهر، پاڙي، ڳوٺ، شهر ۽ آسپاس جي ماحول مان جنم وٺن ٿيو، تڌهن ته اهي اسان جي دماغ کي جهنجهوڙين ٿيون. هن ڪتاب ۾ آيل سڀني ڪهاڻين مان هيءُ ڇهه ڪهاڻيون ”جهٽ پٽڻي، ڀنل اکڙيون، آخري هڏڪي، پيڙا، ريشمان ۽ چِٿيل جذبا“، مڪمل طور عورت جي مظلوميت، پيڙا، ڀوڳنا، بيوسي، لاچاري ۽ انساني غلاميءَ جي عڪاسي ڪن ٿيون. الائي ڇو عورت مان جنم وٺندڙ مرد ايڏو ڪٺور ڇو ٿو ٿئي؟ جنهن جي ڪُکِ مان هو جنم وٺي ٿو ۽ انهيءَ جي ٿَڃ پِي جانٺو جوان ٿئي ٿو ته پوءِ وري انهيءَ ڪُک کي هُو چِٿي ٿو، ڇو!؟ اها ئي اسان جي سماج جي ڀوائتي شڪل آهي. جيتوڻيڪ عورت سُک، سلامتي، احساس ۽ پيار جو نالو آهي. اسان کي هڪ طرف عورت جي پيرن هيٺان جنت جو ڏس ڏنو ويو آهي ته ٻئي طرف عورت کي اڌ ڪري پيش ڪيو ويو آهي. هن جي شاهدي اڌ، هوءَ قلندر جي حيثيت ۾ اڌ، هن کي ورهاست ۾ اڌ ۽ هن کي سماج ۾ به اڌ درجي جي حيثيت مليل آهي. ڇا اهو تضاد نه آهي؟ پر ڇا ڪجي اسان وٽ اهوئي نظام رائج آهي. مرد ته خود هڪ پتلو آهي، پنهنجي نسواني خواهش جو، خودغرضيءَ جو، ۽ اها ئي بدترين شڪل آهي مرد جي...! جيڪا هنن مٿين ڪهاڻين ۾ چٽيءَ طرح بيان ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ٻيون سڀ ڪهاڻيون به چڱيون آهن، پر هنن ۾ به هڪ ڪهاڻي لڱ ڪانڊاري ٿي ڇڏي! اُها آهي ”شاهه جو مڪان“ جيڪا هڪ حوس جي پوڄاريءَ پير جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي حوس جو شڪار هڪ معصوم ٻار ٿئي ٿو. سچ ته هيءَ ڪهاڻي اسان جي مهذب سماج تي هڪ چماٽ آهي، جيڪا ليکڪ وهائي ڪڍي آهي.

خوبصورت ٽائيٽل ۽ صاف پني تي ڇاپيل هيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي. اوهان به ادب ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ سان پيار ڪيو ۽ پڙهو.

 سنڌو نواز

 

 

 

 

پهرين عالمي عورت ڪانفرنس

 

سراج انسٽيٽيوٽ آف اسٽڊيز سنڌ، ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن يوڪي ۽ سنڌ سرتيون پاران پهرين عالمي عورت ڪانفرنس 10- نومبر 2019ع تي سنڌ ميوزم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪوٺائي ويئي. افتتاحي تقريب ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري چيو ته عورتن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ اسيمبلي سٺا قانون پاس ڪيا آهن، جن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

گهريلو تشدد، ڪاروڪاري، زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ خلاف قانون جيڪي پاس ٿيا آهن انهن تي عمل ڪري متاثر ڌرين کي حق ۽ تحفظ ڏيڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويا آهن. ڪانفرنس ۾ آجياڻي تقريب کي ليکڪا انيس ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته ڪانفرنس جو مقصد عورت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ آهي، هر عورت کي تعليم يافته ڏسڻ چاهيون ٿا. سنڌ جي عورت اڄ به 50 سال پوئتي آهي، تعليم جي روشني واري هڪ ڏيئي سان ڪيترا ڏيئا ٻارڻ جي ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان عورت جي هڪ ويب سائيٽ ٺاهي رهيا آهيون، صحت ۽ تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ پاڻ مڃرائيندڙن جي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون، انگلينڊ مان آيل ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙيءَ ڪانفرنس جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ چيو ته مان انگلينڊ ۾ رهندي آهيان، پر پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان اڄ به جُڙيل آهيان، ۽ چيو ته معيشت درست تيستائين نه ٿيندي، جيستائين تعليم درست نه ٿيندي ۽ ڪانفرنس ذريعي عورتن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا، سادن طريقن سان بيمارين کان بچاءُ لاءِ شعور پيدا ڪري ڪيئن بيماريءَ کان بچي سگهون ٿا، ۽ وڌيڪ چيو ته نياڻين کي تعليم ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ وارو والد غيرتمند آهي.

