سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:5 

اشتياق انصاري

 

 

 

مانجهند جا اوائلي مندر،

ماڙيون  ۽ ماڻهو

سنڌ جي اوائلي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا اڪثر واهڻ ۽ وستيون سنڌوءَ ڪناري اُسريون ۽ نِسريون آهن. انهن مان ڪيتريون وَستيون دادلي درياهه جي لهرن تي ڪڏهن ٻُڏيون آهن ته ڪڏهن ڪُڏيون آهن. درياهه سان جنگ جوٽيندڙ اهي ڳوٺ ۽ شهر بار بار ٺهڻ ۽ ڊهڻ ڪري، سنڌ ۾ الڳ ۽ منفرد مقام رکن ٿا.

درياهه سان دوستيءَ وارن اهڙن شهرن ۾ ’مانجهند‘ جو نالو به اچي ٿو. قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ ۾ اچي ٿو ته سر اليگزينڊر برنس 1831ع کان 1836ع ۾ اَوڀاريون هاڪاري مٿي لاهور ويو هو. سندس بيان آهي ته ”گذريل ٻارنهن سالن ۾ سنڌوءَ مانجهند کي ٻارنهن ڀيرا ٻوڙي ڀينگ ڪري ڇڏيو آهي(1). مانجهند جو هيءُ جهونڙو شهر تعلقي مانجهند ۽ ضلعي ڄام شوري ۾ واقع آهي. هيءَ قديم واپاري وستي انڊس هاءِ.وي تي حيدرآباد کان 60 ڪلوميٽر سيوهڻ ويندڙ رستي تي مانجهند ريلوي اسٽيشن کان ڪجهه گام اوڀر آهي.

مانجهند شهر تي اهو نالو پوڻ لاءِ مختلف خيال آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته، ”محمد بن قاسم جڏهن سيوهڻ کان نيرون ڪوٽ تي آيو ته مانجهاندو موجوده پٽن تي اچي ڪيائين يعني منجهند جي ماني اتي اچي کاڌائين، تنهنڪري منجهند پوءِ مانجهند نالو پئجي ويو. ڪن جو چوڻ وري هي آهي ته: ”مانجهند نالي هڪ شخص هو، جنهن کي ست ڀائر هئا: مريد، چڱو، تنگياڻي وغيره ته مريد مان مريداڻي، چڱو مان چڱياڻي ۽ تنگيو مان تنگياڻي سڏجڻ لڳا. جن جا ڳوٺ مانجهند جي آسپاس ۾ اڃا صدين کان وٺي آباد آهن. مانجهند، خود موجودهه زمين تي ويهي رهيو ۽ اهو پَٽ سندس مانجهند جي نالي سان مشهور ٿيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي(2).“

بهرحال اتان جي عام ماڻهن جي اها راءِ آهي ته پراڻي زماني ۾ هن هنڌ تي مانجهند قبيلي جي بزرگن اچي ديرو ڄمايو، اڄ به هن ذات جي ماڻهن جا مانجهند شهر جي آسپاس ست ڳوٺ وسيل آهن، جن ۾ وري مانجهند ذات وارن جا مختلف پاڙا آهن. اياز ڀاڳت مانجهند ذات لاءِ لکي ٿو ته:

”هي سنڌ جو قديم ۽ ننڍو قبيلو آهي. متفقه مقامي روايتن موجب مانجهند قبيلي وارا ايران کان آيا ۽ اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا.“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکت موجب، انهن مان ڪنهن وڏي جو نالو مانجهند هو، جنهن جي پويان هي سڏيا ويا. هن کي ٽي پٽ هئا: تنگيو، ڀنڀو ۽ مريد جن کي اولاد ٿيو. تنگئي کي ٻه پٽ هئا: ورم ۽ نهال. سندن پيڙهي هيٺئين بيان ڪئي وئي آهي: مانجهند پٽ عالي پٽ سنهڙو پٽ زماچ، پٽ ڌرت (ان کانپوءِ ڪيئي پيڙهيون مٿي) پٽ عالي پٽ نوشيروان پٽ ڪيقباد.

منهنجي خيال موجب، هي ايراني، دراصل سنڌي نسب ماڻهن جو ننڍو قبيلو آهي. جيڪو پنهنجي وڏي ’مانجهند‘ جي نالي سڏيو وڃي ٿو. اُنهن جي وڏن جا نالا سنڌي النسل آهن، نڪي ايراني، جيئن ته هي اڪثريتي آبادي، قبيلن ۽ ذاتين وارا پنهنجو نسل ڪنهن ٻئي ڌارئي شاهي نسل سان ڳنڍڻ جا عادي آهن، تنهنڪري هنن به پاڻ کي ايراني نسل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي(3).“

جاگرافيائي لحاظ کان مانجهند کي 25.51 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 19. 68 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ڏسي سگهجي ٿو. هي شهر درياهه ڪنڌيءَ هئڻ ڪري پنهنجي جوڀن ۾ وڻندڙ ٿڌڙي هوا، دلڪش قدرتي نظارن، چوڦير ساوڪ جي سرهاڻ ۽ دلفريب نظارن ڪري ملڪان ملڪ مشهور هو.

هيءُ سائو سَتابو، سکين سانگين جو شهر زماني جي گردش ڪري هينئر هيڻي هال ۾ آهي.

مانجهند، درياءَ ڪناري هئڻ ڪري ڪنهن وقت ۾ وڏو واپاري مرڪز هو، هتي  ڏيهي توڙي پرڏيهي غوراب اچي پڳهه پائيندا هئا. اهي وڻجارا پنهنجا هوڙا هاڪاري دنيا جي مختلف منڊين ۾ وڃي مال لاهيندا هئا. خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ سندن تجارتي ڪوٺيون قائم هيون، جتان ججهو ناڻو ڪمائي اچي سنڌ جي سينڌ سنواريندا هئا.

مانجهند بين القوامي واپارين جو مسڪن هئڻ ڪري شهر ۾ وڏي خوشحالي هوندي هئي. ان کانسواءِ  هيءَ وستي درياهه جي ڀاڪر ۾ هئڻ ڪري هتان جي هارين نارين ڪڏهن به سوڪهڙي جو منهن نه ڏٺو هو. سانوڻي ۾ ته سارو علائقو خاص ڪري ڪچو، پاڻيءَ سان لس ليٽ ٿي ويندو هو.

ان ڪري هتان جو عام ماڻهو غريب غربو به مالي حوالي سان آسودو هوندو هو. ريجالي زمين هئڻ ڪري فصل به تمام ڀلا ۽ نفعي بخش ٿيندا هئا. مانجهند جي منڊي ته سدائين اناج سان سٿيل هوندي هئي. هتان جو اناج آسپاس جي بازار ۾ سٺو ملهه ڪندو هو. ان ڪري هِتان جا ڪڙمي ڪاسبي به سرها ڏسبا هئا. چوڦير گاهه جي گهڻائيءَ ڪري مالوند به ڍاول هئا. ڪچي جو تاتيل چوپايو مال مختلف پڙين تي هٿو هٿ وِڪبو هو.

ان وقت نه رڳو مانجهند پر ساري سنڌ آبي ڦاٽن، واهن، واهڙن وسيلي ڳنڍيل هئي پر خشڪي رستي به هرهنڌ پهچي وڃبو هو. ان دور ۾ مسافري ۽ باربرداري گهڻو ڪري اُٺن ذريعي ٿيندي هئي. ساري رات شاهراهن تي اُٺن جي وڳن جي ڳچن ۾ پيل چڙا پيا ٻُرندا هئا. ان کانسواءِ ڏاند گاڏين جي تيل مکيل سراين جا چيڪاٽ پيا ڪني سڻڀا هئا. گڏهه ۽ گڏهه گاڏو به گهڻو استعمال ٿيندو هو.

خشڪي جي مشهور شاهراهه جيڪا سمنڊ، ڪراچي کان وٺي بلوچستان ۽ افغانستان جي پهاڙن کي ڳنڍيندي هئي، اها مانجهند وٽان گذرندي ويندي هئي. ”اهو شاهي رستو ڪراچيءَ کان ٺٽو ناڪو ڏئي، جهوڪ، ڪوٽڙي، مانجهند ۽ لڪيءَ کان سيوهڻ پهچڻ بعد دادو، لاڙڪاڻي شڪارپور کان ٿيندي جيڪب آباد پهچندي هئي(4).“ جتان پوءِ بلوچستان ۾ داخل ٿي ويندي هئي.

مانجهند آبي ۽ خشڪي رستي ۽ سمنڊ سان ڳنڍيل هئڻ ڪري هتان جو دريائي بندر به واپار ۽ آمدورفت جي لحاظ کان وڏو وسيلو هو. ”سنڌو“ جي ڪناري هئڻ ڪري وڏا وڏا ٻيڙا ۽ ٻيڙيون اچي مانجهند جي بندر تي لنگر ڪنديون هيون. ماڻهن جو ٻاهرين شهرن ڏانهن اچڻ وڃڻ، ۽ سفر ڪرڻ ٻيڙين جي رستي ٿيندو هو. مانجهند بي بندر تي اهو به انتظام هوندو هو ته ٻيڙين ۾ مردن جي چڙهڻ لهڻ جو هنڌ جدا هوندو هو ۽ زالن جي چڙهڻ ۽ لهڻ جو دڪو ٻيڙين ۾ الڳ هوندو هو. مطلب ته مرد جدا نموني ۾ شهر کان ٻيڙين تي چڙهندا هئا ۽ زالون مردن کان الڳ نموني بنا خطري جي ٻيڙين ۾ سوار ٿينديون هيون. مانجهند ان وقت ۾ هڪ وڏو واپار جو مرڪز هو. شهر جي ڪناري تي وڏن سَڙهن سان ٻيڙيون هميشه بيٺيون هونديون هيون(5).“

مانجهند درياءَ ڪنڌيءَ تي هئڻ ڪري هتي ٻيڙاتن ۽ مهاڻن جو به وڏو انگ رهندو هو. اهي ناکئا ۽ پاتڻي سازو سامان ۽ مسافرن کي منزل تي پهچائڻ کانسواءِ ڪيترائي مڇي مارڻ واري ڌنڌي سان لاڳاپيل هئا. ماهيگير درياءَ ۽ آسپاس جي ڍنڍن ۾ ڄار پوکي قسمين قسمين مَڇي مياڻ تي کڻي ايندا هئا. ان ڪري مانجهند جي مياڻي تي مڇي جو به وڏو ڪاروبار هلندو هو. خاص ڪري چاڙهه جي موسم ۾ سنڌوءَ جو سوادي پَلو به هت جام جهلبو هو.

