سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:3 

محمد يوسف جويو

 

 

 

محمد ابراهيم جويو ۽ تعليم بالغان

گذريل ويهين صديءَ تي جڏهن نظر وجهبي ته اسان کي تعليم جي شعبي ۾ وڏا وڏا نالا نظر ايندا، جن جي زندگيءَ ۽ ڪم جو احاطو ڪرڻ اسان لاءِ وڏو ڏکيو ڪم ٿيندو. ها! جيڪڏهن اسان جا تعليمي ادارا جهڙوڪ يونيورسٽيون ۽ ٻيا تعليمي ادارا پنهنجن شاگردن کان انهن شخصيتن جي زندگي، ۽ انهن جي علمي ڪم تي پي ايڇ.ڊي يا ايم.فل جون ڊگريون ڏئي تحقيق ڪرائين ته شايد پوءِ ڪجهه سالن ۾ اُهي تعليمدان، ۽ انهن جو علمي ڪم ڪجهه نروار ٿي سگهي ٿو.

سنڌ جي تعليمي شعبي ۾، انهن وڏن نالن ۾ هڪ نالو محمد ابراهيم جويي صاحب جو به آهي. محمد ابراهيم جويو هڪ تعيلمدان هجڻ سان گڏ هڪ مدبر اديب ۽ دانشور آهي. هن ’سنڌ بچايو کنڊ بچايو‘ جهڙو شاهڪار ڪتاب لکي، ان وقت سنڌ وطن جي سياستڪارن جي رهبري ڪئي، ۽ انهن کي سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ گسَ ۽ ڏسَ طئي ڪري ڏنا. ان کان پوءِ ٻيا ڪئي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. جن ۾ فلسفو، تاريخ، ادب، ٻولي ۽ تعليم وغيره جهڙا اهم موضوع شامل آهن. محمد ابراهيم جويو پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد هو. تنهنڪري هُو پاڻ سمجهندو هو ته تعليم ئي آهي جيڪا قومن جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جي ضامن آهي. تعليم، قومن کي شعور ۽ عقل ڏئي ٿي. قومي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏياري دنيا ۾ پنهنجي وطن واسين جو ڳاٽ اوچو رکي ٿي. تنهنڪري هن پنهنجي ٻوليءَ ۾ تعليم تي گهڻو لکيو ۽ ترجما ڪيا آهن. جن ۾ ’ايملي عرف تعليم‘، ’علم تدريسي مظلومن لاءِ‘، ’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘، ’اسان جي ٻولي ۽ اسان جي تعليم‘ وغيره، شامل آهن. هن اسڪولن ۾ پاڙهجندڙ درسي ڪتابن ۾ ڪل 43 ڪتاب، ايڊٽ ڪيا جن ۾ جويي صاحب جا ڪجهه ڪتاب  مڪمل لکيل به شامل آهن. انهن لکيل ڪتابن مان ڪجهه ساڳيا ڪتاب اڄ تائين به اسڪولن ۾ پاڙهيا پيا وڃن.

جڏهن گورنمينٽ 1972ع ۾ ايجيوڪيشن پاليسي آندي ۽ ان ۾ وڏن جي تعليم يعني تعليم بالغان جو پروگرام شامل ڪيو ويو، تڏهن انهن جي لاءِ نصاب ۽ درسي ڪتابن جي جوڙڻ جي ضرورت پئي، ته ان وقت محمد ابراهيم جويو بالغن جي تعليم لاءِ درسي ڪتاب لکيا ۽ ايڊٽ ڪيا، ۽ انهن جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي مُک ميمبر طور ڪم ڪيو. وڏن جي تعليم لاءِ اُن وقت جا لکيل ڪتاب اڄ تائين ” تعليم بالغان “ جا بنياد رهيا آهن. هت انهن ڪتابن جو ببليوگرافيڪل جائزو ورتو ويو آهي، جيڪي هن بالغان تعليم لاءِ درسي ڪتاب طور پاڻ لکيا آهن. جن ۾ پاڻ هڪ ليکڪ جي حيثيت سميت ايڊيٽر، نظرثاني ڪندڙ ۽ صلاحڪار وغيره طور اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهي ڪتاب گورنمينٽ آف سنڌ پاران سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين ادارن ڇاپيا آهن.

