سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :12

اهڙن پراڻن متمدن شهرن مان ”وينجهرو“ جو شهر به ڪهن زماني ۾ سنڌ جو هڪ مکيه ۽ اهم شهر هو. وينجهرو جو دڙو سنڌ صوبي جي نوابشاهه ضلعي ۾ سڪرنڊ تعلقي ۾ موجوده سڪرنڊ شهر کان قاضي احمد ويندڙ قومي شاهراهه جي ڏکڻ ۾ مشائخ شاخ جي وٽ سان اڀرندي طرف واقعي آهي. قديم دور ۾ هيءُ شهر هڪ وڏو پر رونق ۽ وسندڙ شهر هو ليڪن هن وقت اها پراڻي عظمت وڃائي واريءَ جي دڙن جي صورت ۾ دنيا جي ناالتفاتيءَ تي خاموشي سان ماتم ڪري رهيو آهي. هن شهر زماني جا ڪيترائي انقلاب ڏٺا، پنهنجن ۽ پراون جي هٿان تباهي ۽ برباديءَ جا منطر ڏٺا ۽ اُهي سڀ حقيقتون پنهنجي سيني ۾ سانڍيو کنڊرن جي صورت ۾ تاريخدانن ڏانهن تاڻي رهيو آهي.

سنڌ جي تاريخ مان اهو واضح ٿئي ٿو ته ”وينجهرو“ سنڌ جي لاکاٽ پرڳڻي(1) جو هڪ قديم شهر هو. گويا هي شهر لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي(2) جو درياهي واپاري پتڻ هو. واپاري قافلا ۽ فوجي نقل و حرڪت جو هي مکيه مرڪز هو. لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي جو اناج ۽ ٻيو واپار هن پتڻ جي ذريعي سنڌ جي قديم شهر نصرپور جي رستي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ سان هلندو هو.

هن شهر جي آباد ٿيڻ جي باري ۾ تاريخي لحاظ کان ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي ته هي شهر ڪڏهن ۽ ڪهڙي دور ۾ آباد ٿيو. سنڌ جي تاريخ جا قديم ماخذ جهڙوڪ تاريخ معصومي، تاريخ طاهري ۽ تحفتہ الڪرام وغيره سڀ خاموش نظر اچن ٿا. ليڪن هن دڙي جا کنڊرات ٻڌائن ٿا ته اڳئين زماني ۾ هي شهر وڏي ايراضيءَ وارو شهر هو. هن وقت انهيءَ شهر جو ويرانو تقريباً ٽيهن اڪيڙن ۾ ڦهليل نظر اچي ٿو. قديم دور ۾ شايد هن شهر کي ايتري فوجي اهيمت ڪانه هئي، جيتري مغل دور ۾ ڏني ويئي هئي. هن جي باري ۾ ميرڪ يوسف(3) تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ ڪافي تفصيل سان روشني وڌي آهي. تاريخ مظهر شاهجهاني جي احوال مان هن شهر جي قدامت ۽ اهميت جي باري ۾ معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر سنڌ جي هڪ قديم قوم ”وينجهر“ جي ماڻهن جو آباد ڪيل هو. وينجهر قوم سنڌ جي هڪ نج قوم آهي. موجوده دور ۾ به وينجهر قوم جا ڪيترائي ماڻهو موري شهر ۽ ٻين ڪيترن آسپاس جي ڳوٺن ۾ رهن ٿا. انهيءَ قوم جي پوئتان هن شهر جو نالو ”وينجهرو“ پئجي ويو> پراڻي زماني ۾ هي شهر سيوهڻ کان اٽڪل تيرهن ڪوهن جي مفاصلي تي هو(4) هن شهر ۾ سميجن انڙن جي پاڙن جا ڪيترائي ماڻهو رهندا هئا(5) هن شهر جي رهواسين جي سياسي، تمدني ۽ انقلابي سرگرمين جو ذڪر ميرڪ يوسف تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ تفصيل سان ڏنو اهي.

