سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :2

حافظ محمد ”احسن“ چنا

پسائج مهلقا پنهنجو لقا خاص،

اها بهرِ خدا ڪر تون عطا خاص.

نه دنيا ۾ ڪو ثاني تنهنجو آهي،

تون آهين رونقِ ارض و سما خاص.

زماني جا سڀئي هيءَ بادشهه ڀي،

سڏائن تنهنجي در جا ٿا گدا خاص.

ڏسڻ سان سڀڪو توتي ٿئي ٿو عاشق،

ننڍو توڙي وڏو ۽ عام ڇا خاص.

زماني ۾ لکين ٻيا حسن وارا،

مگر سڀني ۾ توکي ڪيو خدا خاص.

هزارين زلف تنهنجي ۾ مقيد،

نه آهيان مان ڪو هڪڙو مبتلا خاص.

مٺا محبوب بس ديدار تنهنجو،

مريض عشق لئي آهي دوا خاص.

ڏسي ديدار تنهنجو پوءِ ڏيان دم،

اها ”احسن“ جي مَن جي مدعا خاص.

انور هالائي

قيدي آهيان عشق جي تقصير ۾،

قابو آهيان قرب جي زنجير ۾.

ڏک ڏٺا مون گردش-تقدير ۾،

ڪم نه آيو ڪوبه فن تدبير ۾.

عشق ۾ هر خواب اُلٽو ٿي ويو،

هجر مليو وصل جي تعبير ۾.

عشق هردم حسن آڏو ٿو جهڪي،

حسن نازان عشق جي تسخير ۾.

لک اميدون اڄ کڻي حاضر ٿيس،

مان حضور- حسن- عالمگير ۾.

تاب جيڪو تنهنجي نظرن ۾ ڏٺم،

سو نه آهي تير ۽ شمشير ۾.

منهنجي ڪشتي توهه تنهنجي ٿي تري،

چاهي تارين يا ڇڏين وچ سير ۾.

ڪوڙ ڪيسين فتنه ور ٿيندو ڀلا،

سرخرو ٿي سچ جي اڪسير ۾،

تو ۾ لخوت مون ۾ نوڙت ۽ نياز،

فرق آهي تنهنجي منهنجي پير ۾.

مون اجايو ويهي پٿر پوڄيو،

فيض ڪونهي ڪو بت – بي پير ۾.

برق گذري دل تي ”انور“ اوچتو،

جئن نهاريم جلوه تنوير ۾.

شيخ عبدالحليم ”جوش“

نعت

جڏهن سماج ۾ انسانيت کان نفرت هئي،

بتن سان پيار هو، پر پاڻ ۾ عداوت هئي.

جتي هئي ظلم جي ظلمت ۽ ڏاڍ جو انڌير،

نه ڪنهن جي ڪنهن سان محبت، سڀن جو سڀ سان وير.

جتي رواج نه هو ڪنهن سان غمگساريءَ جو،

ڏسڻ ۾ آيو ٿي انسان، دڙو هو واريءَ جو.

غريب لاءِ ته گهر صورت- بيابان هو،

امير لاءِ بيابان ۾ خيابان هو.

نه ڪنهن کي ڄاڻ ته بيڪار زندگي ڇو ٿي،

خبر به ڪانه ته بيمار زندگي ڇو ٿي.

نه ڪنهن کي سُرت ته ڇا زندگي جو حاصل آهي،

سفر ۾ آهيون ته پوءِ نيٺ ڪا ته منزل آهه.

دغا، فريب ۽ خود غرضين جا واپاري،

ها پنهنجي هوڏ تي قائم بتن جا پوڄاري.

اهو ئي دور- محمد هٿان پيام آيو،

نوان اُمنگ کڻي هڪ نئون نظام آيو.

پرهه ڦٽي ته کٽي رات، روشني ڦهلي،

جمال مصطفوي سان حيات جرڪي پئي.

