سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:19 

محمد علي ابڙو

 

 

 

 

نارايڻ شيام جون ”تصويرون“

 

نارايڻ شيام سنڌ ۽ هند جو عظيم شاعر آهي، سندس شاعريءَ جي صنفن ۾ دوها، سورٺا، ترائيل، غزل، نظم، رباعيون ۽ هائيڪا وغيره شامل آهن. نارايڻ شيام جي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ الڳ ۽ نمايان حيثيت آهي. هن وٽ نوان خيال ۽ نوان جذبا آهن. هُو ڪيترين ئي صنفن جو موجد رهيو آهي. ”هُو انهن ٿورن شاعرن مان آهي جيڪي اسان جي وهڪري کان الڳ ٿلڳ پنهنجي ذاتي اسلوب جي ڪري نرالا ۽ انوکا آهن. نارايڻ شيام سنڌيءَ جي جديد شاعريءَ توڙي ترقي پسند شاعريءَ جو بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي.“(1)

نارايڻ شيام جي گهاڙيتن ۾ گهڻي تعداد ۾ غزل ملي ٿو. سندس رهبر ۽ رهنماءَ استاد (ڪشنچند بيوس) جيان غزل ۾ نج سنڌي ماحول، استعارا، تشبيهون ملن ٿيون. سندس غزل پسند جي صنف رهيو آهي، پر هتي شيام جون تصويرون (هائيڪو) بيان ڪجن ٿيون.

نارايڻ شيام هائيڪو جو موجد ۽ هائيڪو کي اصلي روح بخشيندڙ شاعر آهي. نارايڻ شيام پنهنجي لکيل هائيڪن کي ”تصويرون“ جو عنوان ڏنو. هن سنڌيءَ ۾ هائيڪو کي قافيي جي پابنديءَ سان لکي، سڌاري سنواري پيش ڪيو. جپاني هائيڪو ۾ قافيي جي ڪابه پابندي ناهي ٿيندي. جڏهن ڪوبه گهاڙيتو ٻيءَ ٻوليءَ جي ادب ۾ شامل ٿيندو آهي ته ان ادب جو مقامي رنگ ۽ نيون پابنديون جوڙيندو آهي، جيڪي ان ٻوليءَ جي ادب جي ڪري تمام بهترين لڳنديون آهن. ايئن ئي هائيڪو ۾ قافيي واريون پابنديون نارايڻ شيام جوڙي سنڌيءَ ۾ هائيڪو جي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت قائم ڪئي. سندس هائيڪن جي جاءِ، ذري گهٽ سٺ سال گذرڻ جي باجود به سنڌيءَ ۾ ڪو شاعر ٺاهي ناهي سگهيو. ڇو جو 11+13+11 ماترائن تي ٻڌل هائيڪو جي بيهڪ ٻين شاعرن لاءِ تمام ڏکي ثابت ٿي آهي. جيڪڏهن 11+13+11 ماترائن تي هائيڪو لکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته منظر نه ٿو سمائي سگهجي، جي منظر اچي ٿو ته بيهڪ (11+13+11) تي پورو نه ٿا لهي سگهن، پر شيخ اياز جا ڪافي هائيڪو اهڙا ملن ٿا جيڪي ٻئي شيون گڏوگڏ کنيو هلن ٿا. ڊاڪٽر تنوير عباسي، نارايڻ شيام جي هائيڪن جو نچوڙ ڪڍي لکي ٿو ته:

”شيام جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندي لڳي ٿو ته غزل کانپوءِ شيام جو ٻيو نمبر مرغوب گهاڙيتو ”هائيڪو“ آهي ڇو ته ”تصويرون“ جي عنوان هيٺ، شيام جي لکيل هائيڪن کانسواءِ، شيام جي شاعري ذري گهٽ هر گهاڙيتي ۾ هائيڪو جو تصور ملي ٿو. بيت هجي، دوهو هجي، سورٺو هجي، سڀني گهاڙيتن ۾ شيام ڪٿي نه ڪٿي هائيڪو جا اِشارا (touches) ڏنا آهن.“ (2)

 چترڪار به تصويرون چٽيندو آهي، پر نارايڻ شيام تصويرن ۾ چٽا پٽا عڪس ۽ منظر سمايا آهن جيڪي چترڪار کان وڌيڪ نمايان آهن. نارايڻ شيام جو فطرت ڏانهن گهڻو مشاهدو ۽ ڌيان رهيو آهي. هو هر وقت فطرت جي گهرائيءَ تي پڄي، پنهنجي تصويرن ۾ ان کي هميشه لاءِ زنده ڪري ٿو ڇڏي، جنهن جي عام ماڻهن کي خبر به ناهي. اها نارايڻ شيام پنهنجي هائيڪن ۾ آڻي ٿو.