وينجهري شهر جي ويراني جي اوڀر ۾ هڪ وڏو ڍورو آهي، جو مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب ته اهو درياهه جو پراڻو وهڪرو هو. ليڪن اسان جي تحقيق موجب ته اهو درياهه جو ڍورو نه آهي، بلڪ ڍنڍ آهي، جنهن جي ڪناري تي وينجهري جو قلعو اڏيل هو. سنڌو درياهه وينجهري شهر ۽ قلعي جي الهندي طرف کان وهندو هو ۽ اهو اڄ تائين ساڳيءَ طرح سان وهندو رهي ٿو. تاريخ مظهر شاهجهانيءَ جي مصنف جي قول موجب پڻ اها ڍنڍ هئي(6) انهيءَ ڍنڍ جي پاسن کان وقت جي حاڪمن عاليشان باغ رکايا هئا ته جيئن قلعو دشمن جي حملن ۽ سرگرمين کان محفوظ رهي. هن وقت سڀڪجهه ويران ٿي چڪو آهي.

جيئن اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته وينجهرو لاکاٽ پرڳڻي جو هڪ اهم مرڪزي شهر هو. هن پرڳڻي ۾ سميجن انڙن جون هميشہ شورشون پيون رهنديون هيون. لاکا ۽ انڙ هر وقت پاڻ ۾ پيا وڙهندا هئا. سيوهڻ سرڪار جي مغل انتظاميه هميشہ لاکن جو طرف وٺندي هئي. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته لاکن ۽ سميجن انڙن جي باهمي جهيڙن جو سبب اهو هو جو لاکا سيوهڻ جي مغل حاڪمن جا سميجن انڙن جي خلاف ڪَن ڀريندا هئا ۽ هنن جي خلاف جاسوسي پڻ ڪندا هئا(7) تاريخ مظهر شاهجهانيءَ مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مغل گورنرن جو گهڻو وقت سنڌ جي ماڻهن سان مقابلن ۽ مجادلن ۾ گذريو. تاريخ ۾ انهن شورشن ۽ سرڪشين کي بغاوت جي نالي سان تعبير ڪيو ويو آهي، حالانڪ ائين نه آهي(8).

سميجن انڙن هن علائقي ۾ ڏاڍو گوڙ مچائي ڇڏيو هو، ايتريقدر جو لاکاٽ جي قلعي کان سواءِ بکر، ٺٽو ۽ جيسلمير وغيره سندن وڳوڙ کان آجا نه هوندا هئا. لاکاٽ پرڳڻي جي سميجن انڙن ۽ مناهيجن کي مطيع ڪرڻ لاءِ مغل شاهي سرڪار وينجهري شهر جي ويجهو ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ ڪچو مٽيءَ جو قلعو تعمير ڪرايو هو. دراصل ڪچو مٽيءَ جو قلعو مغل تعميرات جي اڏاوت جو نمونو نٿو لڳي، ڇاڪاڻ ته ڪچو مٽيءَ جو قلعو اصل ۾ بارودي دور کان گهڻو اڳ جو رواج آهي، باقي اهو ٿي سگهي ٿو ته قلعي اصل ۾ بارودي دور کان گهڻو اڳ جو رواج آهي، باقي اهو ٿي سگهي ٿو ته قلعي نما ڪچو ڪوٽ هجي! اسان هن قلعي جو چڱيءَ طرح مشاهدو ڪيو آهي، جنهن سان پڻ اها ڳالهه صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿي ته هي ڪچو قلعو سمن جي دور جو ٿي سگهي ٿو ۽ بعد ۾ مغلن پنهنجي دور حڪومت ۾ ان جي فوجي اهميت جي پيش نظر مرمت ڪرائي هجي! هن وقت مقامي ماڻهو انهيءَ قلعي کي ”مغلن جو قلعو“ ڪري چون ٿا*

تاريخ مظهر شاهجهاني جي مصنف انهيءَ قلعي جي باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، ان مان ايترو چئي سگهجي ٿو ته هي قلعو سن 1009هه يا 1013هه جي لڳ ڀڳ سيوهڻ سرڪار جي صوبيدار مير ابوالقاسم ”نمڪين“ تعمير ڪرايو هو(9). ميرڪ يوسف لکي ٿو ته ”وينجهري ڳوٺ ۾ ابوالقاسم ”نمڪين“ سميجن انڙن کي زير ڪرڻ لاءِ تعيمر ڪرايو هو.(10) ميرڪ يوسف جو اهو بيان ٻڌائي ٿو ته اهو قلعو وينجهري ڍنڍ جي ڪناري تي هڪ مضبوط ڪچو قلعو تعمير ڪرايو هو. ميرڪ يوسف جو اهو بيان پڻ منجهائيندڙ آهي ۽ اُن مان پوري طرح سان هن قلعي جي قدامت ۽ تعمير جي ڪابه خبر پئجي ڪانه ٿي سگهي.