تعليم جي عنوان تي ٿيل ويهڪ ۾ تعليمدان صادقه صلاح الدين چيو ته سنڌ ۾ ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ڪافي مسئلا آهن، پر اسان کي نياڻين جي تعليم ۾ رڪاوٽن تي دانهون ڪرڻ بدران رڪاوٽون بڻيل زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

ناليواري ليکڪا ۽ نامياري استاد ڊاڪٽر قمر واحد چيو ته اڄ جا استاد، شاگردن کي اولاد جيان نٿا سمجهن، اهڙي رويي کي ترڪ ڪري تعليم بابت جامع پاليسي ٺاهڻ گهرجي، ۽ وڌيڪ چيو ته عورت کي خدا وڏي طاقت ڏني آهي، تعليم جو مسئلو انسان جي سڄي زندگيءَ جو مسئلو آهي. ٻي ويهڪ ۾ جنهن جي ڪاروائي ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙيءَ هلائي. ڪانفرنس جي هن ويهڪ ۾ صحت ۽ تندرستي جي باري ۾ سنڌ جي ناليوارن ڊاڪٽرن صغرا عباس، ڊاڪٽر صغرا پروين عقيلي، ڊاڪٽر سلميٰ شيخ ۽ ڊاڪٽر هارون ميمڻ بريسٽ ڪئنسر، ٿئليسيميا ۽ ٻارڙن جي کاڌ خوراڪ جي باري ۾ مفيد ۽ ڪارائتيون ڳالهيون ٻڌايون. ٽينءَ ويهڪ عورت ۽ اسان جو سماج جي جي عنوان تي هئي جنهن جي ڪاروائي مارئي اعواڻ هلائي، ليکڪا ۽ ڪامريڊ نذير قريشيءَ چيو ته هن ميڙاڪي عورتن کي ويساهه ڏنو آهي. سماج جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي.  عورتن سان اڻ برابري ۽ متڀيد وارن روين جو خاتمو آڻي عورتن جي عزت ۽ احترام کي يقيني بڻائي سماجي ۽ معاشي تحفظ ۽ برابري ڏني وڃي. ناليواري ڪهاڻيڪاره ۽ شاعره تانيه سليم چيو ته سوشل ميڊيا تي عورتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اُٿندي خوشي ٿيندي آهي. عورت کي معاشي ۽ تعليمي لحاظ سان طاقتور بڻائڻ جي ضرورت آهي، سماج سڌارڪ رحيما پنهور چيو ته عورتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف سنڌ ۾ ڪيترائي قانون ٺهيل آهن، پر انهن تي عمل نه ٿو ٿئي.

سماجي اڳواڻ شبنم بلوچ جو چوڻ هو ته انساني رويا ئي سماج کي سگهه ڏيندا آهن. تنهنڪري سماج کي عورتن بابت پنهنجن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. سول سوسائٽيءَ جي فرزانه ٻرڙو جو چوڻ هو ته عورتن جي آزاديءَ جي حوالي سان صورتحال 1960ع واري ڏهاڪي جهڙي آهي. اسان اڄ به اُتي بيٺا آهيون، مسئلن جي جڙ جي ڳولا نه ٿي ڪئي وڃي. ناليواري استاد سماج سڌارڪ صائمه جعفري چيو ته خاندان ئي نياڻيءَ ۽ پٽ جي تربيت ڪري ٿو. مرد ايستائين طاقتور آهي، جيستائين عورت پاڻ کي ڪمزور سمجهي ٿي. ۽ اها جيڪڏهن پاڻ کي طاقتور سمجهندي ته اها مرد جي برابر ٿي ويندي.

چوٿين ويهڪ تخليقي آرٽ جي حوالي سان شارٽ اسٽوريءَ تي مشتمل هئي. جنهن جي ڪاروائي آمنه ابڙو هلائي. ۽ ناليواري ليکڪا ۽ ڊراما نگار نورالهديٰ شاهه صدارت ڪئي، هن ويهڪ ۾ ناليواري ڪهاڻيڪاره شاعره شبنم گل، ڊاڪٽر تهمينه مفتي ۽ ڪهاڻيڪاره ۽ شاعره ثمينه ميمڻ پنهنجون ڪهاڻيون پڙهيون. نورالهديٰ شاهه پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته عورتن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ڪنهن ماڻهوءَ جي پرک ڪرڻي آهي ته اهو ڏسجي اهو ماڻهو ٻين کي ٻڌڻ جي ڪيتري سگهه رکي ٿو. جيڪو ٻين کي ٻڌي ٿو اهوئي بهترين انسان آهي.

پنجين ويهڪ مشاعرو هو، جنهن جي ڪاروائي آمنه ابڙو هلائي، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارين شاعرائن: نورالهديٰ شاهه، ڊاڪٽر سحر امداد، مريم مجيدي، سلطانه وقاصي، ڊاڪٽر رخسانه پريت، انيس ميمڻ، روبينه ابڙو، ريحانه چنڙ، سنڌو پيرزادو، آمنه ابڙو ۽ سهڻي پارس پنهنجي خوبصورت شاعري پڙهي ڀرپور داد حاصل ڪيو.

