سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :19

آخر ۾ صاحب موصوف چيو ته ساهت سال (1981ع) ختم ٿيڻ سان ايئن نه سمجهڻ گهرجي ته ڪو اسان جي جوابداري پوري ٿي، پر سنڌي ادب کي ترقي وٺرائڻ لاءِ اسان کي هڪ نئين مهم جي شروعات سمجهندي مسلسل ڪم ڪرڻ جو عزم ڪرڻ کپي.

سائين غلام مصطفيٰ شاهه صاحب، جنهن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري هيءَ عظيم الشان ڪانفرنس منعقد ٿي سگهي هئي، پنهنجي لکيل تقرير انگريزيءَ ۾ پڙهي.

شاهه صاحب جي تقرير هڪ جامع مقالو هو، جنهن ۾ هن سنڌ تي مختلف پهلوئن کان روشني وڌي. پر پهريان هن ذڪر ڪيو شاهه لطيف ڪلچرل سوسائٽي جو. هن چيو ته سوسائٽي هن وقت ٻن رٿن تي ڪم ڪري رهي آهي. سنڌي ادبي فائونڊيشن جو قيام ۽ ڪراچي ۾ شاهه عبدلالطيف گهر قائم ڪرڻ. ان لاءِ حڪومت کان پلاٽ ۽ڪياني روڊ تي وڪٽوريا عجائب گهر واري عمارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

پوءِ هن ساهت سال جو ذڪر ڪيو ته ڪيئن نه ڀٽ شاهه کان اُن جي شروعات ڪئي ويئي.

شاهه لطيف جي سنڌي ۽ عالمي ادب ۾ حيثيت تي ڳالهائيندي شاهه صاحب چيو ته شاهه سائين بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪيل شاعر آهي. سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج ۾ شاهه سائينءَ جي شاعري ائين آهي، جيئن عربي ۾ قرآن. شاهه جا شعر قرآن پاڪ کي ويجها آهن. هو نه صرف هڪ انسان دوست ۽ بين الاقوامي برادريءَ جو پرچارڪ هو، پر انقلابي شاعر هو.

شاهه لطيف جي عورت ڏانهن روش جو ذڪر ڪندي صاحب موصوف چيو ته اڪثر ليکڪن عورت ذات کي هڪ ڌوڪو، گناهه جي پتلي، ڪمزور هستي وغيره ڪري پيش ڪيو آهي. ڪنهن به عورت سان ايترو انصاف نه ڪيو آهي، جيترو لطيف سائينءَ. هن جي عورت وفاداري، سچائيءَ ۽ مضبوطيءَ جو مجسمو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ شاهه صاحب چيو ته ”هي ته اها ٻولي آهي، جنهن جي وجود جي خبر خدا جي پيغمبر کي هئي.“ اها پهرين غير عربي ٻولي آهي، جنهن ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ٿيو.

موجوده سنڌي ادب تي ڳالهائيندي هن صاحب چيو ته ان ۾ وسعت ۽ موضوع توڙي مواد جي لحاظ کان ڪثرت آهي. ان کان پوءِ شاهه صاحب 1947ع کان سنڌ جي تاريخ جو مختصر خاڪو پيش ڪيو ۽ انهن ڏاڍاين کي بيان ڪيو، جيڪي ماضيءَ ۾ سنڌ سان ٿيون آهن. هن صاحب چيو ته 1948ع ۾ ڪراچي سنڌ کان کسي وئي ۽ ون يونٽ مڙهيو ويو. قائداعظم جي ڪيل سڄي ڪم تي پاڻي ڦيريو ويو ۽ هن جي ڪيل وعدن کي ڪنهن نه پاڙيو. وڏيءَ جدجهد کان پوءِ نيٺ ون يونٽ به ٽُٽو ۽ ڪراچي سنڌ کي واپس ملي. اڄ سنڌي ڳالهائيندڙ سڀ کان وڏو لساني گروهه آهن، جيڪي ڪراچيءَ ڏانهن اچي رهيا آهن. 1948ع کان سنڌي ادارن، ٻولي ۽ ادب کي ڪراچيءَ مان نيڪالي ڏني ويئي هئي. 1971ع کان هو موٽڻ لڳا آهن. ان مان اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڪراچي ستت ئي 1936ع واري حيثيت حاصل ڪري وٺندي.

شاهه صاحب چيو ته اسان 1972ع جي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ نفاذ واري ايڪٽ تحت سنڌي ٻولي ڪائونسل کي ترت قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. سنڌي ٻوليءَ کي هر شعبي لاءِ ذريعه تعليم، آفيس جي ڪم لاءِ پنهنجا ساز سامان آهن، جهڙوڪ: ٽائيپ مشين شارٽ هينڊ ۽ ڪاروباري اصطلاح وغيره.

شاهه صاحب وڌيڪ چيو ته اسان جي تعليم جو معيار ڪرندو پيو وڃي. هڪ سئو سال اڳ قائداعظم جنهن اداري ۾ پڙهيو ۽ جنهن جو ذڪر پنهنجي وصيت ۾ ڪيائين (سنڌ مدرسہ الاسلام)، سو هاڻي سرڪاري تحويل ۾ تعليم جي وفاقي وزارت وٽ آهي ۽ هڪ قسم جو موهن جو دڙو ٿي پيو آهي. ان اداري جي لڳ ڀڳ سترهن ادارن کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. هن چيو ته اسان انهن کي واپس وٺڻ لاءِ تيار آهيون، بشرطيڪ حڪومت موجود ه خرچ برداشت ڪري. اهو ئي حال جناح ڪورٽس مسلم هاسٽل جو آهي.

شاهه صاحب آخر ۾ سڀني جو، خاص ڪري مک مهمان ۽ ڪم ۾ هٿ وڊائيندڙ تنظيمن جا ٿورا مڃيا، جن جي سهڪار سان هي ميڙ ممڪن ٿي سگهيو.

مک مهمان جناب محمود هارون، خلاف توقع، سنڌيءَ ۾ تقرير ڪئي ۽ چيو ته جيتوڻيڪ هن جي سنڌي ايڏي سٺي نه اهي، پر هو سنڌيءَ ۾ ڳالهائي پنهنجي اصليت سان وفاداري ڪندو. هن چيو  ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ورثي کي وساري، اهو ڪابه ترقي نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن جي خدمت ڪري سگهي ٿو.

محمود هارون صاحب جي تقرير تاثراتي ۽ جذباتي هجڻ سان گڏوگڏ تحقيقي پڻ هئي. هن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جي ڪن پهلوئن کي به اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته ان ڏس ۾ اڃا گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي. عالم ۽ محقق ديبل بندر جي جاگرافي تي اڃا يڪراءِ ٿي نه سگهيا آهن ۽ اهو ئي حال موهن جي دڙي جي اصل لپيءَ جو آهي، جيڪا اڃا تائين نه سمجهي وئي آهي. ان ڪري ضرورت آهي ته سنڌ بابت تاريخي ۽ لساني حقيقتون صحيح شڪل ۾ دنيا آڏو اچن.

هن شاهه لطيف جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته شاهه صاحب سڄي عالم انساني لاءِ دعا گهري آهي. هن جو ڪلام اسان جو املهه خزانو آهي.

هن انهن سڀني جي تعريف ڪئي، جن هيءُ ميڙ سڏايو ۽ چيو ته باوجود ان جي جو هن جو ڀاءُ گذاري ويو، هو هن ميڙ ۾ شريڪ ٿيو، جو محسوس ڪيائين ته ڀاءُ جي جدائي جو غم ته آهي پنهنجيءَ جاءِ تي پر پنهنجي اباڻي وراثت جو به ڪجهه حق آهي، جنهن کي نڀائڻو آهي. هن ٿورا مڃيا، ميڙ جي مهندارن جا، جن کيس موقعو ڏنو ميڙ ۾ شريڪ ٿيڻ جو.

ان موقعي تي جناب علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، جناب محمود هارون جي مرحوم ڀاءُ سعيد هارون جي مغفرت لاءِ دعا گهري. ڪانفرنس جي سمورن حاضرين دعاءِ مغفرت ۾ شرڪت ڪئي.

ڪارروائي هلندي، مک مهمان کي روايتي سنڌي سوکڙي اجرڪ پيش ڪيوويو. انکان سواءِ کيس مختلف اشاعتي ادارن، جهڙوڪ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌ پبلشرس پاران ڪتابن جون سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون.

محفل موسيقي

پهرين ڏينهن جي ميڙ جو ٻيو اسم هو موسيقيءَ جي محفل. اها ساڍي نائين وڳي رات جو شروع ٿي. پنڊال ماڻهن سان ڀرجي ويو. اندرون سنڌ مان پڻ ماڻهو بسون ڀري هن موقعي لاءِ آيا هئا. زائفن جو پڻ وڏو تعداد موجود هو.

مهمانن ۾ ٻين کان سواءِ پير حسام الدين شاهه راشدي، پنهنجي علالت جي باوجود به موجود هو. مهمان خصوصي جناب مير رسول بخش خان ٽالپر سينئر منسٽر سنڌ ان موقعي تي شاهه لطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ لاءِ پنج هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

موسيقيءَ جي شروعات روايتي سنڌي دهل ۽ شرنائن سان ٿي. ان کان پوءِ ڪيترن ئي فنڪارن اچي پنهنجي فن جو جادوجڳايو، جيئن ته فقير عبدالغفور، فقير يار محمد، علڻ فقير، موهن ڀڳت، عابده پروين، وحيد علي ۽ زرينه بلوچ وغيره. بهرحال نامور فنڪار محمد يوسف جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويو.

ڪتابن جي نمائش

ميڙ جي ٻئي ڏينهن، جمع 27 نومبر 1981ع صبح جو ڪتابن ۽ قلمي نسخن جي نمائش جو افتتاح جناب جسٽس سيد غوث علي شاه صاحب وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ کي ڪرڻو هو، مگر صاحب موصوف جن جي اچانڪ علالت سبب صحت ۽ سماجي بهبود جي مرڪزي وزير جناب ڊاڪٽر نصيرالدين جوگيزئي ڪيو. ان موقعي تي هن صاحب چيو ته ثقافت جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي. سنڌي ادب ۽ ثقافت نه صرف قومي سطح تي، پر بين الاقوامي سطح تي مڃيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ڪتابن کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو وڃي، جيئن ٻين ٻولين وارا پڻ انهن سان روشناس ٿي سگهن.

اسٽالن ۾ڪراچي مان شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، نئشنل ميوزم لائبرري، مڪتبه اسحاقيه، انڊس پبليشرس، مدرسه مظهرالعلوم کڏو، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، حڪومت سنڌ جي تعليم جي کاتي جي ثقافتي شاخ ۽ روزانه هلال پاڪستان، حيدرآباد مان روزانه عبرت ۽ مهراڻ جا اسٽال، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، مير محمد علي خان ٽالپر جي سهيڙيل ڊاڪٽر مير نورمحمد ٽالپر جي لائبرري، ادبيات، شاهه ولي الله اڪيڊمي، سنڌصوبائي عجائب گهر ۽ لائبرري، سنڌ سائنس سوسائٽي، آگم پبليڪيشن، اداره نصاب توسيع ۽ تعليم سڌ ۽ ناري پبليڪيشن، ڀٽ شاهه مان ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ خيرپور مان خيرپور پبلڪ لائبرري، سکر مان اداره شريعت ماهنامه نمايان هئا.

