سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :8

هن صاحبلوڪ جي هٿ ۾ جهليل خطرناڪ شيءِ ڏسي، مُرڪي ڏنو هو. هو جواب بدران حيران ٿي سوچ ۾ پئجي ويو ”مون ته هن سماجي نظام کي ئي تبديل ڪرڻ چاهيو آهي! جڏهن ان ۾ ناڪام ويس، تڏهن ئي هلي پوندس.“

”جيڪڏهن چاهين ته مان توکي چانهه پياريان!“ صاحبلوڪ ڪلهي تان هٿ هٽائيندي چيس.

”مون کي چانهن پيارڻ مان فائدو؟“

”هاءِ ڏهه هزار رپيا!“ اکين ۾ چمڪ وڌي ويس.

”ڏهه هزار نه!؟“

”ها!“

”مان توکي ٿڌو پياري سگهان ٿو!“

”پوءِ هلون ڪنهن ريسٽورينٽ تي!“

”ڀلي!“

ريسٽورينٽ جو ٻڌي صاحبلوڪ جو وات پاڻي پاڻي ٿي ويو ۽ پوءِ هو ٻئي اڳتي وڌيا.

”پئسا هٿ جي مير آهن- پئسا جسم جو پگهر آهن- پئسا پئسا ٿي ويندا آهن- پئسا وري به ٿي سگهن ٿا- مان وري موٽي نٿو سگهان.“

”نه اها تنهنجي ذاتيات آهي- تون ذاتيات کي قومي مفادن تان قربان نٿو ڪرين. تون احمق آهين- تون بزدل آهين“ اندر جي ماڻهوءَ رڙيون ڪري کيس جهنجهوڙيو هو، جهٽ لاءِ نراس ٿي ويو.

”نه مون کي ماڻهو پيدا ڪرڻا آهن ۽ اڃان مان اهو ڀروسو نٿو ڪري سگهان ته منهنجي وئي کان پوءِ اهو ڪم جاري رهندو، ان ڪري مون کي جيئڻو پوندو. مونکي پنهنجي جان پياري ڪانهي. مان پنهنجي لوڪ جي جذبن کي پئسن کان اُتم نٿو سمجهان، ان ڪري-“

هن پنهنجي اندرئين ماڻهوءَ کي مطمئن ڪري ورتو ۽ پوءِ ٿڌي جي بل جي ٽپ پندرهن هزار رپيا صاحبلوڪ کي ڏنائين، جنهن مرڪي چيس:

”اڳتي خيال سان گهمجان ڦرجان!“

”چڱو، سدائين گڏ!“

”مهرباني“

گرمجوشيءَ سان صاحبلوڪ جو هٿ هن جي هٿ کي جهٽڪو ڏنو ۽ پوءِ هو تڪڙو تڪڙو روڊ ڏانهن وڌيو.

ان ئي پلڪ وڏو ٺڪاءُ ٿيو ۽ هڪ طرف هو ڦٿڪڻ لڳو ۽ ٻئي طرف صاحبلوڪ مُرڪي رهيو هو.

رضيه کوکر

ڀري هن ڀنڀور ۾

رات ڪافي گذري ويئي هئي، پر اڃا مون کي ننڊ نه پئي آئي. ڳوٺ وڃڻ جي خوشيءَ ۾ ننڊ ته اصل ويجهوئي نه پئي آئي. سجھي رات اهوئي سوچيندي رهيس ته سوا سال کئون پوءِ سکر وڃي رهي آهيان، اتي انهيءَ دوران الائي ڪهڙيون ڪهڙيون تبديليون اچي ويون هونديون. مٽن مائٽن ۽ اباڻن پکن جي سڪ صرف مارئيءَ کي ئي ڪونه لڳي هئي، پر اها مٽيءَ سان محبت ۽ اباڻن ڪکن جو قرب اسان سڀني سنڌواسين کي ورثي ۾ مليل آهي. سڄي رات اهي ئي سٽان سٽيندي رهيس ته شل جلدي رات کٽي، سج اڀري ته اسان پنڌ کي ڇڪيون. مونکي اصل خوشي ته ان ڳالهه جي هئي ته هن ڀيري سکر هفتي ڏيڍ لاءِ نه پر پورن ٻن مهينن لاءِ وڃي رهي هيس. مان بي-اي جو امتحان ڏيئي ڇڏيو هو ۽ منهنجي ڀاءُ کي تن ڏينهن ۾ موڪل هئي، سو ٻيئي ڄڻا گڏجي ڳوٺ گهمڻ وڃي رهيا هئاسين. بابا ته هن ڀري به گهڻو ئي چيو ته باءِ روڊ وڃو، پر اسان ٻنهي ضد ڪئي ته باءِ روڊ ته هميشہ ويندا ئي رهندا آهيون، پر هن ڀري اسان ريل ۾ وينداسين. آخر ٿوري بحث کان پوءِ بابا اسان ٻنهي جي، ريل رستي وڃڻ جي ڳالهه مڃي ۽ سيٽن جي بڪنگ وغيرہ ڪرائي.