سنڌ جو ممتاز مئورخ سيد حسام الدين راشدي صاحب لکي ٿو ته ”سميجن جي وچ ۾ ”وينجهرو“ نالي هڪ ڳوٺ هو، جنهن ۾ مير نمڪين هڪ قلعو تعمير ڪرايو هو. ساڳيءَ طرح سان مير صاحب حويلي پرڳڻي ۾ ”ديه ڳوٺ“- ۾ درياهه سنڌ جي ڪناري تي هڪ ٻيو قلعو تعمير ڪرايو هو.“(11) جناب راشدي صاحب جي انهيءَ بيان جو ماخذ پڻ ساڳيو ڪتاب تاريخ مظهر شاهجهاني آهي. وينجهري واري ڍنڍ، جنهن جي ڪنڌيءَ تي اهو قلعو اڏيل هو، سو پڻ هڪ تحقيق طلب مسئلو آهي. موجوده وينجهري شهر جي کنڊرات کان ٿوري مفاصلي تي الهندي طرف مشائخ شاخ جي وٽ سان برباد ٿيل انهيءَ قلعي جا نيشان باقي موجود آهن، ۽ الهندي طرف قلعي جي ڊٺل ديوار جي ڀڪ سان ڍورو آهي جنهن ۾ هن وقت آبادي ٿيندي رهي ٿي.

تاريخ مظهر شاهجهاني ۽ تذڪره اميرخاني جي مطالعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اڪبر بادشاهه جي زماني ۾ مير ابوالقاسم ”نمڪين“ بکر جو جاگيردار ٿي آيو. ميرابوالقاسم ”نمڪين“ وڏو بهادر، مدبر ۽ سياسي بصيرت جو مالڪ هو. ان وقت سيوهڻ سرڪار جو انتظام به سندس حوالي ڪيو ويو. مير ”نمڪين“ (12) سن 1009هه ڌاري سيوهڻ پهتو هو. محترم سيد حسام الدين راشدي جي قول موجب ته پاڻ بکر جي بجاءِ باقاعدي سيوهڻ سرڪار جو حاڪم ٿي رهيو ۽ درياهه جي ڀرسان خطي پرڳڻي جو اڌ ۽ لاکاٽ پرڳڻو پڻ سندس حوالي رهيو.“(13) تذڪره اميرخانيءَ جو مولف پير صاحب لکي ٿوته ”مير ابوالقاسم نمڪين سن 1003هه کان اڳ بکر جو گورنر ٿي آيو هو“، ليڪن مآثرالامراء جو صاحب لکي ٿو ته 1007هه ۾ پهريون دفعو مير صاحب بکر ۾ جاگيردار جي حيثيت ۾ آيو ۽ 1015هه ۾ وري جهانگير جي زماني ۾ اهو سندس حوالي ڪيو ويو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته مير نمڪين 1003هه کان 1015هه تائين بکر جو جاگيردار ٿي رهيو هوندو(14).

سيوهڻ سرڪار جو انتظام درهم برهم ٿي چڪو هو. ميرابوالقاسم نمڪين اچڻ سان ويران ۽ برباد ٿيل ڳوٺ، بستيون ۽ ڀڙڀانگ ٿيل شهر ٻيهر آباد ڪرايا. اڳين نااهل حاڪمن جي غلط روش ۽ پاليسي سبب ملڪ جي حالت پڻ تمام ابتر ٿي چڪي هئي. مير نمڪين ماڻهن، خاندانن ۽ قبيلن کي آڻي وري ساڳين ماڳن ۽ هنڌن تي وسايو**.

مير ابوالقاسم نمڪين سيوهڻ پهچندي پنهنجي هڪ ملازم بايزيد کي سميجن انڙن جي علائقي ۾ شقدار ڪري موڪليو. سميجن انڙن ڪجران ڳوٺ؟ جي ويجهو لاکن جي بستين کي لٽيو، ڦريو۽ بايزيد کي پڻ قتل ڪري وڌو. مير نمڪين سخت غصي ۾ اچي درياهه سنڌ کي پار ڪري مهراڻ ڳوٺ ۾ اچي پهتو، جتي سميجن انڙن جو قتل عام ڪرايائين ۽ انهيءَ دوران وينجهري جي قلعي کي تعيمر ڪرايائين. انهيءَ لحاظ کان هي قلعو شايد اڳ ۾ ڦٽي ويو هو جنهن کي ساڳين اڳين بنيادن تي جهانگير جي دور ۾ مير نمڪين 1009هه يا 1013هه ڌاري ٻيهر تعمير ڪرايو هوندو.

