سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2019ع

باب:

صفحو:18 

نواز خان زنئور

The Last Temptation of Christ (عيسيٰ جي آخري آزمائش)

(انساني احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاهڪار ناول)

 

”هُن ٻانهن وڌائي ڏاڙهونءَ جي وڻ مان ميوو پٽيو. سندس هٿ جي تريءَ تي ڳاڙهن ياقوتن جهڙي ڏاڙهونءَ ڪَڻِ چمڪڻ لڳي. هن ڪجھه ڪڻا چٻاڙيا ته سندس خشڪ ٿي ويل ڳلي ۾ تازگي اچي وئي. مٺو رس هن جي اندر ۾ لٿو ته سندس هانءَ جھل ٿِي. هن ٻيو ڏاڙهون پٽيو. سندس ساهه سڌير ٿي پيو. هن انهيءَ هٿ کي دعا ڏني، جنهن هيءُ وڻ پوکيو هو. هن سوچيو ته ڪرم نوازي، چڱائي ۽ ٻاجھه انسان جو ٻج آهي.“

ڪنواريءَ مريم  (Virgin Mary) جو پٽ عيسيٰ (عليہ السلام) اُردن ندي جي ڪنڌيءَ کان رڻ واهي ٿيو هو. اردن نديءَ ۾ جانَ بپتسمي  (John the Baptist) جي هٿ تي بپتسما وٺندي، درياء جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ وهنجندي، هو سانده ٽي ڏينهن ساڻس ڪچهريون ڪندو رهيو. وٽس پيار هو، صرف پيار. پر جان کيس چيو ته رڳو پيار ڪافي ڪونهي، تلوار به کڻ ۽ دنيا مان غلامي، ناانصافي، ظلم ۽ گناهن جي پاڙ اکوڙي ڇڏ، ربّ ايئن ٿو چاهي، تون مسيح آهين. سندن تڪرار نه نبريو ته هُو ربّ سان ڳالهائڻ لاءِ رڻ جو راهي ٿيو. الائي ڪيترا ڏينهن هُو اردن جي رڻ ۾ اڪيلو گھمندو رهيو. تان جو ربّ کيس ڪجھه معجزا ڏيکاريا ۽ ڪجھه اهڃاڻ اماڻيا.

هاڻي هن واپسيءَ جو ارادو ڪيو. هُو رڻ جھاڳي ڪنهن وسنءُ جي ويجھو پهتو هو. کيس سانده پنڌ ڪندي ڄڻڪ صديون گذري ويون هيون. هُو بُک، اوجاڳي ۽ ٿڪاوٽ ۾ بيحال ۽ مينهن ۾ سڄو پُسيل هو. سندس سَنڌُ سَنڌُ سور ۽ ساڻائيءَ ۾ ورتل هو. هُو صفا نِستو ٿي پيو هو. ڏاڙهونءَ ڪڻا کائڻ سان سندس لڱن تي زندگي موٽي آئي هئي. هن پرانهون نظر ايندڙ ڳوٺ ڏانهن وکون وڌايون.

”پٿر، پاڻي ۽ گھر جرڪي رهيا هئا. نه، اُهي صرف جرڪي رهيا هئا، کِلي به رهيا هئا. اُڃاري ڌرتي پنهنجي اُڃ اُجھائي چڪي هئي. ڪجھه ڏينهن کان وسندڙ  مينهن ڳوٺ ۾ جهڙوڪر ٻوڏ آڻي ڇڏي هئي، جنهن ماڻهن ۽ مال متاع کي صفا لانجھو ڪري ڇڏيو هو، پر ڪڪر وسي وسي هاڻي ٽڙپکڙ ٿي رهيا هئا، نيرو نيرو آڪاس ڪجھه نظر اچڻ لڳو هو ۽ گم ٿي ويل سج، جھُڙ منجھاران جھاتيون پائي نئين سر دنيا کي سوجھري ۾ آڻي رهيو هو. عيسيٰ اٻاڻڪائي ۽ خوشيءَ جي گڏ وچڙ ڪيفيتن ۾ ڳوٺ جي اِنگڙ وِنگڙ ۽ سوڙهين گھٽين ۾ داخل ٿيو.“

گھٽيءَ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪِري ظاهر ٿي، جيڪا پنهنجي اَڀرِي ٻڪريءَ کي چارڻ لاءِ ٻنيءَ ڏانهن ڪاهي وڃي رهي هئي.

”تنهنجي هن ڳوٺ جو نالو ڇا آهي!؟“
عيسيٰ مرڪندي ڇوڪريءَ کان پڇيو.

”بيٿاني.“

”مان هتي نئون ۽ اڻڄاڻُو آهيان، رات جا چار پهر آرام ڪرڻ لاءِ ڪهڙي گھر جو ڪڙو کڙڪايان!؟“

”جنهن به گھر جو دروازو کليل ڏسين، ان ۾ گھڙي پئج!“ ڇوڪريءَ کلندي وراڻيو.

”جيڪو به کليل گھر مِلنئي، ان ۾ داخل ٿي وڃج. ان جو مطلب ته هيءُ مهربان ۽ نرم دل ماڻهن جو ڳوٺ آهي.“ عيسيٰ سوچيو.

گھٽين مان پاڻي لهي ويو هو، پر ڀرپاسي کان ان جا آندل ننڍا ننڍا پٿر گھٽين ۾ چمڪي رهيا هئا. در برسات جي ٻوڏاڻ جي ڪري ڪاراٽيل هئا ۽ بند هئا. هُو پهريون موڙ مُڙيو. هڪ ننڍو در کليل هو. هُن چانئٺ تي پير رکيا.

در جي مُهاڙ وٽ ننڍي قد، گول بت، بيضوي مهانڊي ۽ گداز چپن واري نوجوان عورت بيٺي هئي ۽ ڪڪڙين کي چوڳو ڏيئي رهي هئي. پريان اڌ انڌارڙي لانڍيءَ اندر هڪ ٻي جُواڻ جماڻ ڇوڪرِي پٽ تي ويٺي، ڪپڙي تي ڀرت ڀري به رهي هئي ته آهستڙي جھونگاري رهي هئي.

حضرت عيسيٰ (عليہ السلام) چانئٺ تي گهڙيءَ کن لاءِ بيٺو ۽ ٿوري مڃڻ جي انداز ۾ دل تي هٿ رکيائين. جنهن بعد هو عورت سان مخاطب ٿيو:

”مان هڪ مسافر آهيان. هڪ گئليلوي. بک، ٿڌ ۽ اوجاڳي جو ماريل آهيان. رهڻ لاءِ هتي ڪوئي ٿاڪ ڪونه اٿم. در کليل ڏٺم ته رهڻ لاءِ لڙي آيو آهيان. مان هڪڙو شريف ماڻهو آهيان. معاف ڪجو، رات جا چار پهر رهڻ ڏيوم.“

نوجوان مائي هن ڏانهن مُڙي ۽ مٿي کان پيرن تائين مٿس ڀرپور ۽ ٻاجھاري نظر وڌائين.

”ڀلي ڪري آيا، اندر اچو، اسان وس آهر خذمت لاءِ حاضر آهيون.“ ڪُڪڙين کي چوڳو ڏيندڙ مائي مرڪندي کيس کيڪاريو.

اُڻت ڪندڙ ڇوڪريءَ پاڻ کي ڌاڳن کان آجو ڪيو ۽ اٿي اڱڻ ۾ هلي آئي. هوءَ سنهي هئي ۽ هيڊاڻ مائل رنگت هيس. سندس وار ڳنڌيل هئا ۽ ٻه سڳيون سندس مٿي تان لڙڪِي رهيون هيون. هن جون وڏيون اکيون ڪاريون، اُجريون ۽ اُداس هيون. سندس ڳچيءَ ۾ فيروزي رنگ جو هار چمڪي رهيو هو، جنهن سندس حسناڪيءَ کي تهائين وڌائي ڇڏيو هو. هن مزمان تي نگاهه وڌي ۽ لڄاري آواز ۾ چيائين:

”اسان اڪيليون آهيون. اسان جو ڀاءُ لازارس (Lazarus)  گھر ۾ نه آهي. هُو بپتسما وٺڻ لاءِ اردن ويو آهي.“

”ڇا ٿي پيو جي پاڻ گھر ۾ اڪيليون آهيون؟ هي پاڻ کي کائي ڪونه ويندو.“ ٻي مائي چيو، ”چڱا ماڻهو! اندر اچو، هن کي ڇڏي ڏيو. هيءُ پنهنجي پاڇي کان پيئي ڊڄندي آهي. اسان توسان ڪچهري لاءِ ڳوٺاڻن کي سڏائي ٿيون وٺون، اسان جو غريباڻو گھر حاضر آهي، توسان ڪهڙي ماجرا ٿي آهي؟“

”مون کي ٿڌ، بک ۽ اوجاڳي اچي ورايو آهي.“ ايئن چوندو هُو چانئٺ ٽپي اندر آيو.

”ڳڻتي نه ڪر، ٽنهي جو افاقو ٿي ويندو.“
هوءَ ساڻس مخاطب ٿي. ”هاڻي مان توکي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته منهنجو نالو مارٿا  (
Martha) آهي ۽ هيءَ منهنجي ننڍي ڀيڻ مريم (Mary) آهي، ۽ تون!؟“

”مان نذرٿ جو عيسيٰ  (Jesus of Nazareth) آهيان.“

”هڪ چڱو ماڻهو!؟“ مارٿا ساڻس مذاق ڪندي کِلي.

”ها هڪ چڱو ماڻهو، پنهنجي چڱائين ۾ ڀلوڙ حد تائين؛ مارٿا منهنجي ڀيڻ!“ عيسيٰ نرم ۽ سڌي انداز ۾ وراڻيو.

”تون ويهه، مان تولاءِ چلهه ٻاريان ٿي، لڱ گرم ڪر ۽ آلا ڪپڙا سُڪاءِ.“

باهڙي ٻرڻ لڳي. عيسيٰ ان جي ويجھو پلٿي هڻي ويٺو. سندس منهن ٻنهي هٿن جي ترين تي هو ۽ سندس ٺونٺيون گوڏن تي رکيل هيون. هڪ ٿڌي ڏينهن تي آڳ جا شعلڙا کيس ٻاجھاري ڀيڻ جي ڀاڪر وانگر ڪوساڻ ڏيڻ لڳا. هُو هڪ ڌاريي گھر ۾ داخل ٿيو هو، جتي سندس لاءِ باهڙي ٻري رهي هئي، مانڙي پچي رهي هئي ۽ ٻه ڀيڻون سندس خذمت ۾ لڳي ويون هيون. ان ٻاجھه تي هن جون اکيون ڀرجي آيون.