 موضوع ۽ مواد جي اعتبار کان شيام جا هائيڪو جپاني هائيڪن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملايو بيٺا آهن، پر سنڌي مقامي رنگ پڻ هائيڪن تي چڙهيل آهي، پر فطرت ۾ شيام محاڪات شناسائي رکندڙ شاعر آهي. سندس هائيڪن ۾ اهڙو اٽوٽ سنٻند آهي جو ڪڏهن به ان کان ٽٽي نه ٿو سگهي. هُو جنهن منظر کي ڏسي ٿو، تنهن نموني ئي منظر کي پيش ڪري ٿو، خيانت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جو چئجي ته شيام، فطرت سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي! اهڙيون ئي خاصيتون شاعريءَ ۾ حقيقت بڻجي وينديون آهن. ٻي اهم ڳالهه ته نارايڻ شيام ساخته لفظن سان گڏ ساخته منظرن کان پڻ پاسو ڪيو آهي، هارپو ڪندڙ هاريءَ جيان، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان منظرن کي بيان ڪيو آهي ۽ اهڙا منظر آئيني ۾ عڪس جيان نظر اچن ٿا:

هلڪي هلڪي هير؛ ڀيڄ ڀنيءَ جي ويل،

ڦول چنبيليءَ جا ڇڻن      سنهڙو سنهڙو چندرما

چنڊ کڙو گنڀير!            ماڪ ڀنا رابيل!

 

هڪ اُڪرس، ٻي ٻاٽ      ڇڻي ڪنڊيءَ ٻور؛

ڪنهن ڪنهن مهل هِتان هُتان   نم جا پيلا پن ڪِرن

ٽانڊاڻي جي لاٽ!   واءُ وڃي وَهلُور!

 

اڇڙو اڇڙو چنڊ؛     سکڻا سکڻا ٽار،

باک ڦٽڻ سان ئي ٽٽو     پن ڇڻيا، اڏريا پوپٽ

چانڊوڪيءَ جو منڊ! وڻ ها ڇا يادار!

        مٿين منظرن ۾ تصويرون ۽ عڪس سمايل آهن. جيئن جيئن هائيڪو پڙهجي ٿو، عڪس ذهن تي تري اچي ٿو. نارايڻ شيام جي منظرنگاريءَ سان گڏ پکين جي هلچل، انهن جا انيڪ عڪس سندس هائيڪن جي زينت بڻيل آهن. هونئن ته ڏينهن جو پهريون خواب، رات انڌاري سرد، تارا، چنڊ، سج، ان کان علاوه اونداهي، روشني، ڏينهن مطلب ته هن وٽ هر موسم جي تجلي هر پهر جي خوشبو، هر لمحي جو احساس ۽ منظرنگاري آهي. نارايڻ شيام ٻين منظرن جو هائيڪو ۾ خوب ذڪر ڪيو آهي پر پکي ۽ انهن جي سونهن انهن جو هڪٻئي سان ساٿ ۽ انهن جي اڏام سندس هائيڪن ۾ جيئري جاڳندي تصوير آهي:

ڏس ته پکين جي ڏانوَ!    ڇا ته پپر جي ڇانوَ!

اڏندي هڪ ٻئي جي مٿان ويهي هڪڙي ٽار تي

ڪئن نه پوي ٿي ڇانوَ!    چهنب اگهي پئي ڪانوَ!

 

اوچو اُڀ ۾ باز؛            ڍنڍ پکين جو گنج؛

هو ٻه ڪبوتر ڀت تي      ڪيڏي ڀڀڪي سان اڏيو

ڳُٽِ ڳُٽِ جو آواز!          جهٽڪو ڏيئي هنج!

 

هلڪي هلڪي هير! ڪُرلائيندي ڪونج؛

ڀر تي بيٺل ڪنگ جا     نڪري ويئي دور، پر

پير ڇُتا پئي نير!          اڃا فضا ۾ گونج!

 

”ڪبوتر ڀت مٿان“، ”جهٽڪو ڏيئي هنج“،”ڪرلائيندي ڪونج“ وغيره کي پڙهڻ سان منظر تري اچي ٿو. شيام جو مطالعو ۽ مشاهدو تيز نظر اچي ٿو. ايئن معلوم ٿئي ٿو ته شيام رڳو اهي منظر ڪي ڏٺا ناهن بلڪه انهن جي گهرائيءَ تائين پهتو آهي. هن وٽ هائيڪن ۾ هر موضوع ملي ٿو، جنهن ۾ عڪس ۽ تصويرون سمايل آهن. تنهنڪري ئي ’شيخ اياز جي لفظن ۾ ته: ”شيام ڪوَتا جو ڪاڪ ڌڻي آهي ۽ کيس هائيڪو تي ”هڪ- هٽي“ آهي‘(3). سچ پچ ته نارايڻ شيام ”هڪ- هٽي“ معلوم ٿئي ٿو، جنهن وٽ هر موضوع آهي.

شيام وٽ پکين جيان ٻار به اتساهه جو مرڪز رهيا آهن. ستارن جيان چمڪندڙ ٻار، جيڪي هر گهر جي سونهن هوندا آهن، جنهن کي هر وقت کلندڙ گل جيان ڏسي هر ماڻهو پسند ڪندو آهي. اهڙي ئي پسند ۽ خوبصورتي شيام جي هائيڪن ۾ پڻ سمايل آهي.

ڍنڍ ڪناري ڪنگَ        ماءُ ڏنس پئي مار،

ڪاغذ تي اونڌا سنوان     پوءِ به چنبڙي ماءُ کي

ٻار لکيا پئي انگَ!        سڏڪيو پئي جو ٻار!