ها جيڪي پاڻ ۾ ويري سي يار بڻجي پيا،

هئا جي خشڪ خزان جان، بهار بڻجي پيا.

وئي وسامي، هئي جيڪا باهه نفرت جي،

سڄي سماج تي ڇانئي فضا محبت جي.

نظر نظر ۾ محبت جي آس جاڳي پئي،

قدم قدم تي مسرت جي زندگي اُسري.

رسول غار مان نڪتو، طلوع ٿيو اسلام،

ملي جهان کي بي مثل دولت- الهام.

اهو خزانو اسان لاءِ زندگي آهي،

عمل جي واٽ، هدايت جي روشني آهي.

اها روسل جي رفعت ته عرش تي پهتو،

اها روسل جي عظمت بشر کي شرف مليو.

اهوئي شرف تمدن جي آبرو آهي،

اُهو مقام، اڃا جنهن جي جستجو آهي.

ڏئي ويو جو زماني کي زندگي جو پيام،

لکين درود انهي تي، لکين انهي تي سلام.

”بردو“ سنڌي

قطعا

ڏسي جاڳندو، مون کي فرقت جي رات، ستن آسمانن جا تارا اُٿي پيا،

اسان تي ڌري ڏوهه الفت سندو، الهه لڳ ائين ڳوٺ وارا اٿي پيا،

تنهنجي پيار ۾ يار هيءُ ڇا ٿيو، مون ڏي لوڪ جا لک اشارا اُٿي پيا،

اسان ساڻ غيرن ڪيون سي ڪيون، اجهو هاڻ، پويان هي پيارا اُٿي پيا.

2

اسان توکي اکين ۾ جايون ڏنيون، ڌڪاريو تو دلدار، شابس هجئي،

اول پيار ڏيئي وڌُءِ مامري، وساريئه وري يار، شابس هُجئي،

قسم قول اقرار تنهنجا ڪٿي، اچانڪ هي انڪار، شابس هجئي،

تنهنجي ياد جا داغ دل ۾ ٻرن، وهن نيڻ ٿي نار، شابس هجئي،

وفا تنهنجي، منهنجو مقدر نه ٿي، جفا هاءِ سو بار، شابس هجئي.

3

پاڇي وانگر، تنهنجو پاسو، ڪين ڇڏيندس، جيتر جيئندس،

تنهنجي گس گهٽيءَ جو مٺڙا، ڪکڙو ٿيندس، پير چٽيندس،

ڪجهه ويا آهن، باقي ويندا، ڏينهن حياتي وارا گذري،

تون جي ڏيندين ڏکڙا سهندس، صدقي ٿيندس، منهن نه مٽيندس.

4

جي پيار ڪرڻ آهه خطا پوءِ اهڙي خطا تان سر صدقي،

ڪو مهر منجهان جي مُرڪي ملي، پوءِ اهڙي عطا تان سر صدقي،

جي گورن سان ڪو گهائي کڻي پر پوءِ وري ڳل لائي کڻي،

مان اهڙي جفا تان گهر گهوريان، ۽ اهڙي وفا تان سر صدقي.

5

تصور ۾ تنهنجي لکين لذتون، خوشيون، غم، وهم، ۽ ٻيو ڇا ڇا پرين!

گلابي، عنابي، هي گول ۽ ڪليون، لڳن تنهنجي چپڙن جا پاڇا پرين!!

عنايت بلوچ

جيڪي چيئي سو ٻيهر ٻول،

هر هر پنهنجا چپڙا چول.

نيڻ خماريل پسجن جيئن،

گهڙي پلڪ لئي مکڙو کول.

ڪاڪل، اکڙيون، ابرو، ٿيا،

منهنجا ويري ٽيئي ٽول.

دل جي دنيا، گهورن ساڻ،

ڍول ڪري وئين ڊانوان ڊول،

تنهنجي منهنجي عشق جو يار،

چئني طرف هو چوٻول.

ايندي توڏي درشن لاءِ،

ماڻهن ڪوٺيو مون کي رول.