مارٿا مهمان لاءِ ٻٻرن جي شراب جو پيالو ڀري آئي.

”تون اچين ڪٿان پيو!؟“

”دنيا جي ٻئي ڇيڙي کان.“ عيسيٰ ٻنهي ڀينرن تي نگاهه وڌي ۽ شراب جو پيالو هٿ ۾ کڻندي جواب ڏنو. “مارٿا ۽ مريم، منهنجون ڀينرون! توهان نوح (عليہ السلام) جي ٻوڏ بابت ضرور ٻڌو هوندو. سڀ ماڻهو گنهگار هئا ۽ سڀ ٻڏي ويا، سواءِ انهن چند سٺن ماڻهن جي جن کي نوح (عليہ السلام) پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ کنيو. جيڪر هتي هاڻي اهڙي ٻي ٻوڏ اچي وڃي ته واعدو آهي ته مان اوهان ٻنهي کي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ کڻي وٺندس. ڇو جو اڄوڪي شام اوهان مون جهڙي سادن ڪپڙن ۽ اگھاڙن پيرن واري اڻسڃاڻُو مزمان کي ڀليڪار ڪئي آهي، ان لاءِ چُلهه دکائي آهي، کيس گرم ڪيو آهي ۽ ساڻس ٻاجھارو ٻوليو آهي. مان توهان سان ملي خوش ٿيو آهيان. مان هيءُ جام توهان جي صحت لاءِ نوش ڪريان ٿو.“

مريم رڙهي هن جي ويجھي آئي ۽ سندس پيرن وٽ ويهي رهي.

”مون تنهنجو آواز صحيح ڪونه ٻڌو. اجنبي، وڌيڪ ڳالهاءِ!“

چُلهه ۾ زيتون جون ڪاٺيون ٻري رهيون هيون. مارٿا چندن جون ٻه ٽاريون پڻ ٻارڻ لاءِ وِڌيون. گھر هٻڪارجي ويو. هوءَ دسترخوان سجائڻ لڳي ۽ گھر جي اڱڻ تي موجود کوُهر مان پاڻي جو ڪوس ڀري ٻاهر ڪڍيائين.

”وڌيڪ ڳالهاءِ!“ مريم ٻيهار چيو ۽ ماٺ ڪري عيسيٰ کي ڏسڻ لڳي.

”مريم! تون مون کان ڇا ٿي ٻڌڻ چاهين!؟“ عيسيٰ وراڻيو، ”خاموشي سٺي شئي آهي. اها هر ڳالهه ٻڌائي ٿي.“

”خاموشي ڪنهن عورت کي مطمئن نه ٿي ڪري سگھي. ويچاريون غريب عورتون، انهن کي ڪنهن پيار ڀريي، مهربان ۽ ٻاجھاري لفظ جي گھرج ٿئي ٿي.“

”هن کي ڇڏي ڏي. ڪو پيار ڀريو لفظ به عورت کي مطمئن نه ٿو ڪري.“ مارٿا، جيڪا پريان بتيءَ ۾ تيل وجھي رهي هئي، تنهن مداخلت ڪئي.
”ڪو مهربان لفظ ويچارين مسڪين عورتن کي مطمئن ڪري ڪونه ٿو سگھي. هڪ عورت چاهي ٿي ته سندس مڙس جي هلڻ جو آواز سندس گھر کي لوڏي ڇڏي، هوءَ چاهي ٿي ته سندس ابهم ٻار سندس ببن کي چڳڙون ڏئي. هوءَ گھڻو ڪجھه چاهي ٿي. گئليلي جا جيسس، گھڻو ڪجھه، پر توهان مردن کي ان بابت ڪهڙي خبر!“

هن کِلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نه کِلي سگھي. هوءَ ٽيهن ورهين جي هئي ۽ اڃا توڻيِ اڻپرڻيل هئي.

ٿوري دير لاءِ سندن وچ ۾ ماٺ وڇائجي وئي. ٽنهي جون اکيون آڳ جي هلڪن شعلن ۾ وڃائجي ويون.

”نذرٿ جا جيسس! جي اوهين رڳو ايترو ئي ڄاڻي سگھو ته جڏهن ڪا عورت ويهي ٿي ۽ ڪا شئي اُڻي ٿي، تڏهن سندس ذهن ۾ ڇا ڇا هوندو آهي، ته هوند اوهان کي مٿس ڪهل اچي وڃي.“ مريم ڳالهايو.

”مان ڄاڻان ٿو. اڳئين جنم ۾ مان خود هڪ عورت هئس، مون اڻت ڪئي آهي.“ عيسيٰ مرڪندي وراڻيو.

”ان دوران تون ڇا سوچيندو هئين!؟“

”خدا بابت. ٻيو ڪجھه به نه، صرف خدا جي باري ۾. ۽ تون!؟“

مريم ڪوبه جواب نه ڏنو، پر سندس ارهه تاڻجي ويا. پرتان مارٿا سندن ڳالهيون پئي ٻڌيون ۽ ان ٿڌو ساهه ڀريو، پر چپ رهي. البت ماٺ وڌي وئي ته نيٺ هن ڳالهايو.

”بنا ڊپ جي چوان ته مريم ۽ مان، ۽ دنيا جون سڀئي اڻپرڻيل عورتون خدا جي باري ۾ ئي سوچين ٿيون. اسان کيس مڙس جيان پنهنجن گوڏن تي ويهاريون ٿيون.“

عيسيٰ (عليہ السلام) هن جي مڃتا ۾ ڪنڌ لوڏيو، پر ڪجھه به ڪونه ڪُڇيائين. سانجھاندو تيار هو. مارٿا چاهيو ٿي ته هُو تڪڙي ماني کائي وٺن، جيئن ڳوٺ جا بزرگ کين گڏ ماني کائيندي نه ڏسن، جن ڏانهن اطلاع لاءِ هوءَ پاڙي جو ڇوڪر ڊوڙائي چڪي هئي، ۽ هو ٽيئي سري اچي ماني تي ويٺا. ماني کاڄي چڪي ته مار ٿا ٿانوَ کنيا.

نياپي تي ستت ئي هڪ هڪ ڪري ٽي پيرسن سرهيال ڳوٺاڻا گھر ۾ داخل ٿيا. سڀ کان پهرين جيڪو بزرگ اندر داخل ٿيو، اهو ڳوٺ جو مذهبي مهندار ’فادر ميلچي زيڊڪ‘ هو. سندس پٺتان ئي ٻه ٻيا بزرگ اندر گھڙيا، جن مان هڪ اکين جي نور کان محروم هو. ٻنهي ڀيڻن اڳتي وڌي کين کيڪاريو. مزمان سان سندن ڪچهري ٿي، حال احوال ٿيا. هنن سوچن ئي سوچن ۾ مزمان جي تور تڪ ڪئي. هُو کين هڪ چڱو ماڻهو لڳو. گڏوگڏ هڪ غيرمعمولي ماڻهو. جنهن جي مٿان کين اڻ لَکن فرشتن جي ڇانوَ ڏسڻ ۾ آئي. اهڙي جھلڪ هنن ڀينرن پڻ محسوس ڪئي.

ڳوٺ جون پوڙهيون پڪيون توڙي جوانڙيون پڻ ٺهي ٺُڪي هار سينگار ڪري هن نئين مزمان کي ڏسڻ لاءِ آيون. هُو سندن اکين کي آئڙيو. ماين هڪٻئي سان سُس پُس شروع ڪئي:

”وصف سٺا اٿس. غريب ٿو لڳي، پر سهڻو آهي. دل ۾ جاءِ جوڙيندڙ.“ هڪ ڄڻيءَ ٻيءَ کي چيو.

”تو هُن جون اکيون ڪونه ڏٺيون!؟ اهڙيون سهڻيون ۽ پياريون اکيون مون ڪڏهن به نه ڏٺيون آهن، منهنجي سندي مڙس جي اکين کان به پياريون، جيڪو مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي ٿو.“ ٻي ڄڻيءَ سرگوشيءَ ۾ جواب ڏنو.

”هڪ تِکو جھنگلي. دل چئي ٿي، کيس کڻي جھنگ ۾ ڀڄي وڃان ۽ ساڻس گڏ گھاريان.“
ٽينءَ مائي آهستي ڀڻڪي.

”تو مارٿا کي ڪونه ڏٺو ڇا؟ هوءَ ڪيئن نه کيس کائي وڃڻ وارين اکين سان تڪي رهي هئي. لڳي ٿو سندس اڄوڪي رات جوش ۽ جنون ۾ گذرندي.“ اڃا هڪ ٻيءَ مائي سرٻاٽ ڪيو.

”پر هُن جون اکيون لومڙ وانگر مريم ۾ اٽڪيل هيون. خير، سڄي رات پيئي آهي، ٻنهي ڀيڻن سان شغل ڪري سگھي ٿو. مان انهن جي پاڙيسرياڻي آهيان، سندن شُوڪارا ٻڌڻ جي ڪوشش ڪنديس.“ ماين جا وات پاڻ ۾ نه ٿي مليا.

مزمان ٿڪل هو. ڪچهري ڪندي آڌيءَ ٽاڻو ٿي ويو هو.

”مزمان اوجاڳيل ۽ ٿڪل آهي، ڇڏيو ته ڪجھه اک هڻي وٺي. هاڻي پاڻ کي هلڻ گھرجي.“
ميلچي زيڊڪ فيصلائتي انداز ۾ چيو.

سڀ مرد توڙي مايون اٿيون ۽ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن روانيون ٿيون.

ٻيئي ڀيڻون مزمان جو هنڌ وڇائڻ لڳيون. مريم اٿي ۽ پنهنجي ٽينڪ مان اهي ريشمي ۽ هِرک جون چادرون ڪڍي آئي، جيڪي هن پنهنجي سهاڳ رات لاءِ سنڀالي رکيون هيون. مارٿا ململ جا اُهي ڪِناريون مڙهيل ڇهه ڪڍي نرم نرم ۽ نون وهاڻن تي چاڙهيا، جيڪي هن پنهنجي پرڻي رات لاءِ ڪيئن سالن کان سانڍي رکيا هئا. هن وهاڻن ۾ تلسي، ڦودنو ۽ ٻيون سُرهيون جڙي ٻوٽيون پڻ ڀريون. هنن لوئن جي ڇهن واريون نهايت صاف سٿريون پٿراڻيون ۽ سوَڙون ڪڍي وڇايون.