 

گليءَ گليءَ ۾ شور        وسيو اَسر کان مينهن

اونهاري جون موڪلون     کڏ تي کينهون ٻار جو

ٻار لغڙ ۽ ڏور!             پُسيو سڄوئي ڏينهن!

مٿين هائيڪن ۾ ٻار يا ٻارن سان ٿيندڙ ڪيفيتون ۽ ٻارن جون خوبصورت ادائون، شرارتون ۽ خوشيون سمايل آهن، پر اهم ڳالهه ته هن منظر ۽ تصوير کي هٿئون ڪين ڇڏيو آهي. اها سندس جي خاصيت ئي جديد سنڌي شاعرن ۽ خاص طور تي هائيڪو جي شاعرن ۾ نمايان آهي. نارايڻ شيام جي هنن هائيڪن يا ان کان علاوه ٻين سڀني هائيڪن ۾ ٻولي تمام سولي ۽ لهجو نرالو ملي ٿو. ڪٿي ڪٿي ڪي لفظ ڏکيا استعمال ٿيل آهن، نه ته باقي سڀني هائيڪن ۾ عام مروج ٻولي استعمال ڪئي آهي. سحر امداد حسيني شيام جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ بابت لکي ٿي ته:

”شيام جي ٻوليءَ تي عبور، بيان جو ڪلاتمڪ انداز/ڍنگ، لفظن ۾ سمايل گهري تخليقي معنويت، پابند شاعري ۽ خاص ڪري غزلن ۾ رديف ۽ قافئي جو تخليقي استعمال، جذبي ۽ خيال جي گهرائي، نواڻ ۽ بيساختگي سندس شاعريءَ جا گڻ آهن.“(4)

شيام جي هائيڪن ۾ نه صرف فطرت، پکين ۽ ٻارن جا عڪس آيل آهن بلڪه سندس هائيڪن ۾ ڪافي مقامي ماحول ۽ رنگ رڱيل آهي. ان سان گڏ زندگيءَ جا انيڪ موضوع، سونهن، تاثر سان ڀريل حسناڪي پڻ سمايل آهي. جنهن ۾ منظر، تصويرون ۽ عڪس صاف پاڻيءَ جيان جرڪي رهيا آهن. ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ شيام پنهنجي زندگيءَ جون انيڪ دلڪش رچنائون رچيون آهن. سندس هائيڪن ۾ جيون ڪٿا بيان ٿيل آهي پر هائيڪي جو اصول جيڪو ان تي فرض آهي يعني منظر کي بيان ڪرڻو ئي ڪرڻو آهي پوءِ فطرتي هجي يا پنهنجي زندگيءَ سان سلهاڙيل. جيئن:

ڏيئي کٽ کي ٻانهن،     ساز رکيل ڀت ساڻ

کٽ تي ليٽي پئي تڪيي بند اکيون چپ ڳائڻو

رات ستارن ڏانهن          راڳن ساڻ رهاڻ

 

ڊٺل ڦٽل ديوار؛            ريڊيو سنڌي راڳ

وچ ۾ بيٺل پپر وٽ چاءِ پيالي چپن تي

واٽهڙو ٽي چار!            نيڻين ننڊ نه جاڳ!

کنيو ويا پئي سَرُ؛          ڪانون جي ڪان ڪان

هاري گهر ڏي پئي ويو    نوريئڙو چچري وئي

ڏئي ٻنيءَ کي هر!         موٽر تيزيءَ سان!

 

        مٿيان هائيڪا عام ۽ رواجي واقعن تي آڌاريل آهن جن ۾ عڪسيت جون گهڻي تعداد ۾ جهلڪيون سمايون آهن. شيام جا ٻيا به کوڙ هائيڪو آهن جن ۾ منظر پنهنجو پاڻ ڏيک ڏيئي ٿو، ڪن هائيڪن ۾ ته رڳو هڪڙي سٽ ئي منظر کي واضح ڪري ٿي، جيئن؛ ”ٽپڪي روشن لار“،” ڪومل باکن ۾ بکي“،” ڇڻي نمن ٻور“،”ماٺو آهي واءُ“،”ڇڻڪن مينهن جا چڙا“،” سينور چڙهيل تلاءُ“،” اچي سِرِنهن جو واس“،”پڪ ۾ چمڪيو سج پئي“،”گل پوپٽ جي پريت“،”پيلي ڦول ڪنير مان، نڪتي ماکيءَ مک“، ”نم ورائي ٻانهن“ وغيره عڪسيت سان ڀرپور آهن.

          آخر ۾ نارايڻ جي ان هائيڪي جو ذڪر ڪجي ٿو، جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ کي ننڍڙي رات سان تشبيهه ڏني آهي. هُو شايد زندگيءَ کي ڪنهن اهڙي موڙ تي وٺي وڃي رهيو هو جو زندگي ننڍڙي رات جيان لڳڻ لڳي هئس. سندس هائيڪو آهي ته:

ڪيڏي ننڍڙي رات!