آخر ۾ ڪانفرنس جي خاص مهمان وومين ڊولپمينٽ کاتي جي صوبائي وزير محترمه شهلا رضا چيو ته اسان کي هيٺئين سطح تائين ڪم ڪرڻو آهي، تنهن لاءِ هر عورت کي منهنجو ساٿ ڏيڻ گهرجي، عورتن جي ساٿ کان سواءِ ڊپارٽمينٽ ڪم نه ڪري سگهندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو خواب آهي هر عورت تائين اسان جو آواز پهچي، مان مردن کي به چوان ٿي ته پنهنجي عورتن کي چون ته اسان جو ساٿ ڏين، پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت عورتن جي حقن لاءِ ملڪ ۾ ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي.

آخر ۾ موسيقيءَ جي محفل هئي جنهن جي ڪاروائي سهڻي پارس هلائي. سنگيتا بهترين ڪلام ٻڌايا، ۽ ملهار جوڻيجو بوڻينڊي جي ڌُن تي ڀرپور داد حاصل ڪيو.

پريل دايو

 

 

 

 

 

ياسين ڪنڀر جي ڪتاب ”جانانِ جان“

 

سنڌ جي سڄاڻ شاعر ياسين ڪنڀر جي نعتيه شاعريءَ جو 128 صفحن تي مشتمل خوبصورت مجموعو ”جانانِ جان“ جي نالي سان ”اداره مولوي محمد عظيم ڪتبخانه شڪارپور“ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪل 10 حمد ۽ 106 نعتون شامل آهن. ڪتاب جي  مُنڍ ۾ شاعر پنهنجو تعارف پاڻ ڪرايو آهي، پر ان سان گڏوگڏ نامياري اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد اِنڍڙ، درگاهه عاليه امروٽ شريف سان وابسته سيد رفيق احمد امروٽي جهڙي پختي نعت گو شاعر، سڄي سنڌ اندر مختلف پروگرامن، ريڊيو توڙي ٽي.وي چينلن تي نعت کي ڳائڻ، سُرن سان سهڻي ۽ مٺڙي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي حوالي سان سڃاڻپ رکندڙ نعت خوان محترم امداد الله ڦلپوٽي، سڄاڻ شاعره ادي سيما عباسي، سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل قلمڪار ۽ شاعر ڊاڪٽر وحيد سمائر جن جا ياسين ڪنڀر جي شاعري، ڪتاب ۾ موجود تخليقن ۽ سندس شخصيت بابت رايا ۽ لکڻيون شامل ٿيل آهن، جن ۾ هن جي علمي ۽ تخليقي صلاحيتن کي چِٽو ڪيو ويو آهي ۽ صاحبِ ڪتاب جو هن ڪتاب ۾ شامل الله تعاليٰ جي محبوب حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي حضور ۾ پيش ڪيل عقيدت جي گلن (شعرن) جي خوشبو ۽ بلند خياليءَ سان گڏوگڏ شاعر جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي به پيرائتي نموني پڌرو ڪيو ويو آهي.

هونئن به گذريل ويهارو سالن کان لڳاتار لکڻ، پڙهڻ  پُرجهڻ کي باقاعدگيءَ سان وقت ڏيندڙ، مختلف معياري رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندڙ ياسين ڪنڀر جو نالو هاڻي سنڌي ادب جي ميدان ۾ ڪو نئون نه آهي. الاهي ڏات، شاعريءَ جي مسلسل مشق سبب سندس تخِليقن ۾ نکار سان گڏوگڏ نبي آخرالزمان جي شان ۾ پنهنجا خيال پيش ڪرڻ ۽ عام ماڻهن تائين ڪاميابيءَ سان پهچائڻ ڪري خاص خوشبو عطا ڪئي آهي، جيڪا ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ هن ۽ سندس محبوب جي شان ۾ ثنا خواني ڪرڻ کي خاص مهرباني طور عطا ڪندو آهي.

”جانانِ جان“ ۾ ياسين ڪنڀر جي اتاهين شاعراڻي اُڏام جي فڪري توڙي فني طور ڪمال محسوس ٿئي ٿو. ياسين ڪنڀر نِج ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ ڄايل، نپنيل اهو ڪوي آهي، جنهن جا وڏا سندس چواڻي ”ڪي ڪتابن جا پاڙهو توڙي مذهبي علم رکندڙ نه هئا“ پر سندس ڏاڏا، پڙڏاڏا مٽيءَ مان تخليقڪاري يعني ڪنڀارڪو ڪم ڪندڙ هئا، جنهن مٽيءَ مان ڪائنات جي ابتدائي/بنيادي جوڙجڪ ٿي، جنهن مٽيءَ مان الله تعاليٰ پنهنجي محبوب مدني حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم سان عشق کي نروار ڪرڻ لاءِ هيءَ ڪائنات جوڙي ۽ ابتدا ۾ ڏاڏي آدم عليہ السلام کي ٺاهي منجهس ساهه ڀريو ويو.