”هُو سانجھي ڀلي هڪ گھوٽ وانگر سيڄ جهڙي هنڌ تي سمهي.“ مارٿا ڀڻڪو ڪيو.

مريم ٻڌو اڻٻڌو ڪري ٿڌو ساهه ڀريو. هن دل ۾ چيو ته: ”اي خدا، دنيا منهنجي ٿڌي ساهه کان وڌيڪ سهڻي آهي. ها سهڻي، پر مان ڇا ڪريان، مان هيڪلائي کان ڊنل آهيان ۽ ها، هيءُ مزمان مون کي ڏاڍو وڻڻ لڳو آهي.“

مهمان نرم، ڪپاهين، آرامده ۽ سُرهاڻ واسيل هنڌ تي ستو. هن وهاڻي تي مٿو رکيو ته سندس ساهه سڳنڌن سان واسجي ويو. سڄو ڪمرو تازگي ۽ سرهاڻ سان ڀريو پيو هو. ننڊ جي مهربان هٿن کيس کڻي ورتو.

ٻيئي ڀيڻون ٻئي ڪمري ۾ ستيون.

جان بپتسمو قتل ٿي چڪو هو. اهڙي واقعي سان اتي موجود ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو هو. عيسيٰ جا جيڪي حواري (شاگرد) سندس انتظار ۾ اتي رهيل هئا، اهي پڻ اتان يروشلم لاءِ اسهيا. ويندي ويندي هو لازارس کي نياپو ڏيندا ويا ته جي ڪٿي اتفاق سان عيسيٰ کيس ملي ته ان کي چئي ته هو هاڻي يروشلم ۾ دائود جي دروازي تي سندس اوسيئڙو ڪري.

لازارس رات ئي نامراد گھر موٽيو هو. هُو بدحواس لڳو پيو هو. جانَ جي قتل سبب هُو کانئس بپتسما وٺڻ واري سعادت کان رهجي ويو هو. سندس اچڻ سان جانَ جي قتل جي خبر سڄي ڳوٺ ۾ هُلي چڪي هئي. عيسيٰ جي پيراندي کان سمهي ڪجھه آرام ڪرڻ بعد آهستي آهستي لازارس جا حواس بحال ٿيا، جنهن بعد هن عيسيٰ کي ڪجھه ڪجھه سڃاتو.

”اهو تون آهين، ڀانيان ٿو ته اهو تون آهين، جنهن لاءِ قتل ٿيڻ وقت جانَ اردني رڻ ڏانهن منهن ڪري دانهن ڪئي هئي ته هاڻي رڻ کي ڇڏ؛ شهر شهر، واهڻ واهڻ وڃ ۽ خداوند جو پيغام پهچاءِ. خداوند توکي ان ڪم لاءِ ئي چونڊيو آهي.“

هن کيس ساٿين جو نياپو پڻ ڏنو.

”مون توکي ڏٺو، منهنجي بپتسما ٿي ويئي. اردن ندي پاڻ اسان جي گھر هلي آئي آهي.“ لازارس هن نئين پيغمبر جي پيرن ۾ ويهندي کيس خوشيءَ وچان چيو.

صبح جو ڳوٺ مهمان جي تعظيم ڪرڻ لڳو. خود هن مهمان کي سمورين نشانين کانپوءِ هاڻي پڪ ٿي چڪي هئي ته هُو خدا جو چونڊيل پيغمبر هجڻ سان گڏ مسيح پڻ آهي ۽ خداوند کيس خاص ڪم لاءِ هن دنيا ۾ آندو آهي. هو، جيڪو خداوند کان ڀڄندو وتندو هو، تنهن خداوند جي اهڙي رضا آڏو آخرڪار پنهنجو ڪنڌ جُھڪايو. کيس خدائي پيغام پڄائڻو هو ۽ دنيا کي بچائڻو هو.

هن جي جسم جا ٻاهتر جوڙ وڌيڪ سگھارا ٿي ويا ۽ منجھس اٿي بيهڻ ۽ هلڻ جي نئين طاقت اچي وئي.

هن جي ايندڙ منزل يروشلم هئي. يروشلم، مقدس ۽ مٺڙي يروشلم.

* * *

مٿيون ڊگھو اقتباس يونان جي جڳ مشهور ليکڪ نڪوس ڪازان زاڪس  (Nikos Kazantzakis) جي ناول ”عيسيٰ جي آخري آزمائش“
  (
The Last Temptation of Christ) تان کنيو ويو آهي.

پر اها هن ناول جي شروعات نه آهي، نه ئي پڇاڙي. اهو هن ناول جي ارڙهين باب جو اختصار آهي، جيڪو ذري گھٽ ناول جو وچ آهي. مون اڃا ڪالهه ئي اهو ڪتاب پڙهي پورو ڪيو آهي. هيءُ ناول ٽچ اسٽون بوڪ وارن پاران سائمن ۽ شٽر انڪارپوريشن آمريڪا جي شهر نيويارڪ مان 1960ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. اهو هن ناول جي انگريزي ترجمي جو پهريون ڇاپو آهي. مون وٽ ڪتاب جي ان ڇاپي جي ئي ڪاپي آهي. ناول جو ترجميڪار پِي اَي بيِن  (P. A. Bien)آهي. هن سڌو يونانيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

هونئن ته هر ماڻهو پنهنجي خريديل ڪتاب تي پنهنجو نالو لکي ٿو. اها هڪ عام روايت آهي. پر منهنجي عادت آهي ته مان ورتل ڪتاب تي پنهنجي نالي سان گڏ خريد ڪرڻ جي تاريخ ۽ جتان ورتو ويو آهي، ان شهر جو نالو پڻ لکي ڇڏيندو آهيان. ان موجب هيءُ ڪتاب مون 27 مارچ 2003ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ مان خريد ڪيو هو. البت ڪراچيءَ جي ڪهڙي هنڌان خريد ڪيو هئم، اهو هينئر سار تي نه ٿو چڙهي. انهن ڏينهنِ ۾ مون هيءُ ڪتاب ٿورو پڙهي ڇڏي ڏنو هو. صحافت جي مصروفيتن واري رُکي زندگي هئي. مصروفيتن، هڻ هڻان ۽ زندگيءَ جي رکائيءَ ۾ مون کي هيءُ ڪتاب ڪجھه ڏکيو لڳو. هڪ وڌيڪ رُکائيِ! اصل ۾ هيءُ ڪتاب رُکو نه هو، منهنجي انگريزي ڪمزور هئي. اها ڪازان زاڪس جي پائي جهڙي اديب کي پڙهڻ جي لائق نه هئي. ڪتاب سڌو منهنجي گھر وڃي ٻين ڪتابن سان ڀاڪر وجھي ڊگھي ننڊ سمهي پيو.

هاڻي وري مان جيل ۾ هوس. ٽن سالن جو ڊگھو قيد. هوڏانهن وري هن ڪتاب کي الماريءَ ۾ قيد ٿئي پنج سال گذري ويا هئا. جيل ۾ انگريزي ادب جي گھڻي مطالعي جي ڪري منهنجي انگريزيءَ ۾ ڪجھه وڌيڪ سڌارو آيو هو. هڪ ڏينهن مون کي اهو ڪتاب ياد آيو، گھران گھرايم ۽ پڙهڻ ويٺس. ڪافي پڙهي ويس. ٻاهر سياسي حالتون بدلجي ويون هيون ۽ ڪورٽن سالن کان قيد سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون ضمانتون کڻڻ شروع ڪيون هيون. ڪتاب اڃا منهنجي مطالعي هيٺ ئي هو، جو عدالت منهنجي ۽ سڪندر سومري جي ضمانت منظور ڪئي. هن ڪتاب سوڌو اتي موجود منهنجا ٻيا هڙئي ڪتاب هڙ ۾ ٻڌي گھر واپس موڪلي ڏنم. جيل مان مون ٻاهر رڳي ڪپڙا ۽ ڪتاب آندا. ڪپڙا ته هونئن به جيل ۾ ڪونه ڇڏبا آهن. چون ٿا ته جيڪو ماڻهو آزاد ٿيڻ مهل پنهنجا ڪپڙا جيل ۾ ڇڏي ايندو آهي، اهو وري ستت ئي اچي جيل ڀيڙو ٿيندو آهي. انڪري آزاد ٿيندڙ قيدي پنهنجي تن جا ڪپڙا جيل ۾ ڪونه ڇڏين. ٻاهر جي دنيا جا پنهنجا سياسي هل هنگاما، پنهنجي هڻ هڻان ۽ پنهنجون مصروفيتون هيون. اهڙي ريت هيءُ ناول وري به ويسر جي ور چڙهي ويو.

سيٺيو، واڻيو هجي يا مُشلو يا اڃا ڪو ٻيو، کُٽندو آهي ته کنڌي جون پراڻيون بنديون ڳوليندو آهي. مطالعي جو هيراڪ ماڻهو نون ڪتابن جي اڻهوند جو شڪار ٿيندو آهي ته پنهنجن پراڻن ۽ اڳ ئي پڙهيل ڪتابن سان ڀريل طاقن، شيلفن ۽ المارين ۾ ٿونا هڻندو آهي. ڪجھه ڏينهن اڳ مون وٽ پڻ پڙهڻ لاءِ ڪو نئون ڪتاب نه هو. ٻيئي هٿ چيلهه تي رکي، چپ ڀيِڙي، الماري جي سامهون بيٺس ته نگاه وڃي هن ڪتاب تي اٽڪي. مون ان کي کڻڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪئي. نئين سري سان منڍ کان پڙهڻ شروع ڪيم ته پڙهندو ئي ويس. روز پنجٽيهه چاليهه صفحا پڙهي ٿي ويس. ٻه ڏينهن واندڪائي جا مليا ته هڪ ڏينهن ستر، ته ٻئي ڏينهن 68 صفحا پڙهيم. حقيقت ۾ پڙهڻ ويٺس ٿي ته دل ڪتاب ڇڏڻ تي نٿي آئي. اهڙي ريت ڪالهه هيءُ ناول پڙهي پورو ڪيم. ناول مون کي ايڏو ته متاثر ڪيو آهي، جو دل چيو ته ان تي لکجي ۽ پنهنجي پڙهندڙن کي ان بابت ڄاڻ ڏجي ته اهي هن ناول کي ضرور پڙهن. اڃا به سٺو ٿيندو ته ڪوئي مانجھي مڙس هن ناول کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري وجھي. ناول ته ناهي ڪئين درد وَندين دلين جي دانهن، اضطرابي منن جي ماندائي ۽ رنج ۾ ورتل روحن جي رڙ آهي، جيڪا ماڻهو جي اندر ۾ پيهي ٿي وڃي. سچ ته هيءُ ناول پڙهي ماڻهوءَ کي اندازو ٿئي ٿو ته عظيم ادب ڇا ٿيندو آهي.

