سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:7 

ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو       (قسط-2)

 

 

 

ساهتيءَ جا مُلا مڪتب ڪتبمڪتب

ڊاڪٽر رفيق احمد جو تحقيقي مقالو “ساهتيءَ جا مُلا مڪتب” جنهن جي قسط-1 اسان “مهراڻ” جولاءِ- ڊسمبر 2018ع نمبر 3-4 ۾ ڏئي چڪا آهيون، هيءَ ان جي قسط-2 آهي، جا اڳين شماري سان گڏ پڙهي وڃي.   - ايڊيٽر

 

 

 

 

            مٿي ذڪر ڪيل انهن مُلا مڪتبن کان سواءِ  سنڌ ۾  ٻيا اسڪول به هئا: جيئن لوڪل بورڊ اسڪول،[1] ورنيڪيولر اسڪول،[2] اينگلو ورنيڪيولر اسڪول،[3] سرڪاري اسڪول،[4] آل انڊيا محمدن ائسوسئيشن جا اسڪول،[5] سنڌ محمدن ائسو سئيشن جا اسڪول،[6] هندو سيٺين طرفان اڏيل اسڪول،[7] مشنري اسڪول،[8] ۽ اسلامي تنظيمن پاران قائم ڪيل اسڪول[9] به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندا هئا.

            جيئن ته مُلا اسڪول جي استادن جو ڪو به لڳاتار پگهار نه هو، رڳو کين ٻارن جي داخلا، انسپيڪٽر جي رپورٽ ۽ شاگردن جي ڪاميابي تي سالياني امداد (Grant) ملندي هئي پر ڪن خاص حالتن ۾ هن گرانٽ کي ڇماهي به ڪيو ويندو هو، جي وري ڪنهن مڪتب ۾ ٻار گهڻا هوندا هئا ته اتي وري وڏي مُلا کي “نائب مُلا” رکڻ جي به اجازت هوندي هئي پران لاءِ هو “ملا ڪوڊ” پٽاندر ضلعي جي انسپيڪٽر آف مُلا اسڪولس کي عريضي ڏئي منظوري ضرور وٺندو هو.

*         ساهتيءَ ۾ مُلا مڪتب:

            ساهتي جي حد موجودھ ضلعو نوشهرو فيروز ئي آهي، ڪجهه محقق دولتپور کان وٺي هنگورجا تائين “ساهتي” کي ڳڻين ٿا. ساهتيہ معنى علم ادب، يعني علم ادب وارو خطو، ڪن عالمن “سهتا” قبيلي جي ماڻهن ڪري هن کي “ساهتي” چيو آهي پر اسان جي خيال ۾ هي علائقو علم ادب جي ڪري ساهتي سڏجڻ ۾ آيو آهي، جڏهن ته سهتا قبيلي جا ماڻهون به ساهتيہ جي ڪري ئي پهريان ساهتِيا پوءِ ساهِتا ۽ بعد ۾ سَهتا ڪوٺجڻ ۾ آيا. مُلا مڪتبن جي ابتداءِ  جا  سن 1916ع کان ٿي، سا پڻ  ساهتيءَ کان ئي ڪئي وئي[10]  ۽ انگريز سرڪار ابتدائي طور ضلع نواب شاھ، جو تازو ئي سن 1912ع  ۾  وجود ۾ آيو هو، کي چونڊيو، اهو هن ڪري  ته جيڪڏهن هتي ڪاميابي ملي ٿي ۽ نتيجو سٺو اچي ٿو ته پوءِ  هن رٿا کي سڄي سنڌ تائين ڪشادو ڪري سگهجي ٿو ، سو  جڏهن کين اميدن کان وڌيڪ  ڪاميابي  ملي ته، هنن سڄي سنڌ ۾ ملا مڪتب  واري  نظام کي لاڳو ڪري ڇڏيو.

            جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته، ملا مڪتب وارو هي تعليمي نظام شروع ئي ساهتيءَ کان ڪيو ويو هو، تنهنڪري هتي مسجد جي حُجرن ۽ مدرسن ۾ اڳم ئي جاري تعليم کي مڪتب ۾ تبديل ڪري هلايو ويو ۽ ان وقت گهڻي کان گهڻا مڪتب به هن ئي پرڳڻي ۾ هئا.

            هت اسين ساهتي پرڳڻي (ضلعي نوابشاه) جي اهڙن اسڪولن جي فهرست جو عڪس ڏئي رهيا آهيون، جنهن مان ملا اسڪولن، ملا استادن ۽ کين مليل امداد (Grant) جي سُڌ پوي ٿي:[11]

 

·         ساهتيءَ جا مُلا استاد:

            ساهتي پرڳڻي جي  مُلا استادن مان هت اسان پڙهندڙن لاءِ ڪن ٿورن  بزرگن جو  مختصر تذڪرو ڪري رهيا آهيون:

آخوند عبدالرؤف مڱريو:

            مٿي ڄاڻايل فهرست جي عڪس ۾ جريان نمبر- 5 تي آيل شخص  ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ  “بازيدپور” جو رهاڪو آهي، سندس ولادت جي صحيح سن بابت ڄاڻ نٿي پوي البت ايتري سا خبر پوي ٿي ته، پاڻ 19 صدي جي سٺ واري  ڏهاڪي ۾ ڄائو هوندو.

            آخوند صاحب وڏو قابل،پڙهيل لکيل، عقل جو اڪابر، داناءُ ۽ بي حد دلير هو.[12] پاڻ سماج سڌارڪ، ڳوٺ جو معلم ۽ بازيدپور ۾ ملا مڪتب جو باني استاد آهي. ڳوٺ وارن جي سڌاري ۽ تعليم لاءِ وڏو فڪر هوندو هئس، سندس ئي ڪوششن سان پنهنجي فرزند سعدالله سميت ڳوٺ جا ڪجهه ڇوڪرا سنڌ مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾ پڙهڻ ويا، سندس پٽ ته جوانيءَ ۾ ئي هالاڻو ڪري ويو باقي ٻيا جيئن غلام علي خان، حمزه علي خان ۽ حاجي گل محمد پٽ محمد رمضان پڙهي وڏين نوڪرين تي رسيا، ان کان پوءِ ٻين ماڻهن به پنهنجا ٻچا پڙهائڻ شروع ڪيا، جو اڄ “بازيدپور” جي ماڻهن جو وڏو انگ سرڪاري ملازمتن سان لاڳاپيل آهي، اهو سندس ئي ٻاريل شمع جو نتيجو آهي.[13]

            آخوند صاحب سن 1950ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ کيس بازيدپور واري قديم قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

آخوند تاج محمد مڱريو:

            تاج محمد (نالي چڱو) پٽ سائين رکيو، مٿي ذڪر ڪيل آخوند عبد الرؤف جو ناٺي ۽ نائب ملا هو، پاڻ سن 1880ع ڌاري موجوده ضلعي نوشهرو فيروز  (تڏهوڪو ضلع حيدرآباد) جي تعلقو ڪنڊيارو کان ڏکڻ طرف “بازيدپور” ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم پنهنجي سهري آخوند عبدالرؤف کان ۽ پوءِ مدرسھ هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز ۾ پڙهي “نائب ملا” مقرر ٿيو،

            آخوند صاحب کي ٽي فرزند: آخوند علي احمد، آخوند شفيع محمد  ۽ آخوند عزيز الله  کان سواءِ ٽي نياڻيون جنت، آمنہ (هن ليکڪ جي والده)  ۽  اُمراءِ زادي  ٿيون. پاڻ 16 جولاءِ سن 1957ع بروز اڱارو 77 ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪري ويو[14]

هت اسين کيس مُلا اسڪول طرفان سال 1919ع ۾ مليل سرٽيفڪيٽ جو عڪس ڏئي  رهيا آهيون:

C:\Users\Mustaqeem Mangrio\Desktop\ساهتي پرڳڻي جا ملا مڪتب (سڪين فولڊر)\scan0038.jpg


 

قاضي محمد يوسف مڱريو: 