اهائي ته مٽيءَ جي مهانتا آهي، مٽيءَ جو مٿانهون مقام آهي، جنهنڪري ياسين ڪنڀر جي ڪُٽنب جي اهميت به ڪا گهٽ نه آهي، اها مٽي ئي ته آهي، جنهن انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏياريو ۽ انهيءَ مٽيءَ مان ڪائنات جو وجود جو ڪارڻي ليکيو ويندڙ محبوبِ خدا جي شان ۾ جيڪو شاعر يا قلمڪار عقيدت/محبت جا گل نڇاور ڪري ٿو، تنهن جي ڏات ۾ ڪائنات جي ڪارڻي خود ڏهوڻا رنگ ڀري ٿو، جيئن ياسين ڪنڀر جي ڏات کي خاص رنگيني عطا ڪري علم ادب جي ميدان ۾ منفرد حيثيت ۾ خاص سڃاڻپ عطا ڪئي اٿس، جنهن جو جلوو هن ڪتاب ۾ شامل نعتن ۾ روشنيءَ جي ڪِرڻن جيان نروار ٿئي ٿو ۽ هر ٽين اک وارو انسان روحاني طور پسي سگهي ٿو، ۽ اهڙي خواهش رکندڙ هر پاڙهو ماڻهو اها جهلڪ پسڻ لاءِ ۽ پنهنجي اندر ۾ الله پاڪ جي ذات ۽ ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جو عشق اوتڻ لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي.

خيال جي پختگي ته ڏسو:

 

جانانِ جان جاني دلدار دلربا جي،

ساراهه ڇا لکان مان محبوب مصطفيٰ جي.

 

مذڪوره نعت کي روحاني پروگرامن ۾ نعت خوانن سڄي سنڌ اندر گهڻو ڳايو آهي ۽ ان جي مقبوليت جي ڪارڻ ئي ياسين پنهنجي هن حمديه ۽ نعتيه شاعري جي مجموعي جو نالو ان شعر مان رکيو آهي. هتي ياسين جي ڪتاب ۾ شامل نعتن مان ڪي بند/سٽون حوالي طور پيش ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو:

چاهت کي چمڪايو محمّد،

جيون آ جرڪايو محمّد

 

باشان محمّد آ، شايانِ محمّد آ،

بارانِ محمّد آ، بستانِ محمّد آ.

 

رب ڪعبه جو قسم، مصطفيٰ آهي اُتم،

قابُ قوسين مليو جنهن کي سو شاههِ اُمم.

 

هر درد جي دوا آ صلي عليٰ محمّد،

هر مرض جي شفا آ صلي عليٰ محمّد.

 

ياسين کي آرام ڏي، رضوان ڇو جهليندو،

پڙهندو هو برملا آ، صلي عليٰ محمّد.

 

ڪتاب ۾ شامل شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان غير منقوط نعت (اهو شعر جنهن ۾ ڪوبه نقطي وارو اکر يا لفظ شامل نه آهي). صنعت تحت النقاط ۽ بغير الف واري نعت پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته اسان جو سلڇڻو، سيبتو شاعر فڪري اُڏام سان گڏوگڏ ڪمال جي فني پختگي ماڻي چڪو آهي.

مان سمجهان ٿو ته اهڙين شاعراڻين خوبين ڪري ئي کيس نعتيه شاعريءَ تي سال 2017ع ۾ صدارتي اوارڊ ماڻڻ جو اعزاز مليو. هن ڪتاب جي مطالعي سان انسان پنهنجو اندر ئي اُجاري روحانيت ڏي مائل ٿي سگهي ٿو.

آڪاش عامر 

 

 

 

 

اُداس ڇوڪرين جهڙا نظم

(رحيمداد جوڳيءَ جي نثري نظمن جي ڪتاب

 (صحرا جي ڀاڪر ۾) جو مطالعو

 

جنهن جي به اندر جون آڱريون سُرَ ڇيڙين ٿيون، اُهوئي ندين جي روايتن، پکين جي ٻولين، درياهن جي وهڪرن ۽ هوائن جي رخن مان رقص ڪندڙ لهرون اُڀاري سگهي ٿو. جيڪو اندر ۾ جيترو آرٽسٽ هوندو، هُو ٻاهر اوترو ئي ڪمال ڪندو.