مانجهند جا هندو واپاري:

هندو واپارين جو هونئن ته ساري سنڌ ۾ واپار تي قبضو هو پر هو ڪٿي ڪٿي خاص ڪري ٻهراڙين ۾ امن امان ۽ ڪاروباري حوالي سان پاڻ کي محفوظ نه سمجهندا هئا، انڪري هنن هتان جي ڪاروبار سان گڏ ٻاهرين ملڪن ۾ به واپاري واسطا وڙا وڌائڻ شروع ڪيا. ان لاءِ ڪلاڊومارڪووس لکي ٿو ته:

”انهن ڳالهين مان هي به چٽائي ٿئي ٿي ته ڪهڙين ڳالهين سبب سنڌي هندو واڻيي اوڻيهن صدي جي اڌ ۾ سنڌ کان ٻاهر پرڏيهه ۾ واپار جون راهون ڳولهيون، هي ڪارڻ چٽو آهي ته کين پنهنجي دولت جي هوندي به ڳوٺن ۾ موجود عدم تحفظ واري حالت ۾ پوري طرح پنهنجو ڪاروبار نه ڪري سگهندا هئا، تنهنڪري سنڌ کان ٻاهر سندن دلچسپي وڌي(6).“

سنڌ جي جديد تاريخ ۾ آهي ته: ”مانجهند هڪ دريائي پتڻ هجڻ ۽ حيدرآباد کي ويجهي هئڻ سبب هتان جا هندو سيٺ ۽ واپاري سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ هالا، بوبڪ، جوهي، سن، سيوهڻ، دادو، سڪرنڊ، نوابشاهه، موري، دولتپور ۽ نصرپور، ڀرت جو ڪم، ڪاٺ تي اُڪر جو ڪم، نير، ميندي، گهوڙن جا هَنا، خرزينون، چمڙي مان ٺهيل سامان، سون چاندي جا زيورات وغيره ٺهندا هئا، خريد  ڪري، انگريز عملدارن وٽ اچي وڪرو ڪندا هئا. آهستي آهستي هتان جي سيٺين يا شاهوڪارن پنهنجون ڪوٺيون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قائم ڪيون. ٻاهرين ملڪن مان پنهنجي ڪوٺين ذريعي لونگ، گرم مصالحو، ريشمي ڪپڙو، سڪل ميوو، قيمتي موتي، جديد مشينري، کنڊ، چيني جا ٿانوَ وغيره خريد ڪري پنهنجي گماشتن معرفت سنڌ، عرب ملڪن، افغانستان، ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ جي منڊين ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمائيندا هئا. سيٺ ٻاهرين ملڪن جو مال سڌي طرح نه گهرائيندا هئا، پر هُو پنهنجن ڀائيوارن ۽ گماشتن معرفت مال خريد ڪندا هئا.“(7)

سنڌ ورڪي:

ساري دنيا سان واپاري ناتا وڌڻ ڪري هتان جي سيٺن جا ڦيري وار ڀلاوڻا، گماشتا ساري سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان شاهه ڪاريگرن جا هٿ هنر، ۽ ناياب شيون هٿ ڪري ايندا هئا. پوءِ اهو مال سنڌ کان ٻاهر خاص ڪري اهڙن شهرن ۾ جتي انگريز گهڻائيءَ ۾ رهندا هئا، جيئن ڪلڪتو، مدراس، بمبي وغيره اتي وڃي سُٺن اگهن تي وڪڻندا هئا. ان لاءِ ٽيڪچند ڪرمچند ميرچنداڻي لکي ٿو ته:

”هتان جي هندو سيٺين اڳتي قدم وڌايو، اهي هتان جو گهرو هنر، ڪپڙي تي برٿ جو ڪم، جنڊيءَ جو سامان، چمڙي جو سامان، ڇٽيون، اَجرڪ، کيس ۽ زيورات وغيره انگريز فوجي ۽ سول آفيسرن کي پنهنجي نوڪرن، ڦيري واري معرفت وڪرو ڪري ڏيندا هئا ۽ هُو انهن شين کي خريد ڪري پنهنجن مٽن مائٽن کي سوکڙي طور موڪليندا هئا. انگريز حاڪم انهن شين جي خريداريءَ وقت ڦيري وارن کان پڇندا هئا ته:

”ڇا هي سنڌ جو هنر آهي؟

 "Is this Sindh work

اهڙيءَ ريت جڏهن انهن سيٺين جي ڦيري وارن محسوس ڪيو ته هُو سنڌ جي ورڪ (هنر) ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن ته پنهنجو سامان انگريز آفيسرن کي وڪري ڪرڻ وقت چوندا آهن ته ”اوهين ڪجهه سنڌ جو ٺهيل هنر ڏسندا؟

 "You want to see Sindh work"?

انهيءَ نسبت سان اڳتي هلي عام ماڻهو انهي ڦيريءَ وارن کي سنڌ ورڪي نالي سان سڏڻ شروع ڪيو (8).

هنڊي:

سنڌ ورڪين جي واپاري دنيا ۾ محنت ۽ ڪشالن ڪري سنڌ جو نالو ساري دنيا ۾ وڄڻ لڳو. سنڌ ورڪين لاءِ انيس انصاري، چيتن ماڙيولا جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:

”سنڌي واپاري جيڪي سنڌ ورڪي جي نالي سان مشهور آهن، تن جو واپار سڄيءَ دنيا ۾ ڦهليل آهي. هُو پنهنجي دڪان سميت دنيا جي هر ڏورانهين حصي ۾ موجود آهن. سندن ئي ڪري سڄي دنيا سنڌ جي نالي کان واقف ٿي آهي(9).“

ان دور ۾ موجوده زماني وانگر ڪوبه واپار جي پئسن جي ڏيتي ليتي جو سرڪاري سطح تي نظام ڪو نه هوندو هو، انڪري اهو سارو واپار هنڊين جي وسيلي هلندو هو. هنڊين ذريعي ان واپاري سرشتي کي پروفيسر عبدالله مگسي سولو ڪري سمجهايو آهي ته:

”هنڊي ناڻي جي هڪ چٺي (Draft) هوندي هئي، جا لکندڙ پاڻ يا پنهنجي گماشتي کي يا پنهنجي ڀلاوڻي کي لکندو هو. هن جا ٻه قسم هوندا هئا. درسني هنڊي ۽ ٻي مدي واري هنڊي. جيستائين هنڊي ڀري نه آهي، تيستائين وڪامي سگهي ٿي. يعني بازار ۾ ان جو ملهه آهي، تنهنڪري چئبو ته هنڊي به هڪ قسم جو نوٽ هو. نوٽ ۽ هنڊي جي وچ ۾ هي فرق آهي ته نوٽ جو ملهه هميشه ساڳيو آهي ۽ هميشه هلي سگهي ٿو ۽ قاعدي موجب هرهڪ ماڻهو اهو قبول ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهي. ان جي ضمانت حڪومت ڏيندي آهي، پر هنڊيءَ جو ملهه ناڻي جي سوڙهه ڪري، ۽ ٻين سببن ڪري تبديل ٿيندو هو. سندس ملهه رڳو سندس ڀرجڻ تائين هوندو هو. تنهن کانپوءِ اها رد ٿي ويندي هئي. ان جو قبول ٿيڻ لکندڙ جي ڪارپت تي مدار رکندو هو. اهڙي طرح هنڊي ذريعي واپاري ناڻي جي مٽاسٽا هڪ شهر يا ملڪ کان ٻئي شهر يا ملڪ تائين سولائي سان ڪري سگهندا هئا(10).“

بهرحال هنن خاص ڪري ”مانجهند جا سنڌ ورڪي“ پنهنجي ڪارخاني جو سڄو حساب ڪتاب خدا آبادي واڻڪي اکرن ۾ ڪندا هئا. انهي آئيويٽا ۾ سراسري چاليهه اکر هوندا هئا. جن مان ڏهه حرف علت ۽ ٽيهه حرف صحيح جا هوندا هئا. واپارين يا سيٺين جي مقرر ٿيل منشين ۽ عاملن جو انهن لکڻين سان ڪوبه واسطو ڪو نه هوندو هو(11).“

مانجهند جا سنڌ ورڪي:

ورهاڱي کان اڳ اسان کي مانجهند جا ڪيترائي امير ماڻهو ملن ٿا جن سنڌ ورڪي ذريعي پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان ٻاهرين دنيا مان ججهو پئسو آڻي، سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ ڀلائيءَ تي خرچ ڪيو. هنن نه رڳو پنهنجي رهائش لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، نصرپور، مانجهند ۾ عاليشان محل ماڙيون ٺهرايون پر ساڳي وقت عام ماڻهن لاءِ اسپتالون، اسڪول، باغ باغيچا، مسافرخانه، وغيره ٺهرايا. هر سال سنڌ ورڪي سراسري اڍائي ڪروڙ رپيا سنڌ ۾ آڻن ٿا. شڪارپورين جي ڪمائي تنهن کان سواءِ آهي. اها به ٿوري ڪانهي(12).

اسان هت صرف مانجهند جي ڪن مشهور سنڌ ورڪين جو ذڪر ڪنداسين.

سيٺ منگهر مل ٽيڪچند ڌانواڻي:

هن جي واپاري ڪوٺي جاوا (انڊونيشا) ۾ موجود هئي کيس واپار مان تمام گهڻو نفعو ٿيو، جنهن مان هن زمين خريد ڪري زمينداري ڌنڌو اختيار ڪيو. جنهنڪري آسپاس جي ماڻهن ۽ ڪامورن سان سندس سٺا لاڳاپا پيدا ٿيا. انگريز سرڪار سندس خدمتن کي محسوس ڪندي کيس راءِ بهادر جو لقب ڏنو. انڪري سندس سياسي اثر ايترو ته وڌي ويو جو هي ڪيترن سالن تائين مانجهند جو ميونسپالٽي ۽ نوٽيفائيڊ ايريا جو پريزيڊنٽ ۽ چئرمين رهيو. ان کانسواءِ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر پڻ هو(13).“

سيٺ منگهرمل لاءِ شهيد سومرو لکي ٿو ته:

”هن شهر ۾ انگريزن جي دور ۾ هندن جو وڏو زور هو. وڏا وڏا سيٺيون ۽ گبر هندو رهندا هئا، جن ۾ راءِ منگهرمل جو نالو پوريءَ سنڌ ۾ مشهور هو ۽ وڏي پهچ ۽ رسائي وارو واڻيو هو. مسلمانن ۾ فقط هڪ ماڻهو مانجهند ۾ مست، زبردست، خاندان بهادر، زميندار، همدرد، همت ۽ حشمت وارو، عظيم ماڻهو رئيس فقير بخش خان ڪاڇي هو، جنهن کان اهي وڏا وڏا گبر سيٺيون ۽ مانجهند بلڪ سنڌ جا پيلپاوا به ڊڄندا هئا ۽ کانئس لهرائيندا هئا ۽ رئيس جي حياتي ۾ ڪڏهن به من مستي نه ڪيائون.(14).“

سيٺ کٽومل:

مانجهند شهر جو هيءُ تمام مشهور سنڌ ورڪي ٿي گذريو آهي. سندس نالي پويان هن جو خاندان ”کٽواڻي“ سڏجڻ لڳو. سندس نک ”للهر“ آهي. هن نکَ وارا گهڻن هنڌن تي آهن مگر هن آڪهه وارا اصل انڙپور تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ رهندا هئا، هتان پوءِ خاصاين جي ڳوٺ ۾ ويا ۽ ويجهڙائي ۾ اتان لڏي مانجهند ۾ وڃي رهيا آهن. ڪراچي ۾ به جايون جڳهيون ۽ ڌنڌو ڌاڙي اٿن. ڏاڏو کٽومل، جنهن جي نالي پٺيان سڏجن ٿا، تنهن کي ٻه پٽ گنگارام ۽ نٿومل هئا.