            پير بخش جو هي فرزند سن 1900ع ڌاري  بازيدپور ۾ ڄائو، مٿي بيان هيٺ آيل ملا مڪتب جي ٻنهي استادن يعني آخوند عبد الرؤف ۽ آخوند تاج محمد (نالي چڱو) کان پوءِ پاڻ ئي ڳوٺ جي ملا مڪتب جو معلم رهيو، اڳين جڳ جا وڏڙا سندس شاگرد آهن. پاڻ انتهائي پرهيزگار، نيڪ ۽ هر وقت سندس هٿ ۾ تسبيح ۽ زبان تي ذڪر جو ورد هوندو هئس، قاضي صاحب آگسٽ  سن 1990ع ۾ گذاري ويو[15]

حاجي ميهرالدين چنڙ:

            پاڻ  ڳوٺ سومر چنڙ  (لڳ ٺاروشاھ،  تعلقو ڪنڊيارو) ۾  3 آڪٽوبر سن 1918ع  ۾ پيدا ٿيو، قران شريف ۽  ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان  استاد محمد داؤد ڀٽيءَ کان ورتائين، پاڻ سال 1938ع ۾  مُلا مڪتب ٺوڙها تعلقو مورو ۾ نائب ملا مقرر ٿيو، ان بعد درٻيلو جي ڀرسان  ڳوٺ ڪوڙو اڄڻ جي مڪتب ۾ نائب ملا رهيو آخر سن 1941ع ۾ کيس مٺياڻي جي مڪتب  ۾  ملا استاد ڪري رکيو ويو. ملازمت  دؤران سندس نوابشاھ ڀرسان ڳوٺ خانبهادر نور نبي خان، نوان جتوئي ۽ ضلعي جي ڪيترن ئي ڳوٺڻ ۾ بدليون ٿينديون رهيون آخر پنهنجي ڳوٺ سومر چنڙ ۾ آيو، جاتي وڏي محنت ۽ جفا ڪشي سان ڪم ڪيائين ۽ علائقي جي ٻارن کي علم جي زيور سان سينگاريائين، جو کين وفاقي توڙي صوبائي محڪمن ۾ ملازمتون مليون، هاڻي ته سندس گهڻا شاگرد به هن دنيا مان هليا ويا آهن، استاد ميهرالدين پاڻ کي نه رڳو پڙهڻ پڙهائڻ تائين محدود رکيو پر استاد تنظيم جي به ڀرپور اڳواڻي ڪئي، سندس ئي ان جدوجهد جو نتيجو آهي  جو سنڌ سرڪار سن 1952۾ ملا استادن کي پنهنجي ڀرتي واري تاريخ کان ريگيولر ڪيو ، سليڪشن گريڊ ڏنو ۽ رهيل تفاوت پڻ ادا ڪري ڇڏيا.

            استاد ميهرالدين چنڙ  پنهنجي ئي ڳوٺ مان سن 1978ع ۾ ملازمت تان رٽائر ڪيو ۽ اٽڪل ٽن سالن کان پوءِ 22 فيبروري سال 1981ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.[16]

            هي مُلا اسڪول/ مڪتب  جو سلسلو اٽڪل 1946ع تائين هليو، تنهن کان پوءِ جڏهن ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ته هنن مڪتبن کي بند ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪولن ۾ تبديل ڪيو ويو، جيئن ته هي اسڪول ڳوٺ جي مسجدن ڀرسان حُجرن ۾ هلندڙ هئا، تنهنڪري هاڻي سرڪار چتاءُ ڏنو ته، هنن اسڪولن کي تڏهن ئي هلائي سگهجي ٿو، جڏهن ڳوٺ وارا مسجد کان ٻاهر ڪنهن ڪشادي جاءِ تي اسڪول اڏي نه ٿا ڏين ڇو ته حجرن ۾ جڳهه سوڙهي ۽ روشني جو پورو انتظام نه هو ۽ نه وري هواءِ جي ڪا اَچ وڃ هئي،  مُلا مڪتب/ اسڪول وارو  هي سفر نئين ملڪ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پورو ٿي ويو.