        آرٽ اهڙي اک رکي ٿي، جيڪا زندگيءَ جون سڀئي باريڪ شيون واضع نموني پسي سگهي ٿي. فطرتي حُسن ڪٿي به لڪل هجي آرٽ پنهنجي مظهر سان ان کي نمايان ڪري وٺي ٿي. ڪيترائي ڀيرا روح جي وارياسي ڀٽن تي گهمي ويندا آهن انهن جو پنڌ، ٿڪ ۽ پيرن ۾ پيل ڇالا به آرٽ پنهنجي ڪاريگريءَ ۾ فوڪس ڪري وٺي ٿي. ڪيتريون ئي اکيون اندر جي آئينن تي ڳوڙها هاري وينديون آهن، انهن ڳوڙهن ۾ لڪل درد، اوسيئڙو، اوجاڳو ۽ بيچين ريکائون به آرٽ عيان ڪري ويندي آهي. ڪيتريون ئي انگڙايون اندر ۾ اورٽ پيدا ڪري وينديون آهن، انهن جو ڪيف، خمار ۽ ڪرب به آرٽ پنهنجي اولي مان ٻاهر ڪڍي ايندي آهي.

دنيا ۾ جيترا به آرٽ جا ڪمال ۽ ڪاريگريون شاستر دماغن مان نڪتيون آهن انهن پنهنجي اندر کي اوتيو آهي، آرٽ جا جيترا به حصا آهن اهي سڀ اندر جا هاريل حصا آهن اسان اڄ جيڪو به پڙهون ٿا، جيڪو به آرٽ سان لاڳاپيل آهي اهو ماڻهوءَ جو اندر آهي. اهو آرٽسٽ جو داخلي ردعمل آهي.

        شاعري اندر جي هوائن سان آڌاريل خوبصورت دوشيزائن جا روا ۽ چُنريون آهن، جن جا رنگ ۽ رقص پنهنجا آهن، جن جا پاڇا جهومندڙ گلابن ۽ هلڪي ننڊ ۾ خماريل ريشمي ڳلن تي وڌيڪ گهرا ٿيندا آهن.

اهڙا  گهرا پاڇا رحيمداد جوڳيءَ جي نثري نظمن ۾ به نهايت وڻندڙ ۽ محبوبه جي مختصر ٽهڪ جهڙا دلخيز آهن، هِنَ جي اندر جون جيتريون به اٿلون، اوٿر، طوفان ۽ آنڌين ۾ لڏندڙ ٻيڙا ڪنارن سان لڳا آهن اهي سڀ هن جا نثري نظم بڻجي ويا آهن. حويلين حمامن مان آلن زلفن سان نڪرندڙ برگر ڇوڪرين جيڪي به پاڻيءَ ڦڙا ڇنڊي ڪيريا آهن اُهي سڀ جوڳيءَ جا نثري نظم بڻجي ويا آهن، مفلس مائرن جيتريون سِسڪيون ۽ سڏڪا ڀريا آهن انهن سڀني جو تجسس جوڳيءَ جي خوبصورت نظمن جو ڪلائيميڪس آهي.

 

         

مان

۽ منهنجي تنهائي

سڄي عمر

پاڻ ۾

سور پٽيندا رهياسين.

تنهائيءَ کي پنهنجو اهڙو ساٿي بڻائيندڙ جوڳي نثري نظم جو نبض شناس شاعر بڻجي ويو آهي، تنهائيءَ کي الڳ انداز سان پيش ڪرڻ سو به نثري  نظم ۾ اهو شاعراڻي وسعت جو ڪمال آهي.

هن وقت هن نظم کي دنيا ۾ لکيو وڃي ٿو، بين الاقوامي صنف بڻجي چڪو آهي، پر ڪيترن ئي نقادن جو خيال آهي ته هيءُ دور ئي نثري نظم جو دور آهي، هيءَ واحد صنف آهي جنهن کي ڪهڙيءَ ٻولي ۾ به ترجمو ڪري سگهجي ٿو ڇو ته نثري نظم ۾ پنهنجي احساسن، جذبن ۽ سوچن کي پوري طرح سان لکي سگهجي ٿو، ڪن جو خيال آهي ته توڙي جو هن جو نالو نثري نظم آهي، پر هي پابند نظم جهڙيون خوبيون ۽ لوازمات رکي ٿو جيترو هن کي آسان سمجهيو وڃي ٿو، اهو ايترو ئي ڏکيو ۽ گَهرو هجي ٿو.

هيءَ اهڙي صنف آهي جنهن ۾ درد، پيڙا ۽ غم اهڙي نموني بيان ڪيو ويندو آهي جنهن کي پڙهڻ وارو به اهڙي ئي اذيت سان پڙهي جهڙي اذيت مان گذرندي شاعر لکيو هجي، جيئن هن نظم ۾ رحيمداد جوڳيءَ ڪمال ڪيو آهي.

•  درد

ته

       ماءُ جهڙو آهي!

       هر گهڙي اُداس.

       نڙيءَ ۾ اٽڪيل

       ڳوڙهو

       سڪي ئي نه ٿو،

       ديد در ۾ آهي

       انتظار

       پوڙهو ئي نه ٿو ٿئي!

يا هن نظم جي اداسي پڙهندڙ کي به اداس ڪري ڇڏي ٿي

•  آئون جڏهن ڄائو هوندس

شايد

       جهڙالي موسم هوندي    

جو آئون

       اڄ به اداس آهيان

       پکين وانگر!