* * *

نڪوس ڪازان زاڪس يوناني ٻوليءَ جو تمام وڏو ۽ برڙ باڪاس ليکڪ هو، جنهن جي يونانيءَ تي ڪريٽائي (Cretan) لهجي جو تمام گھڻو اثر هو. ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ هُو يوناني ادب تي ڇانئجي ويو. سندس هاڪ يورپ کان هلندي سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي. پنهنجي غيرمعمولي تخليقي صلاحيتن ۽ ڏاهپ جي ڪري کيس هڪڙو فيلسوف ۽ دانشور اديب مڃيو وڃي ٿو.

ڪازان زاڪس 18 فيبروري 1883ع تي ڪريٽ جي شهر هيراڪليون ۾ ڄائو، جيڪو شهر ان زماني ۾ عثماني سلطنت جي حڪمرانيءَ هيٺ هو ۽ هاڻي يونان ۾ آهي. انهيءَ شهر ۾ سندس مڃتا ۾ هوائي اڏو جوڙيو ويو آهي. ڪازان زاڪس هوائي اڏو؛ جيڪو يونان جو ٻيون نمبر مصروف هوائي اڏو آهي.

جڏهن ڪازان زاڪس ڄائو هو، تڏهن ڪريٽ جا ماڻهو عثماني سلطنت مان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ترڪن خلاف وڙهي رهيا هئا ۽ حالتون خراب هيون. انڪري سندس مائٽ ڪجھه وقت لاءِ هيراڪليون مان لڏو پٽي، يونان جي نيڪسس ٻيٽ تي وڃي رهيا.

هن 1906ع ۾ اٿينس يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن بعد هُو وڌيڪ پڙهڻ لاءِ پئرس ويو. جتي هن فلسفي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ هينري برگسان جو فلسفو پڙهيو. پڙهائيءَ مڪمل ڪرڻ بعد هن اسپين، انگلينڊ، روس، جپان، مصر ۽ فلسطين جا سير سفر ڪيا.

هن ٻه شاديون ڪيون. پهرين شادي 1911ع ۾ گيلاٽيا اليڪسيو سان ڪيائين، جنهن جو انت پندرنهن ورهين جي رفاقت بعد 1926ع ۾ طلاق تي ٿيو. ٻيو پرڻو هن 1945ع ۾ ايلاني سمَيو سان ڪيو. اها شادي سندس مرڻي تائين برقرار رهي.

نڪوس ڪازان زاڪس پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي بيهڪ ۾ بنيادي طور تي هڪ قومپرست، آزادي پسند، انسان دوست ۽ محب وطن ماڻهو هو. ساڳئي وقت هُو مارڪسواديت، عيسائيت ۽ ٻڌمت کان پڻ تمام وڏو متاثر هو، پر وڏن ۽ عالمگير نظرين ۾ سندس يقين سدائين متزلل ۽ لڏندڙ لمندڙ رهيو. سوويت روس جي ٻن ڊگھن سرڪاري دؤرن ڪرڻ بعد مارڪسزم ۽ روسي نظام ۾ سندس ويساه کي ڌوڏو اچي ويو هو. ان هوندي به روسي انقلاب جو بانيڪار ولاديمير لينن سندس سورمو رهيو. هن جو ٻيو وڏو سورمو يوناني قومپرست ۽ جمهوريت پسند اڳواڻ جارج زوربا هو، جنهن تي هن هڪ سٺو ناول پڻ لکيو آهي.

نڪوس ڪازان زاڪس هڪ محب وطن ۽ آزادي پسند انسان هو ۽ سدائين پنهنجي ديس جي پاسي رهيو. هو ترڪن واري عثماني شهنشاهيت کان يونان جي آزادي جي لاءِ هٿيار کڻي وڙهيو هو. هن بلقان جي جنگ ۾ يوناني فوج سان گڏجي ترڪن خلاف مزاحمت ڪئي هئي. آزادي کانپوءِ 1945ع ۾ کيس عوامي ڀلائي ۽ بهبود جو وزير بڻايو ويو. هن گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري يونيسڪو ۾ پڻ خذمتون سرانجام ڏنيون. هُو پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري ڪجھه وقت جلاوطن پڻ رهيو. هن جلاوطني جا ڏينهڙا پئرس ۾ ڪاٽيا.

ڪازان زاڪس ادب ۽ فلسفي تي تمام اعليٰ پائي جو ڪم ڪيو آهي. هن هينري برگسان ۽ فريڊرڪ نٽشي جي فلسفن تي تحقيقي ڪتاب لکيا. هن دانتي جي نظم ”الوهي ڀوڳ“ (Divine Comedy) کي جديد يونانيءَ ۾ ٻيهر لکيو. هن پنهنجي طرفان نئين ”اوڊيسي“ لکي، جنهن تي هن تيرنهن سال ڪم ڪيو ۽ ان کي ست ڀيرا ورائي ورائي لکيائين. پر ٻئي پاسي هن پنهنجو ڪتاب ”يوناني جوش جذبو“ صرف ٻن مهينن ۾ لکي مڪمل ڪيو. هن ٻين ٻولين مان يوناني ۾ ترجما پڻ ڪيا آهن. هن گوئٽي جي ”فائوسٽ“ جو يوناني ۾ ترجمو ڪيو. خود ڪازان زاڪس پاڻ به سٺو شاعر هو، پر هن جو بنيادي ڪم نثر ۾ ڪيل آهي.

ڪازان زاڪس لڳ ڀڳ چاليهارو کن ڪتاب لکيا، جن مان ڪيترن ئي ڪتابن جو مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. هن شاعري، ناول، سفرناما، مضمون، فلسفو ۽ فڪري ڪتاب لکيا آهن. کيس 1952ع ۾ نوبل انعام لاءِ چونڊيو ويو، جيڪو هڪ وٽ تان کيس ملڻ کان رهجي ويو. پر کيس 28 جون 1956ع تي ويانا ۾ امن جي عالمي انعام سان نوازيو ويو.

هاڻي هن جي جيون تي شام لهي آئي هئي، هُو بيمار ٿي پيو. ڊاڪٽرن کيس سفر ڪرڻ کان منع ڪيو هو. پوءِ به هُو يونان کان چين ڏانهن پنڌ پيو. چين جي دوري دوران وڌيڪ بيمار ٿي پيو. کيس علاج لاءِ جرمني نيو ويو، پر چاڙهو نه ٿيو. ستت ئي اکيون ٻوٽيائين، اهو 27 آڪٽوبر 1957ع جو ڏينهن هو. هُو جرمني جي شهر فيبرگ ۾ گذاري ويو. سندس مڙهه کي سندس اباڻي شهر هيراڪليون ۾ آڻي شاهي مانُ شانُ سان مٽيءَ ماءُ جي هنج ڀيڙو ڪيو ويو.

نڪوس ڪازان زاڪس جي مشهور ڪتابن ۾ ”آزادي ۽ موت“ (Freedom and Death)، ”يونان جو زوربا“(Zorba the Greek)، ”مذاڪرو“ (Symposium)،
”مهاتما ٻڌ“
(Buddha)، ”اوڊيسي“ (Odyssey)، ”يوناني جوش جذبو“ (Greek Passion)، ”سڪندر اعظم“  
 (Alexander the Great)، ”ٽي ناٽڪ“ (Three Plays)، ”خدا جا فقير“(Gods Pauper)، ”يونان جا عڪس“ (Reflections On Greece)، ۽ ”خدا جا ادراڪي“ (Savoir of God)؛ سفرناما ”روس“  (Russia)، ”جپان ۽ چين“
(Japan China)، ”انگلنڊ“ (England)، ”يونان جا پنڌ“
 (Journey To Morea)،  ”ڪنوسوس جي محلاتن اڳيان“ (At Palaces Of Knossos) ۽ ”اسپين“
 (Spain)؛ ناولن ۾ ”سينٽ فرانسس“(Saint Francis)،
”پٿريلو باغ“
(The Rock Garden)، ”هن کي ضرور مرڻ گھرجي“ (He Who Must Die)  ۽ ”عيسيٰ جي آخري آزمائش“، ۽ سندس لاجواب آتم ڪهاڻي ”يونان جي حضور ۾“ (Report to Greco)  ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.

هن جو هيءُ زيرنظر ڪتاب، يونانيءَ ۾ پهريون ڀيرو 1955ع ۾ ڇپيو هو، جنهن تي رومي ڪئٿولڪ چرچ کي به مٺيان لڳي هئي، ته يوناني آرٿوڊوڪس چرچ به ڪاوڙجي پيئي هئي. ٻنهي کي هيءُ ناول نه وڻيو. پاڻ ۾ نه ٺهڻ باوجود هن ناول جي معاملي تي ٻنهي جي راءِ ۽ ردعمل ساڳوڻو هو.

هن جي ٽن ڪتابن ”يونان جو زوربا“، ”هن کي ضرور مرڻ گھرجي“ ۽ ذڪر هيٺ ناول ”عيسيٰ جي آخري آزمائش“ تي فلمون پڻ ٺاهيون ويون آهن.

ڪازان زاڪس کي آزاديءَ سان اٿاهه عشق هوندو هو. هُو چوندو هو ته آزاديءَ جي ويڙهاند نه رڳو بنا ڊپ جي وڙهي وڃي، پر جڏهن ڪا اميد به نه هجي تڏهن به وڙهي وڃي!

ساڳيي وقت آئرلينڊ جي جڳ مشهور قومپرست شاعر وليم بٽلر ييٽس (W. B. Yeats) ۽ جان ملنگٽن سائنِج (John Millington Synge) وانگر ڪازان زاڪس پڻ اهو چوندو هو ته قومي ادب ئي عظيم ادب ٿيندو آهي.