آخر اها گهڙي به اچي پهتي، جڏهن اسان کي وڏو ڀاءُ اسٽيشن تي ڇڏڻ هليو. گهر کان اسٽيشن تائين سڄو رستو ڪَنن ۾ امان ۽ بابا جي نصيحتن جي ڪيسٽ وڄندي رهي. نيٺ وڃي اسٽيشن تي پهتاسين. اتي جيئن ئي پليٽ فارم تي پهتاسين ته ريل به اچي ويئي. جلدي جلدي ڪوليءَ اسان واري بوگي ڳولهي ڪڍي. اسان ٻيئي به انهيءَ جي ڪڍ گاڏي ۾ چڙهي وياسين. پوءِ پنهنجو سامان مناسب جاءِ تي رکرائي، ٻيئي ڄڻا پنهنجي پنهنجي سيٽن تي ويهي رهياسين. ٻيا به ڪيترائي ماڻهو پئي چڙهيا ۽ لٿا. جلد ئي سڄو گاڏو ماڻهن سان ڀرجي ويو.

اسان کي اتي ويٺي ٻه – ٽي منٽ کن مس ٿيا ته اسان واري گاڏي ۾ اسان جي سامهون وارين سيٽن تي به ڇوڪرو ۽ ڇوڪري اچي ويٺا. ڇوڪري کي جين، ٽي شرٽ ۽ چهنب وارو بوٽ پيل هو، ۽ ڇوڪريءَ کي تمام سٺو پرنٽيڊ سوٽ پيل هو ۽ هن جي شرٽ تمام ٽائيٽ فٽنگ واري هئي. ٻانهن تي ويڪسنگ ٿيل هيس. آءِ بروز به ڏاڍي سٺي نموني سان پِلڪ ٿيل هيس ۽ ميڪ اپ به تمام سٺو ڪيو هئائين. وار به ڏاڍي سهڻي نموني سان سيٽ ٿيل هيس ۽ انهن ۾ قيمتي بڪل پڻ پيل هيس. اهي ٻيئي پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائي رهيا هئا.

هوءَ جيئن ئي گاڏي ۾ چڙهي اچي منهنجي سامهون ويٺي ته مون کي ائين لڳو ته ڄڻ هن کي مان اڳي به ڪٿي ڏٺو آهي. اڃا مان اهوئي سوچي رهي هيس ته هن کي ڪٿي ڏٺو آهي ته ان دوران ريل هلڻ شروع ٿي. جيئن جيئن ريل اڳتي هلڻ لڳي، تيئن تيئن مان پنهنجي دماغ جي دٻليءَ کي وڌيڪ کڙڪائڻ لڳس. پنهنجي سامهون ويٺل ڇوڪريءَ بابت سوچيندي رهيس ته اڳ هن کي ڪٿي ڏٺو آهي.

جڏهن ريل لانڍي ٽپي اڳتي هلي ته مون کي ياد آيو ته ان کي ڪجهه ڏينهن اڳ طارق روڊ تي ڏٺو هوم. جڏهن مان سکر وڃڻ جي تياري ڪري رهي هيس ته شاپنگ ڪرڻ طارق روڊ ويٺي هيس. اتي اها اجايو بي مقصد دڪانن جا چڪر هڻي رهي هئي. ورتو ته ڪجهه به ڪونه هئائين، پر ائين ئي هڪ دڪان مان نڪري ٻئي دڪان ۾ پئي ويئي. ان ڏينهن به مون کي ان جو فيس ايترو ئي چارمنگ ۽ اٽريڪٽوَ لڳو هو جو اڃان تائين به سندس چهرو مون کان وسريو ڪونه هو.