سيٺ گنگارام جو پٽ سيٺ واڌومل مانجهند واري سيٺ وشنداس جي ڪراچيءَ جي ان جي گدام جو مئنيجر هو. سيٺ نٿومل جو پٽ سيٺ رتومل پڻ سيٺ وشنداس جي هڪ ڪارخاني جو مئنيجر هو. هينئر پنهنجو ڪميشن جو ڪم رتومل ورندمل (ٻنهي ڀائرن) جي نالي ڪراچي ۾ ڪندا آهن(15).“

سيٺ کيئلداس ۽ سيٺ ايسرداس:

هي ٻئي مانجهند واسي سيٺ کٽومل جي پٽ سيٺ ورندمل جا پٽ هئا. هنن ٻنهي ڄڻن ڪراچيءَ ۾ ڪميشن جي ڪم مان تمام گهڻو پئسو ڪمايو. سيٺ کيئلداس گدائي پئنچات جو پريزيڊنٽ آهي. ڀاڻس سيٺ ايسرداس ڪراچي ڪاٽن ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پڪو ڪانگريسي آهي(16).“

ميشرس وسيامل آسومل:  

ڀيرومل لکي ٿو ته: ”سنڌ ورڪين جون اوائلي ۽ برک ڪمپنيون ٽي هيون. ميشرس پوهومل برادرس، ميشرس ڌنامل چيلارام ۽ ميشرس وسيامل آسومل(17). واضح رهي ته انهن ٽن وڏين ڪمپنن مان ٻن جو يعني ميشرس ڌنامل چيلارام ۽ ميشوس وسومل آسومل جو تعلق مانجهند سان هو.

”شروعات ۾ جن جپان ۾ ڪوٺيون کوليون، تن ۾ مکيه ميشرس وسيامل آسومل ۽ ميشرس پرسومل مانجهند وارا هئا. ميشرس وسيامل آسومل ڪوبيءَ وارن جي مئنيجر ڀائي دولهڏنومل ٽلومل مهتاڻي هو، جنهن جپان ۾ چڱو نالو ڪڍيو. ان وقت جپان ۾ سنڌ ورڪين جو دٻدٻو بلند هو.

سنڌين جون ڪوٺيون يوڪوهاما، ڪوبي ۽ ٻين هنڌن تي هيون ۽ ڪيترن کي پنهنجو زرخريد جڳهيون هيون. جن مان ڪي 1923ع جي زلزلي ۾ ختم ٿي ويون. 1942ع ۾ مهاڀاري جنگ ۾ سنڌين جو ڏاڍو نقصان ٿيو.

وسيامل وارا سينگاپور ويا، تنهن کانپوءِ اوڀر ايشيا ۽ ٻين پاسي سنڌي وڃڻ لڳا. جيئن جاوا ملايا، هانگ ڪانگ، چائنا ۽ انڊونيشيا جتي سوين سنڌي ڪوٺيون هونديون هيون، انهن مڙني کي جپان واري جنگ ۾ ڏاڍو نقصان ٿيو. هزارين سنڌ ورڪي جنگ وارو سمورو وقت اتي باندي هئا، وطن اچڻ نٿي ملين. چوڻ ۾ اچي ٿو نيتاجي سڀاش چندربوس کي ڪيترن سنڌين مدد ڏني هئي(18).

ميشرس ٽي- پرسومل:

مانجهند جي هن مانجهي مڙس پرسومل جون ڪوٺيون به جپان جي مختلف شهرن يوڪو هاما، ڪوبي ۽ ٻين هنڌن تي هيون. ٻي جنگ عظيم دوران هن کي به وڏو نقصان پهتو، اتي ڪيترن سنڌ ورڪين کي بيگناهه ماري وڌائون جن ۾ پرسومل به شامل هو. جيئن جپان هارايو تيئن جملي واپار بند ٿي ويو. اٽڪل ڏيڍ سو ڪوٺيون هيون(19).“

ميشرس ڪي- اين ڌنامل:

مانجهند جو هيءُ مشهور واپاري هو، جنهن ڪافي اڳ پنهنجون ٽي واپاري ڪوٺيون هندستان جي شهر سورت، فلپائين، انڊونيشا ۾ کوليون هيون. ڌنامل جي پِتا جو نالو چيلارام هو. ”فلپائين ۾ ميشرس وسومل وارا ۽ ميشرس ڌنامل چيلارام وارا پهريان ويا هئا. جاوا ۾ ميشرس هوتچند کيمچند، ميشرس ڪي.اين ڌنامل وارن ۽ ڪن ٻن جون فرمون برک آهن. مٿين سڀني هنڌن مان جاوا جي سنڌ ورڪين ايترو نالو ڪمايو جو چوڻي پئي ته:

”جو وڃي جاوي، سو ڦر نه آوي

جي آوي ته پٽ پوٽا کاوي(20).“

هن فرم کي به ٻي جنگ عظيم دوران ڪافي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. هن به وسيامل آسومل وانگر سڀاش چندر بوس جي ڪافي مدد ڪئي هئي.

سيٺ ڏيارام:

سيٺ ڏيارام سريلنڪا ۾ واپار ڪندو هو. سنڌ جي ٺاهيل ڪپڙي جي ڪوٺي سريلنڪا ۾ کوليائين، اُتي ڪافي عرصو رهيو، جنهنڪري تمام گهڻي رقم ڪمائي 1936ع ۾ ڳوٺ مانجهند موٽي آيو. اچڻ سان زمين ورتائين. زمينداري سبب سندس تعلقات تعلقي جي چڱن مڙسن، زميندارن ۽ آفيسرن سان قائم ٿيا. پاڻ سنجيده قسم جو ماڻهو هو. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ ڀارت لڏي ويو(21).

سيٺ ڏوڏومل:

سيٺ ڏوڏومل جاوا ۾ پشم جو واپار ڪندو هو. سندس ڪارخاني جون ڪيتريون برانچون ڪراچي، تربت، پَسني ۾ قائم هيون. جتان سڪل مڇي خريد ڪري انڊونيشيا ۽ بنگال ڏانهن موڪليندو هو. سڄي عمر سنڌ ورڪي ٿي رهيو. سندس چوڻ هو ته پئسو، طاقت ۽ عزت جو بنياد آهي. ٻيڙيون ٺهرائي ڀائيواري يا ونڊيءَ تي ملاحن کي ڏيندو هو. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ پَسني ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي، جتي پڻ هڪ ڪپڙي جي ڪوٺي کوليائين. 1951ع ۾ ديهانت ڪري ويو. کيس ٽي پٽ ۽ ٻه ڌيئر هيون(22).“

سيٺ آسرداس:

سيٺ آسرداس اصل ۾ ڳوٺ خاساڻي جو رهاڪو هو، بعد ۾ اتان لڏي اچي مانجهند ۾ رهڻ لڳو. گوادر ۾ مڇي جو واپاري ڪري هانگ ڪانگ موڪليندو هو. سندس سيٺ ڏيارام سان دوستي هئي. پر آخر تائين سنڌ ورڪي ٿي رهيو.

سيٺ آسرداس هنڊين جو ڪم پڻ ڪندو هو. وياج خوري کي عيب نه سمجهندو هو. چوندو هو ته وياج موڙيء جي مزدوري آهي. انگريز بهادر جي سرڪار پاڻ وياج وٺي ٿي(23).“

وشنداس:

لوڪ رام ڏوڏيجا لکي ٿو ته:

”مانجهند جي ڪن خاندانن سنڌ ورڪ مان به اٿاهه ناڻو ڪمايو. سنڌ جي وڏي وڪيل ۽ نامياري ديش ڀڳت سيٺ هرچند راءِ جي پتا وشنداس جو به اصل آستان هتي هوندو هو. هن وٽ مهمان نوازيءَ جي حد هئي. هر وقت ديڳ دميل هوندي هئي، آيو ويو پيو ڍؤ ڪري کائيندو. ماڻهو ته ڇڏيو پر جانورن جي پيٽ جو به اونو رکندو هو. مثلاً پئسا ڏئي ٻيلا ٺيڪي تي کڻندو ۽ مالدارن کي مفت ڇيڪ ڇڏي ڏيندو ته سندس گايون، مينهون، ڍور، ڍڳا، ڀل پيا چرن، ڪٿي ٻڌندو ته ڏڪار پيو آهي ته اتي وڃي ديڳيون چاڙهائيندو هو. سيٺ وشنداس، ملير جي ٻائي مولراج وانگر گلابداسي پنٿ جو هو. هن سموري عمر راڳ ۾ گذاري. جتي به هوندو هو ته وڏا وڏا گويا ۽ طوائفون سندس محفل ۾ موجود هونديون هيون. جڏهن پاڻ به موج مستي ۾ ايندو هو ته ڳائيندو هو.

”نامئن هندو نامئن ترڪ، نامئن پنڊت قاضي ري.

نامئن سعيد شيخ مسلا، نامئن پيا نمازي ري.

وشنداس جب آپ پڇانيا، سرب رنگ ۾ راضي ري.“(24)

چيو وڃي ٿو ته سنڌي لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جا ناناڻا به اصل مانجهند جا هئا. هو به ننڍپڻ ۾ اڪثر ناناڻن وٽ مانجهند گهمڻ ايندو هو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لاءِ ڪتاب ”سنڌ جون سون ورنيون دليون“ ۾ آهي ته: ”مرليڌر ڪشنچند جيٽلي هڪ وڏو لساني ماهر ۽ برک محقق هو. هُو پنهنجي سموري حياتي ٻولي، ادب ۽ سنڌي جاتي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي 7 نومبر 1930ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو، سندس والد پنڊت ڪشنچند ٽوپڻ لال به هڪ وڏو عالم ۽ اديب هو. مرليڌر شروعاتي تعليم سنڌ ۾ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ لڏپلاڻ ڪارڻ پوني ۽ دهلي ۾ رهائش اختيار ڪئي (25).“

مرليڌر جيٽلي جا اٽڪل 22 ڪتاب لکيل آهن. مدد علي سنڌي ٻڌايو ته 1980ع ڌاري جڏهن مرليڌر جيٽلي سنڌ آيو هو ته هن مانجهند ۽ گوبند رام درٻار ڏسڻ جي خواهش ڪئي هئي، هو ان سان گڏجي مانجهند درٻار ويو هو(26).“

سنڌ ٿرو سنچريز سيمينار 2014ع ۾ منهنجي به مرليڌر جيٽلي سان ملاقات ٿي هئي.