مٿي بيان ڪيل حقيقتن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته وينجهري جوقلعو مغلن جي دور کان گهڻو اڳ ۾ تعمير ٿيل هوندو، جنهن جو ڪجهه احوال اسان مٿي ڪري آيا آهيون. ليڪن ميرڪ يوسف جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي قلعو مغلن جي دور ۾ ابوالقاسم نمڪين ٺهرايو هو. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مير ابوالقاسم نمڪين پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ بکر، روهڙي ۽ سيوهڻ ۾ جيڪي به يادگار ڇڏيا آهن، تن مان اڪثر زماني جي انقلابن ۽ تباهه ڪارين سبب برباد ٿي ويا آهن، فقط ”صفهء صفا“ (روهڙي) ۽ ”صفهء وفا“ (سيوهڻ) باقي يادگار موجود وڃي رهيا آهن. انهن سڀني جو ذڪر ذخيرہ الخوانين جي مصنف تفصيل سان ڪيو آهي(15). ليڪن وينجهري جي قلعي جو ذڪر ڪٿي به ڪونه ٿو ملي، سواءِ تاريخ مظهر شاهجهاني جي. ميرڪ يوسف جو اهو بيان مبهم ۽ غير واضح آهي،انهيءَ ڪري هيڪاري اسان جو گمان قوي ٿئي ٿو ته هي قلعو مغل دور کان اڳ جو آهي، جنهن لاءِ اسان مٿي اهو سبب ڏيئي آيا آهيون ته مغل دور ۾ بارودي قلعن جو رواج هو. هي ڪچو قلعو سنڌ جي سمن حاڪمن جي دور ۾ تعمير ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ اهو ئي ڌارين حمله آورن فوجن جو لنگهه هو.

وينجهري جو قلعو ساڍن ٽن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ آهي. چوطرف مضبوط و پڪري ڪچي مٽيءَ جي ديوار ڏنل هئي، غالباً انهيءَ جي ساخت ڪوٽ واري هئي. سموري ڪوٽ کي چار دروازا هئا، اندر قلعي ۾ ڦاسي گهاٽ پڻ ٺهيل هو، جتي بيگناهه سميجن، انڙن ۽ مناهيجن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويندو هو. قلعي جي جوڙجڪ ۽بيهڪ تي ڪنهن به مورخ تفصيل سان وڌيڪ روشني نه وڌي آهي. قلعي جي اندر رهائش لاءِ وقت جي حاڪمن ۽ عملدارن جون محلاتون، ماڙيون ۽ حويليون جوڙايون ويون هونديون، پر سڀ زماني جي انقلابن ۽ تباهين جي لهر ۾ لڙهي ويون. اڄ انهن جو ڪوبه نشان باقي نظر ڪونه ٿو اچي. هن قلعي ۾ هر وقت هڪ مضبوط فوج توبخاني سان رهندي هئي. تاريخ مظهرشاهجهاني ۾ ميرڪ يوسف سيوهڻ سرڪار جي عملدارن کي مشورو ڏيندي چوي ٿو ته”لاکن واري پاسي وينجهرو قلعو آهي. ان کي چڱي طرح سان مرمت ڪري، اُتي مضبوط فوج ۽ توبخانو رکيو وڃي ته جئن لاکن سان سميجن انڙن جي ڪابه هٿ چراند نه ٿئي.“(17) انهيءَ مان هن قلعي جي فوجي اهميت جو پورو پتو پئجي سگهي ٿو.