ريل اڳتي وڌي رهي هئي؛ پر ان دوران نه هن مون سان ڳالهايو، نه مون ئي هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ريل جڏهن گهاري ۽ داٻيجيءَ جي وچ ۾ پهتي ته آخر هن مون کان پڇيو ته توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. ٻڌايومانس ته اسان سکر وڃي رهيا آهيون. اهو ٻڌي هوءَ ٿورو کلي ۽ چيائين ته اسان به سکر ئي وڃي رهيا آهيون. هوءَ پاڻ جهڙي خوبصورت هئي، هن جو آواز مون کي ان کان به وڌيڪ وڻيو. ٻين جي نظر ۾ الائي هوءَ ايڏي خوبصورت هئي الائي نه، ۽ ٻين کي هن جو آواز به الائي ڪيئن لڳندو هوندو، پر مون کي ته هوءَ ايڏي وڻي ويئي جو منهنجون اکيون هن جي سراپي ۾ ئي اٽڪي پيون هيون.

هوءَ مونکي ائين پاڻ ڏانهن ايڏو غور سان ڏسڻ ڪري ڪجهه نروس ٿي ويئي. مان به هن کي ڏسي ٿورو شڪي ٿي ويس ۽ دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ لڳس. ٻاهر چئوطرف ڪينجهر جو پاڻي پکڙيو پيو هو. مان پاڻيءَ ڏانهن ڏسي سوچڻ لڳس ته هيءَ ته نوريءَ کان به وڌيڪ سهڻي آهي. جيڪڏهن اڄ ڄام تماچي به هن گاڏيءَ ۾ ويٺل هجي ها ته هن کان نوري وسري وڃي ها.

مان پنهنجن انهن ئي خيالن ۾ گم هيس ته هن پڇيو اڃا تون پڙهندي آهين چيومانس ته ها مان بي-اي ڪري رهي آهيان. ۽ توهان؟ جواب ڏنائين ته مان ۽ منهنجو ڀاءُ يوينورسٽيءَ ۾ پڙهندا آهيون. هاڻي موڪلن ۾ ڳوٺ وڃي رهيا آهيون. وري ڳالهه کي ڪجهه وڌيڪ اڳتي وڌائيندي چيائين ته مان پنهنجي خاندان جي پهرين ڇوڪري آهيان جا پرائمريءَ کان اڳتي پڙهي رهي آهيان، نه ته منهنجون سڀ ڪزنس وغيرہ ته ويچاريون ان معاملي ۾ صفا بدقسمت آهن. مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي حيرت ۽ ڏک ٿيو. ان دوران ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن به اچي ويئي. ڪي ماڻهو لٿا، ڪي چڙهيا. جڏهن ڪجهه گوڙ گهٽيو ته هن پنهنجي پرس مان آئينو ڪڍيو ۽ پنهنجو ميڪ اپ درست ڪرڻ لڳي. هوءَ آئينو ڏسي رهي هئي ۽ ٻيا سڀ ويٺل ماڻهو هن کي ڏسي رهيا هئا. الائي اهو سڀڪجهه نه وڻيو.

ريل جڏهن حيدرآباد کان اڳتي وڌي ته سڀ ماڻهو ماني کائڻ لڳا، هنن ۽ اسان به نهنجي ماني کاڌي. ماني کائي جڏهن واندا ٿياسين ته ريل وڃي ٽنڊي آدم کي پڳي هئي.

جڏهن دريءَ مان نواب شاهه جون جايون نظر اچڻ لڳيون ته مان سوچي رهي هيس ته هيءَ به ته ڇوڪري آهي، پر اها ۽ ان جا گهر وارا ڪيترا نه براڊ مائينڊيڊ آهن جو هوءَ پنهنجي ڳوٺ وڃڻ مهل به ائين ئي سنبري آهي ڄڻ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڪنهن ساهڙيءَ سان ملڻ وڃي رهي آهي. منهنجا مائٽ ڪيترا نه نيرو مائينڊيڊ آهن جو جڏهن مان سکر ويندي آهيان ته اتي پهچي مٿي تي رئو پائي پوءِ ويندي آهيان. گهر وٽ پهچي ته اصل اکيون ڌرتيءَ تي کوڙيل هونديون آهن.

جڏهن گاڏي رات محراب پور اسٽيشن تي بيٺي هئي ته هن مون کان پڇيو ته تون سکر وڃي برقعو پائيندي آهين. ورندي ڏني مانس ته نه. وري اهو ساڳيو سوال مون هن کان پڇيو ته هوءَ ٿورو کلي ۽ چيائين ته ها، مان ته سکر وڃي برقعو پائيندي آهيان. مونکي اهو ٻڌي ائين لڳو ته ڄڻ هوءَ ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي، يا مون سان مذاق ڪري رهي آهي.