رحيمداد جوڳيءَ پنهنجي سادگيءَ کي به نثري نظمن ۾ تمام گهرائيءَ سان بيان ڪيو آهي. درد کي به ڄڻ  لطف جي لوئيءَ ۾ ويڙهي ڳايو آهي، لفظن جو خوبصورت کان خوبصورت استعمال ئي شاعراڻو آهي جنهن ۾ هُن مهارت کان ڪم ورتو آهي

• تون

هڪ ڏينهن مري

ويندي

سڀ

خواب اکين جا

کڻي!!!!

        واقعي ئي محروم ۽ مفلس زندگيون خوابن سان گڏ مري وينديون آهن، خواب يا ته انهن جي اڳيان مرڻ شروع ڪندا آهن يا هوُ خوابن جي آڏو مرڻ شروع ڪندا آهن، بس هڪ الميو ئي آهي جيڪو نثري نظم جي آرسيءَ تي ڳاڙهي خون جي قطري وانگر رکيل آهي.

        اهڙا کوڙ الميا رحيمداد جوڳيءَ پنهنجي شاعراڻي ڪمال سان پيش ڪيا آهن هن جي پوري ڪتاب ۾ درديليون دانهون گهڻيون آهن، پر ان کان به وڌيڪ خاموش اذيتون ڏيندڙ پيڙائون نظمن جي صورت ۾ موجود آهن.

يعني توهان هڪ نثري نظم نه، پر هڪ الميو، هڪ درد ۽ هڪ پيڙا ئي پڙهندو ۽ اوهان ان ڪيفيت مان به گذرندو جنهن ڪيفيت مان شاعر گذريو آهي.

هيءُ ڪتاب ”صحرا جي ڀاڪر ۾“ المين جو سفر آهي، دردن جو پنڌ آهي، خوابن جي ڪشمڪش آهي، ڳوڙهن جو جنون آهي موسمن جو ڪيف ۽ خمار به آهي.

• روئڻ

خدا کي وڻندو آهي

۽ کلڻ

محبوبائن کي!

       ”صحرا جي ڀاڪر ۾“ مختصر نثري نظمن جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ تمام مختصر لفظن ۾ وسيع ۽ گهرو مفهوم سمايل آهي. هن کان اڳ م نثري نظم به تمام وڏا ۽ ٻن ٻن صفحن جا لکيا ويا آهن، پر شاعر جو هيءُ خوبصورت تجربو آهي ۽ تمام وڻندڙ آهي.

        هن وقت پوري سنڌي شاعريءَ جو نمونو ئي منفرد بڻجي چڪو آهي. اهڙي طرح رحيمداد به نثري نظم جو مختصر نمونو متارف ڪرايو آهي. ٿورڙين سٽن ۾ وڏيون ڳالهيون ڪيون اٿائين جيڪي سادگيءَ ۽ گهرائيءَ سان ٽمٽار آهن نه ته ماڻهو نثري نظم کي به ڪهاڻي بڻائي لکڻ جو تجربو ڪندا رهيا آهن، پر نثري نظم مزاج ۽ هيئت مطابق پنهنجو ڌار فارميٽ رکي ٿو، نثري نظم لکڻ وقت شاعر کي رسيءَ تي هلڻو پوندو آهي. خاص ڪري هن جي پڄاڻيءَ ۾ هڪ ڇرڪ هوندو آهي ۽ اهو ڇرڪ ئي هن جي جان هجي ٿو جيڪو هن کي وڌيڪ سگهارو ۽ جاندار بڻائي ٿو.

• دريءَ جي

شيشي مان مون ڏٺو

ڪار جي اڳين سيٽ تان

هوُ جيڪو

ٻارنهن سالن جو ڇوڪرو

ايڪڙ لڻي ٿو

پٺيءَ اگهاڙو اُس ۾

اهو

منهنجو ٻالڪپڻ آهي!

       رحيمداد جوڳيءَ جي هڪڙي خوبي اها به آهي هوُ خيال يا تصور کي نظم ۾ پوري شڪل ڏئي خوبصورت اسڪيچ بڻائي ڇڏي ٿو. هن جا ڪيترائي اهڙا نظم آهن جن ۾ ٻهراڙين، شهرن، ريگستانن يا پٿرائين وادين ۾ گهمندڙ حسينائن جون ڄڻ تصويرون ڇڪيون آهن.

• هُو ڏس

باغ جي ڪنڊ ۾

ٻه گل پيا مرڪن

ڄڻ آهيون

تون ۽ مان!

• هن هو

چيٽ ۾ آرس ڀڳو

وڻن ۾ چنڊ کڙيو

باغ ۾ گل ٽڙيو

شاعر نظم لکيو

• مان آهيان اڪيلي پکيءَ جيان

ڪڪرن تي ڪنهن کي ڳوليان ٿو؟

آسمان جهڙو من  پنهنجو

ٻٻر جي وڻ ۾

خالي آکيري تي

سانوڻ جو مينهن وسي ٿو!