نينهن لڪائڻ سولو ناهه،

لڙڪن ڪيا اڄ پڌرا ٻول.

ڊاڪٽر نواز علي ”شوق“

دل ۾ خيال زلف و رخ يار ٿي ويو

واليل، والضحيٰ سان سروڪار ٿي ويو.

دنيا سان ان جو واسطو ڪهڙو ڀلا رهي،

جو يار تنهنجو طالبِ ديدار ٿي ويو.

جنت جي ڳالهه سمجه ۾ آئي تڏهن مون کي،

منهنجي پرينءَ جو مونسان جڏهن پيار ٿي ويو.

ناڪام، نامراد رهيو عمر ڀر اهو،

توکي ڇڏي جو ٻئي جو طلب گار ٿي ويو.

رقصان بهار ٿي ۽ ٽڙيا بيشمار گل،

جاتي رکيئه قدم اتي گلزار ٿي ويو.

جو منهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ٿي نٿو سگهي،

اهڙي ئي دلربا سان سندم پيار ٿي ويو.

”محبوب“ سروري

غزل

رخسار کي ٿو زلف – گره گير چمي ڏي،

قرآن کي ٿو صاحب- تفسير چمي ڏي.

همت ۽ تدبر سان مقدر ٿو بدلجي،

تدبير جي چهري کي ٿي تقدير چمي ڏي.

قدرت جا عجب رنگ ۽ قادر جا ڪرم ڏس!

اڄ جام کي ٿو واعظ بي پير چمي ڏي.

اي جذبئه- دل! تنهنجي ڏسان ڪا ته ڪرامت!

تنهائي ۾ هيءَ شوخ جي تصوير چمي ڏي.

زندان جي طرف پيو وڃي، اُلفت جو گنهگار،

ديواني جي پيرن کي ٿي زنجير چمي ڏي.

مردانگي ڏيکار، مصائب کان نه ڊڄ تون،

دوشيزه- مشڪل کي وڌي وير چمي ڏي.

ٿو ذوق- طلب سمنڊ جي ڇولين ۾ وجهي ڇرڪ،

ساحل جي چپن تي ٿي کلي وير چمي ڏي.

آئيني ۾ ٿو پاڻ چمي پنهنجي چپن کي،

تحرير کي ٿو صاحب- تحرير چمي ڏي.

اڄ نيٺ پُنيون منهنجون سڀئي من جون مرادون،

ٿو منهنجي حسين خواب کي تعبير چمي ڏي.

جنهن دم ٿي لڳي ان کي در- يار تي ٺوڪر،

پيزار کي ٿو عاشق- دلگير چمي ڏي.

تيئن ننڊ ۾ ٿي ”سونهن“ کي ”سڪ“ هوريان چميو،

جيئن گل کي عليٰ الصبح ٿڌي هير چمي ڏي.

”محبوب!“ ڪيا حسن وڏا عشق تي احسان،

ٿو دل تي نگاهن جو تکو تير چمي ڏي!.

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

نظم

عمر! مون کي هنيون تو هٿڪڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي،

ڪرين ڳالهيون به ٿو ڪنيون ڪڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

هيا هاڃو ڪري هيڏو، ڪيو تو ڪيس ڪيڏو آهه،

هڻي ڌاڙو مچايئه ڌم ڌڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

وڏي ويڌن ٿي ويچارن اباڻن سان اچانڪ اُف،رُنا هوندا، ڪيون هوندون رڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

هي منهنجو ساهه سانگين ساڻ بلڪل آهه سُڪ سوگهو،

جَڙون دل جون به جهانگين سان جَڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

زريون زربفت بخمل پَٽَ پٽيهر ڪين پائينديس،

هُتي پاتيون پُراڻيون مون پَڙيُون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