ريل جڏهن راڻيپور ۽ گمبٽ جي وچ ۾ پهتي ته هوءَ اٿي باٿ روم ۾ ويئي ۽ پنهنجو منهن ڌوئي آئي. جڏهن منهن کي ٽوال سان مهٽي مهٽي اگهيائين ته هوءَ صفا هڪ عام ڇوڪري لڳڻ لڳي ۽ هن جو اڌ کان وڌيڪ چارم ختم ٿي ويو. ائين ٿي لڳو ڄڻ سسئيءَ کان سونهن کسجي ويئي هجي. پوءِ هن سوٽ ڪيس کولي ڪپڙا به ٻيا ڪڍيا ۽ اهي وڃي پائي آئي. هئا ته اهي به سٺا ڪپڙا، پر اهي ايڏي شاڪنگ ڪلر وارا نه هئا.

جنهن مهل ريل خيرپور جي اسٽيشن کان هلي ته هن وري پنهنجو سوٽ ڪيس کولي ان مان هڪڙو ڪارو برقعو ڪڍيو ۽ اهو پائڻ لڳي. اهو ڏسي الائي ڇو مونکي هن مومل کان نفرت ٿيڻ لڳي ۽ هن لاءِ جا جاءِ ٿوري دير اڳ منهنجي دل ۾ هئي سا ختم ٿي ويئي.

جڏهن ريل روهڙيءَ کي ويجهو پهتي ته ان مهل هن جي برقعي جا ٻيئي پڙدا ڪريل هئا. جيئن ئي ريل بيٺي ته اسان به لٿاسين۽ هو ٻيئي به لٿا. ڏاڪڻ چڙهي ٻئي پاسي وڃي لٿاسين ته ڇا ڏسان ته هڪڙيءَ جيپ کي چوڌاري ڪپڙا ٻڌل آهن ۽ ڊرائيور ويچارو فرلانگ پري بيٺو آهي، هوءَ سهڻي ان جيپ ۾ سوار ٿي رهي آهي.

اهو لقاءُ ڏسي الائي ڇو منهنجي طبيعت گهٻرائڻ لڳي ۽ مونکي ائين لڳو ته ڄڻ هوءَ زائفان نه پر ڪو پکي آهي جو پڃري ۾ قيد ٿي رهيو آهي. پر هوءَ ڪراچيءَ ۾ ته ازاد پکي هئي، اتي ته هن کي ڪنهن قيد ڪونه ڪيو هو. آخر هتي هن پاڻ کي پڃري ۾ پورڻ ڇو ڏنو. هوءَ اڏامي ڇو نه ويئي. هن ڪو احتجاج ڇو نه ڪيو.

ان ڳالهه کي ڪافي عرصو گذري ويو. منهنجي رزلٽ به نڪري آئي ۽ مون به يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. هڪ ڏينهن اتفاق سان هوءِ مون کي ڪيمپس ۾ نظر آئي. الائي ڇو منهنجا قدم پنهنجو پاڻ هن ڏانهن وڌڻ لڳا. ان مهل هوءَ به تازي گلاب وانگر ٽڙيل نظر اچي رهي هئي ۽ مهانڊا به موچارا لڳي رهيا هيس.

ڀر سان وڃي پڇيومانس ته ڏي خبر تنهنجي هِتي واري رنگ ۽ هُتي واري روپ ۾ ايڏو فرق ڇو اهي. هوءِ پنهنجي ان ئي مخصوص انداز ۾ کلي، ورندي ڏنائين ته “In Rome do as the Romans do” اهو ٻڌي مان لاجواب ٿي ويس.