[1] سن 1888ع ۾ ملڪہ برطانيہ کان سنڌ ۾ لوڪل بورڊ جي منظوري ورتي وئي، جنهن هيٺ هر زميندار کان ڍل ۾ ڏهه روپيه لوڪل فنڊ (Local cess) طور اڳاڙي ڪري هن ريت ٽن ڀاڱن ۾ ورڇيو ويندو هو:

عوامي ڪم: (Public works) ان تحت سرڪاري بنگلا جيئن ريسٽ هائوس ۽ سرڪٽ هائوس ٺهرائڻ ۾ ايندا هئا.

عوامي صحت: (Public health) اسپتالون، کوھ، نول ۽ ناليون ٺهرائبيون هيون.

عوامي هدايات: (Public instructions) هن هيٺ اسڪول ۽ مڪتب جي اڏاوت، مرمت، استادن جي مقرري، پگهار ۽ نصاب وغيره اچي ٿي ويو. ڊرام

[2] هنن اسڪولن ۾ ڪچو پهريون، پڪو پهريون ۽ ٽي سال ٻيا پڙهائي امتحان ڏياربو هو، جيتوڻيڪ هن ۾ لڳي ته پنج سال ئي ويندا هئا پر چئبو چئن درجن وارو امتحان هو. ڊرام

[3] ورنيڪيولر واري امتحان کان پوءِ مزيد ٻه سال پڙهائي فائينل ڏياربو هو، هن ۾ ورنيڪيولر وارا پنج ۽ اينگلو ورنيڪيولر وارا ٻه سال گڏي جملي ست سال کپايا ويندا هئا، هي امتحان نهايت ئي ڏکيو ۽ معياري هوندو هو،جو ڳوٺن جي شاگردن کي جاتي به ڪنهن هوشيار ۽ ماهر استادَ جو ڏس پوندو هو ته، پنهنجو لٽو ڪپڙو ۽ سفري سامان ساڻ کڻي اچي انهن ڳوٺن ۾فائينل جي تياري ڪندا هئا. اهڙا شاگرد ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ “بازيدپور” ۾ مُلا مڪتب جي استاد آخوند عبدالرؤف مڱريو ۽ نائب ملا آخوند تاج محمد (نالي چڱو) وٽ تياري ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. ڊرام

[4] جيئن ته هي اسڪول پري پري هوندا هئا، سو فائينل ڪرڻ کان پوءِ  ميٽرڪ جو امتحان ڏبو هو ۽ هي امتحان بمبئي سرڪار وٺندي هئي، جنهن جو امتحاني مرڪز پڻ بمبئي ۾هوندو هو، جو هتان جا شاگرد پاڻي وارن جهازن ذريعي اتي امتحان ڏيڻ ويندا هئا، تن مان ڪي ڪي وڃي پاس ٿيندا هئا ۽ ان وقت ميٽرڪ پاس ڪرڻ وڏي غنيمت هوندي هئي. ڊرام

[5] هي هندوستان جي مسلمانن پاران قائم ڪيل اسڪول هئا  ۽ سندن الحاق بمبئي يونيورسٽي سان هو. ڊرام

[6] سنڌ محمدن ائسوسئيشن حقيقت ۾ بمبئي ڪائونسل جي مسلمان ميمبرن جي هڪ تنظيم هئي (هن ڪائونسل ۾ هندو مکي، هندو هٽَ واڻيا، زميندار جنهن ۾ هندو مسلمان ٻئي ۽ جاگيردار شامل هئا) تن ڏٺو ته آل انڊيا محمدن ائسوسئيشن طرفان هندوستاني مسلمانن جو ڪافي فائدو پي ٿيو ته ضرورت محسوس ڪئي وئي ته، ڇو نه سنڌ ۾ به “سنڌ محمدن ايسوسئيسن” جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، ان وقت بمبئي ڪائونسل جا جي مک مسلمان ميمبر هئا تن ۾ جسٽس امير علي، خانبهادر الله آندو شاهه درٻيلائي، خانبهادر حسن علي آفندي ۽ ٻيا اڳواڻ. ياد رکڻ گهرجي ته ان وقت سنڌ ٽن يونٽن ۾ ورهايل هئي:

ڪراچي: جنهن ۾ سمنڊ ڪنارو، لاڙ پٽ سميت سڄي هيٺائين سنڌ.