کڻي وڃ ٻوڙ ٻاڙي، سڀ تريل تَرڪاريون تازيون،

هُتي کاڌم متيرن جون وڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

نٿي مصري وڻي مورئون لڳي ٿي کنڊ کاري پڻ،

هُتي کاڌيون مون ڳاڱن جون ڳڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

هتي باغن ۾ ميويدار وڻ ڦريا ڦليا آهن،

هُتي پيرون پڪا، لامون لڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

هتي گهنڊن گهڙيالن ۽ نغارن جي وڄي نوبت،

هُتي چونگار ڪن چوکيون چڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

پنوهاريون منهنجون پَت واريون نه هرگز هو حَسد ڄاڻن،

هتي هي سومريون ساڙن سڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

ڪرن شل ڪوٽ هي قهري، ڪريان مان موٽ مارن ڏي،

هتي ”آصف“ گهنگهر گهاريم گهڙيون، اهڙيون جو ڇا چئجي.

”وفا“ ناٿن شاهي

غزل

سپ اک، ڪشڪول اک، بادام اک،

آهي تشبيهن جو قتل- عام اک.

گهر کان بازر تائين خاص ۽ عام اک،

ڪيڏي شهرت ٿي رکي بدنام اک.

دل جي ڪوشش کان سوا ناڪام اک،

پوءِ کڻي هر عيش ۽ آرام اک.

صرف نظرن جو تفاوت ٿو رهي،

دل جي آئيني جو آهي نام اک.

نوجوانيءَ جي نگاهن جو قسم،

هر وڏي تُهمت، وڏو الزام اک.

دل کڻي ڇا ڀي هجي ليڪن ”وفا“،

پيار جو آغاز اک، انجام اک.

”آثم“ ناٿن شاهي

وَڃُ، ڀَلي وڃُ تون مون کان منهن موڙي،

ڪير توکي هميشہ هَٿَ جوڙي!

تون به مشڪل پُڄين ڪناري کي،

مون کي سِڪَ جي سمنڊ ۾ ٻوڙي.

منزلون ڪيئن قريب ٿي سگهنديون؟

جيستائين نه ڪو ڊُڪي ڊوڙي.

هن زماني ۾ دوستو! سڀڪو،

پنهنجي ڪيتي جي ٿو سزا لوڙي،

اُن کي ”آثم“ چئي نه سگهبو يارُ،

جيڪو خنجر پُٺيءَ ۾ ڏِئي کوڙي.

”نشتر“ ناٿن شاهي

غزل

اُها دل ئي نه آهي، جيڪا اُن لئه ڪين ڌڙڪندي،

هجي ماتم جي ماري، پر هتي هيڪر ته مرڪندي.

نظر بي اعتبار آهي، تحفظ دل جو ڪرڻو آ،

اگر ڇٽندي ته سيني کان وڃي دل ۾ آ پهچندي.

ممڻ مچندو دلين ۾، ٿيندو سوچن ۾ خلل پيدا،

جڏهن ڪا اک وڃي ٻي اک سان ڪنهن پر آهي اٽڪندي.

محبت اهڙو گل آهي جو هر موسم ۾ ٽڙندو آ،

خزان توڙي بهارن ۾ ڪلي هر هڪ آ مرڪندي.

لنوين ٿو ڪانگ قاصد بنجي اڄ محبوب جي طرفان،

ٽٽڻ واري آ شايد يار جي پيرن جي پابندي.

وئي ٿي سياهه بختي ختم آهي قرب تنهنجي سان،

اچي ٿي منهنجي قسمت مون ڏي تيزي ساڻ سرڪندي.

اسان منصور و سرمد جي ڪئي آ پيروي ناصح،

ملنگن تي ۽ مستانن تي ڪهڙي آهي پابندي.

ٿي کائي چوٽون سو تر جي گٿيُ مقصد جي ماڻڻ ڪاڻ،

غلطي جي جا ماري آ، حياتي ساري ڀٽڪندي!

ڇٽو جي تير، موٽي ڪين ايندو ڪو ڪمان ۾ آ،

ڪرن سج جي ڪڏهن ڀي ڪين اولهه کان آ اڀرندي.