باقي آهي گهڻي رهي

منهنجي شيام، حيات؟(5)

حوالا:

1.       سنڌي ادب جي تاريخ (ڀاڱو ٻيو)_ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ص:556، 2005ع سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

2.      شخصيت ۽ شاعري (نارايڻ شيام) سمپادن: هري همٿاڻي، ص:84، ڇاپو پهريون 2015ع اجنتا پبليڪيشن

3.      شيخ اياز جو هائيڪو (هڪ اڀياس)، حميد سبزوئي 2000ع، پيس ڪمپوزرس، خيرپور

4.      شعور شاعر شاعري_سحر امداد، ص:80، ڇاپو پهريون، جولاءِ 2008ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

5.      نکريو آهي نينهن_ نارايڻ شيام (سڀ هائيڪا هن ڪتاب مان کنيل آهن).

خضر خان وگهيو

 

 

 

 

 

ايمان ۽ نيڪ عمل

 

ايمان جي دولت نصيب ٿيڻ کان پوءِ انسان جي مٿان ٻه ذميواريون لاڳو ٿي وينديون آهن، هڪ ته انسان جو تعلق پنهنجي خالق (اللهج) سان ايترو  سچو هجي جو هن جو هر ڪم ۽ عمل فقط اللهج جي لاءِ ئي هجي. نماز، روزو، زڪوات يا حج وغيره جيڪڏهن انهن عملن ۾ سچائي هوندي ته پوءِ اُهي صالح ٿي ويندا، ۽ جيڪو ماڻهو الله رب العالمين جي رضا لاءِ صالح عمل ڪندو آهي، ته اهو نيڪ آهي. الله تعاليٰج جو فرمان آهي: ”بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ عمل صالح ڪيا اٿائون، ستت ئي رحمان انهن لاءِ دلين ۾ محبت پيدا ڪندو.“ (سورة مريم، آيت: 96)

فقط هن دنيا جي زندگيءَ ۾ انهن کي کي اللهج جي محبت ۽ محبوبيت جو مقام نصيب ٿيندو، پر الله تعاليٰ پنهنجي مخلوقات جي دلين ۾ به ان بندي لاءِ محبت پيدا ڪرڻ فرمائيندو. ڪنهن لاءِ هن دنيا ۾ هن کان وڏي نعمت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ته هن جي دل کي الله رب العزت جي محبت ۽ تعلق جي دولت نصيب ٿي وڃي ۽ الله تعاليٰ ان کي پنهنجي محبت لاءِ چونڊي ۽ عام مخلوقات جي دلين ۾ به ان جي محبت ۽ مقبوليت پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن نفساني خواهشن ۽ براين سان دلچسپي رکڻ وارو انسان پنهنجي پاڻ مان انسانيت کي ختم ڪري، حيوان ٿي ويندو آهي، ان جي لاءِ دنيا جون وڏيون نعمتون صرف سون، پئسا، بئنڪ بئلنس، وڏيون عمارتون، عاليشان بنگلا، طرح طرح جا طعام ۽ عمدا ڪپڙا ۽ وڏي قيمت واريون گاڏيون هونديون، پر جيڪو واقعي مومن آهي، ان جي اڳيان انهن شين جي ڪابه حيثيت ۽ قيمت ناهي، ان لاءِ ته سڀ کان وڏي دولت الله رب العزت جي محبت آهي.

اسان دنيا ۾ تمام وڏا نالي وارا انسان ٻڌا آهن جن کي دنيا وارا محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪندا آهن ۽ تاريخ، اهڙين شخصيتن جي نالن سان ڀري پئي آهي، جن جو نالو ٻڌڻ سان انسان جي دل ۾ محبت ۽ احترام جي ڪيفيت ازخود پيدا ٿي ويندي آهي. آخر اهو ڪهڙو عمل يا فعل آهي، جنهن جي ڪرڻ سان اهي شخصيتون اڄ به وڏي مانَ، مرتبي ۽ عزت جو مرڪز بڻيل آهن.

قرآن ڪريم ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو:
”جيڪو شخص به نيڪ عمل ڪندو، مرد هجي يا عورت، پر هجي سو مومن، ان کي اسان دنيا ۾ پاڪ زندگي بسر ڪرائينداسون ۽ (آخرت ۾) اهڙن ماڻهن کي سندن اجر انهن سهڻن عملن مطابق عطا ڪنداسون.“ (سورة النحل، آيت 97) هن آيت ۾ عمل صالح واري زندگيءَ تي سٺي عمل ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي. ان جو تعلق هن دنيا سان آهي ۽ اهو الله تعاليٰ رب العزت جي محبت، محبوبيت ۽ الله تعاليٰ جي مخلوق ۾ مقبوليت جي اهائي زندگي آهي جيڪا الله وارن کي حاصل ٿيندي آهي ۽ ڪائنات جا راز اهي ئي ڄاڻندا آهن جيڪي محبت جي واريءَ ۾ پير رکندا آهن.