لائبررين ۽ عجائب گهرن جا ڪتاب فقط نمائش لاءِ هئا، باقي ٻين اسٽالن تي وڪرو به عام جام ٿيو.

نمائش ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اسٽال ناظرين جي وڏي دلچسپيءَ جومرڪز هو، جنهن تي ڇپيل ڪتابن کان علاوه نادر ۽ ناياب قيمتي قلمي نسخا پڻ رکيل هئا. وزير موصوف جناب نصيرالدين جوگيزئي، بورڊ جي علمي ڪارڪردگيءَ کان نهايت متاثر ٿيو.

سيمينار

ان ڏينهن جي علمي نشستن م پهرين هئي ”سنڌي ساهت ۽ سنڌي ادب“، جنهن جي صدارت پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ڪئي ۽ اسٽيج سيڪريٽري هو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. الانا صاحب ڪجهه وقت کان پوءِ اٿي ويو ۽ اياز قادري صاحب صدارت جي ڪرسي سنڀالي.

ان نشست لاءِ ڇويهه مقالا موجود هئا، پر وقت جي تنگيءَ سبب انهن مان ڪجهه پيش ٿي سگهيا.

بهرحال مضمون پڙهڻ وارن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد اسماعيل شيخ، ڊاڪٽر گل حسن لغاري، عبدالله ورياهه، ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور، معمور يوسفاڻي، ف.م، لاشاري، ڊاڪٽر عبدالخالق مرزا ۽ هدايت پريم شامل هئا، جن صاحبن سنڌي شعر، لوڪ ادب، ڀٽائي، سڪا ۽ ڊرامي جهڙن موضوعن تي پنهنجا مقالا پڙهيا.

اڄوڪي ڏينهن جي ٻي نشت هئي ”سنڌي ساهت ۽ سنڌي صحافت.“ ان جي صدارت جناب علي احمد بروهيءَ ڪئي ۽ اسٽيج سيڪريٽري هو خان محمد پنهور. هن ۾ تنوير عباسي، علي نوائي وفائي، مولانا عزيزالله ٻوهئي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز علي شوق، معمور يوسفاڻي، عمرالدين بيدار، عبدالغني درس ۽ خان محمد پنهور مقالا پڙهيا.

ٽين نشست، ”سنڌي ساهت ۽ سنڌي عورت“ جي صدارت پروفيسر امينه خميساڻي ڪئي ۽ مک مهمان ڊاڪٽر حميده کهڙو هئي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض فهميده حسين بجا آندا. ان نشست ۾ تنوير جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه، ثريا سوز، صبا کوسو، نعيمه تيجاڻي، خيرالنساء جعفري، زبيده ميتلو، ڊاڪٽر کهڙو، نور شاهين، مريم مجيدي، نظير ناز، فيروزه سما، رضيه کوکر، مهرالنساء چانگ، سڪينه ميمڻ ۽ راقم پنهنجا پيپر پڙهيا.

رات جي مانيءَ جو انتظام سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن طرفان سنڌ اسلاميه هوٽل ۾ ڪيل هو.

ڪل سنڌ مشاعري جي صدارت تنوير عباسي ڪئي ۽ مهمان خصوصي جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هو. اهو مشاعرو ان لحاظ کان يادگار رهيو، جو ان ۾ ٻن اڍائي سئو شاعرن شرڪت ڪئي، جي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيا هئا. اسٽيج سيڪريٽري هو اياز قادري.

اخري ڏينهن ڇنڇر 28 نومبر تي صبح جو پهرين نشست جو موضوع هو ”سنڌي ساهت ۽ سنڌي عالم“. جناب مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صدارت ڪئي ۽ ڪارروائي مولانا عزيزالله ٻوهئي هلائي. ان نشست ۾ غلام حسين ڀُٽي، غلام مصطفيٰ ميمڻ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مولوي سيد محمد حسين شاهه ۽ عبدالخالق نامي پنهنجا مقالا پڙهيا. ان طرح پروفيسر مريم نوحاڻي، حبيب الله مرزا، حافظ محمد اسماعيل ۽ عبدالوهاب چاچڙ جا مقالا پهتل هئا.

منجهند جو ٻي نشست جو عنوان هو ”سنڌي ساهت ۽ سائنس“. صدارت ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي ڪئي ۽ ڊاڪٽر شريف ميمڻ ڪارروائي هلائي، موضوع جي نسبت سان مقالا پڙهندڙن جي ڪميءَ سببان ”سنڌي ساهت ۽ سنڌي ادب“ عنوان تي رهيل مقالن کي پيش ڪيو ويو، چنانچه غلام رسول بلوچ، پروفيسر اياز قادري پنهنجا مضمون پڙهيا. موضوع تي حافظ محمد جوکئي، بدرالدين لاڙڪ، انيتا غلام علي، ڊاڪٽر معصوم علي ترمذي ۽ ڊاڪٽر شريف ميمڻ پنهنجا پيپر پيش ڪيا.

پڄاڻي واري هن ڏينهن جي پڇاڙيءَ واري نشست هئي ”سنڌي ساهت ۾ اميدون“ ان جي صدارت ڊاڪٽر سليمان شيخ ڪئي. ڊاڪٽر شريف ميمڻ ڪارروائي هلائي. پيپر پڙهندڙن ۾ ايم.ايڇ. پنهور، ابراهيم خشڪ، لعل جسڪاڻي، ڊاڪٽر حميده کهڙو، بدرالدين اڄڻ عزيزالله ٻوهيو، نبي بخش کوسو، سليم ميمڻ، ظفر حسن، مظهر يوسف، سنڌوميراڻي، ناز سنائي ۽ نياز احمد نقشبندي شامل هئا.

اختتام

علمي نشستون ته پوريون ٿيون، پر ڪجهه ٻيا ڪم رهيل هئا، سو ڪاروباري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي، گذريل نشسست جي خاتمي کان هڪدم پوءِ شورع ٿي.

سنڌي ٻولي ۽ ان سان واسطيدار مسئلن جو اڀياس ڪرڻ لاءِ شاهه صاحب جي رٿ تي هڪ ڪائونسل ”سنڌي تحقيق ۽ تجزياتي ڪائونسل“. قائم ڪئي ويئي.

دراصل شاهه صاحب جي رٿ هئي ته هڪ اهڙي نمائنده جماعت ٺاهي وڃي، جنهن ۾ باقي مڙني جماعتن، جيئن ته سگا، شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت وغيره جا نمائنده هجن، سو هيءَ ڪائونسل دراصل ان نمائنده ڪائونسل جي ابتدائي شڪل هوندي ان جو ڪنوينر متفقه طور تي ڊاڪٽر سليمان شيخ کي ڪيو ويو، باقي ڏهه ميمبر هي آهن:

(1) سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب، (2) ڊاڪٽر حميده کهڙو،(3) عزيزه سومرو، (4) علي احمد بروهي، (5) ظفر حسن، (9) ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ۽ (10) خان محمد پنهور.

ڪميٽيءَ جي پهرين گڏجاڻي جمعو 18- ڊسمبر تي رکي وئي. ڊاڪٽر کهڙو ان کي پنهنجي گهر ۾ ڪرڻ لاءِ سڀني کي دعوت ڏني. جويي صاحب ٺهرائن جو مسودو پڙهي ٻڌايو، جنهن کي ڪن درستين کان پوءِ منظور ڪيو ويو.

ميڙ جا خاص فيصلا هئا ”سنڌي ادبي فائونڊيشن“ ۽ ”شاهه لطيف گهر“ قائم ڪرڻ. پوئين ۾ عجائب گهربه هوندو ۽ لائبرري به. ان تي خرچ جو تخمينو آهي هڪ ڪروڙ روپيا.

ٺهراءُ                        

(1) صوبائي ٻوليءَ طور سنڌيءَ جي واڌاري ۽ نفاذ لاءِ سنڌي ٻولي ڪائونسل جو قيام، جيئن سنڌي ٻوليءَ جي پڙهائي، ترقي ۽ ان جي استعمال واري ائڪٽ 1972ع ۾ ڄاڻايل آهي.

(2) ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾، جتي سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو اقليت ۾ آهن ۽ پڻ راولپنڊي- اسلام آباد فيڊرل ايريا ۾ جتي سنڌي پڙهندڙ ٻارن جو تعداد گهٽ ۾گهٽ 25 هجي، سنڌي ميڊيم پرائمري / سيڪنڊري ادارا قائم ڪرڻ.

(3) سنڌ جي سڀني اڳوڻن انگلش ميڊيم اسڪولن جهڙوڪ سينٽ ميريز ڪانوينٽ حيدرآباد، سينٽ مائيڪلس ميرپور خاص، سينٽ ميريز ۽ سينٽ لارينس سکر ۽ ڪراچي جي اهڙن سڀني اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم سيڪشن قائم ڪرڻ.

(4) سنڌ صوبي جي مقرر تعليمي نصاب مطابق ڪراچي شهر جي سڀني اردو ميڊيم تعليمي ادارن، خاص طرح جيڪي ڪي.ايم.سي پاران هلايا وڃن ٿا، انهن ۾ هڪ مضمون طور سنڌي پڙهائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جا استاد مقرر ڪرڻ.

(5) سنڌ صوبي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن لاءِ اسڪولن، ريڊيو۽ ٽريننگ ڪاليج ۾ عام سنڌي ذريعه تعليم ۽ تعليم بالغان جا پروگرام فوري طور عمل ۾ آندا وڃن.

(6) وفاقي سطح تي ٻارن جي مضمونن جي مقابلن وغيره ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارڙن لاءِ سنڌي زبان ۾ لکڻ کي تسليم ڪيو وڃي.

(7) وفاقي انتظامي ملازمتن توڙي سنڌ صوبائي انتظامي ملازمتن ۽ ٻين ملازمتن جهڙوڪ درس تدريس لاءِ ٿيندڙ سڀني چٽاڀيٽين وارين ٽيسٽن ۾ سنڌيءَ کي امتحان جي مضمون طور تسليم ڪيو وڃي.

(8) ڪراچي ٽي- وي اسٽيشن تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ پروگرامن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه في سيڪڙو وقت سنڌيءَ ۾ ٿيندڙ پروگرامن کي ڏنو وڃي.

(9) خيرپور ميرس ريڊيو اسٽيشن تان سنڌي نشريات جا انتظام ڪيا وڃن ۽ اتان نشر ٿيندڙ پروگرامن ۾ پنجاهه في سيڪڙو پروگرام سنڌي زبان ۾ هئڻ گهرجي.

(10) ڪراچي ريڊيو اسٽيشن ۽ ڪراچي ٽي-وي اسٽيشن تي گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه في سيڪڙو پروگرام پروڊيوسر سنڌي زبان ڄاڻندڙ رکيا وڃن. ساڳي طرح حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۾ اهڙن پروگرام پروڊيوسرن جو تعداد گهٽ ۾گهٽ سٺ في سيڪڙو هئڻ گهرجي.