* * *

هڪ واڍو، جوزف. ڪجھه سال اڳ واري سنڌي لهجي ۾ جُوسب، هاڻي يوسف. وڏي عمر، اڌ رنگي ۾ ورتل، هلڻ کان هلاڪ ۽ ٻين جو موٿاج.

سندس ننڍي نيٽي زال مريم، پنهنجي پُٽ تان اور گھور ٿيندڙ، سهڻيءَ، سنجيده ۽ ٿور ڳالهائو.

سندن الهڙ ڄمار وارو پٽ عيسيٰ، پاڻ به واڍو، صليبون ٺاهيندڙ، هڪ بيقرار روح.

ٽنهيءَ جي پنهنجي پنهنجي دنيا آهي. جن مان عيسيٰ هن ناول جو مرڪزي ڪردار آهي. ساڳيو عيسيٰ، خدا جو پيغمبر، دنيا جي هڪ وڏي مذهب عيسائي ڌرم جو باني.

سڄو اسرائيل بيچينين، بيتابين ۽ مُنجھه جي ور چڙهيل، وقت بوقت نبين جو ظهور، ڪوڙا سچا نبي، نبين جا قتل، هر طرف افراتفري، اِنتشار ۽ نااُميدي.

رومي سلطنت جي سڄي پرڳڻي تي سخت جڪڙ، ظلم ۽ بربريت، ٽيڪسن جو ظالم نظام رائج، زندگي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڏکي ٿيندڙ.

اسحاق جو نسل رومي ڏاڍ اڳيان بي يار و مددگار، بي واهو بڻيل، جيڪو به اري ۾ آيو سو ويو، نه داد نه فرياد!

عام ماڻهو، خلقِ خدا، پنهنجي ڏکن سورن جي خاتمي لاءِ ڌڻيءَ سڳوري پاران موڪلجندڙ ڪنهن سچي مسيحا جي اوسيئڙي ۾.

يروشلم جي مقدس شهر وارو هي سڄو خطو انهيءَ ماحول جي ور چڙهيل هو. هيءُ ناول انهيءَ سڄي صورتحال کي اکين اڳيان آڻي ٿو بيهاري. انهيءَ ماحول ۾ حضرت عيسيٰ پلجي نپجي وڏو ٿو ٿئي. هو سرت سنڀالڻ جهڙو ٿئي ٿو ته خواب ڏسڻ شروع ٿو ڪري. عجيب غريب خواب، نه منڍ نه ڇيڙو، سمجھه ۾ اچڻ کان مٿڀرا، ڊيڄاريندڙ، اُتساهيندڙ، عجيب غريب!

گئليلي جي گھٽين، جينيسرت ڍنڍ جي پاڻي ۽ نذرٿ جي پهاڙين مٿان گھمندي هُو وڏو ٿئي ٿو. کيس خدا پاران مختلف اشارا، اهڃاڻَ ۽ ڏيکارا ملن ٿا. هُو مُنجھي ٿو پئي. هُو پيغمبر ٿيڻ نه ٿو چاهي. هُو ان ذميداريءَ کان ڀڄڻ ٿو گھري، پر مشيتِ ايزديءَ آخرڪار پنهنجو ڪم ڏيکاري ٿي. اَمر کي ڪير آڏو اچي! نيٺ هُو انهيءَ گس تي نڪري ٿو. بيقراري کيس گھر ويهڻ نه ٿي ڏئي.

هڪڙي ڏينهن هُو مگدلا ڏانهن نڪري ٿو پئي. رات مريم مگدلين (Mary Magdalene) جي گھر ۾ ٿو ٽڪي. مگدلين، جيڪا سندس سئوٽ به آهي ۽ جنهن سان هُو ٻالڪپڻ ۾ رانديون رونديون ڪڏندو هو، سا مگدلا ۾ پيشو ٿي ڪري. ڏيهه پرڏيهه جا ماڻهو وٽس اچن ٿا ۽ سندس جوان جسم جو واس وٺن ٿا. مگدلين، جنهن جا چپ قسمين قسمين قومن جي ماڻهن جي چمين جي برسات ۾ ڀنل هئا، سا خود عيسيٰ جي چمين لاءِ سِڪي رهي هئي. کيس عيسيٰ سان محبت هئي. هن چاهيو هو ته ساڻس سندس سؤٽ جي شادي ٿئي ۽ هوءَ ان جي ٻانهن ۾ حياتي گھاري، پر چاهڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ زندگيءَ جا پنهنجا ظلم ۽ پنهنجون نوازشون آهن. سندس سئوٽ ته رهبانيت جي راهه چونڊي هئي. هوءَ ان کي ڪيئن ٿي ڇُهي سگھي!

ان ملاقات دوران ٻن چاهيندڙن جي وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي، اها ڪنهن عشق جي ماريل دلڙيءَ کي رئارڻ لاءِ ڪافي آهي. مگدلين جي ڳالهين مان عورت جي ساري پيڙا ٽپڪي ٿي اچي.

”هڪ عورت جو جسم ئي ان جو روح آهي. تون اهو ڄاڻين ٿو، چڱي ريت ڄاڻين ٿو، پر تو ۾ هڪ مڙد وانگر ان کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ ۽ چمڻ جي همٿ ڪانهي. ان کي چُم، ان کي بچاءِ!“

”تو ۾ ست شيطان واسو ڪري ويا آهن، ڪسبياڻي!“ عيسيٰ پنهنجائپ ۽ هجت وچان ورندي ڏني.

”ست شيطان نه، مريم جا پٽ! ست شيطان نه؛ ست زخم چئو. توکي اهو سمجھڻ کپي ته عورت هڪ گھايل خدا آهي. وٽس پنهنجا زخم پاڻ چٽڻ ڌاران ٻيو ڪو رستو ناهي. آءٌ جڏهن به توکي سوچيان ٿي، ياد ڪريان ٿي، منهنجي دل ٻه اڌ ٿي پوي ٿي.“

سياري جي رات هئي، آڪاس مان هلڪيون بوندون وسي رهيون هيون ۽ سيءُ هو. هن پنهنجي چاهيندڙن پاران مليل سوکڙين سان تار ٽينڪ کولي ۽ ان مان اُونو ڪنبل ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. عيسيٰ ڀل ته آرام واري گرم هنڌ ۾ سمهي. گڏوگڏ سندس ڀر ۾ هلڪي باهڙي به ٻري رهي هئي.

هن ڪنواري عيسيٰ کي ڪنهن آزمائش ۾ وجھڻ نه ٿي گھريو. انڪري هوءَ ڪجھه پرتي سندس پيرانديءَ کان سُتي.

ٻئي ڏينهن تي هو اتان روانو ٿيو. مگدلين ڏک ۾ لڙهي وئي، ڳوڙهن ۾ ٻڏي وئي.

عيسيٰ جينيسرت ڍنڍ جي پرئين پار صحرا ۾ موجود ديول ڏانهن وڃي رهيو هو. سندس خيال هو ته اتي کيس سڪون ملي ويندو ۽ ڳالهه هڪ پاسي ٿي ويندي. هن اها پڪ ڪرڻ ٿي گھري ته هُو خدا جو پيغمبر آهي يا نه؟

يهودا (Judas) کي خبر هئي ته عيسيٰ ڪيڏانهن پيو وڃي. هُو به سندس پويان پويان صحرا ۾ ڪاهي ٿو پئي. صحرا ۾ نه ٿا ملن، ته هُو ديول پهچي ٿو وڃي. عيسيٰ جي سمهڻ واري ڪمري ۾ رات جي اونداهي وڳڙي ۾ هُو ڇپ هڻي ويهي ٿو رهي. چاقون سندس ور ۾ آهي. هُو ڪوڙن پيغمبرن مان بيزار آهي، جن وٽ عبرانين جي آزاديءَ لاءِ ڪو ڏس پتو ۽ عمل نه هو. انڪري هُو هن نئين امڪاني پيغمبر کي به قتل ڪرڻ ٿو گھري.

هُو اونداهي ڪمري ۾ آمهون سامهون ٿين ٿا. اونداهيءَ ۾ يهودا جو چاقون چمڪي ٿو. ويرم بعد عيسيٰ جون اکيون اونداهيءَ ۾ ڏسڻ جي قابل ٿين ٿيون. يهودا سوچي ٿو ته مارڻ کان اڳ ساڻس ڪجھه ڳالهائجي. قاتل ۽ امڪاني مقتول جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه پڙهي، مون کي جي.ايم.سيد ياد اچي ويو. هڪڙو قاتل جي.ايم.سيد کي مارڻ لاءِ سن ڪهي آيو هو. پوءِ هن جڏهن سيد جو اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٻڌو ته چاقون ور مان ڪڍي سندس اڳيان رکيائين ۽ پنهنجي اچڻ جو ارادو ٻڌائيندي سندس پيرن تي ڪري معافي ورتائين. ياد ته مون کي صوفي شاهه عنايت به آيو، جنهن مهل عيسيٰ کي يروشلم جي رومي حڪمران پونٽيس پِلاٽي (Pontius Pilate) جي سامهون پيش ڪيو ويو، ان مهل مون کي شاهه عنايت ياد اچي ويو. عيسيٰ جنهن ٿڌائي ۽ جرئتمندي سان پِلاٽي جي سوالن جا جواب ڏئي ٿو، اها گفتگو پڙهندي مغل صوبيدار ۽ شاهه عنايت جا سوال جواب ذهن تي تريو ٿا اچن. ماڻهو موت جي منهن ۾ هوندي حاڪمن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائي ٿو ته اتهاس نين عظمتن کي جنم ٿو ڏئي. وقت ۽ فاصلن باوجود تاريخ جي عظيم شخصيتن جي وچ ۾ ڪيڏيون نه هڪجهڙايون ٿيون ٿين! جي.ايم.سيد جي قتل لاءِ آيل قاتل جيان يهودا به پنهنجو ارادو بدلائي ٿو ۽ اتان ماٺ ميٺ ۾ کسڪي وڃي ٿو. اڳيان هلي هُو عيسيٰ جو ٿورو ٿورو معتقد، پر پڪو ۽ ڀروسي جوڳو ساٿي بڻجي وڃي ٿو. هُو منجھانئس اسرائيل جي آزاديءَ جي اميد رکڻ لڳي ٿو. هُو آسماني جنت بدران زميني جنت ۾ ويساهه رکي ٿو. هن جي زميني جنت، هُن جو وطن، هن جو ديس! هُو هر وقت عيسيٰ کي ان سلسلي ۾ قائل ڪرڻ ۾ لڳو رهي ٿو ته يروشلم جي هن مقدس سرزمين تان رومين کي تڙي پنهنجو قومي راڄ قائم ڪرڻ گھرجي.