اڄڪلهه ماڻهو دنيا جي عارضي ۽ ختم ٿيندڙ زندگيءَ تي ڀروسو ڪري ويٺا آهن. دنيا جي زندگي انهن کي ڌوکي ۾ رکيو آهي، پر الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ وضاحت ڪري ڇڏي آهي ته دنيا جي زندگيءَ کان آخرت جي زندگي تمام ڀلي آهي. قرآن ڪريم ۾ الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته: ”پر توهان ماڻهو دنيا جي زندگيءَ کي وڌيڪ سمجهو ٿا، حالانڪ آخرت وڌيڪ ڀلي آهي ۽ باقي رهڻ واري آهي.“

(سورة الاعليٰ، آيت 16-17)

حضرت شفيق بلخي رحه تمام وڏو ولي الله ٿي گذريو آهي، ان جو هڪ شاگرد حضرت حاتم اصمه رحه به تمام وڏو الله جو ولي ٿي گذريو آهي. هڪ ڏينهن استاد، شاگرد کان پڇيو ته: توهان ڪيترو وقت مون وٽ رهيا آهيو؟ جنهن تي هن چيو: سائين ڪيترن سالن کان اوهان وٽ رهيو  پيو آهيان. حضرت شفيق بلخيرحه جن فرمايو ته ايتري وقت ۾ تو مون کان ڇا سکيو آهي؟ شاگرد حضرت حاتم اصمهرحه جواب ڏنو: سائين اَٺ (8) ڳالهيون سکيون آهن. انهن فرمايو: اِنالله واِنا اليہ راجعون. ايتري گهڻي وقت ۾ صرف 8 ڳالهيون سکيو آهين، اهو ته اوهان منهنجو ۽ پنهنجو وقت ضايع ڪيو آهي. حضرت حاتم اصمه رحه جن فرمايو: استاد محترم مان ڪوڙ ڪونه ٿو ڳالهايان، ان کان وڌيڪ مون ڪجهه به ڪونه سکيو آهي، انهن چيو ته ٺيڪ آهي ته پوءِ  ٻڌايو ڪهڙيون اَٺ ڳالهيون سکيا آهيو؟ حضرت حاتم اصمه رحه جن فرمايو:

(1) مون خدا جي مخلوق کي ڏٺو ته مون کي معلوم ٿيو ته هرهڪ ماڻهو جو هڪ محبوب آهي، جنهن سان هو محبت ڪري ٿو ۽ اهو محبوب مرڻ تائين ان سان گڏ رهندو آهي، قبر ۾ وڃڻ کانپوءِ ان کان جدا ٿي ويندو آهي. مون توهان کان هتي اهو سکيو آهي ته محبوب صرف اهڙي شئي کي چونڊڻ گهرجي، جنهن جي وفا دنيا تائين محدود نه هجي مگر غير محدود هجي. جنهن شيءِ جي وفا غير محدود آهي، اها نيڪي ۽ عمل صالح آهن. مون سڀني محبوبن کي ڇڏي صرف هڪ محبوب ڪيو آهي ۽ اهو آهي سٺو عمل. قرآن شريف جي هيءَ آيت ان جو دليل آهي: جيڪو ماڻهو صالح عملن واري زندگي گذاري، پوءِ اهو مرد هجي يا عورت ۽ اهو ايمان وارو به هجي ته اسان ضرور ان کي حياتِ طيبه ڏينداسين ۽ قيامت ۾ سٺن اعمالن جو تمام ڀلو بدلو ڏينداسين، حضرت شفيق بلخي رحه جن فرمايو، تمام سٺو ۽ ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون آهن؟ وري شاگرد حضرت حاتم اصم رحه جن فرمايو:

(2) ڳالهه هيءَ آهي ته مون ماڻهن کي ڏٺو ته اهي جنت جي خواهش رکن ٿا ۽ جنت وارا عمل نه ٿا ڪن، نفس ۽ خواهش جا پوئلڳ آهن، مون توهان کان هيءَ سکيو، جنهن جي دل ۾ الله جو خوف آهي ۽ نفس جي خواهشن کان پاڻ کي پري رکي ٿو، اهو جنتي آهي، ته مون نفس جي خواهشن کي ڇڏي ڏيڻ جو پڪو ارادو ڪيو، ته هاڻي منهنجو نفس خواهشن جي قبضي ۾ ڪونه آهي، پر الله جي حڪم ۾ آهي، ان لاءِ قرآن ڪريم جي هيءَ آيت دليل آهي: ”۽ جيڪو پنهنجي رب جي آڏو بيهڻ کان ڊنو هو ۽ نفس کي بڇڙين خواهشن کان جهلي ڇڏيو هئائين، ته جنت ان جي جاءِ هوندي.“ (سورة النازعات، آيت 40-41)

(3) مون هن جهان ۾ ڏٺو، جيڪا به شئي آهي، اها فنا (ختم) ٿيڻ واري آهي ۽ ماڻهو فاني (ختم ٿيڻ) وارين شين سان محبت ڪن ٿا.

ڏک به برداشت ڪن ٿا، تڪليفون ڏسي پئسا ۽ حال جمع ڪن ٿا، ۽ ان جي حفاظت پڻ ڪن ٿا، پوءِ  اهي شيون ڇڏي هليا وڃن ٿا، معنيٰ مري وڃن ٿا. مون کي جيڪا شئي ملي، اها مون پنهنجي پروردگار جي لاءِ ڇڏي ڏني، ڇو ته الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته: ”جيڪي شيون توهان وٽ آهن، اهي فاني آهن ۽ جيڪي الله وٽ آهن، اهي باقي آهن“ ته مون فاني ٿيندڙ شين کان نفرت ڪئي ۽ هميشه رهندڙ شين سان محبت ڪئي آهي.