(11) ملڪ جي اندر سنڌ صوبي ۾ جيئن اردو ۽ انگريزي زبانن وارين اخبارن ۽ رسالن کي ڊڪليئريشن آسانيءَ سان ڏنا ٿا وڃن، ساڳيو طريقه ڪار سنڌي اشاعتن جي ڊڪليئريشن لاءِ رکيو وڃي.

(12) ملڪ جي اندر سنڌ صوبي سميت ٻين صوبن ۾ جهڙيءَ طرح ٻين ٻولين جي رسالن ۽ ڪتابن تان بندش هٽائي ويئي آهي، ساڳي طرح سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي اڳوڻي حڪومت طرفان وڌل بندش هٽائي وڃي.

(13) سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن ۾ اشتهارن لاءِ مخصوص ڪيل جملي فنڊ مان ويهه في سيڪڙو فنڊ سنڌي اخبارن ۽ رسالن لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.

(14) هري پور هزاره گورنمينٽ ورڪشاپس ۾ معياري پورٽبل سنڌي ٽائيپ رائيٽر تيار ڪرڻ جا انتظام ڪيا وڃن.

(15) اڳوڻي حڪومت طرفان ان جي قوميائڻ واري پاليسي تحت کنيل سنڌ مدرسه بورڊ جي اسڪولن کي سنڌ مدرسه بورڊ جي حوالي ڪيو وڃي.

(16) جناح ڪورٽس مسلم هاسٽل کي، جيڪا مسلم ٽرسٽ پراپرٽي آهي، ان جي حقدار ٽرسٽيز جي حوالي ڪيو وڃي.

نفيس احمد شيخ

(مبصر خصوصي)

ديس سچل دا درس درازا

”سچل نئشنل سيمينار“ جي ڪارگذاري

- (اکين ڏٺو احوال) –

هلندڙ سال 1982ع جي پهرين ٽماهي دوران اتر سنڌ ۾ منقعد ٿيل علمي ۽ ادبي، تهذيبي ۽ ثقافتي تقريبون مثالي حيثيت سان هميشه ياد رهنديون، جن ۾ سچل نئشنل سيمينار، سکر بئراج جي گولڊن جوبلي ۽ جشن شڪارپور خاص طرح قابل ذڪر آهن. هن رپورٽ ۾ فقط سچل سيمينار جو ڪجهه احوال عرض ڪجي ٿو.

هونءَ ته ڪافي سالن کان حضرت سچل سرمست رحه جي سالياني عرس جي موقعي تي درازا شريف ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ محفل موسيقيءَ جي روايت جاري آهي، پر هن ڀيري خيرپور ۾ منعقد ٿيل ٽي روزه سچل نئشنل سيمينار پنهنجي انفراديت سبب سنڌي ادب ۾ سدائين اڻوسرندڙ رهندو.

سنڌ جي ادب نواز وزير تعليم ۽ ثقافت جناب جسٽس سيد غوث علي شاهه صاحب، سکر جي علم دوست ڪمشنر جناب محب الله شاهه صاحب، خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنر جناب غلام محمد ميمڻ ۽ سنڌ جي ممتاز شاعر ۽ دانشور جناب تنوير عباسي مذڪوره سيمينار جو شايان شان بندوبست ڪري، سچل جي طالبن جون دليون موهي ورتيون. انهن چئن صاحبن۽ سندن بيشمار رفيقن ۽ مددگارن جي ڪوششن کي الحمدلله سهڻو نتيجو حاصل ٿيو، جو سيمينار جي موقعي تي هڪ زماني جي پراڻي خواهش جي تڪميل پڻ ٿي، جو ”سچل اڪيڊمي“ جي قيام جو اعلان ٿيو، جنهن جي وسيلي سنڌ جي هن ممتاز مفڪر ۽ عظيم شاعر جي لافاني ڪلام ۽ افڪار جي شايان شان اشاعت ۽ تشهير ٿي سگهندي.

تقريباً ٻن – ٽن مهينن جي مسلسل جاکوڙ کان پوءِ جڏهن ”سچل نئنشل سيمينار“ جون تياريون تڪميل تي پهتيون، تڏهن خيرپور ميرس شهر ۾ هڪ جشن جو سمان برپا ٿي ويو. ڊويزنل پبلڪ لئبرريءَ جي وسيع ۽ عريض ميدانن تي مختلف پنڊال نهايت سليقي سان سجايا ويا هئا. حضرت سچل جي عاشقن جي پروانه وار آمد سان گڏ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديب ۽ عالم، دانشمند ۽ مفڪر اچي سهڙيا هئا. ڪتابن جي نمائش ۾ سنڌ جا برک علمي ادارا سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي نمايان هئا، ته محفل موسيقيءَ ۾ سنڌي ۽ سرائڪي زبان جي نامور موسيقارن شرڪت ڪئي.

مندوبين، مبصرن ۽ مهمانن جي پهچڻ تي سچل نئشنل سيمينار آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمن جناب سيد محب الله شاهه صاحب، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جناب غلام محمد ميمڻ ۽ سيمينار جي جنرل سيڪريٽري جناب ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ساٿين سندن آجيان ڪئي ۽ کين سکر جي پرفضا ”هوٽل انٽرپاڪ ان“ پهچايو، جتي سندن رهائش جو انتظام هو.

افتتاحي اجلاس

15- مارچ 1982ع تي سيمينار جو افتتاح جناب جسٽس سيد غوث علي شاهه صاحب وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ ڪيو.

تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ اجلاس جي باقاعده ڪارروائي شروع ٿي. آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمن جناب محب الله شاهه صاحب پنهنجي مرحبائي تقرير ۾ وزير موصوف ۽ مهمانن جي آمد تي سندن شڪريو ادا ڪيو ۽ سيمينار منعقد ڪرڻ جا مقصد بيان ڪندي ٻڌايو ته جيئن هن علائقي جي ادب ۽ ثقافت کان پاڪستان جي ٻين علائقن کي روشناس ڪرايو وڃي. شاهه صاحب توقع ظاهر ڪئي ته هن سيمينار وسيلي خود آشنائيءَ جو مقصد حاصل ٿي سگهندو. ان سلسلي ۾ شاهه صاحب چيو ته انسان دوستي، باهمي ڀائيچاري جي قدرن کي اجاگر ٿيڻ جو موقعو ملندو، جيڪي حضرت سچل جي فڪر جو روح آهن. هن صاحب چيو ته سچل جو ڪلام آفاقي آهي، اهو فقط خيرپور ۽ سکر تائين محدود ناهي، پر پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد تائين وسيع ۽ ڦهليل آهي. اڄوڪي سيمينار ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديب ۽ شاعر اچي شريڪ ٿيا آهن جيڪي سچل سائينءَ جي پيغام جي تشريح ڪندا.

جناب محب الله شاهه چيو ته جيئن ته مان هن ئي علائقي جو باشندو آهيان ۽ اڄوڪي خاص مهمان جناب جسٽس غوث علي شاهه صاحب جي نسبت پڻ هن ئي شهر سان آهي، ان ڪري مان هن موقعي تي ٻه – ٽي ڳالهيون کين گوش گذار ڪندس.

شاهه صاحب چيو ته خيرپور ۾ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي ڪامپليڪس جي قيام لاءِ نقشو ۽ ڊزائين تيار آهن. ان ڪامپليڪس جون چار خصوصيتون بيان ڪندي ٻڌايائين ته ان ۾ سچل سائينءَ جي شايان شان هڪ لئبرري هوندي، جنهن ۾ ادب، تصوف، اسلام، سنڌي ثقافت ۽ سمورن موضوعن تي مواد رکجي. ان طرح مائڪرو فلمنگ، رڪارڊنگ ۽ ڊاڪيومينٽيشن جا شعبا پڻ شامل آهن. گڏجاڻين ۽ جلسن لاءِ هڪ جديد آڊيٽوريم کان علاوه عالمن ۽ اديبن جي رهائش لاءِ هڪ هاسٽل جي تعمير به شامل آهي.

شاهه صاحب سڀني سامعين کي دعوت ڏني ته مٿئين پروگرام لاءِ کيس صلاح مشورو ڏنو وڃي، جيئن ڪامپليڪس کي وڌ کان وڌ جامع ۽ معياري بنائي سگهجي.

ان کان پوءِ جناب جسٽس سيد غوث علي شاهه صاحب پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ فرمايو ته ”حضرت سچل سائينءَ جي افڪار جي اشاعت ۽ تشهير لاءِ هيل تائين اڃا اهو توجهه نه ڏنو ويو آهي، جيڪو ڏيڻ گهربو هو. ان ڏس ۾ گذريل سال عرس شريف جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر صاحب، شاهه لطيف ۽ قلندر لال شهباز لاءِ بجيٽ جي حوالي سان اها ڳالهه منهنجي ڌيان تي آندي هئي. مون خاص ان مقصد سان پنهنجي کاتي جي ڪلچرل بجيٽ تي نطر ڪئي آهي. هن ڊويزن جي چارج، هن ئي علائقي جي پيداوار سيد محب الله شاهه ورتي آهي، جنهن جي دل ۾ سچل سائينءَ لاءِ بي انتها اُمنگ موجود آهن. مون سندس تجويز تي هڪ لک رپيا سندس حوالي ڪيا آهن، هن نوجوان ٻيا پئسا به گڏ ڪيا هوندا.“

ان کان پوءِ وزير صاحب، سچل سائينءَ جي اشاعتي ڪم ڪار بابت فرمايو ته ”سچل سائينءَ جو ڪلام 1959ع کان وٺي اڻلڀ هو. سچل جو سرائڪي ڪلام، جيڪو مولانا محمد صادق راڻيپوري صاحب ترتيب ڏنو ۽ ٻيو مرحوم عثمان علي انصاري وارو سنڌي ڪلام، اهي ٻيئي ڪتاب اڻلڀ هئا. هينئر اسان جي ڊپارٽمينٽ سنڌي ادبي بورڊ، اهي ٻئي ناياب ڪتاب وڏي اهتمام سان شايع ڪيا آهن، جا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. بورڊ جي چيئرمن مولانا قاسمي صاحب ۽ ان جي نوجوان سيڪريٽري مسٽر غلام رباني رات ڏينهن محنت ڪري، اهي ٻئي ڪتاب شايع ڪري هتي آندا آهن.“

وزير موصوف، سچل ڪامپليڪس بابت فرمايو ته ان جي قيام لاءِ هو هر ممڪن ڪوشش وٺندو، جيئن هن گهُر کي پورو ڪري سگهجي.

شاهه صاحب چيو ته گذريل عرس جي موقعي تي اها تقاضا ٿي هئي ته”سچل اڪيڊمي“ قائم ڪئي وڃي، اڄ مان اهو چوان ٿو ته ان جي پيڙهه پئجي چُڪي آهي. هن وقت اهو پروگرام پلئننگ جي مرحلي ۾آهي. باقي رهي فني ڳالهه: ڪامپليڪس جو اهو حصو، جنهن جو تعلق منهنجي کاتي سان آهي، ان لاءِ مان دل و جان سان ڪوشس ڪندس ۽ سمورو پروگرام گورنر صاحب آڏو رکنداسين، جيئن هو صاحب پڻ اسان جي مدد ڪري.