”محبت، ڇا محبت!؟ ڪهاڙيءَ جي ڳالهه ڪر. دنيا کي ڦٽ ٿي پيا آهن. هڪ ڪهاڙو ئي انهن ڦٽن کي ڪوري انهن جو علاج ڪري سگھي ٿو.“ يهودا وقت بوقت عيسيٰ کي چوندو رهي ٿو.

هوڏانهن نذرٿ ۾ روئندي رڙندي ڪنواري مريم پنهنجي پٽ جي ڳولا ۾ گھران نڪري ٿي. مگدلا، ڪيپرنام، جينيسرت ڍنڍ جي ڪنڌيءَ. هوءَ پنهنجي جھوني ساهيڙيءَ سيلومي (Salome) جي گھر مزمان ٿئي ٿي.

”مان پنهنجي پٽ کي ڪو درويش ٻرويش يا پيغمبر ٻيغمبر ڏسڻ نه ٿي چاهيان. مان هن کي پرڻائڻ ٿي چاهيان، مون کي منهنجا پوٽا پوٽيون گھرجن. اهو به ته خدائي رستو آهي.“

سيلومي پنهنجيءَ نوجوان دوستِ کي دلداريون ڏيندي رهي ٿي. مزمانڻ کي اتي ڪافي ڏينهن گذري ويا. گھر جي اڱڻ تي ويٺي هڪ ڏينهن اچانڪ سيلومي ڊگھو ساهه کنيو.

”ڪير پيو اچي؟“ سيلومي پنهنجي پٽ کان پڇيو. ”واءَ ۾ سُرهاڻ ڀرجي وئي آهي.“

۽ پوءِ عيسيٰ اچي ويو.

هُو صحرا جي ديول مان موٽيو هيو. کيس لڳو ٿي ته ساري ڌرتي سندس گھر آهي، هن جو ٻيو ڪو گھر ناهي. ماڻهو سندس صحرا آهن، ٻيو ڪو صحرا ناهي. خدا هر هنڌ موجود آهي. هر هنڌ سندس رحمت وسي ٿي. نه، صرف سندس رحمت نه، سندس طاقت پڻ. طاقتن جي طاقت.

”اي خداوند خدا! تنهنجو ارادو پورو ٿيو. مان تنهنجي ڪرم ۽ ٻاجھه اڳيان پنهنجو سيس نوايان ٿو.“ هُو چپن ۾ ڀڻڪيو.

هن پنهنجي اندر ۾ ڪو خدائي آواز ٻڌو. انهيءَ آواز لاءِ هُو سالن جا سال سڪيو هو.

ماڻهن هن جي آجيان ڪئي. کيس ٻڌڻ لاءِ اهي ٽوليون ٽوليون ڪري مردين عورتين ڪيپرنام جي پهاڙي تي چڙهڻ لڳا.

”اي مريم جا پٽ! اسان بکارا آهيون، پر اسان توکان ماني نه ٿا گھرون. تون خود به اسان وانگر غريب آهين. ڪو اهڙو مهربان ۽ ٻاجھارو لفظ ٻڌاءِ، جنهن سان اسان جون دليون ريجھي وڃن.“ هڪ پوڙهي چيو.

”اي مريم جا پٽ! اسان ناانصافين جا ستايل آهيون، اسان جي دلين ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو آهي. اسان کي ڪو آٿت ڏيندڙ حرف سُڻائي، ۽ اسان کي انصاف ڏيار.“ هڪ نوجوان کيس عرض ڪيو.

هو به ڄڻڪ اهڙي سڏ لاءِ سڪيو پئي. هن ماڻهن تي نگاهه وڌي. هن بک ۽ آزاديءَ جو آواز ٻڌو ۽ خوشيءَ سان سرشار ٿي ويو.

”منهنجا ڀائرو! هڪٻئي سان پيار ڪريو، هڪٻئي سان پرت ۽ محبت سان رهو. خدا محبت آهي. مون ڏينهنِ جا ڏينهن خدا کي ڳوليو آهي. ان لاءِ رڻن ۾ ڀٽڪيو آهيان، پهاڙن تي چڙهيو آهيان، ڏينهن ۽ راتيون رليو آهيان. هڪ ڏينهن خدا ٿڌڙي هير ٿي مون وٽ آيو ۽ چيائين: منهنجا پٽ، اٿي بيهه ۽ هيڏانهن اچ! آءٌ اُٿيس، اڳتي وڌيس. هن جا هٿ منهنجي دل ۾ پار ٿي ويا...!“

”ڀائرو، هُو اسان جو پيءُ آهي. هُو ڪوبه سور ختم ڪرڻ کانسواءِ نه ٿو ڇڏي. هُو ڪوبه زخم اڻڇٽائيو رهڻ نه ٿو ڏئي. اسان هِن دنيا ۾ سورن، تڪليفن ۽ بکن ۾ ورتل آهيون. هُو ٻي دنيا جي جنت ۾ اسان کي مزي سان ڀري ڇڏيندو...!“

”جيڪي حق تي آهن، پر اُڃ ۽ بک تي آهن، انهن تي ٻاجھه هجي، اهي ورسايا ويندا، جيڪي خدا اڳيان ٻاڏائين ٿا، انهن تي رحمت وسندي، جيڪي غريب مسڪين آهن، جيڪي هيسايل ۽ دٻايل آهن، جن سان ناانصافيون ٿيون آهن، خدا انهن لاءِ جنت جي بادشاهت جوڙي آهي.“

بيمار هن ڏانهن وڌن ٿا، هُو انهن کي شفا ٿو ڏئي. نابين ڏانهس بي نور اکڙيون کڻن ٿا، هُو انهن کي اکين جي روشني موٽائي ٿو ڏئي. معجزا سندس پيغمبري تي مڃتا جي مهر هڻن ٿا.

هاڻي ٻه عورتون ظاهر ٿيون ٿين. مريم ۽ سيلومي. مريم پٽ جو هٿ ٿي جھلي، جيڪو هو آرام سان ڇڏائي ٿو وٺي.

”عيسيٰ، منهنجا پٽ! هل ته گھر هلون.“

”منهنجو ڪوبه گھر ناهي، منهنجي ڪابه ماءُ ناهي.“

الاس! پريان هيبرون جبل جي پٺيان سج لهي رهيو هوندو آهي، پر جبل پٺيان سج سمنڊ ۾ ڪونه پيو ٻڏندو آهي، هڪ ماءُ جي دل پيئي ٻڏندي آهي. ڇا ته درد آهي مريم جي لفظن ۾! هوءَ نامراد، ڏکاري ۽ روئندي ڪيپرنام جي ٽَڪريءَ تان لهي ٿي.

”نه روءَ، مريم، منهنجي ڌيئڙي! نه روءَ. ڇا تو هن جي مٿان فرشتن جو جھُنڊ ڇانو ڪري بيٺل نه ڏٺو!؟“ سيلومي گھر پڄڻ بعد عيسيٰ جي ماءُ کي آٿت ڏيندي چيو.

”مون ٻيو ڪجھه به نه ڏٺو. مون کي ته فقط ئي فقط منهنجو پٽ ٿي نظر آيو. منهنجو اڪيلو پٽ. مان فرشتن کي ڇا ڪنديس؟ اهي مون لاءِ ڪهڙي اهميت ٿا رکن؟ مان پنهنجو پٽ ٿي چاهيان، پوٽا ٿي چاهيان. پٽ، پوٽا، پوٽيون، نڪي فرشتا.“

”تون نوازي ويئي آهين مريم، ۽ رب جو ڪرم تنهنجي ڪُک جو ميوو آهي.“ سيلومي مريم جي ڇاتين کي ڇُهندي چيو.

مريم هن جي جھوليءَ ۾ پنهنجو مٿو لڪايو ۽ سڏڪن ۾ ڇُٽڪي پيئي.

اهڙي ريت واقعا اڳتي رڙهندا ٿا هلن، زندگي پنهنجي پنڌ تي وڌندي ٿي هلي ۽ ناول جي اڻت وڌيڪ گهري ٿيندي ٿي وڃي.

ناول ۾ اڪيلو عيسيٰ به ته نه آهي نه. هتي ڪجھه ٻيا ڪردار به آهن، جيڪي ڪنهن خاص گھڙيءَ ۾ عظمت جي بلنديءَ تي هليا ٿا وڃن، جنهن ويل عيسيٰ کي پلاٽي جي محل کان صليب ڏانهن نيو ٿو وڃي، تنهن مهل سڄو يروشلم عيسيٰ جي پٺيان هوندو آهي. ماڻهن جو هجوم، ڪجھه ڪجھه ڏکارو، ڪجھه ڪجھه اداس، پر گھڻو ڪاوڙيل، وڙهندڙ، پٿر هڻندڙ. انڌا رڳو انڪري ڪاوڙيل هئا، جو هو کين اکين جو نور موٽائي ڏيڻ کان اڳ صليب تي چڙهي رهيو هو! بيمار به ان ڪارڻ ڪاوڙيل هئا، جو هُو کين شفا ڏيڻ بنا وڃي رهيو هو. ٻيا رومي شهنشاهيت جا حامي هئا. سبب هر ڪنهن وٽ پنهنجو هو، پر پٿر هر هٿ ۾ ساڳيو هو.