(4) مون ماڻهن کي ڏٺو ته هرهڪ ماڻهو جو توجهه حسب، نسب ۽ شرافت جو خوف آهي، ڪو خاندان تي فخر ڪري ٿو، ڪير وري قبيلي ۽ قوم تي ناز ڪري وري زبان ۽ رنگ نسل تي فخر ڪري ٿو ته ڪو وري وطن، دولت تي. مون هتي هيءُ سکيو ۽ پڙهيو ته اهي ڳالهيون عزت ۽ فخر جي قابل ناهن، ڇو ته عزت ۽ فخر جون ڳالهيون تقويٰ (پرهيزگاري) تي منحصر آهن، جيڪو جيترو پرهيزگار هوندو، اهو اوترو گهڻو عزت وارو هوندو. مون ان تي عمل ڪندي ٻين شين کي ڇڏي ڏنو ۽ هاڻي پرهيزگاري اختيار ڪئي آهي ته جيئن پنهنجي رب پاڪ جي اڳيان عزت وارو ٿي وڃان.

(5) مون خلقِ خدا کي ڏٺو ته اهي هڪ ٻئي سان نفرت ڪن ٿا، هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا، گِلا غيبت ڪن ٿا، ڪير ڪنهن کي برداشت نه ٿو ڪري، سڀني جون دليون حسد سان ڀريون پيون آهن، ته مون الله رب العزت جو هيءُ فرمان پڙهيو: ”ڇا اهي تنهنجي رب جي رحمت ورهائيندا آهن؟ دنيا جي زندگيءَ ۾ سندن گذران جا وسيلا ته منجهن اسان ورهايا آهن ۽ منجهانئن هڪڙن کي ٻين کان تمام گهڻو مٿانهون ڪيو آهي ته جيئن هڪ ٻئي کان ڪم وٺندا رهن ۽ تنهنجي رب جي رحمت (نبوت) ته انهيءَ دولت کان وڌيڪ ڀلي هي جيڪا (سندن وڏا ماڻهو) گڏ ڪندا ٿا رهن.“ (سورة الزخرف، آيت 32) ته هي سمجهڻ گهرجي ته ورهاست الله پاڪ جي قبضي ۽ قدرت ۾ آهي. الله تعاليٰ جي ورهاست تي ناراض ٿيڻ، الله پاڪ جي معاملن ۾ مداخلت ۽ ان تي اعتراض ڪرڻ جي برابر آهي. الله تعاليٰ جي ورهاست تي ناراض ٿيڻ خود خدا تي ناراض ٿيڻ آهي. ان لاءِ مون حسد جي بيمارين کي دل مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ خلقِ خدا سان حسد ۽ نفرت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي منهنجي دل ۾ پنهنجي مسلمان ڀائرن لاءِ محبت آهي.

(6) مون ماڻهن کي ڏٺو ته هُو پاڻ ۾ جهيڙا ۽ لڙائي ڪن ٿا، دشمني ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي جو خون ۽ رت وهائن ٿا، مون حضرت شفيق بلخيرحه کان پڇيو ته اسان جو دشمن ڪير آهي جيڪو اسان کي پاڻ ۾ ويڙهائي ٿو؟ ان تي حضرت جن فرمايو: ”حقيقت ۾ شيطان توهان جو دشمن آهي تنهنڪري ان کي دشمن ڪري سمجهو. هو ته پنهنجي پوئلڳن کي پنهنجيءَ واٽ ڏانهن انڪري پيو سڏي ته جيئن اهي دوزخنين ۾ شامل ٿي وڃن.“ (سورة الفاطر، آيت 5) ته مون هاڻي انسانن سان دشمنيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ شيطان کي پنهنجو دشمن ڄاڻان ٿو، هاڻي شيطان کان سواءِ منهنجو ڪير به دشمن ناهي.

(7) مون ماڻهن کي ڏٺو ته مانيءَ جي ڳڀي روزي جي تلاش لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۾ لڳا پيا آهن ۽ پنهنجي نفس کي ذليل ۽ خوار ڪن ٿا ۽ اهو ڪم ڪري ويندا آهن، جيڪو انهن لاءِ جائز ۽ مناسب نه هوندو آهي. مون حضرت بلخيرحه کان پڇيو ته جڏهن الله پاڪ پنهنجي مخلوق پيدا ڪئي، ته ان پنهنجي مخلوق جي رزق جو ذمو نه کنيو آهي ڇا؟ انهن ٻڌايو ته الله پاڪ جيتري به دنيا ۾ مخلوقات پيدا ڪئي آهي، سڀني جي رزق جو بندوبست پاڻ ڪيو آهي ۽ ان لاءِ قرآن ڪريم جو دليل هيءُ آهي: ”زمين ۾ هلندڙ چلندڙ ڪوبه ساهوارو اهڙو نه آهي جنهن جي رزق جو ذمو الله تعاليٰ تي نه هجي ۽ جنهن بابت هُو نه ڄاڻندو هجي ته اهو رهي ڪٿي ٿو ۽ ڪٿي ٿو سانڀيو وڃي سڀ ڪجهه هڪڙي نهايت چٽي ڪتاب ۾ لکيل آهي.“
 (سورة هود، آيت 6) ته مون به يقين ڪري  ڇڏيو ته مان به هڪ حيوانات مان آهيان، جنهن جي رزق جو ذمو الله پاڪ خود کنيو آهي، مون هاڻي رزق جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي ۽ الله پاڪ جي ياد ۽ حقوق ادا ڪرڻ ۾ لڳي ويو آهيان.