وزير موصوف، تشڪر جي ڪلمات سان سيمينار جو افتتاح ڪندي، حضرت سچل سائينءَ لاءِ فرمايو ته پاڪستان ۾ ٻئي ڪنهن به صوبي ۾اهڙو شاعر نه آهي، جنهن ايترين گهڻين زبانن ۾ ڪلام چيو هجي.اها سعادت سنڌ ۽ خيرپور کي حاصل آهي. سچل سڄو سچ آهي ۽ قومي شاعر آهي. قوم ان تي جيترو به فخر ڪري، اهو گهٽ آهي.

”حق موجود- سدا موجود“ لفظ سان شاهه صاحب جي افتتاحي تقرير پڄاڻي تي پهتي.

ان کان پوءِ جناب تنوير عباسي، سنڌ جي برگزيده عالم ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کي مقالي پڙهڻ لاءِ سڏيو. قاسمي صاحب جي فاضلانه مقالي جو عنوان هو ”سنڌ جو عطار، حضرت آشڪار.“

جناب قاسمي صاحب پنهنجي مضمون ۾ فرمايو ته:

”حضرت آشڪار جي فارسي شاعريءَ مان اسان کي ڪن اڳين فارسي گو شاعرن جا نالا ملن ٿا، جن جي شاعري مولانا جلال الدين رومي وانگر مقصديت واري شاعري هئي ۽ اهي پنهنجي ڪلام ذريعي همه اوست جي فلسفي ۽ ٻين تصوف جي اسرارن کي سمجهائي ويا. حضرت آشڪار به انهن اوليائن، صوفين ۽ شاعرن کان متاثر ٿو ڏسجي جي آهن انهن سڀني مان سچل سائينءَ تي عطار جو رنگ غالب ٿو ڏسجي، شمس تبريزي خواجه احمد جام ۽ شيخ فريدالدين عطار، ان ڪري کيس سنڌ جو عطار به سڏيو ويندو آهي...

”... خواجه فريدالدين عطار يا مولانا جلال الدين روميءَ جو پنهنجي ڪلام ۾ اهو دستور رهيو آهي ته تصوف جي اسرارن تي گفتگو ڪندي، جتي شريعت حق جي خلاف ڪنهن غلط فهميءَ جو انديشو هوندو آهي ته ان کي جلدي دور ڪندا ويندا آهن ۽ شريعت جي اتباع جي تلقين ڪئي ويندي آهي. اسان جي سنڌ جو عطار حضرت آشڪار درازي به پنهنجي پيشرو بزرگن جي پيرويءَ ۾ اهڙي غلط فهميءَ کي دور ڪندو آهي، جيئن ڪنهن ڪچي صوفيءَ کي شريعت جي خلاف لب ڪشائي جي جرئت نه ٿئي. جيئن هڪ غزل ۾ خبردار ٿو ڪري ته جيڪڏهن تون مرد آهين ته شريعت کان منهن نه موڙ دنيا جا غوث ۽ قطب سڀ شريعت جو سلام ڪندا ويا آهن. دنيا جا مسلمان امير، وزراءِ ۽ سلطان، سڀني تي شريعت جو حڪم غالب رهيو آهي. جيڪو به موحد، دل جي درد وارو آهي، سو شريعت جي نالي تي پنهنجو سر قربان ڪندو. شريعت جي واٽ کان ڪڏهن به پير ٻاهر نه رک، ڇو ته شريعت جي واٽ هميشه سڌي رهي آهي. اي آشڪار! تون هي ٻه اکر ٻڌي وٺ، تون شريعت جو نوڪر ۽ غلام ٿي رهه...“

قاسمي صاحب جي فڪرانگيز مقالي کان پوءِ پشاور کان آيل پشتو زبان جي ممتاز عالم جناب ڊاڪٽر محمد نواز طائر پنهنجو مضمون پڙهيو، جنهن جو عنوان هو: ”سچل سرمست ڪا همعصر شاعر- احمد شاهه ابدالي.“

پهرين نست

منجهند جو سيمينار جي پهرين نشست منعقد ٿي، جنهن جي صدارت ڪراچيءَ مان آيل اردو زبان جي ممتاز اديب جناب ڊاڪٽر جميل جالبي ڪئي ۽ جناب آفاق صديقي سيڪيٽري جا فرائض انجام ڏنا. هن بيٺڪ ۾ هيٺيان پيپر پڙهيا ويا.

1. جناب قاضي خادم ”سچل جي ڪلام ۾ وجوديت جو عنصر“

2. جناب صديق طاهر (رحيم يار خان) ”سچل سرمست ڪي سرائڪي شاعري“

3. جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا ”راڳ، سچل ۽ ثقافت“

صدر مجلس جي صدارتي ڪلمات ۽ جناب ممتاز مهر طرفان نشست جي رپورٽ پيش ڪرڻ سان پهرين نشست پوري ٿي.

ٻي نشست

شام جو ٻي نشست جي صدارت جناب علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ڪئي ۽ جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏنا، ان نشست ۾ هيٺيان پيپر پڙهيا ويا:

1. جناب اياز قادري    ”سچل جو قلمي ڪلام“

2. جناب تنوير عباسي ”سچل جو سنڌي ۽ سرائڪي شاعري تي اثر“

3. جناب ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سچل سرمست جو سرائڪي شاعرن ۾ مقام“

4. جناب محمد علي حداد ”سچل جي اشاعت جا مرڪز“

صدر مجلس جناب قاسمي صاحب صدارتي ڪلمات ۾ معياري تحقيق ۽ تقابلي مطالعي جي ضرورت تي زور ڏنو. قاسمي صاحب چيو ته مجوزه سچل اڪيڊمي ان ڏس ۾ اميد ته شايان شان ڪم ڪندي.

ثقافتي نمائش جو افتتاح

شام جو 8 بجي سنڌ جي چيف سيڪريٽري جناب مسعود الزمان عظيم الشان ثقافتي نمائش جو افتتاح ڪيو.

ان کان اڳ افتتاحي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جناب غلام محمد ميمڻ، مهمان خصوصي جي آجيان ڪندي سپاسنامو پيش ڪيو. سنڌ جي ثقافت ۾ خيرپور ضلعي ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي، ميمڻ صاحب ان موضوع تي روشني وڌي ۽ منعقد ڪيل نمائش بابت معلومات ڏني. سنڌ جي مشهور فنڪار جناب علي نواز ڦلپوٽه کي ميمڻ صاحب پنهنجي تقرير ۾ ”مين آف ايگزيبيشن“ قرار ڏنو، جنهن صاحب مهارت سان نمائش جي جوڙجڪ ڪئي هئي.

جناب مسعود الزمان پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ فرمايو ته درياهه سنڌ جي هيءَ شاندار وادي قديم تهذيبن جي وارث آهي، جنهن جي ڪري اسان جو ملڪ ڪيترين ئي امتيازي ۽ منفرد خصوصيتن سان سرشار آهي.

سنڌ جي ثنا ۽ صفت ۾ هن صاحب فخر جو اظهار ڪيو ته اسلام جا سونهري ڪرڻا، برصغير ۾ سڀ کان اول هن خطي تي پهتا، جنهنڪري هتان جي ثقافت کي زندگي ۽ تازگي ميسر ٿيا.

هن صاحب چيو ته قومي سيمينار ۽ نمائش نه صرف ادب ۽ ثقافت جي بي بها خدمت آهي، پر ان سان گڏ قوم لاءِ خودشناسيءَ جو هڪ ذريعو پڻ آهي. قومي تشخص لاءِ، هن صاحب اهڙن پروگرامن جي همت افزائيءَ جي ضرورت تي زور ڏنو.

هن صاحب اميد ظاهر ڪئي ته سچل نئشنل سيمينار جا سڀئي پروگرام نتيجه خيز ثابت ٿيندا. هن صاحب منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي انهيءَ توقع جو اظهار ڪيو ته قومي تاريخ ۾ هڪ جاندار ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اهڙيون نمائشون آئنده پڻ منعقد ڪيون وينديون.

تقريب کان پوءِ جناب مسعود الزمان ثقافتي نمائش جا سڀئي شعبا گهمي ڏٺا. نوادرات، دستڪارين، خطاطي ۽ عام شين ڏسڻ کان پوءِ هو سکر ڊويزن جي ڊپٽي مارشل لا ائڊمسنٽريٽر برگيڊيئر سيد مصطفيٰ انورحسين ۽ ڪمشنر جناب محب الله شاهه سان گڏجي سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽال تي پهتو ته بورڊ جي سيڪريٽري جناب غلام رباني، صاحب موصوف جو خير مقدم ڪيو. جناب مسعود الزمان نهايت دلچسپيءَ سان بورڊ جي ڪتابن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ ان جي ڪاڪردگيءَ کي گهڻو پسند ڪندي فرمايو ته عوام کي بورڊ جي تعميري ۽ قابل تحسين ڪم کان واقف ڪرڻ جي ضرورت آهي. صاحب موصوف بورڊ جي شايع ڪيل ديني ادب، گهٽ قيمت وارن ننڍن ڪتابن ۽ علامه آءِ.آءِ. قاضي جي ڪتابن کي پسند ڪيو. جناب مسعود الزمان بورڊ کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان هميشه بورڊ جي حمايت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين.

نمائش جو جائزو

ثقافتي نمائش نهايت وسيع پيماني تي منعقد ڪئي ويئي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي روشن ۽ شاندار ماضي ۽ قابل فخر ترقي پذير حال جي سهڻي جهلڪ موجود هئي. نمائش ٽن حصن تي مشتمل هئي، ۽ ان جو سمورو سٽاءُ ان جي ٽيڪنيڪل انچارج جناب علي نواز ڦلپوٽه جي قدر لائق صلاحيتن ۽ مهارت جو آئينه دار هو. جناب ڦلپوٽه جو تعلق خيرپور سان آهي ۽ سنڌ جو هڪ مشهور آرٽسٽ آهي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبه فنون لطيفه ۾ استاد جي حيثيت سان وابسته آهي.

نمائش جو مکيه حصو،. کُلي ميدان تي مصنوعي ڪمرن تي مشتمل هو، جنهن جي هڪ حصي ۾ حيدرآباد جي مشهور ٽالپر خاندان (مير نور محمد خان ٽالپر فئملي) جا نوادرات رکيل هئا. ان ۾ ٽالپري عهد جا لباس ۽ ان وقت ڪتب ايندڙ شاهي سازو سامان سجايل هو. ڪلام پاڪ سان گڏ ڪيترائي نفيس ۽ باريڪ مرصع قلمي نسخا پڻ هن حصي جي سونهن سوڀيا ۾ اضافي جو سبب هئا.