وينجهري قلعي جي اندر هن وقت پڪين سرن جون ڊٺل ٽي مزارون آهن. انهن قبرن جي باري ۾ مقامي ماڻهن جي روايت آهي ته اهي قبرون سميجن، انڙن ۽ مناهيجن جون آهن، جي قلعي جي اندر مغلن جي بنديخاني ۾ اذيتون سهندي مري ويا هئا. ليڪن اسان انهيءَ روايت سان متفق نه آهيون ته اهي ڪي باغين جون قبرون آهن. اسان جي خيال موجب ته اهي قبرون مغل ڪارندن جون آهن، جن کي وينجهري قلعي جي ٻاهران سميجن انڙن ۽ مناهيجن جي ويڙهه جي دوران قتل ڪيو ويو هوندو ۽ کين فوجي اعزاز سان قلعي جي اندر دفن ڪيو ويو آهي. انهن ٽنهي قبرن مان هڪ قبر قلعي جي ڏاکڻي دروازي جي ويجهو پَڪ سرائين آهي، انهيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها مزار ”تڪو پير“ جي آهي، پر تاريخ مظهر شاهجهاني جي احوال موجب ته تڪو خان هڪ فوجي عملدار انهيءَ مهم دوران مناهيجن جي هٿان قتل ٿي ويو هو. ممڪن هجي ته اها تڪو پير“ جي قبر انهيءَ مغل عهديدار جي هجي! هن وقت قلعي جون ديوارون زماني گذرندي ڊهنديون ۽ ڀُرنديون ويون آهن. دروازن جا صرف نشان پيا نظر اچن. برباد ٿيل قلعي جي الهندي طرف کان ڪافي دور سنڌو درياهه وهي ٿو ۽ ان جي پريان پهاڙن جون قطارون ڪَر کنيون بيٺيون آهن.

تاريخي اهم واقعا:

سنه 993هه /1585ع ۾ مرزا جاني بيگ ترخان سنڌ جو حاڪم ٿيو. هن جي دور ۾ سنڌ ڌارين جي حملن کان محفوظ رهي نه سگهي. هندوستان جي مغلن بادشاهه اڪبر جون نگاهون هميشه سنڌ جي فتح ڪرڻ لاءِ منتظر رهيون. شهنشاهه اڪبر جي نامور سالار عبدالرحيم خان خانان سنه 1000هه ۾ سنڌ کي فتح ڪيو ۽ سنڌ مغل سلطنت جو هڪ صوبو بڻجي ويو. سنڌ جي فتح کانپوءِ مغل انتظاميه سنڌ کي ٽن سرڪارين ۾ ورهايو: هڪ بکر سرڪار، ٻيو ٺٽو سرڪار ۽ ٽيون سيوهڻ سرڪار وغيره. مغل شهنشاهه جي طرفان سنڌ تي صوبيدار مقرر ٿي ايندا هئا. سنڌ دور دراز صوبو هو، جنهن جي انتظام هلائڻ ۾ ڏاڍي دقت ٿيندي هئي. مغل حاڪمن جا ڪارندا عوام جي مٿان پنهنجي پر ۾ هر طرح سان جائز ۽ ناجائز نموني ۾ هلت ڪندا رهندا هئا. عملدارن جي انهن اڍنگين روشن جون خبرون مرڪزي حڪومت کي دير سان پهچنديون هيون. تاريخ مظهر شاهجهانيءَ اهڙين ڪاررواين سان ڀري پئي آهي. سيوهڻ سرڪار جي لاکاٽ پرڳڻي جي تباهي مرزا حسام الدين مرتفيٰ خان ثانيءَ جي عملداريءَ جي دور ۾ شروع ٿي چڪي هئي. مرزا حسام الدين  1627ع/1035هه ڌاري سنڌ ۾ پهتو. هن پنهنجي پٽ صمصام الدوله کي سميجن جي مٿان حاڪم مقرر ڪري موڪليو. هالن جي عملدار موسيٰ خان کي پڻ فوجي دستي سان سندس مدد پوئتان موڪليو. سميجن انڙن کي جڏهن انهيءَ منصوبي جي خبر پئي ته هنن انهيءَ مهم جي خلاف فساد کڙو ڪيو. لاکاٽ پرڳڻي ۾ لاکن کانسواءِ سميجن انڙن ۽ مناهيجن جا ڪيترائي پاڙا رهندا هئا، جن سڀني گڏجي مغل عملدار جي خلاف فساد ۾ حصو ورتو.(17)

تاريخ ۾ اچي ٿو ته بختيار بيگ جڏهن مغل سرڪار جي طرفان سيوهڻ سرڪار جو حاڪم مقرر ٿي آيو، تڏهن هن پنهنجي نائب شهسوار خان کي لاکاٽ پرڳڻي مان ڍل وصول ڪرڻ لاءِ موڪليو، پر اتي جي سميجن انڙن هن کي قتل ڪري وڌو. بختيار بيگ سن1008هه ۾ سخت غصي ۾ اچي سميجن انڙن تي فوج ڪشي ڪئي. سميجن انڙن پنهنجي سردار پريو خان انڙ جي سرڪردگيءَ ۾ جنگ ۾ حصو ورتو. گچيري جي قلعي جي ٻاهران سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ پريو خان انڙ پنهنجن جان نثار ساٿين سميت بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويو.