رخسانه انجم ميمڻ

سڪ مڙيو ئي سور

سج پنهنجي واهيري ڏانهن رڙهندو، وڌندو رهيو. اُس به ڪَرَ موڙڻ لڳي. ٻيپهري، ٽيپهري ۽ مٿان اچي سانجهي ٿي آهي. اُف! سڄو ڏيهن ويهي ويهي، پُٺيءَ ۾ سور پئجي ويو آ، پر خوشيءَ جي انهن لمحن ۾ ايڏي سڪ، اُڪير، تاس ۽ اوسيئڙو! جو سور جي ڪا ڏِک ڪانه! ڪيڏو نه اتساهه اٿم توسان ملڻ جو! توکي ڏسڻ جو! توکي پسڻ جو! کيرٿر، بلڪه ان کان به وڏو، هماليه جيترو چاهه اٿم توسان پريت ونڊڻ جو. پورا پورا ڏهه سال انتظار ڪيو اٿم تنهنجو! ڏهه سال! پر هينئر جڏهن ڏهن سالن جا ڏونگر ڏاري، منزل کي اوڏي رسي آهيان، تڏهن هر گهڙي، هر پَل ۽ هر ساعت ڄڻ ته صديون! اُف توبهه! ويل ته ڏسي ڪو هيڏو موهه، هيڏو پيار، هيڏو پريم. سرَ تان هٿ ته نه کڻائيندو!؟ سرير ۾ سمايل سموري سڪ جو ماڻو- ذهن کان مطالبن مڃرائڻ جي جاکوڙ ۾ اٿان؟! تو لاءِ ڊڪان؟! توکي پسڻ لاءِ وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀري، سامهون ايندڙ هر رڪاوٽ کي ڊاهي، اچي تو وٽ رسان؟! نه- نه، توکي مون وٽ اچڻ گهرجي! اچ – اچ، نور ڀٽاري سان. اچي ڏس ته مان توکان سواءِ ڪيتري نه وياڪل آهيان! هينئر ته سونهري شام جا ڪرڻا به اوندهه پاتال ۾ پيهي ويا ۽ ٻاٽ انڌاري جي پکيءَ، رات جي لام تي اچي، پنهنجو آکيرو اڏيو آهي. هينئر ته اچ! ۽ پوءِ نجمه آڏو ماضيءَ جو ڪتاب سرر-ر-ر ڪري کلندو ويو، ورق مٽبا رهيا. سوچ اسڪرين تي ڄڻ ڪا هلندڙ فلم.

”نجما!“

”جيءَ!“

”تون مون سان ڳالهائيندي ڇو نه آهين؟ ڇا مان ايترو برو آهيان، جو مان ايندو آهيان ته تون ڪونه ڪو بهانو ڪري هلي ويندي آهين.“

”جي-نه! اهڙي ته ڪا ڳالهه ڪانهي. ڪو ڪم هوندو اهي ته ضرور ڳالهائيندي آهيان...“

”نجما! مان ٻئي ٽئي ڏينهن رڳو تنهنجي لاءِ ايندو آهيان، ماسيءَ جي ڪا سڪ ڪانهي!“

”انور! مان اهڙيون ڳالهيون پسند ڪانه ڪندي آهيان. سمجهيئه؟“

”اوهه! ڪيڏي نه ظالم آهين، نجما! ٻار به ته ناهين، جو تون محبت جي معنيٰ کان ناواقف هجين نه اقرار ٿي ڪرين، نه انڪار! آخر ڪيسين مونکي انتظار جي انگاس تي لٽڪائيندي رهندينءَ؟“

”ڏس، ادا انور! مان اهڙي محبت جي قائل ناهيان، جنهن ۾ هر وقت عزت جو خطرو هجي. ڇوڪريءَ کي محبت شاديءَ کان پوءِ ڇڙو پنهنجي وَرَ ۽ گهر سان ڪرڻ گهرجي.“

۽ پوءِ امان جي سڏ تي ٻاهر هلي وئي هيس ۽ امان جي چوڻ تي چانهن ٺاهي هئم انور لاءِ.

ٻئي ڏهاڙي به آيو هو. ان ويل، جنهن ويل امان پاڙي ۾ وئي هئي ڪنهن ڪم سان. ڪيڏو خفا ٿي سوچيو هئم هن کي به هينئر اچڻوهو ۽ پوءِ چئي ڏنو هو مانس:

”ادا! امان ته ڪانهي ڪا!“

”ماسي ناهي ته ڇا، تون جو ويٺي آهين.“ ۽ پوءِ شروع ٿي ويو هو ڪهاوت ۾ ”نجما! آخر تون مون کي ڪيستائين تڙپائيندي رهندينءَ- ايڏي ظالم ڇو ٿي آهين!“

”ڏس انور! جيڪڏهن تون اهو سڀ ڪجهه چاهين ٿو ته پوءِ توکي ان جي قابل پاڻ کي بنائڻو پوندو. منهنجا مائٽ پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ کي بي روزگار جي ڪڍ ڪونه لائيندا!“

”ٺيڪ آهي نجما! توکي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن مونکي سمنڊ جي هن پار وڃڻو پيو، ته به ويندس. ليڪن توکي به هڪ واعدو ڪرڻو پوندوته تون منهنجو انتظار ڪجان.“

۽ پوءِ هو هليو ويو. ٻن ڏهاڙن پڄاڻان خبر پئي ته انور پنهنجي ابي ڏاڏي جي زمين وڪڻي الائي ڪاڏي هليو ويو هو.