ٻئي حصي ۾ خيرپور ميرس جي سابق حڪمران ٽالپر خاندان جا نوادرات رکيل هئا. ان ۾ لباس، چانديءَ جا پلنگ، فرنيچر، تصويرون، شاهي استعمال جا سامان، هٿيار ۽ تلوارون آويزان هيون.

ٽئين حصي کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان سجايو ويو هو، جنهن ۾ دستڪاريون، تصويرون، مصوريءَ جا نمونا ۽ ازين قسم جون شيون رکيل هيون، جن مان روزمره جي سنڌي زندگيءَ جي جهلڪ نمايان هئي.

چوٿين حصي ۾ سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن جا هٿ جا هنر، ڀرت، جنڊي ۽ ڪاشيءَ جا نمونا، اُٺن ۽ گهوڙن جا سنج ۽ سواريءَ جو ساز سامان موجود هئا.

پنجين ۽ ڇهين حصي ۾، خاص طرح سان خيرپور ميرس ضلعي جي عڪاسي لاءِ روزمره ڪتب ايندڙ سامان، جنڊي، ڪاشي، قالين، کيس ۽ سوسين جا نمونا سجايل هئا.

لئبرريءَ جو وسيع هال قلمي نسخن ۽ هٿيارن لاءِ مخصوص هو. ان ۾ ڪيترائي قيمتي قلعي نسخا، علامن ۽ اديبن جي توجهه جو مرڪز هئا. ديوارن تي ڪلهوڙا، ٽالپر، انگريز ۽ موجوده دور جي هٿيارن جا نمونا آويزان هئا، جن مان ڪجهه هٿيارن تي سون ۽ چانديءَ جو نهايت باريڪ ڪم ٿيل هو. سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم، ميان عبدالنبي خان جي ذاتي استعمال جي تلوار پڻ نمائش ۾ رکي ويئي هئي.

قلمي نسخن ۾ ڪلام پاڪ جا نادر نسخا رکيل هئا، جن جي خطاطي ۽ مرصع نگاري جازب ۽ پرڪشش هئي.

ان طرح اجرڪن ۽ خطاطيءَ لاءِ الڳ شعبو مخصوص هو، جتي هڪ طرف نوجوان خطاط خدابخش ابڙي جي ڪتابت جا ڪيئي دلڪش نمونا ناظرين جي نگاهن جو مرڪز هئا ته ٻئي طرف ٽنڊي محمد خان جي مشهور اجرڪ ٺاهيندڙ ماهر الهڏني جون اجرڪون رکيل هيون، جتي سندس پُٽ، اجرڪن ڇُرڻ جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو.

محفل موسيقي

رات جو محفل موسيقي منعقد ٿي، جنهن ۾ جناب ايم. مسعود الزمان، چيف سيڪريٽري سنڌ خاص مهمان هو. سامعين جي گهڻائيءَ جو اهو عالم هو جو هزارها نشستن جي ڀرجي وڃڻ ڪري عمارتن ۽ ديوارن تي سامعين، رات جو دير تائين راڳ رنگ مان لطف اندروز ٿيندا رهيا. محفل موسيقيءَ جو انتظام جناب حميد آخوند، ممتاز مرزا ۽ ظفر ڪاظميءَ جي سپرد هو. هنن اهو ڪم نهايت خوش اسلوبيءِ سان سر انجام ڏنو.

ٽين نشست

ٻئي ڏينهن، 16- مارچ تي، سچل نئشنل سيمينار جي ٽين نشست جي صدارت پشاور مان آيل نامود اديب جناب ڊاڪٽر محمد نواز طائر ڪئي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪارروائي هلائي. هن نشست ۾ هيٺيان مقالا پڙهيا ويا.

1. جناب رشيد ڀٽي ”سچل ۽ علامتي اظهار“

2. جناب عطا محمد حامي ”سچل جي اردو شاعري“

3. جناب شيخ اياز ”چرخي چِت نا لگدا.“

        هن نشست ۾ جناب عطا محمد حامي جي مقالي جي حوالي سان ڪافي دلچسپ بحث ڇڙي پيو ته اردو ٻولي سنڌ ۾ پيدا ٿي آهي. ان گفتگو ۾ قاسمي صاحب، الانا صاحب، حامي صاحب ۽ ڊاڪٽر جالبي حصو ورتو.

        آخر ۾ صدر مجلس جي صدارتي ڪلمات ۽ استاد شيخ محمد اسماعيل جي رپورٽنگ سان نشست پوري ٿي.

 

چوٿين نشست

        منجهند جو، چانهه جي وقفي کان پوءِ سيمينار جي چوٿين نشست منعقد ٿي، جنهن جي صدارت جناب شيخ اياز ڪئي ۽ سيڪريٽري جناب رشيد ڀٽي هو. هن نشست ۾ هيٺين صاحبن پنهنجا پيپر پڙهيا:

1. جناب ڊاڪٽر نواز علي شوق ”سچل سرمست جي ڪلام جو هڪ ناياب نسخو“

2. جناب ڊاڪٽر مهر عبدالحق (ملتان) ”ننگڙا نماڻي دا“

3. جناب عبدالقادر جوڻيجو ”سچل سائينءِ جي فن ۽ فڪر تي هڪ نظر“

4. جناب ارشد ملتاني (ملتان) ”سچل ڪا پيغام محبت“

پنجين نشست

شام جو پنجين نشست جي صدارت ڪراچيءَ مان آيل مهمان اديب جناب پروفيسر ڪرار حسين ڪئي ۽ جناب اياز قادري سيڪريٽريءَ جا فرائض انجام ڏنا. هن نشست ۾ هيٺيان مقالا پڙهيا ويا:

1. جناب آفاق صديقي ”سچل سرمست ڪا سرائڪي ڪلام“

2. جناب غلام رباني ”سچل جي پيغام جي اصل روح کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت – هڪ فڪر انگيز نقطو-“

3. جناب خادم حسين عباسي ”سچل جي ڏاهپ“

4. جناب امر جليل (اسلام آباد) “Sufism, Sachal and the world around him.”

آخر ۾ صدر مجلس جي ڪلمات سان نشست پوري ٿي. اجلاس دوران، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پڻ اسلام آباد مان پهچي ويو.

محفل موسيقي

اڳئين رات وانگر ساڳئي پروقار ۽ وسيع پنڊال ۾ شاندار محفل موسيقي منعقد ٿي، جنهن ۾ سنڌ جو وزير تعليم ۽ ثقافت جناب جسٽس سيد غوث علي شاهه مهمان خصوصي هو. محفل موسيقي رات جو دير تائين جاري رهي، جنهن ۾ سامعين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. پنڊال کان علاوه سمورا ميدان سامعين سان کچا کچ ڀريل هئا ۽ تر ڇٽڻ جيتري به گنجائش نه هئي. محفل موسيقيءَ ۾ سچل سائينءَ، شاهه لطيف، بلاشاهه، خواجه غلام فريد ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام ڳاتو ويو.

سچل جي روضي تي حاضري

ٽئين ڏينهن، 17-مارچ 1982ع صبح سوير مندو بين ۽ مهمانن کي درازا شريف پهچايو ويو، جتي انهن گورنر سنڌ جي سربراهيءَ ۾ عظيم المرتبت شاعر جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڏني ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون.

گورنر سنڌ ليفٽيننٽ جنرل ايس.ايم. عباسي، جناب جسٽس غوث علي شاهه صاحب وزير تعليم سنڌ، جناب محب الله شاهه ڪمشنر سکر، مندوبين ۽ مهمان جڏهن روضي مبارڪ تي پهتا ته درگاهه جي موجوده سجاده نشين ميان سخي قبول محمد (سوئم) سندن گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو. بعد ۾ روضي شريف ۾ سجاده نشين گورنر موصوف جي روايتي دستاربندي ڪئي. گورنر ۽ مندوبين سچل سائينءَ جي مزار تي فاتحه پڙهي ۽ روح پرور روضي جو دلچسپيءَ سان معائنو ڪيو. درگاهه سچل سان وابسته فقراءَ، صوفيانه لباس ۾، روايتي انداز سان سچل سائينءَ جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام، يڪتارن ۽ چپڙين تي ڳائي مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو. گورنر صاحب پنهنجي جيب خاص مان فقراءَ کي انعام پڻ ڏنا. ان کان پوءِ گورنر صاحب، وزير موصوف ۽ ٻيا اعليٰ عملدار رخصت ياب ٿيا، پر مندوبين انهيءَ روح پرور ماحول ۾ ڪجهه دير وڌيڪ لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ترسي پيا ۽ درگاهه سان ملحق وڻن هيٺ، پٽ تي ويهي، صوفي فقيرن جو روايتي رندي ۽ مستانه ڪلام ٻڌندا رهيا. انهيءَ نجي محفل سڀني مهمانن جي دلين ۾ وجد جو سمو برپا ڪري ڇڏيو.

تنوير عباسي طرفان تواضع

        درگاهه سچل سرمست تي حاضري ڏيڻ کان پوءِ مندوبين ۽ مهمان جڏهن واپس خيرپور ميرس پهتا، تڏهن جناب تنوير عباسي پنهنجي گهر ۾ سندن مان ۾ هڪ پروقار استقباليه جو انتظام ڪيو. وقت جي ڪميءَ جي باوجود اها مختصر مجلس نهايت خوشگوار رهي. ”سرمد هائوس“ پهچڻ تي ڊاڪٽر صاحب جي اهليه بيگم ڊاڪٽر قمر تنوير مندوبين ۽ مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ چانهه مشروب سان سندن تواضع ڪئي.

ڇهين نشسيت ۽ تجويزون

        منجهند جو 11 وڳي ڌاري سيمينار جي آخري ڇهين نشست منعقد ٿي، جنهن جي صدارت برک عالم ۽ محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪئي ۽ ڪارروائي جناب تنوير عباسي هلائي. هيءَ نشست سيمينار جي اهم نشست هئي، جنهن ۾ مندوبين ۽ حاضرين مجلس طرفان، سچل سائينءَ جي افڪار جي اشاعت ۽ سچل اڪيڊميءَ جي قيام جي سلسلي ۾ نهايت قيمتي گفتگو ٿي ۽ باهمي صلاح مشوره سان ڪيئي تجويزون پيش ڪيون ويون.

سڀ کان اول جناب تنوير عباسيءَ چند بنيادي تجويزون اجلاس آڏو پيش ڪيون:

1. سچل جي ڪلام جي هڪ جامع ۽ معياري مستند متن جي تياري.

2. لئبرريءَ جو قيام

3. هاسٽل جو قيام

4. آڊيٽوريم جي تعمير

5. ميوزيم جو قيام

        بعد ۾ تنوير صاحب حاضرين مجلس کي خيال آرائيءَ جي دعوت ڏني.