مير ابوالقاسم ”نمڪين“ مغل دور ۾ ٻه دفعا سيوهڻ سرڪار جو حاڪم مقرر ٿي آيو. پهريون ڀيرو 1009هه کان 1013هه تائين ۽ ٻيو ڀيرو 1016هه کان 1019هه  تائين ڪل گهٽ وڌ ڇهه ورهيه حاڪم ٿي رهيو. مير نمڪين پنهنجي ايامڪاري ۾ سميجن انڙن جي زور ڀڃڻ لاءِ ”وينجهري“ ۾ نئين سر قلعو تعمير ڪرائي فوج رکي، انڙن جي خلاف مهم کي تيز ڪيو.

خواجه نورالدين ڪروڙي سيوهڻ سرڪار جو عملدار ٿي آيو ته هن جي دور ۾ پڻ سميجن انڙن ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هن نهنجي ڀائٽي تيمور بيگ کي ٽي هزار فوج ڏيئي، سميجن انڙن ڏانهن اماڻيو ته جيئن هو کانئن رهيل ڍلن جون بقايائون وصول ڪري. تيمور بيگ سنڌو درياهه پار ڪري اچي لاکاٽ پرڳڻي جي وينجهري جي قلعي ۾ رهيو. هوڏانهن جڏهن تيمور بيگ جي اچڻ جي خبر سميجن انڙن کي پئي ته هو پاڻ ۾ گڏجي سونهري ڍنڍ تي اچي گڏ ٿيا، جتي طرفين جي وچ ۾ ڇتي جنگ لڳي ته تيمور بيگ شڪست کائي سربچائي اچي وينجهري جي قلعي ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو(18) سميجن انڙن قلعي جو محاصرو ڪيو. هٿيارن ۽ اناج جي ذخيرن تي قبضو ڪيو. خواجه نورالدين ڪروڙي تيمور بيگ جي مدد لاءِ ماڻڪ چند هندو عملدار کي موڪليو. ماڻڪ چند درياهه پار ڪري جيئن وينجهري جي قلعي طرف وڌيو، تيئن ئي سميجن انڙن قلعي جو گهيرو ڇڏيو ۽ جيسلمير جي طرف ڀڄي ويا(19) هن ويڙهه ۾ سميجن انڙن وينجهري جي قلعي، شهر ۽ آسپاس جي علائقي کي ڏاڍو نقصان پهچايو. هن جنگ م انڙن جو سردار طالب انڙ هو.

خواجه نوالدين ڪروڙيءَ کان پوءِ سردار خان عرف توخته بيگ سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ٿي آيو. هن جي دور ۾ وري درويش بيگ ۽ مغل ڪارندي ماڻڪ گڏجي انڙن جي شهر ڏيڙان تي حملو ڪيوÙ انڙن پنهنجي سردار طالب انڙ جي اڳواڻي هيٺ مغل فوج جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ درويش بيگ ۽ ماڻڪ شڪست کائي سيوهڻ طرف ڀڄي ويا.