مانجهند جا مندر مڙهيون ۽ ماڙيون:

مانجهند جي باري ۾ ننڍپڻ کان ٻڌندا ايندا هئاسين. ڳوٺ ايندي ويندي يا سائين جي.ايم.سيد سان سن ۾ حاضري ڀرڻ مهل اتان لانگهائو ٿيندا هئاسين. ڪڏهن سائين امداد محمد شاهه سان مجيد ڪيريو ۾ ڪچهري ڪري سن لاءِ درياهه پار ڪندي پاتڻي مانجهند جي ماڙين، مڙهين، مندرن ۽ محلن جو ذڪر ڪندا هئا. ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته:

”مانجهند جون جايون تمام خوبصورت هونديون هيون ۽ انهن جي مٿان من موهيندڙ منگهه ٺهيل هوندا هئا جن مان جاين ۾ گرمي جي موسم ۾ هوائن جي ڪراسنگ ٿيندي هئي. هندن کي پنهنجن شهرن سان بيحد محبت هوندي هئي. هو سدائين پنهنجن شهرن کي خوبصورت بڻائيندا هئا ۽ صفائي سٺائي ۽ روشنيءَ جو بندوبست ڪندا هئا. مانجهند ۾ هڪ وڏو دلڪش دلي دروازو به ٺهيل هوندو هو(27).“

مانجهند ۾ هن وقت امير لوڪن جون نه اهي منگهن واريون منزلون رهيون آهن، نه اها صفائي ۽ سُٿرائي جن جو ذڪر بزرگ ڪن ٿا. هاڻي اتي نه اهو دلي دروازو نه بندر ۽ بازاريون بچيون آهن. چيو وڃي ٿو ته مانجهند واسين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڌَن جون ٻوريون ڀري اچي شهر جي سونهن سوڀيا تي خرچ ڪيون هيون.

”مانجهند واسي پئسن جام هئڻ ڪري رهڻ جون جايون اهڙيون ته خوبصورت ٺهرائيندا هئا جو پري پري جا ماڻهو سندن اهي محل ڏسڻ ايندا هئا. جاين ۾ اڪثر ڪري ساڳوان جو عمدو ڪاٺ استعمال ڪندا هئا. جن مان در، دروازا، ڪٻٽ، ڪامون، پٽيون ۽ شهتير سنڌ جي هوشيار ۽ ڪاريگر واڍن کي پاڻ وٽ گهرائي وڌ ۾ وڌ، سهڻي ۾ سهڻا ننگ ٺهرائيندا هئا. مطلب ته رڳي مانجهند شهر نه بلڪ پوري سنڌ ۾ جيڪي به وڏا شهر آهن، اتي هندن جون جايون ڀلان ڀل ٺهيل هونديون هيون(28).“

شهر ۾ رولاڪي دوران اسان کي هندن جي ڇڏيل ڪا به اهڙي ماڙي نظر آئي، جيڪا عمارتسازيءَ جو شاهڪار هجي.

”پاڪستان ٺهيو، هندو هندستان روانا ٿي ويا، پر روئي رڙي سنڌ ڇڏي ويا. اهڙي طرح مانجهند مان هڙ هندو هليا ويا، سندن اهي خوبصورت جايون ۽ محل بيوس ٿي ڇڏي ويا. نتيجو ڇا نڪتو جو انهن جاين مان اسان جي مسلمان ڀائرن جاوا ڪيا، اچي لڳن ته اهي خوبصورت ڪٻٽ، ڪامون، بهترين گارڊر ۽ ٽيئر الائجي سنڌ جي ڪهڙن ڪهڙن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پهچي ويا. مطلب ته ان وقت جي انتظاميه ۽ تر جي چڱن مڙسن به خوب شهر کي لٽيو ۽ ان مان ڪمايو ۽ آخر هي شهر وري ائين ٿي ويو جو ڄڻ ترخانن ۽ ارغونن سنڌ جي شهر کي لٽي ويا هجن. اهڙي طرح هاڻي جيڪي به موجود جايون آهي سي پوءِ جون ٺهيل مسلمانن جون آهن. باقي هندن جي هڪ جاءِ جو به نالي ماتر ڪو نشان ڪونهي(29).

حالانڪ چيو وڃي ٿو ته هن شهر جي ميونسپل ايريا ۾ مسلمان ۽ هندو ذري گهٽ اڌو اڌ رهندا هئا، جن ۾ ڀائيچارو بيمثال هو. هو هڪ ٻئي جي مقدس جاين ۽ تهوارن جو وڏو احترام ڪندا هئا. سنڌ گزيٽيئر ۾ آهي ته:

”مانجهند کي 1861ع ۾ ميونسپالٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. هن وقت 74- 1873ع دوران هن شهر جي آمدني 1477 رپيا آهي، هت مختيارڪار جي ڪچهري، سب جيل، پوليس ٿاڻي ۾ 18 ماڻهن جو عملو مقرر آهي، اسڪول، پوسٽ آفيس، ڌرمشالا، ۽ جانورن جو ڍڪ پڻ آهي.

هن مهل (74-1873) مانجهند جي آدم شماري 2872 آهي، جنهن ۾ 1550 مسلمان جن ۾ مانجهند، ميمڻ، مهاڻا ۽ ورياڻي ذات جا ماڻهو شامل آهن. اهڙي طرح هن وقت مانجهند ۾ 1311 هندو رهن ٿا. جيڪي اُداسي ۽ لوهاڻا ذات سان واسطو رکن ٿا(30).“

بهرحال مانجهند جي اوائلي محل ۽ ماڙين جو ته سرزمين تي نالو نشان نٿو ملي ڪٿي ڪٿي درياهه جي پيٽ ۽ بند ٻاهران سرون ۽ سروٽا وڏي تعداد ۾ ڦهليا پيا آهن. البت موجوده وقت هڪ مينارا، مندر ۽ درٻار جا قديم آثار ٽٽل ڦٽل حالت ۾ پويان پساهه کڻي رهيا آهن.

مينار:

هي يادگار مينار هڪ اسڪول جي احاطي ۾ اڄ به سهڻي حالت ۾ بيٺو آهي. سيٺ سيرومل جو پنهنجي زال موهني ٻائي جي ياد ۾ ٺهرايل اهو يادگار مينار اڃا تائين نظر بد کان بچيل آهي. ڏسؤن ته پيار جي اها نشاني اڳتي ڪيترو ٿي جٽاءُ ڪري. هن ميٽائي رنگ جي مينار جي اوچائي 20 فٽ کن ٿيندي. هي مينار بنيادن وٽ چوڪور هئڻ بعد مستطيل شڪل ۾ بلندي طرف رخ رکي ٿو. ٿورو مٿي رسڻ بعد گولائي مائل شڪل اختيار ڪرڻ کانپوءِ هو ڇهه ڪُنڊي ٿنڀي جي روپ ۾ چوٽي وٽ دنگ ڪري ٿو. مينار کي سونهن ۽ سوڀيا لاءِ گلڪاري ۽ ڪن هنڌن تي گولائي مائل اُڀريل ڪارنس جيان ڇَلا پڻ ڏنا ويا آهن. مينار جي هيٺين حصي تي سنگمرمر جي تختي تي هي ڪتبو لکيل آهي.

ڪٺپتورڻيٰ نستمب:

هي پوتر نستمب شريمت سيرومل سيٺ چانڊومل پنهنجي سرڳواسي ڌرم پتني ”شريمتي

موهني ٻائي“ جي يادگيري ۾ ٺهرايو.

30 مانگهه 2001 .

مندر:

مانجهند شهر اندر هڪ مندر جا آثار اڄ به ٿابت بيٺا آهن. اڄڪلهه هي مندر هڪ همراهه جي گهر جو حصو آهي، جنهن پنهنجو ڪاٺ ڪٻاڙو گند ڪچرو ان ۾ اُڇلي ڇڏيو آهي. وري به يار کي شاباش آهي جو مندر کي ٽوڙيو نه اٿس. هي هڪڙو تمام ننڍڙو مندر آهي، جيڪو هڪ ٻي پٺيان ٽن ننڍن حصن ۾ ورهايل آهي، اڳي حصي ۾ مختصر پڌر اٿس ان بعد ورانڊي مٿان هڪڙو ننڍڙو گنبذ رکيل آهي.  ان کانپوءِ مک حجرو آهي. حجري اندر ڀتن ۾ جارا ٺهيل آهن، جن ۾ بت وغيره رکيا ويندا هوندا. حجري مٿان چوڪور مخروطي مندر جو شڪارو بيهاريل آهي. شڪاري جي چئن پاسن تي اڌ کان ٿورو مٿڀرو خوبصورتي لاءِ محرابي جارن مٿان اُڀريل تاج رکيل آهي. شڪاري کي هيٺئين توڻي مٿين حصي کي خوبصورت ڪارنس پڻ ڏنل آهي. پڪي سرن سان ٺهيل مندر کي اندران توڙي ٻاهران چن حو اُستر ۽ پلستر ٿيل آهي.

سائين جي.ايم.سيد جي جنم ڀومي سن شهر به مانجهند جي ويجهو آهي. جي.ايم.سيد به هن علائقي کي ترقي وٺرائڻ ۽ عام ماڻهو ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون هيون، خاص ڪري محال مانجهند ۾ ان وقت 80 ڳوٺ شامل هئا، ۽ ان جي آبادي 24-1923ع ڌاري 1495 هئي. هن شاهه حيدر سنائي جي سالياني عرس کي سنڌ جي عام ميلن ملاکڙن کان پاسيرو ٿي، ان عرس کي محال مانجهند جي تعلقي ۽ تنظيم پروگرام جو نالو ڏنو. ساڳئي وقت هڪ روڊ ۽ هڪ شاهي دروازو مرزا قليچ بيگ جي نالي منسوب ڪرايو.