        * اسلام آباد مان آيل معزز مندوب جناب غضنفر مهدي چيو ته هو جناب غلام ربانيءَ جي تجويزن سان اتفاق رکي ٿو، جي هن صاحب پنهنجي پيپر ۾ ٻڌايون آهن. هن صاحب سچل اڪيڊميءَ جي قيام جي ضرورت تي زور ڏنو، جيڪا عارف شاعر جي املهه ڪلام تي شايان شان ڪم ڪري سگهي. مهدي صاحب چيو ته اسان سرائيڪي زبان وارن علائقن جا رهواسي پڻ سچل سائينءَ کي ايترو ئي پنهنجو عزيز تصور ڪريون ٿا جيترو توهان سنڌ وارا هن چيو ته سچل اڪيدميءَ جو بيو حصو سرائيڪي زبان واري علائقي (ملتان/بهاولپور ڊويزن) ۾ قائم ڪيو وڃي. جناب غضنفر، رباني صاحب جي پيپر جي حوالي سان چيو ته خيرپور ميرس ۾ واقع سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف ڪئمپس ۾ ”سچل چيئر“ قائم ڪئي وڃي. هن صاحب اها پڻ شڪايت ڪئي ته سچل سرمست جهڙي عظيم المرتبت صوفي شاعر بابت هن قومي سطح جي سيمينار جي اهتمام جي موقعي تي سنڌي اخبارن، شايان شان خاص ايڊيشن شايع ڪونه ڪيا آهن. هن صاحب ان ضرورت تي زور ڏنو ته اهڙن موقعن تي قومي يڪجهتي، يگانگت، ڀائيچاري ۽ باهمي قرابت لاءِ ضروري آهي ته پريس پنهنجو ڪردار موثر نموني ادا ڪري. هن صاحب اهو پڻ واضح ڪيو ته لازم آهي ته سنڌ کان علاوه لاهور، پنڊي، ملتان، ڪوئيٽا ۽ پشاور جي پريس پڻ هن اهم موقعي جون خبرون نمايان طرح شايع ڪري.

جناب غضنفر مهدي تجويز ڏني ته ضرورت آهي ته پاڪستان جي باقي ٽن صوبن ۾ مشاهيرن ۽ صوفي شاعرن جا سيمينار منعقد ڪيا وڃن ۽ ذرائع ابلاغ طرفان انهن جي گهربل تشهر ڪئي وڃي.

        * رحيم يار خان کان آيل مهمان اديب جناب صديق طاهر بحث ۾ حصو وٺندي تجويز ڏني ته بهاولپور ۽ ملتان ريڊيو اسٽيشن تان حضرت سچل سرمست جو ڪلام نشر ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انهن علائقن جا عوام سچل جي شاعري سان وڏي محبت رکن ٿا.

        * ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيتريون ئي قيمتي تجويزون ڏنيون. هن صاحب چيو ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ”سچل جو مطالعو“ موضوع ڪورس ۾ شامل ڪيو وڃي، ان قسم جو پيپر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ مروج ڪيو وڃي، ”سچل جي لغت“ تيار ڪرڻ لاءِ برک عالم جناب ڊاڪٽر بلوچ جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، سچل جي رسالن/نسخن جي انڊيڪس تيار ڪئي وڃي، اهڙو متن مرتب ڪجي، جنهن ۾ ڪلام موضوع-وار هجي سچل جي درگاهه سان وابسته ٻين درگاهن جي راڳ جا طور طريقا رڪارڊ ڪري محفوط ڪجن، سچل جي همعصر شاعرن (مثلا عبدالله ڪاتيار) جا ڪلام مرتب ڪجن، سچل جي طالبن ۽ ٻالڪن- شاعرن (مثلاً گهرام جتوئي) جا ڪلام جمع ڪجن، سچل جي عرس جي موقعي تي سندس همعصر ۽ طالب شاعرن مان هڪ هڪ جو ڪلام پابنديءَ سان منظر عام تي آڻجي، وغيره ڊاڪٽر نواز علي شوق جي راءِ هئي ته مٿين ڪمن لاءِ سنڌ جي ممتاز علمي اداري سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌالاجيءَ کان پڻ تعاون حاصل ڪيو وڃي.

* پشاور جي پشتو اڪيڊميءَ جي ڊئريڪٽر جناب ڊاڪٽر محمد نواز ”طائر“ پنهنجي گفتگو ۾ ان ضرورت کي بيان ڪيو ته سچل ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام جي بين الالساني ترجمن جو بندوبست ٿئي، جيئن هڪڙي صوبي جا رهاڪو، ٻئي صوبي جي ڪلاسيڪي فڪر ۽ پيغام کي آسانيءَ سان پروڙي سگهن.

        * ڪراچيءَ جي نامور دانشمند جناب ڊاڪٽر مظهر يوسف نهايت ڪارگر ۽ مفيد تجويزون ڏنيون. هن صاحب چيو ته جناب غلام رباني ۽ جناب غضنفر مهدي جي تجويزن کي اهميت ڏني وڃي ۽ انهن تي عمل ڪيو ڃي. هن صاحب ان ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ته سچل جهڙي عظيم شاعر جي ڪلام جو اڃان تائين انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿي نه سگهيو آهي. جناب مظهر يوسف جي راءِ هئي ته جيئن شاهه لطيف تي انگريزي زبان ۾ ڪم ٿيو آهي، تيئن سچل بابت پڻ انگريزيءَ ۾ ڪم ڪري، انکي پوري دنيا آڏو آڻجي. هن صاحب چيو ته دادا تيرٿداس هوتچند جو سچل بابت انگريزيءَ ۾ ڪيل ڪم قابل تحسين آهي، جيڪو مختصر هوندي به بنيادي ۽ معياري ڪم آهي. جناب مظهر، ڊاڪٽر نواز طائر جي تجويز سان اتفاق ڪيو ته سچل جي بين الالساني ترجمن جي وڏي ضرورت آهي، پر سندس زور ان نقطي تي وڌيڪ هو ته سچل تي انگريزي زبان ۾ ڪم ڪيو وڃي.

        * اسلام آباد مان آيل برک ڪهاڻيڪار جناب امر جليل تجويز ڏني ته سچل سائينءَ جو ڪلام Original Compoistion ۾ محفوظ ڪيو وڃي. هن صاحب چيو ته سچل جي ڪلام جا متن ته ڪتابن ۽ ڪاغذن تي محفوظ آهن، پر ان کي، ان جي اصلي ۽ روايتي راڳ جي انداز ۾ محفوظ ڪيو وڃي.

        * سنڌ ۽ پاڪستان جي قابل احترام جيد عالم جناب علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب پنهنجي عالمانه گفتگو ۾ ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته سچل سائينءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ جامع ۽ ڪثيرالمقاصد ”سچل اڪيڊمي“ جي قيام لاءِ عملي ميدان هموار ٿي چڪو آهي. علامه صاحب مجوزه سچل اڪيڊمي جي ئي نسبت سان چند املهه مشورا ڏنا. هن صاحب جي راءِ هئي ته بلند و بالا عمارتن جي تعمير سان گڏ اصولي ۽ بنيادي طور تي سچل سائينءَ جي آفاقي ۽ همه گير فڪر ۽ پيغام تي اهڙي انداز سان ڪم ڪيو وڃي، جيڪو عظيم المرتبت شاعر جي شايان شان هجي. ان ڏس ۾ قاسمي صاحب تجويز ڏني ته تحقيق لاءِ پيشگي مواد (Source Material) جي جمع ڪرڻ طرف توجهه ڏنو وڃي ۽ گهڻي کان گهڻو قلمي مواد هٿ ڪيو وڃي. قاسمي صاحب راءِ ڏني ته مجوزه سچل اڪيڊميءَ تي عالمن کي نمائندگي ڏني وڃي.

        * سنڌي زبان جي ڪهنه مشق بزرگ اديب جناب ڊاڪٽر اياز قادري پنهنجن مشورن ۾ چيو ته سچل تي تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته بنيادي طرح سان ”سنڌ ۾ تصوف جي ارتقا“ جي موضوع تي جامع نموني ڪم ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سچل سائينءَ جي درگاهه سان گڏ، ان جي همعصر ۽ طالب خانقاهن جو جيڪو حصو آهي، ان کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي. قادري صاحب راءِ ڏني ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي خيرپور ميرس واري شاهه لطيف ڪئمپس سان گڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڻ ”سچل چيئر“ جو قيام عمل ۾ آندو وڃي.

        * سچل جي عاشق صادق ۽ خيرپور جي نامور اديب ۽ شاعر جناب پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي گهُر ڪئي ته سچل ڏانهن منسوب غلط ۽ عامي روايتن کي ٻنجو ڏنو وڃي. هاڻي انهن روايتن کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن صاحب ٻڌايو ته ان ڏس ۾ هو ورهين کان مسلسل شڪايت ڪندو رهيو آهي. حامي صاحب اها پڻ تجويز ڏني ته سچل سائينءَ جي متن جي هڪ مستند نسخي جي تياريءَ جو بندوبست ڪيو وڃي.

        * مقامي نوجوان شاعر ۽ نئين ٽهيءَ جي اڀرندڙ ليکڪ جناب مختار ملڪ، جناب ڊاڪٽر نواز علي شوق جي تجويزن جي تائيد ڪندي شاهه لطيف ڪئمپس ۾ ”سچل چيئر“ جي قيام جي ضرورت تي زور ڏنو. هن نوجوان، بزرگن جي مشورن کي رهنمائيءَ جو سبب قرار ڏنو، جنهن سان نئين ٽهيءَ جي حوصله افزائي ۽ رهبري ٿئي ٿي.

        آخر ۾ نشست جي رپورٽر جناب استاد محمد اسماعيل شيخ، ڪارروائيءَ جو تَت مجلس ۾ پڙهي ٻڌايو. هن نشست جي ڪارروائي پڻ حسب روايت جناب تنوير عباسي هلائي.

        آخر ۾ صدر مجلس، اسلاميه يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسيلر جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ جناب قاسمي صاحب جي گفتگو جي حوالي سان ٻڌايو ته ”چڱا چون جيئن“ مصداق، اهي تجويزون قبول ڪيون وڃن.

        ڊاڪٽر صاحب ياد ڏياريو ته سچل سائينءَ جي پراڻي مخلص خادم- قاصي علي اڪبر درازي- جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سچل بابت صدق دليءَ سان ڪم ڪندي بسر ڪئي، جي وفات تي تعزيت جو ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي.

        ڊاڪٽر صاحب سيمينار جي پروقار اهتمام تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي، ان جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪمشنر جناب محب الله شاهه، ڊپٽي ڪمشنر جناب غلام محمد ميمڻ ۽ جناب تنوير عباسيءَ کي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي انتظام کي قابل تحسين قرار ڏنو. ڊاڪٽر صاحب، پاڪستان جي مختلف حصن مان مندوبين جي آمد تي مسرت ظاهر ڪئي ۽ جناب ڪرار حسين جي موجودگيءَ کي خوشيءَ جو باعث سڏيو. هن صاحب خواهش ظاهر ڪئي ته بلوچستان مان پڻ اديبن کي اڳتي هلي سڏي آڻيون، جن مان هن موقعي تي ڪو موجود ناهي.