ان کان پوءِ سردار خان قنڌار ويندي سيوهڻ جي نيابت پنهنجي وفادار ملازم درويش بيگ جي حوالي ڪري ويو.(20) درويش بيگ جي دور ۾ لاکاٽ پرڳڻي جي حالت وري خراب ٿي ويئي. سميجن انڙن ماڻڪ ۽ درويش بيگ جي فوجن تي حملو ڪيو ۽ درويش بيگ زخمجي پيو ۽ آخر انهن زخمن جي وگهي وفات ڪري ويو. جڏهن خبرون جهانگيري درٻار تائين پهتيون، تڏهن بادشاهه هن علائقي جي تحفظ ۽ سلامتيءَ لاءِ مير ابوالقاسم نمڪين کي سن 1016هه ۾ سيوهڻ جو حاڪم ڪري موڪليو. هن جي دور ۾ پڻ سميجن انڙن نمڪين کي سن 1016هه ۾ سيوهڻ جو حاڪم ڪري موڪليو. هن جي دور ۾ پڻ سميجن انڙن نمڪين جي عملدار بايزيد کي قتل ڪري وڌو(21) ابوالقاسم نمڪين انهيءَ واقعي تي ڏمرجي سميجن انڙن کي سخت سزا ڏيڻ لاءِ درياهه پار ڪري خطي پرڳڻي جي ڳوٺ مهراڻي ۾ اچي رهيوÃ ۽ اُتان پوءِ اچي وينجهري ۾ رهيو. ان دور ۾ نمڪين وينجهري جي قلعي کي مرمت ڪرائي مضبوط ڪيو.(22) ان کانسواءِ لاکاٽ پرڳڻي جي لاکن جي ماڻهن جو هڪ وفد انڙن جي خلاف درٻار شاهي تائين پڻ پهتو، هو جتان مير ابوالقاسم نمڪين کي جهانگير بادشاهه شاهي فرمان موڪليو ته لاکن جي تڪليفن کي دور ڪيو ويو. مير ابوالقاسم نمڪين قنڌار ويندي پنهنجي پٽ مير ابوالبقا کي سيوهڻ جو نائب مقرر ڪري موڪليو.

مير ابوالبقا سن1017هه ۾ سيوهڻ پهتو. مير ابوالبقا جو سڀ کان پهريون مقابلو گچيري جي ٻگهين سان ٿيو ۽ ان کان پوءِ انڙن سان ويڙهه لڳي، جنهن ۾ مير صاحب سندن پيڇو ڪندي اچي نصرپور جي ڀرسان سيد ڳڙهه جي قلعي وٽ پهتو. طالب انڙ، سميجن انڙن جو سردار هو. هو پنهنجي ساٿين سميت سيد ڳڙهه جي قلعي ۾ وڃي قلعي بند ٿي ويٺو. آخرڪار مير ابوالبقا قلعي جا دروازا ٽوڙي فوج سميت اندر داخل ٿي ويو. قلعي اندر مغل فوج ۽ طالب انڙ جي ساٿين جي وچ ۾ سخت جنگ هلي، جنهن ۾ طالب انڙ دليري ۽ بهادريءَ سان وڙهندي پنهنجي ساٿين سميت مارجي ويو. = انهن خونريزي مقابلن کان پوءِ مير ابوالبقا واپس وينجهري، ڪاٺڙي ۽ ڏيڙان* جي سميجن کي مطيع ڪندو ۽ سخت سزائون ڏيندو اچي سيوهڻ پهتو. اهڙيءَ طرح سان مير ابوالبقا جي سخت قدمن سان هن علائقي جون شورشون ڪنهن حد تائين بند ٿي ويون. ميرالبقا انهيءَ زماني ۾ وينجهري جي قلعي ۾ رهيو هو(23).

مگر ميرابوالبقا جي سيوهڻ رواني ٿيڻ کان پوءِ وري سميجن انڙن پنهنجون ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. ميرابوالبقا پنهنجي پٽ مير عتيق الله کي انهن جي خلاف فوج ڏيئي چاڙهي موڪليو. مير عتيق الله ۽ سميجن انڙن جو صاڀو ڍنڍ جي ڪناري تي مقابلو ٿيو.(24) مير عتيق الله شڪست کائي جهانگير آباد جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي. انهيءَ ويڙهه ۾ اگرچه مير عتيق الله کي شڪست آئي، ليڪن انڙن جو سردار لاکو انڙ بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويو.+ موجوده وينجهري شهر جي ويراني جي بلڪل ويجهو قبرستان آهي، جنهن ۾ انهيءَ سورهيه لاکي جي مزار آهي. مزار ڪچي ٿلهي تي پراڻين باريڪ پڪين سرن سان ٺهيل اهي. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ مٿانئس قبو پڻ اڏيل هو، مگر هاڻي سڀڪجهه ڊهي برباد ٿي ويو آهي. آسپاس جا مقامي ماڻهو کيس ”شهيد لاکو آرڻي“ پير ڪري چون ٿا. لاکي انڙ سن 1024هه ۾ وفات ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com