حيدرآباد: جنهن ۾ ٽنڊومحمد خان، ميهڙ، هالا کان ويندي موجوده سڄو نوشهرو فيروز ضلعو.

شڪارپور: باقي رهيل سڄي سنڌ جي ايراضي شڪارپور جي حدن ۾ هوندي هئي.

            جيئن ته خانبهادر حسن علي آفندي ( سنڌجي زميندارن پاران   بمبئي ڪائونسل جو ميمبرچونڊيو ويو هو) سنڌ محمدن ايسو سئيشن کان ڪراچي لاءِ “سنڌ مدرسة الاسلام اسڪول” جي گهر ڪئي، خانبهادر الله آندو شاه  (بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو) تنهن پڻ  حيدرآباد ريجن جي ڪوٽا تحت نوشهروفيروز ۾ سن 1893ع ۾ “مدرسہ هاءِ اسڪول” ٺهرايو، اهڙي ريت شڪارپور جي ڪوٽا تي وري لاڙڪاڻي ۾ “مدرسہ هاءِ اسڪول” قائم ڪيو ويو.ڊرام

[7] هندو سيٺين پاران هونئن ته ڪيترائي اسڪول اَڏيل هوندا پر ساهتي پرڳڻي جي حوالي سان پيتامبر هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل ڪنڊيارو، هاءِ اسڪول هالاڻي، اڪيڊمي اسڪول بهلاڻي، هاءِ اسڪول ٺارو شاھ ۽ خاص ڪري ديوان ڪوڙومل پاران مٺياڻي وارو تربيتي اسڪول گهڻو مشهور آهن. ڊرام

[8] هي عيسائي ۽ پارسي مذهب سان تعلق رکندڙ اسڪول هوندا هئا، جي ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ هئا جيئن سينٽ ميري، سينٽ بوناوينچر، عيسائين لاءِ ۽ بي وي ايس ۽ ماما اسڪول وغيره پارسين لاءِ. ڊرام

[9] اسلامي تنظيمن پاران قائم ڪيل اسڪول جيئن سنڌ مسلم، مسلم، اسلاميه، تعمير نو، ملت، دارالعلوم، حمايت الاسلام ۽ اورنيٽل اسڪول/ ڪاليج وغيره. ڊرام

32  اسان جي خيال ۾ انگريزن ساهتي جي چونڊ ان ڪري ڪئي، جو سن 1853ع  ۾ جڏهن سر بارٽل فريئر سنڌي ٻولي جي خطي صورت تيار ڪرائي هئي ته، ان وقت هن علائقي جي ٻولي کي ئي “معياري لهجو”  قرار ڏنو هئس، سو هنن سمجهيو پي ته، هتان جا عالم نه رڳو عربي فارسي پر سنڌي ٻوليءَ جا به ماهر ۽ بهترين تلفظ اُچاريندڙ آهن، سو ڇونه ان خطي کان ئي هن ڪم جي ابتدا ڪجي. ڊرام

[11] ملا  اسڪول مخزن:  حيدرآباد سنڌ، ماھ جون، سال 1931ع، ج- 12، مخزن نمبر- 6، ص- 7 تا 11

[12] ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو: تاريخ بازيدپور، بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص-  103

[13] ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو: تاريخ بازيدپور، بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص-  104

[14] ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو:  تاريخ بازيدپور، بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص- 109

[15] ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو: تاريخ بازيدپور، بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص- 129

[16] هي مواد استاد ميهرالدين جي سندس هٿ اکري فائيل مان مليو، جو مونکي سندس پٽن انجنيئر شفيق احمد ۽ پروفيسر عبدالجبار  چنڙ مهيا ڪيو. ڊرام

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org