اوچتي دروازي جي کڙڪي سندس سوچ مالها کي ٽوڙي ڇڏيو. ”اوه انور!“ دل ۾ خوشيءَ جي لهر. پر هي ڇا، هوته چپ چپ اچي صوفي تي ويٺو! ڇا کيس خوشي ڪانه... اوچتو آواز جو پڙلاءُ:

”تون ڄاڻين ٿي ته تو مونکي ڪيترو تڙپايو آ ۽ مان ڪيترا سال جلندو رهيو آهيان ۽ ان سموري ڳالهه جي جوابدار تون آهين تون! ۽ ٻڌي ڇڏ! هاڻي تون به منهنجي رحم ۽ ڪرم تي آهين! مان توکان هڪ هڪ ڏينهن جو حساب چڪائيندس. مان توکي ائين تڙپائيندس، جيئن تو مون کي تڙپايو هو. پنهنجي دل مان سموريون خوش فهميون ڪڍي ڇڏ.“

”تون هي ڇا چئي رهيو آهين؟“ ڏڪندڙ لهجي ۾ نجمه جو آواز.

”مون جيڪي چيو، سو اڄ نه ته سڀاڻي پاڻهي سمجهي ويندئين ۽ وڌيڪ مان ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان. ماٺ ڪري سمهي پَئُه! مونکي ننڊ ٿي اچي!“

”پر انور! منهنجو هڪڙو جملو ته ٻڌ! منهنجي ڪلهه به توسان محبت هئي- اڄ به آهي ۽ سڀاڻ به رهندي!“

”هون! محبت! وساري ڇڏ انهيءَ محبت کي! اهو وقت گذري ويو. مون شادي رڳو توکان انتقام وٺڻ لاءِ ڪئي آهي! سمجهيئه؟“ ۽ پوءِ هوپاسو ورائي سمهي پيو.

نجما، جنهن جي مک تي جهٽ اڳ جيڪا سرهائي آئي هئي، سا ڄڻ پر ڪري اڏامي وئي ۽ هڪ دفعو وري وياڪلتا  مٿس فتح پائي وئي. هوءَ اداس ٿي وئي، بلڪل نراس. ننڊ راڻيءَ کيس پنهنجي ديس مان ديس نيڪالي ڏئي ڇڏي. لڙڪ قطارن سندس ڳلن تي پيچرا ٺاهي ڇڏيا ۽ هن سوچ شهر ۾ پناهه ورتي. اتي به لوچ سندس جيءَ سان جڙي رهي. جنهن لاءِ ڏهه سال انتظار ڪيم، تنهن مونکي هيئن ٺڪرايو! مون ته ڪڏهن سوچيو به ڪين هو ته ڪو هيئن ٿيندو! ڇا سندس محبت دوکو هئي فريب هئي؟ جنهن لاءِ هيترا ورهيه وڃايم سو اڄ هيئن ٺڪرائيندو!“ هن هڪ دفعو پنهنجي هٿن ڏانهن نهاريو جيڪي مينديءَ رتا هئا. نگاهه ان منڊيءَ تي ٽڪجي ويس جنهن ۾ ”هيرو“ هو! سندس دماغ ۾ عجيب انداز ۾ اٿل پٿل پيدا ٿي. هن انور ڏانهن نهاريو، جيڪو اگهور ننڊ ۾ مست هو. هن فيصلو ڪري ورتو ۽ منڊيءَ جو هيرو ڳهي ڇڏيو.

”او نوابزادي! لائيٽ بند ڪر. هٿن ۾ تڪيلف اٿئي ڇا؟“ پاسي ورائڻ سان انور نجمه کي ڏٺو، جنهن جا ٻئي هٿ ڇاتيءَ ۾ هئا ۽ سندس چهرو پيلو ٿي رهيو هو.

”محترمه! ايتري ايڪٽنگ جي ضرورت ڪانهي. هن مهل ڊاڪٽر ڪونه ايندو!“

”جي- مهرباني- مون.. کي... ڊاڪٽر.. جي... ضرورت ڪانهي...“ ۽ رت جي الٽيءَ سندس ريٽن هٿن کي رهندو ريٽو ڪري ڇڏيو. انور تڪڙ ۾ سندس نبض ڏٺي جيڪا نه هلڻ جي برابر هئي. هن ڊاڪٽر کي ٽيليفون ڪئي، جنهن اچڻ سان ٻي ڪا بيماري نه ڏسي ايمبولينس ذريعي هاسپيٽل پهچايو. انور رستي ۾ ڊاڪٽر کي ٻڌايو ته مون ساڻس هڪ رات جي لاءِ سيريس قسم جي مذاق ڪئي، انڪري کيس هارٽ اٽيڪ ٿيو هوندو. ليڪن ايڪس ري مان خبر پئي ته هن هيرو ڳهي ڇڏيو آ ۽ ٻئي لمحي نجمه جو ساهه آپريشن جي تڪليف کان اڳ ئي سندس سرير کان آزادي وٺي چڪو هو.