ان هجوم ۾ اڪيلو شامي سائمن (Simon) ٿئي ٿو، جيڪو عيسيٰ جي پاران هجوم سان وڙهي ٿو. هجوم، پٿر هڻندڙ هجوم، اتي اڪيلو سائمن عيسيٰ جو پاسو کڻندڙ. هُو نه عيسيٰ جو حواري، نه معتقد، نه کيس مسيح سمجھندڙ. يروشلم ۾ دائود جي ديول جي سامهون سراءِ هلائيندڙ هڪ پياڪ! هڪ عظيم ۽ مقدس شهر ۾ هڪ اڪيلو پياڪ همراهه هڪڙي مظلوم، رت ڳاڙيندڙ ۽ اڪيلي ماڻهوءَ جي پاران مٿي ڦريل هجوم جي سامهون ٿو ٿئي. هُو ماڻهن سان وڙهي ٿو، کين ڌڪا ڏيئي پري ٿو ڪري، مريم جي پٽ جي منهن تان رت ٿو اگھي. هن جي صليب پاڻ کڻي ٿو، جيڪا رومي سپاهي هن کان ڦري وري عيسيٰ جي ڪلهن تي رکي ڇڏين ٿا. عيسيٰ جا سارا حواري ته يروشلم جي ٻاهران سيدون ماٿري مان هن جي گرفتار ٿيندي ئي ڀڄي ويا هئا! جيتوڻيڪ هن ناول ۾ ته ايئن لکيل ناهي، پر ميٿيو (Mathew) لکي ٿو ته ”يهودا چانديءَ جي ٽيهن ٽُڪرن عيوض عيسيٰ سان غداري ڪئي هئي. هن گرفتاري ٽاڻي عيسيٰ کي ڪنڌ تي چمي ڏيئي رومي سپاهين کي سندس نشاندهي ڪرائي هئي.“

البت هن ناول ۾ آهي ته يروشلم ۾ آخري سنجھوُڻي (last Supper) تي پيٽر (Peter) کي عيسيٰ پاڻ چيو هو ته اڄ رات اسر جو ڪڪڙن جي دس هڻڻ کان اڳ تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. عيسيٰ ۽ سندس حوارين جي گڏ کاڌل انهي رات جي مانيءَ جي اٽلي جي عظيم مصور ليونارڊو ڊاونچي  Leonardo (da Vinci) شاهڪار تصوير ٺاهي آهي، جنهن جو عنوان ئي هن ”آخري سنجھوُڻي“ (The Last Supper) رکيو هو، جنهن ۾ يهودا، پيٽر، اينڊريو ۽ سندس ٻيا ڪجھه ساٿي دسترخوان تي ساڻس گڏ ويٺا آهن. ميري مگدلين سندس ڀر ۾ ويٺل آهي. اتان اٿڻ بعد رات جي پوئين پهر ۾ رومي سپاهي عيسيٰ کي حراست ۾ وٺڻ اچن ٿا. مسيح جي گرفتاري بعد ڪايافاس جي محل وٽ جنهن ويل پيٽر کي چيو ويو ته هيءُ به عيسيٰ جو ساٿاري آهي ته هن چيو ته قسم سان آءٌ هن جو ساٿي ناهيان، مان هن کي سڃاڻان ئي ڪونه ٿو. هن ٽي ڀيرا ايئن چيو، ۽ جنهن مهل هن ٽيهر اهي حرف دهرايا، تنهن مهل ڪڪڙن ٻانگ ڏني. ڪڪڙن جا دس ٻُڌندي ئي پيٽر کي عيسيٰ جا چيل اکر ياد آيا ۽ هُو ڄڻڪ پنهنجي اندر ۾ پاڻ مري پيو هو. هوڏانهن وري عيسيٰ جي وفادارن مان ڪي پوئتي رهجي ويا هئا. هيءُ سڀ ڪجھه ايترو ته تڪڙو ٿيو هو، جو انهن کي ته صحيح خبر ئي ڪانه هئي. ڇا به هو، پر گولگٿا (Golgotha) جي پهاڙيءَ تي ته هُو اڪيلو پنهنجي صليب پنهنجن ڪلهن تي پاڻ کڻي پهتو هو. اتي ٻيو ته هر ڪو پرائو هو. ناول ۾ ان ڏيک جي ڇا ته دلسوز عڪاسي ڪيل آهي! الا! عيسيٰ جي صليب جو هڪ ڪوڪو جهڙوڪر تيزيءَ سان ٿڙي اچي خود پڙهندڙ جي دل ۾ کپيو وڃي.

اهڙا ڪيترا ئي واقعا، ڳالهيون، گفتگو ۽ ڏيک لکڻ جهڙا آهن، پر جي مون اهي سڀ لکيا ۽ تفصيلي تبصرو ڪيو ته پوءِ هيءُ مضمون هڪ مضمون نه رهندو، هڪ ڪتاب ٿي پوندو. انڪري ڊيگھاڙ کان بچڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون. هتي پاڻ رڳو ڪنوار جي منهن ڏيکائيءَ جهڙو منظر ٿا ٺاهيون. باقي جنهن پڙهندڙ ۾ انگريزي ٻولي جي ڪاڪ تي ڪرهو ڪاهي وڃڻ جو دم خم آهي، اهو هن حسين جميل مومل جيهي ناول جو پاڻ وڃي ديدار ڪري، پر جي ڪنهن وٽ ٻوليءَ جو ڪمزور گنؤنرو آهي ته اهو به منزلون ڪندو ساهيون پٽيندو وڃي دنگ ڪندو. اڳتي وڌڻ جو ساهس ڌاربو ته ڪامياب ٿي ئي وڃبو. ٻوليءَ ۽ تخيل جو حُسن ماڻڻو آهي ته ڪتاب جي ڪاڪ ڏانهن ضرور ڪاهجي.

ڪازان زاڪس هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته:

”هيءُ ناول، آتم ڪهاڻي نه آهي، هڪ مڃتا آهي. صرف عيسيٰ جي نه، هر ان ماڻهو جي مڃتا، جيڪو جدوجهد ٿو ڪري. مون هيءُ ڪتاب لکي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي. فرض، هڪ اهڙي ماڻهو طور، جيڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ آدرش ۽ اميد رکي ٿو ۽ جاکوڙ ڪري ٿو. جيڪو به ماڻهو هيءُ ڪتاب پڙهندو، اهو محبت مان ڀرجي ويندو، خود عيسيٰ سان به سندس محبت اڳ جي ڀيٽ ۾ گھڻي وڌي ويندي.“

ان هوندي به پنهنجي اڻت ۽ واقعن جي اپٽار ۾ هيءُ ناول. ڪنهن آتم ڪهاڻي جهڙي تفصيل کان گھٽ نه آهي. ڪازان زاڪس عيسيٰ جي پنڌن جا پيرا کنيا آهن. عيسيٰ، جنهن جو هر پنڌ هڪ معجزو هوندو هو.

ناول جي ٻولي تمام شاندار، وڻندڙ ۽ دل ۾ لهي ويندڙ آهي. ليکڪ جي تخيل جي اڏام ايڏي اتانهين آهي، جو ماڻهو جي دماغ کي روشني سان ڀري ٿي ڇڏي. ٻوليءَ جي حسناڪي، تخيل جي اڏام ۽ واقعن جي ڳُنڌيل ترتيب اُهي وَٿون آهن، جيڪي ڪنهن به ناول کي معنيٰ خيزي، ڪاميابي ۽ امرتا سان همڪنار ڪن ٿيون. انهيءَ لحاظ کان ڏسجي ته هن ناول جي فني ۽ فڪري اُڻت، ڏاڍي شاندار انداز ۾ ڪئي وئي آهي. بيٿاني جي مريم جي نرم نفيس آڱرين جيئن رنگين تندن مان ڪپڙا ٿي اڻيا، تيئن ڪازان زاڪس جي ڪلاڪار آڱرين لفظن جي رنگبرنگي ڌاڳن سان تخيل جي تاڃيءَ تي هيءُ خوبصورت ناول اڻيو آهي جنهن ۾ ڪٿي ڪنواري مريم جي دانهن آهي، ڪٿي مريم مگدلين جي پيڙا آهي، ڪٿي بيٿاني جي مريم جا ٿڌا ساهه آهن، ته ڪٿي مارٿا جا گونگا لڙڪ آهن. ناول ۾ ڪٿي عيسيٰ جي ٻاجھارن هٿن جي مسيحائي آهي، ته ڪٿي يهودا جي چاقون جا وڍ آهن. ناول ۾ منظرنگاري ايڏي ته شاندار آهي، جو ڪنهن مهل ڀانئجي ٿو ته ماڻهو پاڻ اُتي بيٺو آهي. زمان ۽ مڪان جون حدون ريٽجي ٿيون وڃن.

هن مضمون کي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ کان اڳ دل چئي ٿي ته ناول جي ٻولي ۽ تخيل جي حسناڪيءَ کان ٿوري توهان کي آگاهي ڏجي، ان جي ٿوري جھلڪ توهان کي ڏيکارجي. بلڪل ٿوري، جو سچ هيءُ آهي ته لڳاتار هيءُ مضمون لکندي مان پاڻ به هاڻي ٿڪجي پيو آهيان، پر صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته اها هن ناول جي حسناڪي آهي، جنهن جي ڪري مان ايترو لکي سگھيو آهيان.

ڏسو، ڇا ته سهڻيون، معنيٰ ڀريون، تاريخي ۽ مضبوط خيالن واريون سٽون آهن:

Every time the Hebrews raised their hands against the Romans in order to seek freedom this hill filled with crosses, and upon these the rebels writhed and groaned. At night the jackals came and ate their feet, and the next morning the crows flew down and ate their eyes.

----

”جڏهن به عبرانين (يهودين) پنهنجي آزادي لاءِ رومين خلاف هٿ بلند ڪيا، تڏهن هيءَ ٽڪريءَ صليبن سان ڀرجي ٿي وئي ۽ باغين کي انهن تي لٽڪايو ٿي ويو. صليبن تي هنن رت ٿي ڳاڙيو ۽ درد مان دانهون ٿي ڪيون. رات جي وڳڙي گدڙ ٿي آيا ۽ سندن پير ٿي پٽيائون، ۽ صبح ويلي ڳجھون ٿي لٿيون ۽ سندن اکڙين جا تارا ٿي کاڌائون.“

A man see a miracle only once in his life.

----

”هڪڙو ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ رڳو هڪ ڀيرو ئي ڪو معجزو ڏسي سگھي ٿو.“

God’s true voice always comes to us from within.

----

”خدا جو سچو آواز ته هميشه اسان جي اندران ئي اڀري ٿو.“

We are not murderers, we are fighting for freedom.

----

”اسان قاتل ڪونه آهيون، اسان پنهنجي آزادي لاءِ وڙهي رهيا آهيون.“

What is the life of man? What is it worth? Nothing, if it isn’t free.

----

”هڪڙي ماڻهو جي حياتي ڇا آهي؟ ان جي قيمت ئي ڪيتري آهي؟ ڪجھه به نه، جي هو آزاد نه آهي.“

The knife is more of a help in this than bread.

----

هن راهه ۾ چاقون ماني کان وڌيڪ مددگار هوندو آهي.“

The night was sweet, warm, damp; a gentle wind blew from the south. Capernaum smelled of fish and jasmine.