• اُتر جي هوا ۾

اڇا اڇا ڪنگ

اچي وڻن تي ويٺا آهن!

• اُتر جي هوا ۾

مٿي آسمان تي

ڪبوتر اڏامن ٿا!

       نثري نظم جي اهائي خاصيت جيڪا مڪمل عڪس پيش ڪرڻ آهي. اها نظم جي بنيادي بيهڪ وانگر آهي، اهو نظم جيڪو ڪا تصوير نه ٿو چٽي اهو نظم جو خالي تلاءُ آهي جنهن ۾ پاڻي نه هوندو آهي.

       رحيمداد جوڳي تي هڪ ليبل لڳل هو ته هيءُ فقط وائيءَ جو شاعر آهي، باقي شاعري نه ٿو ڪري سگهي، پر هن نثري نظمن جو هي منفرد لهجو اپنائي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته هڪ آرٽسٽ ڪهڙي به ڪارب ۾ ڪاريگري ڪرڻ چاهي هوُ ڪري سگهي ٿو بس تخليق رت ۾ شامل هجي.

رحيمداد جوڳي اٿندي ويهندي شاعر آهي. هيءُ ڳالهين ۾ ڪيترو به سادو هجي، پر تخليق ۾ هوُ سريلو ۽ سهڻو آهي هن جي تخليق سان سچائي ماءُ وانگر هجي ٿي اهو تخليق کي اولاد سمجهي ٿو.

       اوهان ڪتاب ”صحرا جي ڀاڪر ۾“ کي گهرائيءَ سان پڙهي ڏسندو ته هن جا نثري نظم پوري ديس جي ڏهرن، تراين، هوائن ۾ پکين، ۽ انيڪ موهيندڙ اسڪيچ آهن، جيڪي اندر مان ڀڙڪو کائي ٻاهر آيا آهن

رحيمداد جوڳي جو هيءُ نظم ذري گهٽ دل تي هٿ هجي ٿو ته

      منهنجو درد

ايمبولينس جي سائرن جهڙو

جنهن ٻڌو

خاموش ٿي ويو!

 

نسرين الطاف 

 

 

 

 

 

تخليقڪارن سان رچايل سُرهي سانجهه

 

سنڌي ادبي سنگت پاران 17- فيبروري 2019ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سهڪار سان سنڌي ٻوليءَ جي چئن ناميارين تخليقڪارن آپا نذيرناز، آپا مريم مجيدي، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو ۽ محترمه حسينه ساند سان سُرهي سانجهه رچائي وئي. هن رنگارنگي تقريب جي صدارت نامياري ليکڪا ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت صاحب ۽ اعزازي مهمان سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ اردوءَ جو ناميارو ليکڪ محترم راحت سعيد هو، پروگرام جي شروعات ۾ روايتي انداز ۾ مهمانن کي گلن جا هار ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. پروگرام جي باقاعده شروعات تلاوت پاڪ سان ڪئي وئي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري محترمه نسرين الطاف پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان جي ڪوشش اها آهي ته اسان پنهنجي ليکڪن کي سندن قلمي پورهئي تي سندن حياتيءَ ۾ ئي مان ڏئي عزت افزائي ڪري سگهون، هيءُ پروگرام به انهيءَ سلسلي جي ڪَڙي آهي ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي جاکوڙي ميمبر محترم يوسف سنڌيءَ، آپا مريم مجيدي جي شخصيت ۽ سندس شاعريءَ تي روشني وڌي ۽ محترم سرفراز نواز ٻگهئي پڻ آپا مريم مجيديءَ جي شخصيت فن ۽ فڪر جي پهلوئن کي اُجاگر ڪيو.