جي.ايم.سيد لکي ٿو ته: ”ان سال (1928ع) مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جي مڃتا طور ريلوي اسٽيشن کان سن شهر تائين نئين تيار ٿيل روڊ جو نالو ”قليچ روڊ“ رکيو ويو ۽ شهر ٻاهران پرائمري اسڪول ڀرسان ٺهرايل ”بابِ قليچ“ جو افتتاح ڪرايو ويو(31).“

گوبند رام درٻار ۽ ان جي بحالي:

مانجهند جي گوبند رام درٻار لاءِ جهونن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”شهر جي اتر طرف هڪ ٻائي جو مندر هوندو هو، جيڪو ٻن ٽن ايڪڙن ۾ پکڙيل هڪ خوبصورت باغ هوندو هو، جتي ماڻهو اڪثر ڪري گهمڻ ڦرڻ ويندا هئا ۽ ان ٻائي واري مندر ۾ خوبصورت ۽ ڀليون ڳئون به هونديون هيون، جو اهو ٻائو سندن خدمت ڪندو هو. هر سال ٻائي واري مندر ۾ هندو چيٽي چنڊ جو ميلو لڳائيندا هئا ۽ آسپاس جا هندو توڙي مسلمان ان ميلي ۾ شريڪ ٿيندا هئا(32).“

بهرحال ورهاڱي بعد ان درٻار جي مالڪي نه هئڻ ڪري عمارت ۾ گهرا ڏار پئجي ويا هئا. درٻار جو قيمتي سامان ماڻهو پٽي کڻي ويا هئا. اندازو هو ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ باقي بچيل آثار به ڪِري پوندا يا ماڻهو ڊاهي کڻي ويندا. جَسُ آهي اَنڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ کي، جنهن هن لاوارث ۽ ويران درٻار کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ ۽ ان جي بحالي (Restoration) جو ذمو پنهنجي سر کنيو، ان جي بحالي (Restoration) جي نگهباني جو ڪڻو منهنجي نالي نڪتو پر انچارج طور مان پنهنجي ٽيم ساڻ ڪري مانجهند جي مختلف گهٽين مان گذري، اتان جي مختصر بازار پار ڪري درياهه جو اولهائين بچاءَ بند تي اچي پهتس، جنهن بعد ڏيڍ ڪلوميٽر کن فاصلوطي ڪري، اچي گوبند رام درٻار پهتس. هن ڀڙڀانگ درٻار جي چوڌاري ڪرڙ، ڪانڊيرا ۽ ڊڀ ڦٽي چڪا هئا. درٻار جا ڪيترا ئي حصا، در، ديوارون، ڇتيون، محراب، ڪمرا ۽ آرائشي شيون غائب هيون. ان ويران ۽ اُجڙيل درٻار ۾ پير پاتو ته ساري درٻار ۾ جانورن جي لڏن، چمڙي جي گند ۾ ڪري اسان جا پير پِنِن تائين ڀرجي ويا. مٿي گنبذ ۽ ديوارن تي اندران نظر ڦيرائي ته هزارين چمڙا ڇت سان چنبڙيا پيا هئا. اندر اوندهه، گهٽ ۽ بدبوءِ وڌيڪ هئي، جنهن ڪري ساهه پيو ٻوساٽجي. ان مانجهند درٻار لاءِ لوڪ رام ڏوڏيجا لکي ٿو ته: ”مانجهند درٻار سنڌ جي مکيه ٽڪاڻن مان ليکبي هئي. سنت ڪنوررام ۽ ٻيا ڀڳت به هتي مٿو ٽيڪڻ ايندا هئا. درٻار جو گاديسر سنت گوبند رام جو سنڌ ۾ ڏاڍو ناماچار هو. هن ٽڪاڻي ۾ جنهن وقت ۾ ڪو به هندو مسلمان ايندو هو، تنهن کي پريم سان ڍو ڪرائي ماني کارائيندا هئا ۽ رهڻ لاءِ هوادار ڪمرا هئا(33).“

ورهاڱي مهل هن درٻار جي نالي 100 ايڪڙ زمين هئي، جيڪا هاڻي مالڪي نه هئڻ ڪري آسپاس جي ڀُوتارن قبضو ڪري ٻني ٻارو ڪري رهيا آهن. درٻار کي چوڦير ديوار ڏنل هئي، جنهن جا آثار ٿوري کوٽائيءَ سان ظاهر ٿين ٿا. درٻار جي پاسي قبرستان ۾ هتان جا اصلوڪا ڌرتي ڌڻي، ڀيل، باگڙي، ڪولهي پوريل آهن، جن کي پنهنجا امير مالڪ ورهاڱي مهل هت ڇڏي پاڻ ڀڄي ويا، جيئن هي ننڍيون جاتيون اڄ به هت رهيون پيون آهن. ڇا هتان هندستان ڀڄي ويندڙ ڀائي بندن جو پنهنجو ديس ڇڏڻ جو فيصلو صحيح هو؟

گوبند رام درٻار مانجهند ڀرسان درياهه جي پيٽ ۾ هجڻ ڪري درياهه جو پاڻي ڪڏهن ڪڏهن اچي سندس پير پسائيندو آهي ۽ درٻار ڪجهه مٿاهين پوٺي تي هئڻ ڪري اڪثر ٻڏڻ کان بچي ويندي آهي. 16 آگسٽ 2015ع تي درٻار تي وڃڻ  ٿيو ته درياهه جو پاڻي چاڙهه سبب اچي بچاء بند سان لڳو هو. ان وقت درٻار اندر اڍائي ٽي فٽ پاڻي بيٺو هو. پاڻي لهڻ بعد 17- سيٽپمبر  2015ع وري درٻار جو اندر معائنو ڪيو، صرف درٻار جي ڀتين تي اڍائي فٽ تائين پاڻي جا نشان بيٺا هئا.

درٻار جي صفائي:

اسان جي ٽيم لڏو لاهڻ سان سامان سَرڙو پهچائڻ لاءِ رستو تيار ڪيو. درٻار کي چؤگرد وڪوڙيل ڪرڙ ڪانڊيرا، ڊڀ ڊبڙين کان صاف ڪيو ويو. درٻار جي فرش تي ايامن کان ڪٺو ٿيل ڪچرو ڪُوڏرين سان کرڙي پاڻي سان ڌوتو ويو، ڇت ۾ چنبڙيل چمڙن کي ٽاهه ڏيڻ لاءِ هفتن جا هفتا ڪک ڪانا ساڙي، دونهون ڪري ڀڄايو ويو. ان عمل دوران ڪيترائي نانگ، بلائون، وڇون ۽ ڏينڀو به پنهنجي جُوءِ ڇڏي ويا.

پاڻي:

مانجهند شهر ۽ درٻار، درياهه جي پيٽ ۾ هئڻ باوجود خبر نه آهي ته به جَرَ جو پاڻي ڇو کارو آهي. ان ڪري اڏاوت لاءِ گڏهه گاڏي تي پاڻي جا ڊرم ٻڌي درياهي دُٻن مان پاڻي حاصل ڪيو ويو. البت رڌپچاءَ لاءِ صاف پاڻي شهر مان آڻبو هو. حالانڪ چيو وڃي ٿو ته ”مانجهند ۾ ڪنهن وقت قنڌاري ڏاڙهن جا باغ به هوندا هئا (34).“ ڀڳت ٻڌايو ته اتي کجي جا وڻ به جام هوندا هئا.

لوڪ رام ڏوڏيجا لکي ٿو ته:

”ٽڪائي جو باغ به ميون ۽ گلن سان ڀرپور ڏسڻ جهڙو هو(35).“

بزرگ ٻڌائن ٿا ته گوبند رام درٻار جي عروج واري دور ۾ درٻار ڀرسان وڻڪار جي وچ ۾ هڪ شاهي کوهه هوندو هو، جنهن جي ڪاٺ جي نار کي وهٽ پيا هلائيندا هئا. نار جو ٿڌو ٿانئرو پاڻي لوٽن ذريعي اچي واهي/نالي ۾ ڪِرندو هو، اهو پاڻي نالي وسيلي اچي مانجهند ريلوي اسٽيشن تائين پهچندو هو، درٻار جا شيواڌاري مٽ ۽ بالٽيون ڀري مسافرن جي اُڃ اُجهائيندا هئا. ساڳئي وقت ڪوسا رَهان ۽ چڻا به مسافرن ۾ مفت ورهائيندا هئا. درٻار کان ريلوي اسٽيشن تائين مفاصلو ٽي ڪلوميٽر کن ٿيندو. اسان پاڻ ان نار واري هنڌ جو معائنو ڪيو. نار موجودهه بچاءَ بند کان اڌ ڪلوميٽر اُتر طرف ذريعي زمين ۾ هو. کوهه واري جاءِ تي ڪافي پڪل سرون ۽ اڌڙ پيا آهن، اتي ان نالي جا آثار به ظاهر بيٺا آهن، جنهن وسيلي پاڻي اسٽيشن تائين پهچايو ويندو هو. اها واهي زمين کان ڪجهه فٽ مٿانهين تي ٺهيل آهي، ان ڪري هو زمين جي سطح کان ڪجهه مٿيرو ڳنڍ ٺاهيون بيٺي آهي. جيڪو هَرُ يا ٽريڪٽر هلائڻ ۾ به رڪاوٽ بڻيل آهي. اسان ان ٻني تان ڪوڏر سان مٽي هٽائي ڏٺو ته نالي جي تري ۾ لڳل پيلي رنگ جي پٿرن جو فرش وڇايل نظر آيو. فرش جي ٻنهي پاسن کان سرن جو ٻَنو ڏئي واهي جي شڪل ڏني وئي آهي. سرون سر زمين تان غائب آهن، باقي پٿر نظر اچن ٿا. ماڻهن ٻڌايو ته اڳي ڪيترا جنڊاوڙا اهي پٿر ڪڍي وڃي جنڊ ٺاهيندا هئا.

ڀڳت ڪنور رام:

درٻار جي بحالي جي خبر جڏهن آسپاس جي هندو جاتين کي پئي. خاص ڪري اتان جي هيٺين جاتين کي ته انهن ٽيم جي مان ۾ ٻارين ٻچين، ست سنگ ۽ ڪٿا ڪيرتن جو بندوبست ڪيو. آسپاس جا مشهور ڀڳت ۽ صوفي فنڪار اچي گڏ ٿيا.

هونءَ به زماني قديم کان وٺي انسان پنهنجي مَن جو مير لاهڻ ۽ روح ريجهائڻ لاءِ صوفي سنتن جي مزارن، مندرن ۽ پويتر آستانن تي ميلا ملاکڙا ۽ ڀڳتون وجهي پرينءَ کي پرچائڻ جا جتن ڪندو آهي. سنڌ ۾ به اوائلي وقت کان ٻين ڪيترن ميلن مان گڏ هنگلاج ياترا، ساڌ ٻيلي جو ميلو، هالاڻي ۾ ويساکيءَ جو تهوار، پير پٿورو، اُڏيري لعل جو ميلو، ڪيترين درگاهن جا عرس ديسان ديس مشهور آهن. خاص ڪري ورهاڱي کان اڳ مانجهند جو گوبند رام درٻار جو ميلو وڏي ڌوم ڌام سان ملهايو ويندو هو. ڪنور ڀڳت به هر سال وڏي عقيدت سان گوبند رام جي پريت واري پڌر تي ڇيرڙيون پائي محفل مچائيندو هو.

لوڪ رام ڏوڏيجا لکي ٿو ته:

”هن جي ڀڳت ٻڌڻ لاءِ ماڻهو ڏورانهين شهرن کان ڪَهي ايندا هئا. هن کي مٺي سُر ۽ آلاپ جي لاهين چاڙهين جي خدائي ڏات مليل هئي جو ٻڌنڌڙ کي ڀت بڻائي ڇڏيندو هو. هو رات جي چوٿين پهر ۾ جڏهن ڇير پائي اچي پڙ تي بيهندو هو ته ماڻهو تاڙيون وڃائي نعرا هڻندا هئا. ڪنور ڀڳت به اچڻ سان هٿ جوڙي پلئُه پائي ڌڻيءَ در وينتي ڪندو هو(36).“ آخر پرڀات مهل ڀڳت ڪنور جهول جهلي ڦيرڙي پائي بيک مڱيندو هو. پلؤ ۾ جيڪي به پئسا پوندا هئس، اهي غريبن ۽ حاجتمندن ۾ ورهائي خالي پلؤ ڇنڊي روانو ٿيندو هو. حالانڪ هو پاڻ به پورهيت هو.