 - تعليم  بالغان لاءِ  لکيل  ڪتاب

1. اچو ته وڌيڪ پڙهون (بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو ڪتاب) 1973ع

هيءُ ڪتاب، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي.  هر سبق جي  عنوان سان ملندڙ  تصويرون ۽ تصور  ڏنل آهن، جن تي آرٽسٽ جو نالو لکيل نه آهي.  جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي.  زيرن زبرن  مطلب  ته اعرابن  جو مڪمل ۽ صحيح  استعمال  ڪيو  ويو آهي. ڪتاب  جي سرورق چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه مرد ماڻهو روايتي لباس ۾، ڪتاب پڙهي رهيا آهن. ڪتاب ۾ سڀ سبق بيان واري انداز ۽ ڪهاڻيءَ جي انداز ۾ لکيل آهن، جنهن جي  پڙهڻ سان دلچسپي وڌي  ٿي. گڏو گڏ ڪجهه نظم پڻ شامل آهن جن جا شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، خليفو گل محمد گل هالائي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي آهن. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي. هر سبق جي آخر ۾ پڙهندڙ جي لاءِ،  خود آزمائش جِي  هڪ مشق ڏنل آهي، جنهن ۾   سبق مان ئي سوال، لفظ ۽ گرامر جون ڪجهه سمجهاڻيون ڏنل آهن. سچ ته هيءُ ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب ۽ مڪمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون  ايڊيشن  1973ع ۾ ڇپيو، ۽ ڇاپيندڙ دي ٽائيمس پريس ڪراچي آهي. هيءُ ڪتاب 53 صفحن تي مشتمل آهي  ۽ ڇپيل تعداد 350000 آهي.

 

2. اچو ته لکون (بالغن لاءِ ) لکڻ جو پهريون ڪتاب:   

بالغن  جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄام شورو ڪئي.  نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي. هيءُ ڪتاب لکڻ جي مشقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هرلکيل  سِٽ کان پوءِ ٻه لائنون خالي ڇڏيل آهن ته جيئن ان تي لکڻ جي مشق ڪري سگهجي. هن ڪتاب ۾ زيرن زبرن يعني ته اعرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق ٻن رنگن جو آهي، جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه لکي رهيون آهن . هن  ڪتاب  ۾ رسيد، خط ۽ درخواست  لکڻ جي به مشق ڏنل آهي، ان کان علاوهٰ  انگن لکڻ جو هڪ پيج ۽ هڪ پيج تي  ”الف بي  جا آواز“  جي  پٽي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هيءُ ڪتاب، اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  لکڻ جي مشق جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو هيءُ پهريون  ايڊيشن  آهي، ڪتاب  49 صفحن تي مشتمل آهي.

3. ڪتاب (1) : بالغن لاءِ    

هيءُ بالغن  جي پڙهائڻ لاءِ پهريون،
  پرائيمري ڪتاب آهي. شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄام شوري ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾، محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  ٻن رنگن ۾،  صاف سٺي آهي، ۽ سبقن سان ٺهڪندڙ تصوير يا اسڪيچ  پڻ ڇپيل آهن، جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ سهڻا لڳي رهيا آهن، پر انهن اسڪيچن جي ٺاهيندڙ جو به نالو لکيل ناهي.  هيءُ ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هر لکيل لفظن ۽ ان جي مشابهت سان ان جي تصوير ڏنل آهي ۽ انهن کان پوءِ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته اعرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو سرورق  چار رنگن جو آهي، جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن  ته هڪ  عورت وري  سلائي ڪري رهي آهي. ان کان علاوه هن  ڪتاب  ۾  الف بي  جي پٽي، هڪ پيج تي ”الف بي  جا آواز“  جي  پٽي، هڪ پيج تي ”اکرن جون گڏيل صورتون“  ۽ آخري پيج تي سَوَ تائين انگن جو چارٽ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هيءُ ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  پڙهڻ جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب  41 صفحن تي مشتمل آهي.