----

”رات پياري، وڻندڙ ۽ ڀني ڀني هئي، ڏکڻ جي نرم هوا گھلي رهي هئي ۽ ڪيپرنام ۾ مڇيءَ جي کِک ۽ موتيي جي گلن جي سرهاڻ پکڙي پيئي هئي.“

My heart is a lighted coal.

----

”منهنجي دل هڪ ٻرندڙ ۽ دکندڙ  اڱار آهي.“

Shame is also a temptation, conquer it.

----

”لڄ ۽ شرم خود هڪڙي روڪ ۽ آزمائش آهي، ان کي ضابطي ۾ آڻ.“

The crucifier suffers more than the crucified.

----

”صليب تي چاڙهيندڙ مصلوب کان به وڌيڪ پيڙا مان گذرندو آهي.“

The earth is a tree.

----

”هيءَ ڌرتي هڪ وڻ آهي.“

His words are as sweet as honey.

----

”هن جا لفظ ايئن مٺا آهن جهڙي ماکي.“

After all, they’re women: they have hearts and no minds.

----

”سؤ ڳالهين جي هڪ ڳالهه ته اهي وري به عورتون آهن. اهي دماغ نه، دل جي دنيا جون رهاڪو آهن.“

God is spirit, and spirit must be worshiped only in spirit.

----

”خدا روح آهي، ۽ هڪ روح جي عبادت رڳي روح ۾ ئي ٿي سگھي ٿي.“

We take a step to find Jerusalem, and she takes a step to find us.

----

”پاڻ يروشلم ڏانهن هڪ وک وڌايون ٿا، ۽ هوءَ به اُٿي پاڻ ڏانهن هڪ وک وڌائي ٿي اچي.“

We worship within ourselves. Each is our bodies is a temple.

”اسان پاڻ پنهنجي اندر ۾ عبادت ڪريون ٿا. اسان جو هر جسم هڪ ديول آهي.“

All your virtues are daughters of fear. All your virtues are daughters of poverty.

----

”اوهان جون سڀ فضيلتون ڊپ جون ڌيئرون آهن. اوهان جون سڀ فضيلتون مسڪينيءَ جون ڄايون آهن.“

The sun came out of the desert like a lion and beat all the doors of Israel.

----

”سج صحرا مان ڪنهن شينهن جيان نڪتو ۽ اسرائيل جا دروازا کڙڪائڻ لڳو.“

Take care. The desert is full of sweet voices and death.

----

”پنهنجو خيال رکج. رڻ پيارن آوازن سان سٿيل هوندو آهي ۽ ان ۾ هنڌين ماڳين موت ڇپ هڻيو ويٺو هوندو آهي.“

Great things happen when God mixes with man.

----

”خدا جڏهن انسان ۾ سمائجي ويندو آهي، تڏهن عظيم شيون جنم وٺنديون آهن.“

Rabbi, what is the name of the true God? He answered, Love.

----

”سائين! خدا جو سڀ کان سچو نالو ڪهڙو آهي؟ هن جواب ڏنو، پيار.

The repentant sinner is better than the man who has never sinned.

----

”اهو گنهگار، جيڪو گناهه جا گل پٽڻ کان بعد ۾ ٻاڏائي ٿو، ان ماڻهو کان ڀلو آهي، جيڪو ڪڏهن به گناهه نه ٿو ڪري.“

He held her just as an inexperienced bridegroom holds his bride.

----

”هن کيس پنهنجن ٻانهن ۾ ايئن ڀريو، جيئن ڪوئي اڻ تجربيڪار گھوٽ پنهنجي ڪنوار کي ڀاڪر پائيندو آهي.“

Night is a great gift of God. It is the mother of man and comes quietly and tenderly to cover him.

----

”رات انسان لاءِ خدا جو عظيم تحفو آهي، اها ماڻهوءَ جي ماءُ آهي، ماٺ ۾ اچي ٿي ۽ هن کي پنهنجي جھولي ۾ لڪائي ٿي ڇڏي.“

But I say to you that whoever even looks at a woman lustfully has already committed adultery in his heart.

----

”پر مان توکي چوان ٿو ته جيڪو ماڻهو ڪنهن عورت کي شهوتي نظرن سان ڏسي ٿو، اهو به هن سان ڄڻڪ پنهنجي دل ۾ زنا ڪري ٿو.“

If the soul within us does not change, the world outside us will never change.

----

”جيڪڏهن اسان جي اندر اسان جو روح نه ٿو بدلجي ته سمجھو ته  اسان کان ٻاهرينءَ دنيا به نه ٿي بدلجي.“

Truth has seven levels.

----

”سچ جون ست سطحون آهن.“

Man’s voice is an all powerful charm.

----

”ماڻهو جي آواز ۾ ڪو  طاقتور جادو لڪيل آهي.“

We Romans are made to govern men, and men are not governed by love.

----

”اسين رومي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيا ويا آهيون ۽  دنيا تي حڪمراني پيار سان نه ٿي ڪري سگھجي.“

Magdalene, your eyes are lighted coals.

----

”مگدلين، تنهنجون اکيون ٻرندڙ اڱار آهن.“

The moon, large and sorrowful, was at this moment rising from behind the mountains of Moab.

----

”موعب جي پهاڙن پٺيان ان ٽاڻي وڏو ۽ اداس چنڊ اڀري رهيو هو.“

What is the body? The tent of the soul.

----

”جسم ڇا آهي؟ روح جو خيمو.“

Death is the door to immortality; there is no other door.

----

”موت لافانيت جو دروازو آهي، هتي ٻيو ڪوبه در نه آهي.“

And faster than the mind of a man, the heart of a woman.

----

”عورت جي دل، مرد جي دماغ کان گھڻي تيز آهي.“

Woman is a fountain of immortal water.

----

”عورت امرت رس جو هڪ سدا حيات چشمو آهي.“

ناول ۾ اهڙيون ڪئين سٽون آهن، جيڪي دل ۾ لهي وڃن ٿيون. هنڌين ماڳين شاندار منظرنگاري آهي. ناول جي حُسناڪي کي بيان نه ٿو ڪري سگھجي، محسوس ڪري سگھجي ٿو يا پڙهندي ڏسي سگھجي ٿو. هونئن به حسن عورت جو هجي، آواز جو، فطرت جو يا لفظ جو، بيان ڪرڻ جي نه، ماڻڻ چوڙڻ، محسوس ڪرڻ ۽ ڏسڻ جي شئي آهي.

ناول جي پڄاڻيءَ وارا باب، عيسيٰ عليہ السلام جي مصلوب ٿيڻ واري واقعي تي لکيل آهن. صليب تان هُو جڏهن هن خوبصورت دنيا تي هڪ مرد واري نظر وجھي ٿو، تڏهن اِتان کان هن جي آخري آزمائش شروع ٿئي ٿي. کيس ميري مگدلين ياد اچي ٿي، بيٿاني واري ميري سندس سار تي سُري ٿي اچي، کيس مارٿا جي يادگيري اچي ٿي. هوءَ مظلوم مائڙي پڻ سندس هينئڙي تي هُري ٿي اچي. هلندي ڦرندي، شاديون مراديون ڪندي، ڪم ڪار ڪندي، وڙهندي جُھڙندي، پيار ونديندي، ٻار پاليندي هيءَ دنيا ڪيڏي نه سهڻي ٿي لڳي! ڌرتي ڪيڏي نه سهڻي آهي، ان جا نظارا ڪيڏا نه سهڻا آهن. ماڻهو ڪيڏا نه سهڻا آهن. مار! ايڏي سهڻي ۽ وڻندڙ دنيا کي هُو اڳ ڇو نه ڏسي سگھيو هو!؟ کانئس دانهن نڪري ٿي وڃي.

هُو ڄڻڪ ڪنهن ڊگھي خواب مان ڇرڪ ڀري جاڳي ٿو. صليب جي پيڙا ڏانهس موٽي ٿي اچي.

هُو پنهنجي قاتلن کي به دعا ٿو ڏي: ”اي خداوند، هُنن کي معاف ڪري ڇڏ. هُنن کي خبر ئي ڪانهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن.“

سندس اکيون ٻوٽجي رهيون آهن. هُو پاڻ کي خدا جي ٻانهنِ ۾ ڏيئي ٿو ڇڏي. هُو سمجھي ٿو ته آءٌ ڪامياب ٿي ويو آهيان.

هُو سوچي ٿو ته هيءَ پڄاڻي نه، پر هڪ نئين شروعات آهي، هڪڙو نئون آغاز آهي.

هُو صليب تي پنهنجي سوچ ۾ درست هو. هر پڄاڻي کي هڪ نئين شروعات آهي. هن جي موت سان حالتون دٻيون نه، پر انهن جي رفتار تيز ٿي ويئي هئي. پونٽيس پلاٽي کي ندامت جي احساس هيٺ سندس زال ڇڏي وئي، عهدي تان معزول ٿي ويو ۽ خود به مصلوب ڪيو ويو. يروشلم نئين گھيري ۾ آيو ۽ هيروڊ جي ديول کي ڊاٺو ويو. دير سان ئي سهي، پر خود روم پڻ آخرڪار ڊهي ويو ۽ جيڪي سمجھندا هئا ته اسان پيدا ئي دنيا تي حڪمراني لاءِ ٿيا آهيون، انهن جي حڪمراني هميشه هميشه لاءِ الوپ ٿي وئي. جن جو شاهين آسمانن جي بلندين ۾ پروازون ڪندو هو، انهن جا پنهنجا کنڀ کوهجي ويا. هر دؤر جي شاهينن کي تاريخ جي اونداهي قبر ۾ ڪِرڻو آهي. ان جي برعڪس محبت، انساني ڀائيچارو ۽ آزادي دنيا ۾ سدا سلامت رهڻي آهي.

تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته هر اهو ”روم“
جيڪو ٻين قومن کي محڪوم ٿو ڪري، پراين ڌرتين تي ڪنهن به نالي ۾ والار ٿو ڪري، معصوم ماڻهن کي مصلوب ۽ قتل ٿو ڪري ۽ خدا جي ڌرتيءَ تي جبر کي رائج ٿو ڪري، اهو هڪ ڏينهن نيٺ ڊهي وڃڻو آهي. سونهن، سچ ۽ قومن جو وجود سدا سلامت رهڻو آهي. دنيا سدائين اڳتي وڌڻي آهي، وڌيڪ سٺاين، انصاف، انسان دوستي ۽ آزادي ڏانهن.

دنيا جو عظيم ادب اسان کي اهو ٿو ٻڌائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org