ناليواري ليکڪا ۽ سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ماهوار ”سرتيون“ جي ايڊيٽر محترمه گلبدن جاويد، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جي شخصيت ۽ فن فڪر تي تي تفصيل سان ڳالهايو ۽ سندس پي.ايڇ.ڊي جي ٿيسز تي شايع ٿيل ڪتاب جي باري ۾ ڳالهايو ۽ ان کان پوءِ ڊاڪٽر محمود مغل پڻ ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جي شخصيت جي باري ۾ ۽ انهن سان ريڊيو جي حوالي سان ڪجهه يادگيريون پڻ ٻڌايون ۽ وڌيڪ چيو ته اسان جون هيءُ سڀ مهان هستيون آهن، جن جي مانَ ۾ هيءَ تقريب ڪوٺائي وئي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره ۽ ”مهراڻ“ رسالي جي ايڊيٽر محترمه ثمينه ميمڻ ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جي شخصيت ۽ انهن جي قلمي پورهئي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جو نالو انهن وڏين ناميارين ليکڪائن جي صف ۾ شامل آهي پاڻ سڄي ڄمار ادب جي خدمت ڪئي اٿن ۽ وڌيڪ چيو ته مون کي ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو سان ويجهڙائيءَ کان ملڻ جو موقعو مليو. مون ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو جي ٻاجهاري شخصيت مان گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پرايو آهي. هيءُ سڀ اسٽيج تي ويٺل مهان شخصيتون اسان لاءِ رول ماڊل آهن. محترمه ڪبريٰ ڀنڀرو، محترمه حسينه ساند جي شخصيت تي روشني وڌي ۽ ڪجهه شاعري پڻ سامعين کي پڙهي ٻڌائي، محترمه حسينه ساند جي پٽ اسفند يار عليءَ پڻ پنهنجي امڙ کي خراج پيش ڪيو. محترمه ڊاڪٽر عربيه نور پڻ  پنهنجي امڙ نذير ناز جي باري ۾ انهن جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته مون امڙ کي سڄي ڄمار هميشه محنت ڪندي ڏٺو. اسان اولاد جي به تربيت تمام سهڻي نموني ڪئي اٿائين. محترمه نسيم خان محمد پنهور پڻ محترمه نذير ناز جي باري ۾ پنهنجون يادگيريون ٻڌايون ۽ ان کان پوءِ خورشيد امر شاهه پڻ آپا نذير ناز جي شخصيت تي ڳالهايو.

انهيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو کي ڳالهائڻ لاءِ دعوت ڏني وئي جنهن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته مون کي نهايت خوشي ٿي رهي آهي، انهيءَ لاءِ آءٌ شڪرگذار آهيان سنڌي ادبي سنگت جي جن مون کي مانُ ڏنو، عزت ڏني. ان کان پوءِ آپا مريم مجيديءَ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته هن قلمي پورهئي جو داد اوهان سڀ لهڻو، اوهان جي داد رسيءَ سان ئي منهنجو قلم اڳيان وڌي سگهيو آهي، آپا مريم مجيديءَ پنهنجي شاعري ٻڌائي ڀرپور داد حاصل ڪيو، آپا نذير ناز پڻ پنهنجي قلمي ادبي پورهئي جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو، ته هيءُ محنتون ڪاوشون اوهان پڙهندڙن جي موٽ جي ڪري ٿي سگهيون آهن، منهنجي اڃان به ڪوشش آهي ته ادب جي خدمت ڪندي رهان.

آخر ۾ محترمه حسينه ساند کي ڳالهائڻ لاءِ دعوت ڏني ويئي، پاڻ پنهنجي شاعريءَ جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو ته مان اڃا شاعري ڪندي رهندي آهيان، منهنجي شاعريءَ جو محرڪ فطرت آهي ۽ وڌيڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت مون کي عزت ڏني مانُ ڏنو انهيءَ لاءِ مان ٿورائتي آهيان. ۽ آخر ۾ حسينه ساند پنهنجي شاعريءَ مان ڪجهه چونڊ شاعري ٻڌائي.

ان کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي ادبي سنگت جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان جي آئينده به اهڙي ڪوشش هوندي ته سنڌي ٻوليءَ جي ناليوارن اديب/ليکڪن جي قلمي پورهئي تي سندن حياتيءَ ۾ ئي مانُ ڏئي سگهون. هيءَ انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪوشش آهي ۽ انهيءَ لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري محترمه نسرين الطاف جس لهڻي، ان کان پوءِ اردو ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ راحت سعيد پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، ۽ چيو ته مون کي اڄ تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، انهيءَ لاءِ سنڌي ادبي سنگت مبارڪباد جا مسحق آهن، اهڙي روايت اڳيان به جاري رکجي ته جيئن قلم ڌڻين جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. پروگرام جي خاص مهمان ڊاڪٽر فتح محمد برفت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته زنده قومون ئي پنهنجي قوم جي هيروز کي خراج پيش ڪنديون آهن، مان سنڌي ادبي سنگت جي پوري سٿ کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، هيءُ اسان جون سينئر ليکڪائون جن سڄي زندگي ادب جي خدمت ڪئي آهي، ادبي سنگت پاران هيءُ عملي قدم ساراهه جوڳو آهي، انهيءَ کان پوءِ آخر ۾ تقريب جي صدارت ۾ نامياري ليکڪا ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته هيءُ چارئي ليکڪائون اسان سڀني لاءِ معتبر هستيون آهن، جن جو قلمي پورهيو ڪنهن کان ڳجهو ناهي، ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو سان گهاريل گهڙين کي ياد ڪندي چيو ته اسان جو گهر ڄڻ هڪڙوئي آهي ۽ وڌيڪ چيو ته شاندار پروگرام ڪرائڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت مبارڪباد جا مستحق آهن، پروگرام ۾ سلطانه سورٺ، انور سولنگيءَ ڪلام ٻڌائي ڀرپور داد حاصل ڪيو، پروگرام جي ڪاروائي ناليواري اديب ليکڪ محترم نصير مرزا هلائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org