        جناب ڊاڪٽر بلوچ چيو ته زبانداني هميشه سنڌ جي علمي روايت رهي آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ جا عالم ۽ مشاهير ڪيترين ئي زبانن تي عبور رکندا هئا، انڪري اسان تي لازم آهي ته ان روايت کي قائم رکندي اسان پڻ ٻين زبانن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون، جيئن پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ وسندڙ مختلف زبانن جي عوام درميان يڪجهتي ۽ ڀائيچاري کي فروغ حاصل ٿئي. هن صاحب زبانن جي اهميت بيان ڪندي ٻڌايو ته زبانون اتحاد جي علامت آهي.

        ان سلسلي ۾ هن صاحب سنڌ جي قدامت جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ جي عالمن ماضيءَ ۾ عربي ۽ فارسيءَ ۾ وڏو دسترس حاصل ڪيو هو. ان جو هڪ مثال ڏيندي، ڊاڪٽر صاحب چيو ته سنڌ جي هڪ باڪمال عارف حضرت مخدوم نوح رحه، قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو رباني صاحب کيس اڄ ڏيکاريو آهي، ]اهو نسخو هاڻي سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي رهيو آهي.[

        ڊاڪٽر صاحب چيو ته سنڌ جا نوجوان ۽ عوام اردو زبان ۾ مهارت رکن ٿا، جا اهل سنڌ لاءِ خوشيءَ جو باعث آهي.

آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب، اهڙين علمي مجلسن جي بقا لاءِ دعا ڪئي.

آخري جالاس

        منجهند جو 3 وڳي ڌاري سچل نئشنل سيمينار جي آخري اجلاس ۾سنڌ جي گورنر ليفٽيننٽ جنرل ايس.ايم. عباسي صاحب جي تشريف آوري، سمينار جي سمورين سهڻين ڪارگذارين کي ڄڻ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. گورنر صاحب، جناب جسٽس غوث علي شاهه ۽ ٻين اعليَ عملدارن سان گڏ جيئن ئي پنڊال ۾ پهتو ته مٿس گلن جي ورکا ڪري، سندس گرمجوشيءَ سان آجيان ڪئي ويئي. گورنر موصوف جي شگفته مزاجي ۽باغ بهار شخصيت، محفل ۾ جان پيدا ڪري ڇڏي ۽ عجيب پر لطف ڪيفيت محسوس ٿي رهي هئي.

        ڪلام پاڪ مان تلاوت سان اجلاس جي ڪارروائي شروع ڪئي ويئي. سڀ کان اول سيمينار جي آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمن جناب سيد محب الله شاهه گورنر موصوف ۽ وزير تعليم کي سيمينار جا نشان پيش ڪيا.

        جناب جسٽس غوث علي شاهه، گورنر صاحب کي سپاسنامو پيش ڪندي، سندس تشريف آوريءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي شڪريو ادا ڪيو.

        شاهه صاحب، سچل سيمينار جي اهتمام جو مقصد بيان ڪندي ٻڌايو ته ماضيءَ ۾ اُتر سنڌ وڏي ۽ قيمتي ثقافتي ورثي جي مالڪ رهي آهي، ان سلسلي ۾ هن صاحب اتر سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جو ذڪر ڪيو.

        شاهه صاحب چيو ته سچل جي لافاني ڪلام جي وسعت جو دائرو ڪافي پري تائين ڦهليل آهي. ملتان طرف خواجه غلام فريد ۽ بلوچستان ڏي سائين رکيل شاهه سچل جي فلسفي کان متاثر ٿيا.

        سيمينار ۽ نمائش جو تفصيلي ذڪر ڪندي شاهه صاحب ٻڌايو ته جتي سيمينار ۾ سڄي پاڪستان مان عالمن ۽ اديبن شرڪت ڪئي آهي، اتي نمائش ۾ ڪيتريون ئي قيمتي شيون، نوادرات، هنر، سڪا، مخطوطا ۽ هٿيار رکيا ويا آهن، جي خاص طرح سان بالائي سنڌ جي ثقافت جي نمائندگي ڪن ٿا. ان طرح موسيقيءَ جون روزانه محفلون منعقد ڪيون ويون آهن.

        شاهه صاحب ڪوٽ ڏيجيءَ واري قلعي جي اهميت بيان ڪندي، ان کي ملڪ جو عظيم ثقافتي يادگار سڏيو.

        جناب شاهه صاحب، گورنر موصوف کان تقاضا ڪئي ته سچل جي طالبن جي اها ديرينه خواهش آهي ته ڀٽ شاهه ۽ قلندر لال شهباز ثقافتي مرڪزن وانگر هتي ”سچل اڪيڊمي“ قائم ڪئي وڃي.

        ان طرح ٻين تقاضائن ۾ شاهه صاحب گهُر ڪئي ته هڪ آڊيٽوريم تعمير ڪرايو وڃي، هڪ ميوزيم جو قيام عمل ۾ اچي، موسيقيءَ جي لئبرري قائم ٿئي، جنهن ۾ سچل جو راڳ محفوظ ڪري سگهجي، سچل اڪيڊميءَ لاءِ باقاعده سالاني گرانٽ منظور ڪئي وڃي، شاهه لطيف ڪئمپس خيرپور ۾ ”سچل چيئر“ قائم ڪئي وڃي ۽ ڪوٽ ڏيجي جي قلعي جي مرمت ڪرائي وڃي.

        شاهه صاحب، گورنر موصوف کي ٻڌايو ته اڄوڪي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ، سچل جا سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام شايع ڪيا آهن، جي 1959ع کان وٺي اڻلڀ هئا.

        آخر ۾ شاهه صاحب، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، تنوير عباسي، علي نواز ڦلپوٽه ۽ ٻين ساٿين ۽ رفيقن جي خدمتن جو ذڪر ڪيو، جن جي ڪوششن سان اهو پروگرام خوش اسلوبيءَ سان عمل ۾ اچي سگهيو.

گورنر سنڌ جو صدارتي خطاب

        مير مجلس ليفٽيننٽ جنرل ايس.ايم. عباسي پنهنجي خطاب ۾ تاڙين جي زوردار گونج ۾ سچل اڪيڊميءَ جي قيام جو اعلان ڪيو، جيڪا اهل سنڌ جي ديرينه خواهش هئي. گورنر صاحب جي اهڙي باضابطه منظوريءَ سان سامعين جي دلين ۾ مسرت جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ ان فيصلي کي نهايت ئي خوشگوار تصور ڪيو ويو. ان اعلان سان گڏ مير مجلس اهو به واضح ڪيو ته اڪيڊميءَ کي حڪومت ايندڙ مالي سان کان وٺي پنج لک رپين جي مالي گرانٽ ڏيندي.

        گورنر صاحب پنهنجي خطاب ۾ سچل سيمينار جي انعقاد تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي، ان جي منتظمين کي مبارڪباد ڏني ۽ توقع ظاهر ڪئي ته آئنده پڻ اهڙا سيمينار منعقد ٿيندا رهندا، جن سان اسان جي ثقافتي قدرن جي آبياري ٿيندي رهندي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي عوام درميان محبت ۽ يڪجهتي، ڀائيچاره ۽ باهمي قرابت کي تقويت ميسر ٿيندي.

        هن صاحب فرمايو ته زبانن ۽ سوچ جي لحاظ کان اسان ۾ ڪوبه فرق ناهي، حضرت سچل سرمست جوڪلام ان جو ثبوت آهي، جيڪو ٻه سئو سال گذرڻ جي باوجود اسان سڀني جي روح ۾ رچيل آهي ۽ خود سندس ڪلام ڪيترين ئي زبانن ۾ چيل آهي.

        حضرت سچل سرمست کي خراج عقيدت پيش ڪندي جنرل عباسي صاحب فرمايو ته هن سيمينار جو مرڪز ۽ ممبع حضرت سچل آهي، جيڪو واديءَ سنڌ جو عظيم صوفي شاعر آهي، ۽ سندس ڪلام ۽ پيغام اسان لاءِ رهنمائي ۽ روشنيءَ جو سبب آهي.

        گورنر صاحب چيوته ”سچل چيئر“ جي قيام لاءِ سنجيدگيءَ سان جائزو ورتو ويندو. ]بعد ۾ معلوم ٿيو آهي ته حڪومت ان قسم جي منظوري ڏيئي ڇڏي. – ادارو[

        هن صاحب چيو ته سيمينار ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرايو ويندو، ۽ اصل مضمونن کي انهيءَ ئي زبان ۾ مصنفن جي تصويرن سان گڏ پيش ڪيو ويندو. ان طرح اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ان کي شايع ڪنداسين.ان قسم جي ڪتاب جي اشاعت جي اهميت بيان ڪندي موصوف ٻڌايو ته اصل مقصد جي حاصلات مستقل رڪارڊ وسيلي حاصل ٿي سگهندي.

        گورنر موصوف، ان موقعي تي صوبي جي قديم آثارن جي اهميت ۽ انهن جي حفاظتي اپائن بابت تفصيلي گفتگو ڪئي، هن صاحب چيو ته هن صوبي ۾ موجود قديم آثارن ۽ ثقافتي ماڳن جو تحفظ، هن صوبي جي پڻ ذميداري آهي، جيڪو هڪ عظيم صوبائي ثقافتي ورثو آهي.

        موصوف ٻڌايو ته ان ڏس ۾ هڪ اهڙي آرڊيننس جي ڊرافٽنگ هو صاحب پاڻ ڪري رهيو آهي، جنهن وسيلي قديم آثارن جي حفاظت لاءِ اپاءُ ورتا ويندا.

        آثار قديمه جي اهميت بيان ڪندي گورنر صاحب چيو ته هر ضلعي ۾ ضلع سطح تي ڪميٽيون ٺاهيون وينديون، جيئن انهن کي بهتر طريقي سان محفوظ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.

        هن صاحب ٻڌايو ته اهو اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجن نون نسلن لاءِ قديم آثار (History in Stones) محفوظ ڪريون، نه ته اسان جا آئنده نسل اسان کي ڪونه بخشيندا.

        گورنر صاحب سمينار جي مندوبين کي خوش آمديد چيو ۽ خاص طرح ٻاهران آيل اديبن جي موجودگيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. موصوف انهن مقامي ماڻهن ۽ شهرين جو پڻ شڪريو ادا ڪيو، جن سيمينار ۽ نمائش کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پنهنجا نوادرات ڪڍي ڏنا آهن.

        آخر ۾ صاحب موصوف، سنڌ جي وزيرتعليم ۽ ثقافت جناب جسٽس سيد غوث علي شاهه، ڪمشنر سکر جناب سيد محب الله شاهه ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جناب غلام محمد ميمڻ، جناب تنوير عباسي ۽ سمورن ڪارڪنن کي سيمينار جي ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني ۽ سندن محنتن جي تعريف ڪئي.

مقالا

        آخري اجلاس ۾ جناب غضنفر مهدي (اسلام آباد) ۽ جناب ڊاڪٽر جميل جالبي (ڪراچي) پنهنجا مقالا پڙهيا، جي پنهنجي جامعيت ۽ افاديت جي لحاظ سان بيحد قيمتي ۽ اهم هئا. غضنفر صاحب جو پيپر سرائڪي زبان ۾ هو ۽ جالبي صاحب پنهنجو پيپر اردوءَ ۾ پڙهيو.