”ڀنڀرڪي جو اٿي رام ريجهائڻ جو ڏانءُ ته ڪوئي ڪنور کان سکي هو اَسر ويل اٿي پرهه ڦٽي تائين پيو ڳائيندو ۽ پاند ڳچيءَ ڳل پائي نچندي نچندي رب کي ريجهائڻ، پرچائڻ لاءِ پيو ايلاز ڪندو هو(37).“

مانجهند جا مُکي جڏهن هڪ دفعو ڪنور ڀڳت کي سندس ڳوٺ جروارن ڏي دعوت ڏيڻ ويا (جروارن جو ڳوٺ ميرپور ماٿيلو اسٽيشن کان اٽڪل 8 ڪلو ميٽر پري آهي.) جڏهن اتي پهتا ته ان وقت ڀڳت ڪنور تغاري کڻي پنهنجو گهر پيو ٺاهي، کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ ننڍڙو بڪالڪو دڪان هو(38).

سنڌ جي هن سريلي، سيبتي ۽ سچي راڳيءَ پنهنجي زندگي جي آخري ڀڳت به گوبند رام درٻار جي پڙ ۾ جهمريون پائي وڌي هئي. سياري جي سرد راتين ۾ هو، پنهنجي دل جو سک پرائي، خلق جو روح ريجهائڻ لاءِ هتان روانو ٿيو ته کيس رڪ ريلوي اسٽيشن تي 2 نومبر 1939ع تي کيس وڏي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو.

”تاريخ 11 ڪتي مهينو سنبت 1939ع مانجهند مان ٻائي گوبنداس ۽ ٻائي ديوداس جي ورسي تان موٽندي امرت ويلي رڪ ريلوي اسٽيشن تي شير شهادت ماڻي (39).“

مانجهند درٻار تي نه رڳو ميلي جي موقعي تي منڊليون مچنديون هيون، پر درٻار کي پنهنجا ڀڳت ۽ وڄتا به هئا، جيڪي سدائين دونهڙي دکايون ويٺا هوندا هئا، اهي رهندا ۽ پلجندا ئي درٻار اندر هئا. جيئن لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جوپنا“ ۾ لکي ٿو ته:

”هو جڏهن ورهاڱي وقت هتان لڏپلاڻ ڪري ”جل درگا“ پاڻي جي جهاز ۾ انڊيا وڃي رهيا هئا ته ان جهاز ۾ مانجهند درٻار جا ڪجهه ٿلها متارا ڀڳت ۽ وڃتا به هئا جيڪي جهاز ۾ ساري واٽ مسافرن سامهون ڳائيندا وڄائيندا پيا هلن. هو کائڻ جا به ڪوڏيا هئا. هنن جهاز ۾ ئي ڀنگ گهوٽي پيتي هئي (40).

ديوار:

هن درٻار لاءِ مشهور آهي ته هت ياترن جي رهائش لاءِ ڪمرا ۽ لنگر جو جوڳو بندوبست هوندو هو، پر موجودهه وقت اتي انهن رهائشي حصي جا ڪي به آثار نٿا ملن. هن مهل باقي بچيل عمارتن ۾ هڪ مک درٻار جو حجرو ۽ هڪ مستطيل ڪمرو هو، ان حجري ۽ ڪمري جي ڊيگهه 3. 38 ۽ ويڪرا 9. 35 فٽ بيهي ٿي. هن جي ايراضي 1368 فٽ آهي.

مک درٻار جيڪا 20 x 20 فٽ آهي، ان جون ديوارون بنيادن کان وٺي 3. 2 فٽ ٿلهيون آهي جيڪي 12 فٽ بلندي تي پهچي اٺ ڪنڊو گردو ٺاهن ٿيون. ساڳيءَ طرح درٻار جي ڏکڻ پاسي ٺهيل ڪمري جي ڊيگهه 3. 28 فٽ ۽ ويڪر 9. 15 فٽ آهي.

درٻار ۽ ڪمري جي اڏاوت ۾ ڳاڙهي رنگ جو 2x 2/1. 5x11 انچ جون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. ٽڪاڻي جي ساري اوساري واريءَ ۽ چن جي مسالي سان ٿيل هئي. اوساري بعد سرن جون درزون به چن سان ڀريون ويون آهن. درٻار جي ڪن حصن تي پلستر به ڪيو ويو آهي. پهريان چن ۽ کٿي جو اَستر ڏئي ان مٿان پلستر ڪيو ويو آهي.

درٻار جي معائني مان لڳي پيو ته ان جي هڪ اڌ دفعو مرمت به ٿيل آهي. خاص ان جي بنيادن وٽ under pinning ٿيل آهي.

بهرحال سڀ کان پهريائين درٻار جي ديوار جي پاڙُنِ ۽ ٻين حصن تان ڪلر ۽ سيڪ آيل سرون ڪڍي ان ماپ جون نيون سرون ٺهرايون ويون. ساڳي وقت ديوار جي اوساريءَ ۾ خاص ڪري ٻچي هڻڻ مهل اڳ استعمال ڪيل ساڳيو مسالو چيرولي ۽ چن ڪتب آندو ويو.

فرش:

مانجهند جي اوائلي تاريخ پڙهڻ ۽ مقامي لوڪن جي قصن ٻڌڻ بعد اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته هن درياهي شهر کي پنهنجي دور ۾ عروج تي پهچائڻ ۾ هنڌ جي ديوانن ۽ ڀائيبندن جو وڏو هٿ هو. پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته وقت گذرڻ ڪري انهن واپاري ڪٽنبن جي گهرن، حويلين ۽ محل نما دڪانن جي سرزمين تي ڪو به آثار، نالو نشان نه ٿو ملي. چيو وڃي ٿو ته درٻار جي ڀرسان ئي درياهه جي ڪناري تي هِتان جي امير لوڪن ۾ وهنجڻ لاءِ الڳ ته مانجهند جي مَن موهڻين شهزادين لاءِ الڳ گهاٽ هئا. ان کان سواءِ هتان جي مخير ماڻهن جي پئسن سان ٺهيل خيراتي اسپتال ۽ اسڪول جي جاين جا آثار به ڪيترو عرصو بيٺا هئا. پر هاڻي ان جو نالو نشان نٿو ملي. اسان کي اتي ڪم دوران ڪنهن ماڙي ۾ لڳل ڪاشيءَ جا ٽڪرا پڻ هٿ آيا هئا.

بهرحال ڪنهن زماني ۾ درٻار جي مک هال ۽ ڀرسان واري ڪمري کي قيمتي سفيد سنگ مرمر جو فرش لڳل هو. اهو اعليٰ قسم جي سنگ مرمر ماڻهو زوري ٽوڙي ڦوڙي ڪڍي ويا آهن. البت ڪٿي اڇي ماربل جا ٽڪرا درٻار جي عظمت جو ڏس ڏين ٿا. ان ماربل تي ڪاري رنگ جا خوبصورتيءَ لاءِ پٽا ڏنا ويا هئا.

جارا:

درٻار ٻاهرين توڙي اندرين ديوارن ۾ ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا مختلف ڊزائين جا جارا (Niche) ٺهيل آهن. خيال آهي ته انهن ننڍڙن طاقچن تي روشنيءَ لاءِ ڏيئا ٻاري رکيا ويندا هوندا. اهو به ممڪن آهي ته انهن سينگاريل جارن ۾ پرستش لاءِ بت ۽ مقدس ڪتاب رکيا ويندا هجن!

انهن مان ڪي جارا ڊزائين جي خيال کان ڄڻ وچ ڪٻي ونگ (Ogee arch) ٺاهن ٿا، انهن مان ڪن ڪٻٽن جي طرز گهڻ محرابي (Multi foil arch) هو. بهرحال جارن جي مختلف ۽ دلڪش محرابي اڏاوت ڪري، درٻار جي اندرين توڙي ٻاهرين ديوارن جو ڏيک خوبصورت لڳي ٿو.

انهن مان حجري جي ڪن ڪٻٽن ۽ طاقچن مٿان گولائي مائل (Round) ۽ چنهبيارا  (Pointed) محرابي سينگاريل پٽا (dead arch) طور ڏنا ويا آهن، اهي آرائشي محرابي پٽا، پڪي ٺڪر جا جڙيل آهن جيڪي ڪارنس جيان ديوار کان ڪجهه انچ ٻاهر نڪتل آهن. انهن گهيريدار پڪي ٽڪراٺي کي سينگار طور ڪتب آندل ڊزائين ڪجهه قدر پپر جي پنن سان مشابهت رکي ٿي.

نقش و نگار (Fresco):

درٻار جي اندرين پاسي ديوارن تي پڪي ٺڪر جي سينگاريل محرابي 8 انچ ويڪري پٽي اندر آبي رنگو (Fresco) جو ڪم ٿيل آهي. ان نقش نگار واري پٽي ۾ گهري ناسي رنگ جي پنن ۾ رتن جوت جي شڪل جهڙا هلڪا نيرائان گل ٺاهيا ويا آهن. ان نقش نگار واري پٽي کي چاڪليٽي رنگ جو بارڊر ڏنو ويو آهي. اها آبي رنگو Fresco وارو پٽو حجري جي اندر چوڦير ڦري اچي ٿو. ان آبي رنگي (Fresco) جي نقش نگار پٽي مٿان پڪي سرن جي ڪارنس نڪتل آهي. ڪارنس مٿان اٺڪنڊو گردو (Octagonal Drum) بيهاريو ويو آهي. گردي جي ڪنڊ جوڙ (Squinch) کي به ماکي جي مناري جيان ننڍن محرابي خانن سان سينگاريو ويو آهي.

ان محرابي ڪنڊ جوڙ جي پاسن وارن ڪنارن/ٿنڀن کي به نيري رنگ جي گلڪاريءَ سان جاذب نظر بڻايو ويو آهي. ان ڪنڊ جوڙ جي ڪنارن مٿان نانگ جي ڦڻ جي شڪل جهڙو تاج رکيل آهي، ان تاج اندر ننڍڙن اٺڪنڊن جي وچ تي گول آئينا لڳايا ويا آهن، اهي شيشي جا آئينا جڏهن روشني ٿي چمڪندا هوندا ته درٻار اندر عجيب دل لڀائيندڙ منظر پيش ڪندا هوندا. هن وقت ته هر تاج ۾ ڪٿي ڪٿي شيشي جي جڙاوت باقي بچي آهي. گردي جي ڪنڊ جوڙ (Squinch) تي گول گنبذ بيهاريو ويو آهي. گنبذ جي اندران پوري وچ تي هڪ گول اندر هڪ گل نقش ٿيل آهي. ان گول جي ٻاهرين ڪنارن وٽان آرائشي ٺڪراٺي واريون اڀريل پٽيون هيٺ لهي اچي نانگ جي ڦڻ/ تاج سان ملن ٿيون. اندران اهڙن گهيريدار خوبصورت اڀريل ٺڪراٺي وارين پٽن ڪري گنبذ گدري جي ڦارن وانگر اٺن حصن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو.