وفا جا پيار ۾ سجدا ڏيان ٿو، جهل نه اي ناصح،

محب جي پٺيري ٿي ته تر هڪڙو نه ترسندي.

يقيناً يار جي آمد جو ٿيندو فيصلو آهي،

سڄڻ جي سِڪ ۽ يادن ۾ جڏهن اک آهي ڦڙڪندي.

سيهه بختي ڏسو! ڇڪا به تريون ٿي پيا آهن،

اڃا قسمت سهارن ڪان وتي در در ٿي ڀٽڪندي.

عداوت جا سهي ڪنڪر جا زنده دل رهي آهي.

يقين آهي، اُها ڦندي ۽ تختي تي به مرڪندي.

ڪڍي مون دل رکي هٿ تي، نظر جو ڀل ٿئي نذرانو،

نه هوندي دل ئي سيني ۾ نه ڪنهن جي لاءِ ڌڙڪندي.

ڀلي شمعون ڪيو روشن، محبت جي نگر ۾ پيا،

گهڻن الفت جي پروانن جي هتڙي جان پڄرندي.

خطا سا ڪين کائيندي يقين آهي اڙي نشتر،

محبت ۾ سنڀال پير جيڪا دل پئي کڻندي!

اسد بيگ قليچ بيگ مرزا ”اسد“

معراج النبي (صلي الله عليه و آلہ وسلم)

آمر جي تخليق ڪيو جڏهن بحر وحدت مان وضو،

عبديت جي آخري منزل مٽي ٿيو سُرخرو.

اَبتدا ۽ انتها اُن عبد جي ڄاڻي خدا،

منزلت محبوب پنهنجي جي ۽ عزت آبرو.

ڪيو مطالع ماٺ ۾ جنهن علم جو ، ”اُمي“ ٿيو،

فڪر جو فائق، فقيري فخر پياري گفتگو.

هر مخالف ۽ موافق ٿي سڏيس صادق، آمين،

نيڪ سيرت، نيڪ صورت، نيڪ فطرت، نيڪ خُو،

جنهن جي لاءِ ”يُنطق هُوا“ لازم ”وحي يوحيٰ“ ٿيو،

اڪثريت جنهن جي ويري، تنهنجو واحد واهرُو،

پاڪ آهي سو خدا، جنهن عبد کي اعليٰ ڪيو،

خود ڪرايو سير، آياتِ اِلاهي هوُ به هوُ.

صاف ”سبحان الذّي“ جي ٿيو عبارت مان عيان،

عبد ۽ معبود جي ساڳي هئي ڄڻ آرزو.

ڇو نه سو سُونهين سُتل، جنهن جي عبادت ننڊ ٿي،

وحده جو ذڪر قلبي، دل سجاڳ ۽ قلبه رو.

عرش تي پهتو وڃي اک ڇنڀ ۾ سو عاليجناب،

سوجهرو سج چنڊ جو پکڙي ٿو جئن هَر چار سوُ.

نُور جي رفتار مثل برق يا بُراق ٿي،

سُونهون ٿيو جبريل، جنهن ڪئي لامڪان وٽ واءِ وو.

لامڪان آهي خدا ۽ ”ڪُل شئي“ سو محيط،

قاب قوسين اهي منزل خاص خلوت روبرو.

عاجزي ۽ اِنڪساري هيڏي بندي جي ڪمال،

هوڏي خالق پاڻ اُن جو قدردان ۽ پارکو.

آهي اِشاد نبي، ”معراج، مومن جو نماز“،

نفس کي تابع ڪري، حق جي ڪري پوءِ جستجو،

خاڪ اڪسير آ اسد! شهرء شہ لولاڪ جي،

ٿي مديني ۾ اُڏامي ڪيميا هَر چار سُو!

احمد خان ”مدهوش“

ڪافي

عشق بنا انسان،

                ڪونه ڏٺوسين ڪنهن پر ڪوئي.