ممتاز عباسي

ڪونهي اُت ڪوهيار

ڪينجهر جي ڪنارن سان هلندي سوسن مون کان پڇيو:

”تون وڃين پيو نه-؟“

”ها“ وراڻيم: ”موٽي به ايندس. تون انتظار نه ڪندينءَ ڇا-؟“

”انتظار ته صدين تائين ڪري سگهان ٿي. پر وڇوڙي جي هڪ هڪ ساعت گهاءءَ ٿي پوي ته؟“

”ته مون کي ياد ڪجانءِ سوسن. جيڪڏهن يادون توکي ڏُک ڏين ۽ اکين ۾ لڙڪ اچن نه پوءِ مان ڪجل جي ڪائنات کي لڙڪن ۾ لڙهڻ نه ڏيندس.“

هن وکون کڻي واريءَ جي ٺهيل هڪ گهرڙي کي لتاڙي وڌو. هن مون ڏي ڏٺو، سندس اکين ۾ اُلڪو هوس ۽ وياڪل هئي. ولهه جهڙي آواز ۾ پڇيائين:

”ڪڏهن موٽندين؟“

چيم، ”جڏهن هيءَ مُند موٽندي ته مان به اچي سهڙندس.“

پڇيائين: ”تيسين-“

وراڻيم: ”تيسين مونکي ڪتين جي ڪرن ۾، برسات جي بوندن ۾، هوائن جي گيتن ۾، الغوزي جي لهرين ۾، سج جي لالاڻ ۾، چنڊ جي چانڊاڻ ۾ ۽ ڀيڄ ڀنيءَ ماڪ ڦڙن ۾ پسجانءِ.“

”ممو! ڪتين جا ڪر پٿر بنجي اندر ڇلي وجهندا، برسات جون بوندون ٽانڊا ٿي وجود کي جلائينديون، هوائون بيوفا بنجي وينديون، الغوزي جون لهرون سڏڪا ڀرينديون، سج جي لالاڻ رت روئيندي، چانڊوڪي زهر ٿي پوندي ۽ ماڪ ڦڙا لڙڪ ٿي سک جي رهيل باقي ساعتن کي به لوڙهي کڻي ويندا.“

سوسن روئي پيئي ۽ مون سان چنبڙي پيئي. مون کيس آٿت ڏيئي چيو.

”جدائيءَ جي ڏکن کي آئيندي جو سک سمجهي سهڻ جي طاقت ڪر، سوسن.“

”ڪٿي ڏساور وڃي وساري نه ڇڏين.“

”نه، سوسن نه. ڪڏهن ساهه جا ساٿي به ڪنهن کان وسريا آهن.“ چيم، ”تون ته مونکي پل پل ياد ايندينءَ ۽ ان ياد سان مان اُت جيئندس. اڄ توکي روئيندو ڇڏي ٿو وڃان سوسن، پر سڀاڻي توکي هميشه جو پنهنجو ڪندس.“

”مان انتظار ڪري نه سگهندس، ممو.“

”روح جي رشتن کي هڪ ڇڪ سان نه ڇن سوسن.“

”وقت وڏو ويري آهي.“

”اسان وقت سان جنگ جوٽينداسين.“

”اسان وقت سان پڄي نه سگهنداسين- پڄي نه سگهنداسين.“

”دل نه لاهه. اتاولا ماڻهو وقت کان نه ڊڄندا آهن.“

سوسن ڪو جواب نه ڏنو. هوءَ روئيندي رهي ۽ پريان ڪينجهر جا ڪنارا آلا ٿيندا ويا، مون هن جي يخ آڱرين مان پنهنجيون اڱريون ڪڍي ڇڏيون ۽ پوءِ اسان واپس مڙي پياسين. پٺيان واريءَ تي پنهنجن پيرن جا نشان ڇڏي آياسين.

پوءِ مان سوسن کي ڇڏي دوبئي آيس. پٺيان رڳو هن لاءِ مون يادون ڇڏيون هيون.