دريون ۽ روشندان:

درٻار سالن کان مالڪي نه هئڻ ڪري لاوارث ۽ ويران پئي هئي. اوائلي دور ۾ بجلي جو بندوبست نه هئڻ ڪري درٻار کي اضافي در، دريون ۽ روشندان ڏئي ڪافي هوادار ۽ روشن رکيو ويو هو. هن وقت به هن باقي بچيل عمارت ۾ مک درٻار ۽ ورانڊي کي ملائي صرف ٻاهرين پاسي کان چوگرد نو در، چار دريون ۽ چار روشندان آهن. مک هال ۽ ورانڊي جي وچ واري ديوار ۾ به ٻه در هئڻ ڪري درٻار ۾ هوا ۽ روشني جو سٺو بندوبست ٿيل آهي.

درٻار جي سارسنڀال نه هئڻ ڪري ماڻهن لٽ جو مال سمجهي در، دريون ۽ ان مٿان ڏنل سردر (Lintel)  ڪڍي ويا آهن، ان ڪري جا بجا ڀتين ۾ ڏار ۽ ڇن پئجي ويا آهن. ان کانسواءِ طوفانن ۽ مينهن ڪري به گنبذ، اَٺاس ۽ ڇتين ۾ سوراخ ۽ چير پئجي چڪا آهن. اسان جڏهن انهن ڇنن ۽ ڏارن جي باري ۾ لاهور جي آثار قديمه جي ماهر سان مشورو ڪيو ته هن اِها صلاح ڏني ته اهڙي ڀڳل ڀريل يادگار سان وڌيڪ ڪنهن به قسم جي حرڪت نه ڪيو، هنن جا غير ضروري ڏار پيل سردر (Lintcl) نڪتل در درين کي في الحال يڪدم ڪچي اوساري سان بند ڪري درٻار کي وڌيڪ نقصان کان بچايو. اسان هن جي هدايتن تي احتياطاً اهڙن ڇنن کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪرڙ جا وڏا وڏا تختا وجهي ان کي چيرولي ۽ چُن سان بند ڪري ان مٿان چن جو اَستر ۽ پلستر چاڙهي ڇڏيو آهي.

اسان في الحال ٻاهرين در ۽ درين کي ڄاري ۽ سيخن وارا در ۽ دروازا ڏئي ڇڏيا آهن، ته جيئن ان ۾ جانور، پکي، چمڙا وغيره اچي نه سگهن.

نيل (Finial) :

درٻار جي رکوالي نه هئڻ ڪري گنبذ مٿان چوٽي تي لڳل نيل جو ڪو به نالو نشان ثابت نه رهيو آهي. ايتريقدر جو نيل جي هيٺائين حصي ۾ ڪنول جي شڪل جهڙن بنيادن کي به ماڻهن زوري ڌڪ هڻي ٽوڙي ڇڏيو آهي. ان ۾ رڳو صليب جي شڪل جهڙي فٽ کن جي لوهي سيخ لڳل هئي. درٻار جي بحالي دوران ڪافي هٿ پير هنيا ته ڪٿان درٻار جو پراڻو فوٽو ملي وڃي. هندستان جي ديوانن سان به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇو جو هتان ويندڙ ڀائيبندن انڊيا ۾ بمبئي ڀرسان کار ۾ ساڳِي گوبند رام درٻار مانجهند جي نالي سان درٻار کولي آهي. جتي رهائش، شادي هال ٻيا رفاحي ڪم ڪن ٿا. بهرحال باوجود ڪوشش جي رابطو ٿي نه سگهيو. ان ڪري سنڌ جي ٻين درٻارن جا رنگ ڏسي، ان درٻار جي نيل جو رنگ، سونهري رکيو.

پهريان هالا جي هڪ ڪاشيگر استاد غلام عباس کان اها نيل ٺهرائي. نيل جڏهن گنبذ تي بيهاري وئي ته قدبت جي لحاظ کان اها ٺهڪي نه پئي اچي. پوءِ هڪ ٻي قداور نيل بشير ڪنڀار کان ٺهرائي وئي. ساڳي وقت نيل کي شانائتو بنائڻ لاءِ نيل هيٺان رکيل ڪنول جي گل جهڙي پَرَ کي به چن ۽ چيرولي سان اڇو ڪيو ويو. هاڻي نيل، مندر جي سونهن سوڀيان مطابق آهي ساڳئي وقت گنبذ هيٺان گردي جي اُتر اولهه واري پَر جي مٿان ٽٽل ننڍڙي نيل نصرپور مان ڪاشيگر ڪاظم علوي کان ٺهرائي.

ورانڊو: (Vaulted Flat roof Structure)

موجوده وقت درٻار جي ڏکڻ پاسي تي هڪ ورانڊي نما ڪمرو آهي جيڪو نهايت ئي زبون حالت ۾ آهي. خيال آهي ته درٻار جو مک حجرو مردن جي پوڄا پاٺ لاءِ ڪم ايندو هوندو ۽ اهو ڪمرو عورتن جي عبادت لاءِ ڪتب ايندو هوندو، هن وقت انهيءَ ڪمري جي ڀتين ۾ وڏا ۽ گهرا ڏار پئجي چڪا آهن. لڳي پيو ته ڪجهه ئي عرصي ۾ ڪري پوندو. ان ورانڊي ۽ ڪمري جي خوبي اها آهي ته هيٺان تجر جي انداز ۾ هن جون ڀتيون بيهاريون ويون آهن. مٿان ٻاهران ڇت کي لانڍي وانگر محراب ڏيڻ بجاءِ ان جي ڇت کي بلڪل سڌو رکيو ويو آهي.

شايد ڇت ۾ ڏار پوڻ ۽ ڪمزور هجڻ ڪري ان جي بار بار مرمت ڪئي وئي آهي. ان ڪري هن وقت ڇت جي ٿولهه 1.6 فٽ کان به مٿي آهي. ان مرمت ۾ سيمنٽ/ ڪنڪريٽ استعمال ڪيو ويو آهي.

گنبذ (Dome)  :

گوبند درٻار مٿان هڪ شاندار شاهي گنبذ بيهاريو ويو آهي. گنبذ ۽ گردي جي اوچائي 8. 14 فٽ آهي. قطر 10. 19 فٽ بيهي ٿو. سنڌ ۾ اهڙي انداز جا گنبذ گهٽ نظر اچن ٿا. اهڙي وسيع گهيريدار گنبذ کي آزي ڪمان گنبذ (Provincial Dome) سڏيو ويندو آهي. اسان کي پري کان ان انداز جو گنبذ، اتر پرديش جي جئپور جي جامع مسجد ۾ جڙيل ملي ٿو. جئپور جي اها مسجد اتان جي حڪمران حسين شاهه 15 صدي عيسوي دوران ٺهرائي هئي.

درٻار جي ان گنبذ جي اندروني بناوت لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جو اندروني ڏيک ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري ۽ خدا آباد واري مسجد جي اندروني گنبذ واري اڏاوت سان ڪجهه قدر مشابهت رکي ٿي.

بهرحال درٻار جي مالڪي نه هئڻ ڪري گنبذ مٿان پلستر وغيره لهي چڪو آهي. ان ۾ ڪيترائي ڏار ۽ سوراخ پئجي ويا آهن. برسات جو پاڻي ان سوراخن ۽ ڏارن مان سڄي گنبذ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. ايتريقدر جو هٿ لائڻ سان ئي چاپڙ لهي پيا اچن.

اسان سڀ کان پهريان گنبذ مٿان مسالي جا سڀ تهه لاهي گنبذ جون سرون ظاهر ڪري چيرولي جي سنهي تهه سان ان جا سوراخ ۽ ڏار بند ڪيا. ان بعد چيرولي جو اَستر ڏئي ان مٿان چُن جو استر ڏنوسين. آخر ۾ چن جو پلستر ڏئي ان کي سنگجراح (Soap Stonc) جو تهه چاڙهيوسين، جيئن گنبذ جي سونهن ۽ چمڪ برقرار رهي، ساڳئي وقت برسات جي پاڻيءَ کان به محفوظ رهي.

گردو (Drum) :

هن درٻار جي اڏاوت جي خاص خوبي اها آهي ته هن عمارت جو وڏو گول گنبذ هڪ بجاءِ هڪٻئي مٿان بيٺل ٻن اٺڪنڊن گردن (Drums) تي رکيل آهي.

هن درٻار جو گنبذ بيهارڻ لاءِ سڀ کان پهريان چوڪور ديوارن مٿان هڪ مستطيل ڪنڊن ماريل اٺڪنڊو گردو (Chamfer filleted Rectangular Drum) رکيو ويو آهي، جنهن جي مٿان وري هڪ ٻيو اٺن ڪنڊن وارو گردو (Drum) رکي ان تي شاهي گول گنبذ ٺاهيو ويو آهي.

اسان کي سنڌ توڙي برصغير ۾ عمارتسازيءَ ۾ اهڙو مستطيل ڪنڊن ماريل چپٽي پٽي وارو گردو گهٽ نظر ٿو اچي. ان گردي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اندران حجري ۾ بيهي جڏهن گنبذ ڏي ڏسجي ٿو ته ان  گردي جي مستطيل شڪل کي اهڙي ته مهارت سان ڊزائين ڪيو ويو آهي جو اندران گنبذ بلڪل گولائي سان مٿي وڃي ٿو. ان مستطيل ڪنڊن ماريل اٺڪنڊي گردي جي وچ تي چئني پاسن کان ڦاڪدار ڪمان 'Segmental arch' سان روشندان ڏنا ويا آهن.

اسان وٽ گهڻو ڪري اٺڪنڊو يا سورهن ڪنڊو گردو بيهاري، ان مٿان گنبذ رکيو ويندو آهي. پر هن درٻار جو ٻٽي اٺڪنڊي تي رکيل گنبذ نه صرف جاذب نظر اچي ٿو پر عمارت جي انفراديت به آهي.

ان کان سواءِ درٻار جون ڪنڊون ۽ لهوارا پاسا ۽ سر جو انتخاب انجنيئرنگ جو سٺو مثال آهي.

محراب دار دروازو:

مانجهند درٻار جي مکيه هال جي اوڀر طرف به ساڳي ڏکڻ پاسي جيان هڪ مستطيل ورانڊي نما ڪمرو جڙيل هو. جيڪو به لڳي ٿو ته عورتن جي رهڻ لاءِ ڪم ايندو هوندو. ان ڪمري جي ڇت به ساڳي ڏکڻ ڪمري جيان تجر واري انداز سان بيهاريل آهي، جيڪو هن وقت ڊهي چڪو آهي، باقي اهڙي تجر نما ڇت جا آثار سرن جي ڇيڙن جي صورت ۾ اڄ به ديوارن سان چنبڙيل آهي.