4. ڪتاب (2): بالغن لاءِ   

هيءُ بالغن  جي پڙهائڻ لاءِ پهريون،  پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب شعبه خواتين، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄام شوري ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي ٻن رنگن ۾، صاف سٺي آهي. هيءُ ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هر لکيل لفظن ۽ ان جي مشابهت سان ان جي تصوير ڏنل آهن، ۽ انهن کان پوءِ لفظن کي ٽوڙي اکرن ۽ آوازن کي ڌار ڌار ڪيو ويو آهي ته جيئن پڙهڻ ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته اعرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي سرورق  چار رنگن جو آهي جنهن تي ڪجهه عورتون پنهنجي 
روايتي لباس ۾، ڪجهه پڙهي رهيون آهن
  ته هڪ  عورت وري  سلائي ڪري رهي آهي، ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هي ڪتاب، اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت ئي مناسب  ۽  پڙهڻ جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو ٻيو  ايڊيشن  1987ع ۾ ڇپيو آهي، ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي.

5. ڪتاب (2)    

هي بالغن  جي پڙهائڻ لاءِ پهريون،  پڪي پهرين جو ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب  ”قومي ڪميشن براءِ خواندگي و تعليم عامه “  حڪومت پاڪستان، اسلام آباد جي طرفان  سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ حيدرآباد، مان ڇاپيو ويو جڏهن ته  نيشنل بڪ فائونڊيشن ڪراچي  هن جو ڇپائيندڙ هو . هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  ٻن رنگن ۾،  صاف سٺي آهي. هيءُ ڪتاب پڙهڻ جي سبقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هر لکيل لفظن ۽ ان جي مشابهت سان ان جي تصوير ڏنل آهن، جيڪي آرٽسٽ علي اڪبر سومري جون ٺاهيل آهن، ۽ انهن کان پوءِ سبقن جي آخر ۾ خود آزمائش جي لاءِ مشقون ڏنل آهن  ته جيئن پڙهڻ، لکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿئي. زيرن زبرن مطلب ته ايرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو سرورق  ٻن رنگن جو آهي، جنهن تي ڪابه  تصوير ڏنل  ڪانهي،  ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون  ايڊيشن  1985ع  ۾ ڇپيو آهي، ڪتاب 54 صفحن تي مشتمل آهي، ۽ ڇپجڻ جو تعداد هڪ لک آهي.

6. اچو ته لکون (بالغن لاءِ ) لکڻ جو پهريون ڪتاب:   

بالغن جو هيءُ پهريون ڪتاب، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد مان ڇاپيو ويو آهي. هن سڄي ڪم جي نگراني اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄام شوري ڪئي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ محمد ابراهيم جويو، رحيم بخش ميمڻ ۽ شيخ عبدالله ”عبد“ شامل آهن. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي. هيءُ ڪتاب لکڻ جي مشقن تي مشتمل آهي، هن ۾ جملن ۽  لفظن جي خاص ترتيب ڏنل آهي، هر لکيل  سِٽ کان پوءِ ٻه لائنون خالي ڇڏيل آهن ته جيئن ان تي لکڻ جي مشق ڪري، هت زيرن زبرن يعني اعرابن جو مڪمل صحيح استعمال ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو سرورق ٻن رنگن (مونو ڪلر) جو آهي جنهن تي ڪجهه مرد  پنهنجي  روايتي لباس ۾، ڪجهه لکي رهيا آهن . هن  ڪتاب  ۾ رسيد، خط ۽ درخواست  لکڻ جي به مشق ڏنل آهي، ان کان علاوهٰ انگن لکڻ جو هڪ پيج ۽ هڪ پيج تي  ”الف بي  جا آواز“  جي  پٽي ڏنل آهي. ڪتاب ۾ شامل مواد جو سِٽاءُ ۽ ان جي بيهڪ  تمام سهڻي رٿيل آهي.  سچ ته هيءُ ڪتاب اڄ به بالغن جي تعليم لاءِ نهايت  ئي مناسب  ۽  لکڻ جي مشق جو  مڪمل عملي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو ٻيون  ايڊيشن 1973ع ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب  49 صفحن تي مشتمل آهي. ڇپيل ڪتابن جو ڪل تعداد 350000 آهي. 