(8) مون مخلوق خدا کي ڏٺو ته انهن مان هرهڪ ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ۾ اعتماد ۽ ڀروسو ڪري ويٺو آهي، ڪير نوڪري ۽ ملازمت ۾، ته ڪير وري ڪاروبار ۽ واپار ۾، ۽ ڪير وري مال، دولت ۾، ليڪن هرڪو فنا ٿيندڙ شين تي اعتماد ڪري ويٺو آهي. مون هتي اوهان وٽ اِهو سکيو آهي ته اعتماد جي قابل صرف ۽ صرف هڪ ذات آهي ۽ اُها خالقِ ڪائنات آهي ۽ ان تي قرآن پاڪ جو دليل آهي ته: ”۽ کيس اتان رزق ڏيندو جتن سندس گمان به نه ويندو هوندو. جيڪو الله تي ڀروسو ڪري رهندو آهي. الله هر شيءِ لاءِ هڪ تقدير (اندازو) مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

(سورة الطلاق، آيت 3)

حضرت شفيق بلخيرح پنهنجي شاگرد کان هيءُ ڳالهيون ٻڌيون ۽ چوڻ لڳا ته: اهي سڀ ڳالهيون قرآن پاڪ جو نچوڙ آهن، بس جنهن انهن ڳالهين تي عمل ڪيو، ته ٻنهي جهانن ۾ ڪامياب ٿي ويو.

هاڻي اسان ۽ توهان پنهنجو پاڻ کان امتحان وٺون. جانچ ڪري ڏسون، مال، دولت ۽ دنيوي مصروفيتن ۾ آخرت پري ٿئي ٿي يا نه؟ جيڪڏهن پري ٿئي ٿي ته هن دنيا جي لغزشن کان بچڻ گهرجي، جيڪڏهن پري نه ٿينداسين ته اهو حال آهي، جيئن شيخ شيرازي فرمائين ٿا ته: جيڪڏهن مال، دولت ۽ واپار جون مشغوليون آهن ۽ دل خدا جي طرف آهي ته به دنيا کان لاطمع آهي، پر پوءِ به دنيا کي دل مان ڪڍي ڇڏيو. هڪ سٺو مثال هيءُ آهي ته پاڻي جيڪڏهن ٻيڙيءَ جي هيٺان هجي ته ان جي هلڻ جو سبب آهي، ۽ جيڪڏهن اهو نه هجي ته ٻيڙي هلي نه سگهندي ۽ جيڪر ٻيڙيءَ جي اندر (پاڻي) پهچي وڃي ته ٻيڙي ٻڏي ويندي. مال جو مثال پاڻي وانگر آهي، جيڪڏهن دل کان ٻاهر آهي ته دين ۾ مددگاري ۽ رهنمائي آهي ۽ جيڪڏهن دل ۾ داخل ٿي وڃي ته  هلاڪت جو سبب آهي.

سلطانه جمالي

علام غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو 18 ڪتاب

 

سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ اڻڳڻيا علمي مضمون لکيا آهن، انهن ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي لکيل مضمونن کي هڪ نمايان حيثيت حاصل آهي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي ڪيترن ئي شاهڪار علمي مضمونن مان ڪجهه مضمون علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر قاضي خادم سهيڙي ”چونڊ علمي مضمون“ جي عنوان سان ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جا اسلامي، ادبي، تاريخي مضمونن سان گڏ سنڌ جي مشهور شخصيتن ۽ سندن علمي ڪاوشن بابت ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون شامل آهن.

هن ڪتاب ۾ ڪل 23 مضمون ۽ صفحا 231 آهن جڏهن ته پيش لفظ ڊاڪٽر قاضي خادم لکيو آهي.

هن ڪتاب کي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئرجي 18 ڪتاب هجڻ جو اعزاز حاصل آهي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيل مضمون ڪجهه ’مقالات قاسمي‘ ۽ علامه قاسمي صاحب جي زير نگراني ۾ نڪرندڙ ’الرحيم‘ ۽ ’الولي‘ رسالن، ’مهراڻ‘، ’نئين زندگي‘، ’شريعت‘ ۽ ريڊيو پاڪستان تان سندس ڪيل تقريرن کي سهيڙي شايع ڪيا ويا آهن.