اسان جي ٽيم پهريون دفعو جڏهن سروي جي خيال کان اتي وئي هئي. ان بنا ڇت واري ڪمري جا رڳو اُتر ۽ ڏکڻ پاسي محراب دار دروازن جا محرابي لنگهه ثابت بيٺا هئا. جيستائين اسان ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪيون. ان دوران درٻار تي هڪ دفعو وري وڃڻ ٿيو ته ڏکڻ پاسي واري محرابي دروازي کي ڪو همراهه زوريءَ ڪيرائي ان جون سرون هڪ هنڌ ڍير ڪري رکي ويو هو. ٻئي دفعي وڃڻ ٿيو ته سرن جو ڍير نه هو، ڪو همراهه کڻي ويو پر ساڳئي وقت اتر پاسي واري محرابي دروازي کي به همراهه ڪيرائي ويو هو. مطلب ته اسان جي ڊرائينگ ٺاهڻ دوران ۽ سائٽ تي Moblize ٿيڻ جي وچ ۾ ڳوٺاڻا ٻئي محرابي دروازا ڪيرائي، ان جون سرون پڻ کڻي ويا هئا. اسان بعد ۾ ڪافي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن کان اُهي سِرون وٺي آهي دروازا وري بيهاريون  پر هو سِرن ڏيڻ تي راضي نه ٿيا. البت اسان وٽ ان ڪماني دار درن جا ڦوٽو موجود آهن. جڏهن به اهي تجر نما ورانڊو وري بيهارڻ جو ڪنهن کي خيال ٿيو ته اهي ڦوٽو ۽ ڊزائين مدد لاءِ حاضر آهن.

پوليس اسٽيشن مانجهند:

مانجهند شهر جي اترين پاسي تي سنڌو جي بچاءَ بند سان گڏ اڄ به انگريز دور جو ٺهيل پوليس ٿاڻو ۽ ڪجهه ڪوارٽر موجود آهن. ڪوارٽر وغيره جي مرمت نه هئڻ ڪري، اهي خراب حالت ۾ آهن. پر پوليس ٿاڻي جي تازو رنگ روغن ۽ رکوالي ڪري اهو مناسب حالت ۾ آهي. ٿاڻي جي عمارت جي نرڙ تي لڳل تختيءَ تي اڏاوت جو سال 1919ع لکيل آهي. ان عمارت ۾ ڪجهه ڪمرا، اسٽور روم ۽ لاڪپ وغيره آهي. ٿاڻي ۾ اڄ به اهي پراڻا ڪٻٽ، در ۽ دروازا لڳل آهن. لاڪپ کي هوادار رکڻ لاءِ ان کي لوهي گارڊرن، ٽيئرن ۽ سيخن سان ڪنهن پڃري جيان بند ڪيو ويو آهي. لاڪپ خالي ڏسي صوبيدار صاحب افسوس ڪيو ته مانجهند ۾ ڏوهه گهٽ هئڻ ڪري اڪثر لاڪپ سُڃو لڳو پيو هوندو آهي!

مانجهند ريلوي اسٽيش:

مانجهند شهر جي ڏکڻ پاسي ڪلوميٽر ڏيڍ تي مانجهند ريلوي اسٽيشن آهي. ڪنهن زماني ۾ اها ريلوي اسٽيشن وڏي رونق واري هوندي هئي جو ان ريلوي اسٽيشن ذريعي مانجهند جا واپاري ساري هندستان سان ڳنڍيل هوندا هئا. ان کان سواءِ گوبند رام درٻار جا ياتري ميلي جي موقعي تي هن اسٽيشن تي اچي لهندا هئا. عام ڏينهن ۾ به اسٽيشن تي وڏي پيهه هوندي هئي.

اڄ به اسان کي ننڍي هوندي جا اهي منظر ياد آهن. جڏهن ريلوي سفر دوران سنڌ جي ڪنهن به اسٽيشن تي خاص ڪري مانجهند، سن دادو وغيره تي گاڏي بيهندي هئي، ته پليٽفارم تي ڄڻ ميلو مچي ويندو هو.

مانجهند ريلوي اسٽيشن اڄ به موجود آهي. اسٽيشن جي آرام گاهه، ٽڪيٽ گهر، اسٽور روم اسٽيشن عملي جون آفيسون، پراڻو فرنيچر خاص ڪري هينڊل تي هلندڙ پراڻو ريلوي سسٽم اڄ به محفوظ آهي، جيڪو ماڻهو کي ماضي ۾ وٺي وڃي ٿو.

انگريزن جڏهن هت ريلوي نظام شروع ڪيو هو، ته گهڻن ريلوي اسٽيشن تي هنن پنهنجا انگلينڊ کان آيل گورا ملازم رکيا هئا. هن  اسٽيشن جو به جيڪڏهن پراڻو دفتري رڪارڊ هٿ ڪيو وڃي ته مانجهند اسٽيشن جي شاندار تاريخ جڙي سگهي ٿي. اڳين دور ۾ شهر جو گهڻو پڙهيل اسٽيشن ماستر هوندو هو، جنهن وٽ ڳوٺاڻا پنهنجا خط ۽ تار وغيره پڙهائڻ لاءِ ايندا هئا. ڪي اسٽيشن ماستر ۽ شهر جي شاگردن کي ٽيوشن به ڏيندا هئا.

حوالا:

(1) چيتن لال ماڙيوال- ايم.ايڇ پنهور. ترجمو، عطا محمد ڀنڀرو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2004ع، ص 31

(2) شهيد سومرو، ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم، لکيم، رفتار پبليڪيشن ڪوٽڙي، 1995ع، ص 30

(3) اياز ڀاڳت، سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا، مهراڻ پبلشر ڪراچي، (ٻيو ڇاپو)، 2010ع، ص 553 .

(4) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، سنڌ جي هندن جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد: 2000ع، صفحو 137.

(5) شهيد سومرو، ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم، لکيم، رفتار پبليڪيشن ڪوٽڙي، 1995ع، ص 30.

(6) ڪلارڊو مارڪوس، سنڌي واپاري، سنڌيڪار: حسين بادشاهه، ص 67.

(7) مگسي عبدالله، مانجهند جا سنڌ ورڪي، سنڌ جي جديد تاريخ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.

(8) ٽيڪچند ڪرمچند ميرچنداڻي، سنڌ ورق ۽ سنڌ ورڪي، آر.ايڇ آڏواڻي ۽ ڪمپني حيدرآباد سنڌ، 1920ع، ص 1.

(حوالو: مگسي عبدالله، مانجهند جا سنڌ ورڪي، سنڌ جي جديد تاريخ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ص 261.

(9) انصاري انيس، شڪارپور جا واپاري ۽ سندن واپاري ڪوٺيون، شڪارپور، صدين تان، 1986ع، ص 98.

(10) مگسي عبدالله، مانجهند جا سنڌ ورڪي،  سنڌ جي جديد تاريخ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ص 268.

(11) رچرڊ برٽن مترجم، صديقي حنيف، هند ۽ سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومن، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1971ع، ص 144.

(12) جي.ايم.سيد، جنب  گذاريم جن سين، (جلد پهريون)، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، (چاپو ٻيون) 1979ع، ص 8.

(13) آڏواڻي ڀيرومل، سنڌ جي هندن جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2000ع، ص 93.

(14) شهيد سومرو، ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم، لکيم، رفتار پبليڪشن ڪوٽڙي، 1995ع، ص 30.

(15) آڏواڻي ڀيرومل مهرچند، سنڌ جي هندن جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد، 2000ع، ص 290.

(16) ايضاً، ص 291.

(17) ايضاً، ص 91.

(18) ايضاً، ص 90.

(19) ايضاً، ص 90.

(20) ايضاً، ص 91.

(21) روايت پروفيسر عبدالستار ڪانڌڙو، سن، بحوالو- عبدالله مگسي، مانجهند جا سنڌ ورڪي، سنڌ جي جديد تاريخ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ص 266.

(22) ايضاً.

(23) ايضاً.

(24) لوڪ رام ڏوڏيجا، منهنجو وطن منهنجا ماڻهو، نيو فيلڊ پبليڪيشن، حيدرآباد 1993ع، ص 103.

(25) پروفيسر عبدالستار بلوچ، سنڌ جون سون ورنيون دليون، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد 2014ع، ص 241.

(26) مدد علي سنڌي، ڪچهري آڪٽوبر 2015ع.

(27) شهيد سومرو، ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم، لکيم، رفتار پبليڪيشن، ڪوٽڙي 1995ع، ص 30.

(28) ايضاً، ص 31.

(29) ايضاً، ص 31.

(30) Gazetteer of the province of Sind by Hues, poge 506.

(31) جي.ايم.سيد، محال مانجهندن جو تعليمي ۽ تنظيمي پروگرام جي.ايم.سيد، لٽريري سوسائٽي ڪراچي، ڇاپو ٻيو، جنوري 2004ع، ص 13.

(32) شهيد سومرو، ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم، لکيم، رفتار پبليڪيشن ڪوٽڙي، 1995ع، ص 31 .

(33) لوڪ رام ڏوڏيجا، منهنجو وطن منهنجا ماڻهو، نيو فيلڊس حيدرآباد 1993ع، ص 102.

(34) شهيد سومرو، ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم، لکيم، رفتار پبليڪشن ڪوٽڙي، 1995ع، ص 31.

(35) لوڪ رام ڏوڏيجا، منهنجو وطن منهنجا ماڻهو، نيو فيلڊس حيدرآباد 1993ع، ص 102.

(36) ايضاً، صفحو 361.

(37) مولائي ملاح ”هڪڙو هو ڪنور هڪڙي هئي. هنڌ“ ٽه ماهي مهراڻ 2013ع. ص 226.

(38) لوڪ رام ڏوڏيجا، منهنجو وطن منهنجا ماڻهو، نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1993ع ص 365.

(39) مولائي ملاح، هڪڙو هو ڪنور هڪڙي هئي سنڌ، ٽه ماهي مهراڻ نمبر 2013ع ص 229.

(40) لڇمڻ ڪومل وهي کاتي جو پنا، روشني پبليڪيشن، 2015ع، ص 40.

گوبند رام درٻار جو مانجهند جو پراڻو ڏيک

گوبند رام درٻار مانجهند بحالي بعد

مانجهند جو هڪ اُجڙيل مندر

مانجهند جو ريلوي اسٽيشن

مانجهند ۾ زال جي ياد ۾ جوڙايل منارو

پوليس اسٽيشن مانجهند

گوبند رام مندر جي گنبذ مٿان رکيل نيل

مانجهند سان واسطو رکندڙ خاندان مرليڌر ڪشنچند جيٽلي ۽ ليکڪ

گوبند رام مندر جو پلان

گوبند رام مندر جو پلان

گوبند رام مندر جو پلان

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org