7. عملي حساب- بالغن لاءِ (سنڌي)

8. عملي رياضي...بالغن لاءِ (اردو)

پهرئين ڪلاس جي معيار جو  هي ڪتاب بالغن لاءِ  آهي،  جيڪو  اداره نصاب ۽ توسيعِ تعليم سنڌ، ڄام شوري طرفان ڇاپيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾  محمد اقبال ملڪ ۽ محمد ضمير شيخ  صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾: ڊاڪٽر بيگم شمس عباسي، محمد ابراهيم جويو، علي محمد مهر، محمد اقبال ملڪ، محمد صغير شيخ، مسز ليلاهرچنداڻي، محمد بچل ميمڻ ۽ مس ڪوثر خان شامل آهن، ان کان علاوه نظرثاني ڪندڙن  ۾: محمد ابراهيم جويو ۽ عبدالغفار صديقي  شامل آهي. ڪتاب جي ڇپائي  صاف سٺي آهي هر سبق جي  عنوان سان ملندڙ جلندڙ تصويرون ۽ تصور  ڏنل آهن. ڪتاب جي ٽائٽل تي آرٽسٽ ساجد جي صحي ٿيل آهي. هيءُ ڪتاب تصويرن جي ذريعي پڙهندڙن لاءِ، جوڙ، ڪٽ، گهڻائي ٿورائي، اڌ، سڄو، يا روز مره جي ڪمن ڪارين ۾ اسعمال ٿيندڙ حساب ڪتاب جا  تصور واضح طور سمجهائڻ  جي سرگرمين،  جي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ  جي طريقي تي  جوڙيل آهي. ڪتاب  7x9  انچن وارو،  پورو  پـنو  ڪتاب 40
صفحن تي مشتمل آهي ته هن جِي
  قيمت ڪانه آهي، ڪتاب جو  پهريون  ڇاپو،  ٽيسٽ ايڊيشن طور شايع ڪيو ويو آهي.

 

9. جوت: پهريون ڪتاب (خواندگي نصاب 2007ع مطابق) 2010ع آزمائشي ڇاپو

هيءُ ڪتاب ”جوت“، پهريون ڪتاب بالغن جي تعليم لاءِ آهي، جيڪو ڊائريڪٽوريٽ خواندگي ۽ غير رسمي بنيادي تعليم ۽ تعليم ۽ خواندگي کاتو حڪومت سنڌ طرفان 2010ع ۾ پهريون ڇاپو آزمائشي طور ڇپي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن نصابي ڪتاب جي لکندڙن ۾ ڊاڪٽر سحر امداد، مهرالنساءِ لاڙڪ، فهميده چنه، سيد امداد حسيني، سيد شير شاه ۽ محمد ناظم علي خان ماتلوي؛ نگران اعليٰ عبدالوهاب عباسي ۽ ايڊيٽرن ۾ محمد ابراهيم جويو، سيد امداد حسيني ۽ محمد ناظم علي خان ماتلوي شامل آهن. انهن کان علاوه ڇپائيءَ جا نگران سڪندر ملاح ۽ عزيزبانو چنه آهن، هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ هدايت الله جوڻيجي ڪئي آهي. ڪتاب، سهڻي ڇپائيءَ سان رنگين ۽ باتصويرن سان سينگاريل آهي. ڪتاب ۾ شامل سبقن ۾ ڪجهه نوان ته ڪجهه وري پراڻن ڪتابن تان ورتل آهن. ڪتاب جي سڀني سبقن ۾ اعرابن وغيره جو صحيح استعمال آيل آهي. هيءُ ڪتاب 100 صفحن جو، جنهن جي ڪابه قيمت ڪانه آهي. ڪتاب جو ڏيک واري رنگين جلد تي ڪجهه عورتن کي هڪ عورت استاد پڙهائي رهي آهي. ڪتاب يونيسڪو جي مدد سان سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتو حڪومت سنڌ گڏيل طور ڇپايو آهي. هتي هيءَ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هي ڪتاب محمد ابراهيم جويي جو آخري ڪتاب آهي، جيڪو پاڻ ايڊيٽ ڪيائون.