سور جي سوئي سڪ جو سڳڙو، ساڻ کڻي سامان،

              پاڻ کي ڇڏ تون پوئي پوئي.

پاڻ وڃائي پاڻ ۾ گم ٿي، غير ڇڏي گمسان،

                لا جي پائج لوئي لوئي.

پاند ڳچيءَ ڳل ڳاري پائي، ريجهائج رحمان،

                رات سڄي يَر روئي روئي.

جيڪو سينو صاف رکيئي، دردن جي دوران،

                سُور سمائج سوئي سوئي.

عاشق جي ”مدهوش“ سڏائين، هڪ سان ٿيءُ هڪ جان،

                دوئي پنهنجي ڌوئي ڌوئي.

رحيم بخش ”قمر“

          وائي

راڻل آئيو رات،

                  ڪنول ڦُلاريا ڪاڪ جا.

مون کي ڏني مينڌري، ڏوهه مٽائي ڏات،

                  ڪنول ڦُلاريا ڪاڪ جا.

ڍڪڻ ٿي سڀ عيب ڍڪئاين، سونهن ڏيئ سوغات،

                  ڪنول ڦُلاريا ڪاڪ جا.

گل، ڦل، غُنچا، مُکڙيون ماڪيون، پرهه ڦٽيءَ پرڀات،

                  ڪنول ڦُلاريا ڪاڪ جا.

سوڍل منهنجو ساهه سيباڻو، ”قمر“ هي وائي وات،

                  ڪنول ڦُلاريا ڪاڪ جا.

مخدوم زاده خليق الزمان ”خليق“

مون سڏڪن سان ڪيو جهڳڙو، بچي آه و فغان باقي،

۽ دردن سان به مان وڙهيس رهيو دل ڏي ڌيان باقي.

بهارون محو رقص آهن، گلن تي طاري مدهوشي،

رڳو جيڪر هجي هن وقت منهنجو جان- جان باقي.

جهان وارن اسان جي پيار کي الزام سمجهيو ٿي،

هليو ويو نيٺ هو دلبر رهيو خالي جهان باقي.

سڄڻ سمجهيو ته ساوڻ آهه، پو سمجهئين رنو مون ٿي،

گهڻو ئي گريه ڪيم، چئي ٿو ته آهن امتحان باقي.

وساري تو به ڇڏيون پيار جون ڳالهيون ۽ مون پڻ يار،

رهي دل ۾ فقط اڄ آه ياد- رفتگان باقي.

اکين مان ڇو ٿو هارين تون، شرابن جا ڀريل پيالا،

ڇڏي مون ميڪشي هاڻي، اچي تن کي پيان باقي.

ڏسي رخسار دلبر جا، پيالن جا هنيان ڌڙڪن،

دليون ٿيون چور جامن جون، رهيو قدح گران باقي.

ڪيو تو دل کي زخمي، ٿي تڏهن ڳاڙهي ڪنوار آهي،

ڪندس شادي انهي دل سان، مان دردن کان پڇان باقي.

”خليق“ آهي ئي تنهنجو، پر ڀلي اڄ آزمائي ڏس،

متان پوءِ چئين ته رهجي ويو، اڃا ڪو امتحان باقي.

مخدوم زاده سعيد الزمان ”عاطف“

جهان ۾ ڪوئي ناهي جو اسان جو داستان سمجهي،

نڪو ٿو گلستان سمجهي، نڪو ٿو باغبان سمجهي.

گهڻي مدت کان پو سمجهئين ته پو احساس ٿيو مونکي،

زمين جي ڳالهه دير سان ٿو آسمان سمجهي.

اڄوڪي وقت ۾ هر شخص پنهنجي مسئلن ۾ گم،

ته پو ڪيئن ڪو ٻئي ڪنهن جي ڀلا آه و فغان سمجهي.