دوبئي ۾ آئي ٽي مهينا ٿيا اٿم پر ڪا ساعت اهڙي ڪانه آئي جنهن ۾ سوسن ياد نه آئي هجي. پنهنجو سڄو رت ست خشڪ ڪري محنت ڪندو رهيس. سوسن جا خط ايندا رهيا ۽ هڪ هڪ خط منهنجي ۽ سوسن جي گذريل زندگيءَ جو عڪس هوندا هئا. مان کيس ڪنهن به خط جو جواب ڏيئي نه سگهيو هوس، نه سوسن کي دل جي دنيا مان تڙي سگهيو هوس. وقت جي آيل وير جيان اسان ٻيئي وڇوڙي جي عذاب تي جيئندا رهياسين. مون کي خبر هئي ته سوسن مون کان سواءِ موهن جو دڙو ٿي ويئي هوندي. ڪينجهر جا ڪنارا سُڃا ۽ نظارا اڻوڻندڙ لڳندا هئا. هن منهنجي انتظار۾ رڳو اڪيلائين کي قبول ڪري ورتو هو.

سال کان پوءِ:

سوسن جا خط مون تائين نه پهتا هئا. الاءِ ڪهڙو طوفان آيو هو، جيڪو زندگيءَ جي هر هڪ خوشيءَ کي ساڻ کڻي ويو. مان ڌارئي ملڪ ۾ غير قانوني طور تي اچڻ سبب اتان جي قانوني ڄار ۾ اچي ڦاٿس.

اُن رات مان جيل جي ننڍڙي ۽ تاريڪ ڪوٺڙيءَ ۾ اُداس ويٺو هوس، منهنجي مٿان ننڍڙي دري هئي، جنهن ۾ لوهي شيخون هيون. اندر اوندهه جو راڄ هو ۽ ٻاهر زندگيءَ جو لور هو. ان وقت سوسن ياد اچي ويئي. ڪينجهر جا ڪنارا ياد اچي ويا. هن جي لازوال مرڪ ياد اچي ويئي. هن جا سڏڪا ياد اچي ويا ۽ هن جي اکين جي جوت ياد اچي وئي. منهنجو سڪون تباهه ٿي ويو هو. تڏهن مان لوهي شيخن ۾ پنهنجا هٿ مضبوطي سان وجهي ڇڏيا، اکيون بند ڪري ڇڏيم ۽ سوسن جو عڪس اکين ۾ پلٽجي پيو. مونکي ياد آيو ته سوسن پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو هو ته:

تنهنجي اچڻ جي اُميد ۾ لڙڪن لوڙهي وڌو آهيان، سورن ساٿ نه ڇڏيو آهي، انتظار جي هر وک بڙڇي بنجي روح کي رتوڇان ڪندي رهي آهي، ممو! اتي رهي منهنجي پيار کي پرايو ته نه ڪيو اٿئي..“

”نه—نه.“ اندر ڦاٽ کاڌو. جيڪڏهن سوسن اڄ سامهون هجي ها ته کيس ٻڌايان ها ته جدائيءَ جي احساس مون کي به هيري جيان چيري وڌو آهي.

سوسن لکيو هو ته: ”هاڻ توکي ضرور موٽڻو پوندو، نه ته منهنجين اکين ۾ لڙڪ ڏسي لوڪ ميارون ڏيندا. تون هلي آءُ.“ هن خط ۾ ڪينجهر جي واريءَ جا ذرڙا به موڪليا هئا. مان ڪيترو وقت پنهنجي ديس جي هن واريءَ کي سيني سان لايو ويٺو هوس. الاءِ ڪهڙو واچوڙو متو هو جنهن اسان کي فنا ڪري وڌو هو. ”مون کي معاف ڪري ڇڏ سوسن ته مان مُند سان گڏ موٽي نه سگهيم.“

ڏيڍ سال کانپوءِ:

اڻڏٺل سوسن ڪينجهر جي ڪنارن تي ڇڙواڳ ڪڪريءَ وانگيان گهمندي محسوس ڪيم، اڪيلي- اڪيلي ۽ وياڪيل. سدائين مرڪندڙ چپ، ويراڳ جي وير بنجي ويا هيس. مُند موٽي هئي، پيلا پن پٽ اچي پيا هئا، پن- ڇڻ ٿي هئي، کنوڻين جيءُ جلايو، بوندون ويران دل جو اڱڻ آباد نه ڪري سگهيون، مُند موٽ کاڌي ۽ اچڻ وارو اچي نه سگهيو.

هوءَ انتظار ڪندي رهي ۽ انتظار ۾ هريل اکين مان الڪو لٽجي ويس ۽ ڊهي ڀُري ڀنڀور جو ڀڙو ٿي ويئي.

هاڻي سوسن کي اهو ڪير ٻڌائي ته مان توکان ڪوهين ميل پري هن بند ۾ قيد آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com