10.  سنڌي زبان جي بنيادي لغت

هيءُ هڪ نه پر سڄيون ساريون ٽي مختلف هيئتن جون لغتون آهن. تنهنڪري هنن کي لغتون ڪري سڏجي ته بهتر ٿيندو. هيءُ هٿ اکرن سان لکيل آهن، جيڪي ليٿو پريس تي ڇپيون ويون آهن. ڪاتب جو نالو لکيل نه آهي. ٻاهريو ڏيک وارو جلد هڪ طرف سنڌيءَ ۾ ۽ ٻئي طرف وري انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهي. هنن مان فائدو حاصل ڪرڻ يا هن جي استعمال جو طريقو پڻ اندر مهاڳ ۾ ڏسيل آهي. سادا لفظ، مذڪر ۽ مونث، جمع واحد ۽ گرامر جو آسان استعمال پڻ ڏسيو ويو آهي. پهرين پر سڀني ڪتابن جي ساڳئي ئِي پيش لفظ ۾ جناب غلام رباني آگرو لکي ٿو ته ” تاريخ 8 جون 1972ع تي، حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم ملڪ ۾ بين الاقوامي ڪتابي سال ملهائڻ لاءِ مکيه علمي ادارن جي سربراهن ۽ نمائندن جي اسلام آباد ۾ هڪ ميٽنگ ڪوٺائي، جنهن ۾ مون ( غلام رباني آگرو) کي سڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد جي نمائندي جي حيثيت ۾ سڏيو ويو. مذڪوره ميٽنگ ۾ پڻ مٿي ڄاڻايل ٽن ڪتابن (لغتن) جي تياريءَ جي ضرورت ۽ اهميت تي گفتگو ٿي.“ رباني صاحب اڳتي لکي ٿو ته، ”پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب ۽ مون کي هدايت ڪئي وئي ته جيئن اِهي ڪتاب، نئين تعليمي پاليسيءَ هيٺ بالغن جي تعليم لاءِ گهربل آهن، انڪري جيترو جلد ٿي سگهي، انهن کي جلدي تيار ڪرائي حڪومت کي موڪليا وڃن.“ رباني صاحب اُنهيءَ پنهنجي پيش لفظ ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته، ”ان کان پوءِ جلدي ئي سنڌ جي تعليمدانن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي وئي، انهيءَ ميٽنگ ۾ مذڪوره ڪتابن (لغتن) جي تياريءَ جي مسئلن ۽ ڪم جي طريقهء ڪار بابت ويچار ڪيو ويو ۽ مذڪوره ٽنهي فهرستن جي تياريءَ جو ڪم ماهرن جي هڪ ڪاميٽيءَ جي سپرد ڪيو ويو، جنهن جو ڪنوينر مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ۽ ميمبرن ۾ محمد ابراهيم جويوصاحب، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ سيد محمد صالح شاهه بخاري صاحب مقررڪيا ويا ۽ محترم سيد حسام الدين راشدي صاحب کي انهن ٽنهي فهرستن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اُنهن عالمن جي محنت ۽ تحقيق جي نتيجي طور سنڌي زبان جون زيرِ نظر بنيادي لفظن جون ٽي لغتون مرتب ٿيون آهن.“