هي دنيا آ، هتي وٺڻو پوي ٿو سختين سان ڪم،

جهان ۾ گهٽ ڏسون ٿا، جو محبت جي زبان سمجهي.

مٺو محبوب گڏ آهي ته صحرا پڻ چمن ٿيو پئي،

نه آهي ڪنهن جي پروا خود کي ڇا ٿو گلستان سمجهي.

هلي آ جان من گلشن جي قسمت کي سنواريون اڄ،

سندءِ آمد کي خود خوشقسمتي ٿو بوستان سمجهي.

جا گذري تنهنجي ٻانهن ۾ اهائي زندگي آهي،

سوا تنهنجي حياتي کي ٿو ”عاطف“ رائگان سمجهي.

نثار ”بزمي“

ناز نروار ٿي ويو هوندو،

عشق اظهار ٿي ويو هوندو!

زلف ڇوڙي کڻي ڇڏيا هوندءِ،

پو ته ملهار ٿي ويو هوندو.

تنهنجي هوندي هوا گهلي هوندي،

ڏاڍو ٿڌڪار ٿي ويو هوندو.

جنهن ڏي نرميءَ منجهان ڏٺو هوندءِ،

سو ته ميخوار ٿي ويو هوندو.

حسن تنهنجي جو ڪجهه ڏسي جلوو،

ٻن جو تڪرار ٿي ويو هوندو.

مان ته سمجهان ٿو خشڪ زاهد ڀي،

تنهنجو حبدار ٿي ويو هوندو.

عرضدارن جي عرض نامن جو،

پو ته انبار ٿي ويو هوندو.

تو نه سوچي ڏٺو ته هي ”بزمي“،

هاڻي بيزار ٿي ويو هوندو.

ا.ح. جئسنگهاڻي ”سام“

ڏجو ڪانگا عجيبن کي نياپو نينهن وارن جو،

ملڻ سڪ جون ٿيون باتيون سهارو دل فگارن جو.

سندم سڪ جو ٻڌايان حال پانڌن کي جڏهن روئي،

ٿڌو من کي ڪري پاڻي اکين جي آبشارن جو.

دلاسي تي ڪٽيان ٿي دن سهان سختيون زماني جون،

هٽڻ مشڪل مگر آهي سندم غم جي غبارن جو.

سهڻ سختيون ٿئي آسان جي اهڙي آ رضا ان جي،

رهي سوليءَ تي پڻ قائم عقيدو عشق وارن جو.

پچن ميوا عقيدت جا ٿا اوچي شاخ وصلت تي،

جتي منصوري گل لٽڪن نظارو آ ستارن جو.

مون وٽ موٽي نه پنهنجي دل هجي پرتل پيارن کي،

جيئڻ ڪهڙو جدائي ۾ هتي آه دل فگارن جو.

ڏٺو جو ”سام“ اندر جاچي سندم خود ساهه هت ناهي،

هلائي بت کي آٿت ٿو سندن قول و قرارن جو.

رشيد ”ارشد“

نه خالي ڪا هڪڙي به ٽاري کپي،

چمن ۾ گلن جي بهاري کپي.

عدو کي ڪڏهن به نه گهٽ ڄاڻجي،

ضروري، مڪمل تياري کپي.

زماني ۾ زنده رهڻ واسطي،

ديانت سان گڏ هوشياري کپي.

قسم يوسفي ذوق جو، دوستو!

نطر باحيا، شرم واري کپي.

جو آباد ويرانہ دل ڪري،

وطن کي ته اهڙوئي هاري کپي.

سڄي شهر ۾ گوڙ آهي متو،

اسان کي زبان اختياري کپي.

ڀرم دوستيءَ جو اي ”ارشد“ بجا،

مگر مون کي ته غم گساري کپي!

ميوو خان ”موج“ لغاري

مستيءَ ۾ مخمور ٿو ڏسجين،

سورن ۾ مسرور ٿو ڏسجين.