علامه غلامه مصطفيٰ قاسمي صاحب جو پنهنجو هڪ لکڻ جو انداز ۽ اسلوب آهي. هنن علمي مضمونن کي پڙهي نه صرف ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو وڌيڪ اتساهه پيدا ٿئي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ علم جي سمنڊ جي گهرائي طرف هليو وڃجي ٿو. هي ڪتاب غلام غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو علامه دائودپوٽي جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”ديني تعليم ۾ جڏهن سنڌ سون سالن کان گهڻو سربلند رهي، تنهنڪري جيد عالمن ۽ فاضلن کان خالي نه رهي آهي، دنيوي تعليم لاءِ ڪن سڄڻن اک پٽي. خان بهادر حسن علي آفندي، غلام محمد ڀرڳڙي ۽ الهندي شاهه جهڙا سنڌي هڏ ڏوکي مسلمان پيدا ٿيا، جن جي اڻ ٿڪ محنتن ايثار ڪري نوان مدرسا کليا ۽ مسلمانن دنيوي تعليم ۾ چڱو چاهه ورتو. هنن نون مدرسن ۽ نئين تعليم جي برڪت سان ڪيئي گوهر پيدا ٿيا، پر ڪو اهڙو عالم پيدا نه ٿيو هو جيڪو هڪ ئي وقت انگريزيءَ سان گڏوگڏ عربي، پارسي ۽ سنڌي چئن ٻولين جو لاثاني اديب هجي ۽ ديني ۽ دنيوي عالمن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون نه هجڻ ڪري جيڪا وڇوٽي ۽ حد فاصل برپا ٿي جيڪي هئي، تنهن کي ٽوڙي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي. قدرت طرفان اها سعادت سنڌ جي هڪ غريب خاندان کي عطا ٿيڻي هئي سو اسباب چڙهندا رهيا، ٽلٽي جو هڪ ڳوٺاڻو ڇوڪر عمر بن محمد اسڪول لاءِ ويهاريو ويو ۽ ساڳئي وقت گهريلي نيڪ ماحول ڪري کيس نيڪ دل ۽ خدا رسيده بزرگن جي صبحت به نصيب ٿيندي، جنهن جو نتيجو اهو ڳوٺاڻو ڇوڪرو ٿوري وقت ۾ ”علامه دائود پوٽي“ جي لقب سان سڏجڻ لڳو ۽ سنڌ جو اهو پهريون سپوت آهي، جنهن پي ايڇ.ڊي ڪري ٻين سنڌين ۾ علمي ترقي جو روح ڦوڪيو.“

شاهه جي شاعريءَ جي سرچشما مضمون ۾ علامه صاحب لکن ٿا ته: ”اسان جو شاعرن جو شاهه، دنيا جي انهن چونڊ عالمي شاعرن مان هڪ آهي جيڪو نهايت بلند تخيل جو مالڪ ۽ بادشاهه آهي. جيڪڏهن سندس شعر کي هن سرچشمي جي ڪسوٽيءَ تي پرکبو ته ورلي ڪنهن ٻئي شاعر جي ڪلام، شاهه جي شعر جي تخيل جي بلنديءَ ۾ ڪر ساهي سگهندو. سهڻي پرين جي وصال لاءِ درياهه ۾ گهڙڻ گهري ٿي، ان وقت درياهه ۾ وهه تِک ۽ ڪنن جي ڪڙڪن جي ڇا ڪيفيت هوندي آهي، ان جو نقشو اسان جو شاهه هن طرح چٽي رهيو آهي.

دهشت ڌوم درياهه ۾، جت جايون جانارَنِ،

نڪو سنڌو سِر جو، مَپ نه ملاحَن،

درندا درياهه ۾، واڪا ڪيو وَرنِ،

سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هلئا هيٺ وَڃَن،

پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،

ڪوجو قهر ڪُنن ۾، وئا ڪين ورن،

اُتي اڻ تارُن، ساهڙ! سير لنگهيائين.

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جا نه صرف شاهه لطيف جي شاعريءَ بابت علمي مضمون آهن، پر ان سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي توڙي سنڌي ادب جي اهم شخصيتن جا مضمون پڻ شامل آهن جهڙوڪ الهه بچايو يار محمد سمون، جنهن جو ڪتاب سير ڪوهستان، وڏي اهميت رکي ٿو.

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي پنهنجي هنن علمي مضمونن ۾ شاعرن ۽ نعتيه سلسلي ۾ لکيل ڪتابن جو نه صرف ذڪر ڪيو آهي، بلڪ ان سان گڏوگڏ مختلف شاعرن جون نعتيه سٽون ۽ سمجهاڻيون ڏئي هڪ لحاظ سان تاريخ کي آسان ڪري ڇڏيو.

علامه قاسمي نعتيه ڪلام بابت لکي ٿو  ته: ”نعتيه ڪلام اصل ۾ اهڙي ڪلام جو نالو آهي، جنهن ۾ ڌڻي تعاليٰ جي حمد وثنا سان گڏ اڙين جي آڌار، ورهين جي واهر، مديني جي ميرمحمد جي فراق ۽ ڦوڙائي ۾ جهڄندي، هنجون هاريندي، سڪ ۽ سوز مان بي اختياري جي عالم ۾ کيس سڏڙا ڪجن ٿا. انهيءَ ۾ مداحون، قصيدا، ٽيهه اکريون، مولود شريف سڀ اچي وڃن ٿا.

مجموعي طور علمي مضمون علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ته پسند ڪيو ويندو، پر ادب، تاريخ ۽ اسلامي ادب ۾ ان کي وڌيڪ پذيرائي ملندي. هنن مضمونن جي لکڻ جو انداز ۽ ٻولي، هن دور جي نمائندگي ڪري ٿي. قاسمي صاحب جي تحقيق جو محور آهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل موضوع تنهنڪري هيءُ ڪتاب لائبررين لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، جتي علم ۽ ادب جا پياسا هنن مان ادبي پياسي اُجهائيندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org