 

.I سنڌي زبان جي بنيادي لغت

بنيادي لغت جا لفظ                          800

ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر                  75

سڀ قومي لفظ                     175

ڪل لفظ                              1050

II. سنڌ زبان جي وڌايل بنيادي لغت

بنيادي لغت جا لفظ                          800

وڌايل لفظ                           450

ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر                  75

سڀ قومي لفظ                     175

ڪل لفظ                              1500

III. سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت

بنيادي لغت جا لفظ                          800

وڌايل لفظ                           450

ڪاروباري لفظ                      750

ڳڻپ، تور، ماپ ۽ ڪئلينڊر                  75

سڀ قومي لفظ                     175

ڪل لفظ                              2250

هِنَ مٿين ٽن لغتن جا ڪتاب، وزارت تعليم حڪومت پاڪستان جي سهڪار سان سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد پاران جوڙايا ويا ۽ پنهنجي ئي اداري  پاران 1973ع ۾ ڇاپيا ويا آهن، جن جو مواد جو وَچُور مٿي ڏني وئي آهي. هنن لغتن جي جوڙڻ يا سهيڙيندڙن ۾ غلام مصطفيٰ قاسمي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ محمد صالح شاهه بخاري، جڏهن ته هنن کي ايڊٽ ڪندڙ يا سموهيندڙ سيد حسام الدين راشدي جن آهن. اڳتي هلي هيءَ لغت وڏي جامع لغت سان ملي عام ٿي وئي. 

حوالا:

1- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)،  اچو ته وڌيڪ پڙهون:  بالغن جي پڙهڻ جو ٻيو  ڪتاب،  حيدآباد: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1973 ع، ڇاپو  پهريون، صفحه 53  قيمت .؟    رپيا

2- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)، اچو ته لکون: لکڻ جو پهريون ڪتاب، حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1973ع، ڇاپو  پهريون، صفحه 49  قيمت .؟    رپيا

3- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)، ڪتاب (1): پڙهڻ جو پرائيمري ڪتاب، حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1973ع، ڇاپو  پهريون، صفحه  41   قيمت .؟    رپيا

4- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)، ڪتاب (2): پڙهڻ جو پهريون ڪتاب، حيدآباد: سنڏ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، 1987 ع، ڇاپو  ٻيو، صفحه  54   قيمت .؟    رپيا

5- جويو، محمد ابراهيم.......(لکندڙ)، ڪتاب (2):  پڙهڻ جو پهريوڻ ڪتاب، ڪراچي: نيشنل بڪ فائونڊيشن، 1985ع، ڇاپو پهريون، صفحه 52  قيمت ؟ رپيا

6- ملڪ، محمد اقبال.......(لکندڙ)،  عملي حساب: بالغن لاءِ، ڄام شورو: اداره نصاب ۽ توسيع تعليم سنڌ. سال ؟ ڇاپو پهريون، صفحه  40 ، قيمت ؟ رپيا

7- شاهه، سحر امداد (ڊاڪٽر)....... (لکندڙ)،  جوت:  پهريوڻ ڪتاب، ڪراچي: ڊائريڪٽوريٽ خواندگي ۽ غير رسمي بنيادي تعليم، تعليم ۽ خواندگي کاتو، سنڌ، ڇاپو پهريون، صفحه 100   قيمت ؟ رپيا

8 جويو، محمد يوسف، (2016ع)، محمد ابراهيم جويو: نصابي ڪتابن جوڙڻ ۾ هڪ اهم ڪردار، ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ، ٽه ماهي مهراڻ، جلد 66، نمبر 1-2 ، ص 25، 37- 39، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

9- غلام رباني آگرو، (1973ع)، پيش لفظ، سنڌي زبان جي بنيادي لغت: حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.

10- سنڌي زبان جي بنيادي لغت (1973ع)، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ

11- سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت (1973ع)، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ

12- سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت (1973ع)، حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org