ڪنهن جو آن منظورِ نطر تون،

ڪنهن جي اکين جو نور ٿو ڏسجين.

ڪنهن جي ڏاهه ڏڪايو آهين،

ڏيهه سندي کان ڏور ٿو ڏسجين.

ڪنهن جي نظر جي مارئين تير،

گهايل ڪهڙي گهور ٿو ڏسجين.

ڪنهن جي چشمن آهين چٽيو،

چوٽيءَ تائين چُور ٿو ڏسجين.

ڪهڙي هيج ڪرايئي هجرت،

هجر ڪري مهجور ٿو ڏسجين.

ويراڳين سان واڳيل آهين،

ويڇن کان وهلور ٿو ڏسجين.

ڳولين ڳالهه ڳهيرن واري،

مونهاڊي مزودر ٿو ڏسجين.

سگهڙن جي تون سٿ ۾ سالڪ،

ملڪ اندر مشهور ٿو ڏسجين.

نظم جو ناظم بزم جي زينت،

محفل ۾ منظور ٿو ڏسجين.

الفت جا آلاب الاپين.

تاب طرب تنبور ٿو ڏسجين.

محبوب وٽ پهچڻ مشڪل،

مايا کان مجبور ٿو ڏسجين.

تنهنجي پاند نه پائي، پئسو،

پار به پهرين پور ٿو ڏسجين.

محفل ۾ تون موج نه آڻين،

”موج“ نه اهڙو مور ٿو ڏسجين.

اسحاق ”راهي“

ڪيان ڏوهه ليڪن، سزا کان ڊڄان ٿو،

”خدا جو قسم آ، خدا کان ڊڄان ٿو“.

محبت ڪرڻ ڀي اچي ٿي اسان کي،

مگر يار تنهنجي ادا کان ڊڄان ٿو.

لٽي راهه الفت ۾ سڀڪي سگهان ٿو،

مگر دوستن جي دغا کان ڊڄان ٿو.

مريض محبت ٿيڻ شان آ، پر،

حڪيمن جي نسخي دوا کان ڊڄان ٿو.

دغا عشق ۾ مان به ڪريان مگر، بس،

ڊڄان ٿو مان روز جزا کان ڊڄان ٿو.

گل آرزو ڀي ڇنڻ چاهيان ٿو، پر،

گلن جي بقا ۽ فنا کان ڊڄان ٿو.

سخيءَ جي سخاوت به رسوائي ٿي آ،

هينئر مان به پنهنجي سخا کان ڊڄان ٿو.

سر دار محبوب لئه لڙڪجي، پر

سندس ڪج روي جي ادا کان ڊڄان ٿو.

مان ڪنهنجي وفا کان ته ڪنهن جي جفا کان

ڊڄان ٿو ته ”راهي“ خطا کان ڊڄان ٿو.

غلام هالائي

پيارن پرت وارن جون اهي باتيون ڪٿي آهن؟

مٺيون ٻوليون محبت جون مٺيون لاتيون ڪٿي آهن؟

نه اڄ اخلاص الفت پيار همدردي اُها آهي،

ڀلي تون يَر اندر ۾ پائي ڏس جهاتيون ڪٿي آهن؟

سنجهي مان ٿي سڄڻ ويٺا ته اڪثر سحر ٿي ٿي ويو،

اُهي راتيون ڪٿي آهن ۽ پرڀاتيون ڪٿي آهن؟

اُهي بادل اُهي بجليون اُهو سانوڻ به ساڳيو، پر،

وسايون سين پرينءَ سان گڏ سي برساتيون ڪٿي آهن؟

وفا جي هامَ جن ٿي هنئي رکي هٿ پنهنجي سيني تي،

اُهي هٿڙا ڪٿي آهن؟ اهي ڇاتيون ڪٿي آهن؟

”غلاما“ ڪين ٿيون وسرن مگر ڪنهن پر وساري ڇڏ،

پرينءَ جي پيار جون سي رس ڀريون راتيون ڪٿي آهن؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com