        ان کان پوءِ جناب ڊاٽڪر نبي بخش خان بلوچ جي عالمانه تقرير، انهيءَ نشست جي هڪ قيمتي گفتگو هئي. ڊاڪٽر صاحب سيمينار جي اهتمام کي سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ خوشگوار موقعي سان تعبير ڪندي ٻڌايو ته ائين لڳي ٿو ڄڻ سنڌ جا ماڻهو مايوسيءَ کان نڪري ٻاهر ٿيا آهن.

        ڊاڪٽر صاحب جي تقرير جو مرڪزي نقطو، سچل سائينءَ بابت ڪن غلط فهمين تي مبني عامي روايتن جي ترديد ڪرڻ هو. هن صاحب، نهايت فاضلانه انداز سان، مدلل نموني ٻڌايو ته حضرت سچل کي مجذوب ۽ تارڪ الدنيا تصور ڪرڻ هڪ غلط خيال آهي. هن صاحب ثابت ڪيو ته حضرت سچل هر لحاظ سان هڪ بيدار دماغ مفڪر ۽ عارف هو، جنهن پنهنجي افڪار ۽ خيالات جي مبارڪ تخليق سان گڏ دنيوي ڪمن ۽ فرضن جي پڻ پوري بجا آوري ڪئي آهي. ان ڏس ۾ هن صاحب مثال پيش ڪيو ته وقت جي حڪمران طرفان جاري ڪيل پروانه ۽ جاگير وٺڻ لاءِ حضرت سچل پاڻ سفر ڪيو هو ۽ ان طرح خواجه صاحبڏنه جي مزار تي لڳل ڪتبو پڻ سچل سائينءَ جو لڳايل آهي.

        ڊاڪٽر صاحب، حضرت سچل کي خودشناسي ۽ خودداريءَ جو سرچشمو قرار ڏيندي فرمايو ته خوديءَ جو سبق سڀ کان اول اسان کي سچل سائين ڏنو آهي.

        ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته حضرت سچل نه صرف فارسيءَ جو وڏو عالم هو، پر ان سان گڏ فارسي زبان جي شاعرن جي ڪلام کان پڻ آگاهه هو.

اختتام                                  

        اختتامي مرحلي تي، سچل نئشنل سيمينار آرگنائيزنگ ڪميٽيءَ طرفان خاص طرح سان سيمينار جي موقعي تي شايع ڪيل هڪ علمي ڪتاب ”سچل تي ببليو گرافي“، گورنر موصوف کي پيش ڪيو ۽ اُن جي مرتب، خيرپور شهر جي محنتي ۽ صلاحيتمند ليکڪ جناب محمد علي حداد جو ساڻس تعارف ڪرايو ويو. گورنر صاحب ڪتاب جي مرتب کي مبارڪباد ڏني ۽ ساڻس خنده پيشانيءَ سان مصافحو ڪيو. ان وقت گورنر صاحب کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽيءَ طرفان لائق مرتب جو قدر ڪندي، کيس سندس ان علمي تحقيق لاءِ گولڊ ميڊل ڏنو ويو آهي.

        آخر ۾ سيمينار ڪميٽيءَ جي چيئرمن جناب سيد محب الله شاهه جي شڪريه ادائيءَ سان سيمينار جي ڪارروائي پڄاڻيءَ تي پهتي.

        شام جو مندوبين۽ مهمانن گورنر صاحب سان گڏ چانهه پيتي. ان موقعي تي ڪيترن ئي اديبن جو گورنر صاحب سان تعارف ڪرايو ويو.

        بعد م گورنر موصوف، نمائش جو معائنو ڪيو،۽ ان جي سمورن شعبن ۾ موجود دستڪارين ۽ نوادرات کي دلچسپيءَ جي نظرن سان ڏٺو. گورنر صاحب نمائش جي تفصيلي جائزي وٺڻ لاءِ ڪافي وقت مصروف رهيو ۽ منتظمين ۽ ڪارڪنن جي محنت کي ساراهيو.

 

ضيافت خاص

        رات جو ڪوٽ ڏيجيءَ جي مشهور”ٽڪري بنگله“۾ گورنر موصوف، جسٽس غوث علي شاهه صاحب ۽ مندوبين جي اعزاز ۾ اڳوڻي رياست خيرپور جي سابق والي، جناب مير علي مراد خان ٽالپر هڪ عظيم الشان ضيافت جو بندوبست ڪيو هو، جنهن ۾ اعليٰ عملدارن ۽ معزز شهرين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مهمانن جي ”ٽڪري بنگله“ ۾ پهچڻ تي مير صاحب سندن استقبال ڪيو. ٽڪري بنگله، خيرپور مرس جي اڳوڻي ٽالپر حڪمران خاندان جو هڪ پراڻو رهائشگاهه آهي، جنهن جي روايتي مشرقي تعمير ۽ ساخت نهايت پرڪشش هئي.

محفل موسيقي

        ضيافت کان پوءِ، ڪوٽ ڏيجيءَ جي تاريخي قلعي ۾ هڪ يادگار محفل موسيقي منعقد ٿي، جنهن جي يادن جا نقش سامعين جي ذهنن تي سدائين ثبت رهندا. ان محفل ۾ گورنر صاحب مهمان خصوصي هو. قلعي کي روشنين جي خاص سٽاء سان سجايو ويو هو ۽ اُن جي وسيع احاطي ۾، هڪ پروقار اسٽيج جو خاص اهتمام ڪيو ويو هو. سڄي ماحول کي روشنين جي منفرد جوڙجڪ (Flood-Lights) سان منور ڪيو ويو هو، جنهن جو مثالي منظر ان کان اڳ ڪڏهن پيدا ٿي نه سگهيو هو.

محفل موسيقيءَ ۾ سنڌي سان گڏ سرائڪي ڪلام پڻ پيش ڪيا ويا ۽ اُن ۾ مقامي فنڪارن کان علاوه ملتان ۽ لاهور کان آيل مهمان فنڪارن پڻ حصو ورتو. اها يادگار محفل موسيقي رات جو دير تائين جاري رهي ۽ اُن جي مسحورڪن ماحول سامعين جي دلين ۾ وجد طاري ڪري ڇڏيو.

        ان طرح سان، سچل نئشنل سيمينار جو ٽي روزه پروگرام، ڪاميابيءَ سان پڄاڻي تي پهتو.

        ٻئي ڏينهن مندوبين ۽ مهمان جڏهن پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن واپس وڃڻ لڳا ته جناب جسٽس غوث علي شاهه صاحب وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ (جيڪو سيمينار جي اهتمام جو روح روان هو)، ڪمشنر سکر جناب محب الله شاه صاحب، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جناب غلام محمد ميمڻ ۽ جناب تنوير عباسي ۽ سندن لاتعداد رفيقن ۽ ساٿين کين گرمجوشيءَ سان رخصت ڪيو.

نفيس احمد شيخ     

 (لڏيو لطيفن....)

سُخن ساميئڙن جا، ٿا هينئڙي منجهه هُرن

پهرين مئي 1982ع تي، سڄي ملڪ، الحاج مير رسول بخش خان ٽالپر سينئر منسٽر حڪومت سنڌ جي رحلت جي خبر ڏاڍي ڏک سان ٻڌي.

        مرحوم پهرين مئي تي، مزورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي، لانڍي (ڪراچي) ۾ پورهيتن جي سماجي تحفظ واري اداري جي اسپتال ۾ ٻاهرين مريضن جي علاج واري شعبي جي افتتاحي تقريب ۾، مهمان خصوصي طور شرڪت ڪئي، جيڪا سندس زندگيءَ جي آخرين عام گڏجاڻي هئي. تقريب مان موٽي اچڻ کان پوءِ، رات جو کيس سندس رهائشگاهه تي دل جو انتهائي سخت دورو پيو جنهن جي وگهي ڪلاڪ کن اندر مير صاحب پنهنجن دوستن، رفيقن، مداحن، عقيدتمندن ۽ عزيزن قريبن کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي، هميشه لاءِ هن جهان مان موڪلايو.

اِنالِله و اِنا اليہ راجعون!

        مرحوم مير رسول بخش خان ٽالپر هڪ جراتمند ۽ باحوصله، بهادر ۽ بي باڪ، حق گو ۽ حق پرست، محبوب عوامي رهنما جي حيثيت ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ سدائين ياد رهندو. رب العزت کيس گوناگونخوبين ۽ خصوصيتن سان نوازيو هو. مرحوم نهايت خوش خلق هردلعزيز ۽ شگفته مزاج، نهٺو ۽ نماڻو،بزرگ هو. خلق خدا جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد ساٿي هو. بنا ڪنهن فرق ۽ امتياز جي، پنهنجي وس آهر، خلوص ۽ سچائيءَ سان عوام جي خدمت ڪرڻ سندس شيوو رهيو. مير صاحب جنهن به تحريڪ يا جماعت، سياسي پارٽي يا سماجي تنظيم سان وابسته رهيو، ان ۾ عوام جي بي لوث خدمت ۽ سندن حقن جي تحفظ واري مقصد لاءِ هميشه سرگرم عمل رهيو. ظاهر آهي ته حق پرستي ۽ راستگوئيءَ جي راهن ۾مير صاحب کي ڪيئي صعوبتون پڻ سامهون ايون،  پر هي مرد مجاهد هميشه مشڪلاتن سان مقابل ٿي، پنهنجي مقصد جي طرف روان رهيو.

        مير صاحب مرحوم جي زندگيءَ جوسمورو داستان عوامي خدمتن جي اڪيچار مثالن سان ڀريو پيو آهي. مزورن جي ڪا جماعت هجي يا هارين جي حقن جي ڪا هلچل هجي، پورهيتن جي ڪا تنظيم هجي يا شاگردن جي تحريڪ هجي، مير صاحب هر مرحلي تي، سندن سچو ساٿي ۽ سرواڻ پئي رهيو آهي.

        سماجي ۽ سياسي سلسلن سان گڏ مرحوم نهايت علم دوست ۽ ادب نواز شخص هو. شعر و شاعريءَ سان کيس خاص شغف هو، ۽ اديبن ۽ عالمن جو گهڻو قدردان هو. ملڪ جي ڪيترن ئي لکندڙن سان سندس شخصي محبتون هيون ۽ سندن خدمتن ڪندي، دلي خوشي محسوس ڪندو هو. سندس ذاتي ڪتبخانو، سندس علم دوستيءَ جو دليل آهي.

        مرحوم وڏي ظرف ۽ ڪردار جو مالڪ هو. دوستي رکڻ ۽ نباهڻ ته سندس طرہء امتياز هو، پر پنهنجن مخالفن کي پڻ عفو۽ درگذر سان نوازڻ سندس آدرش هو.اها سندس طبيعت جي سخاوت هئي، جو ڪو مخالف به در تي لنگهي آيو ته مرحوم سڀ ڳالهيون وساري، کيس جيءَ ۾ جايون ڏيئي، سندس مدد لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ماڻهپي جي اهڙن اعليٰ قدرن جومرحوم امانتدار ۽ پاسبان رهيو، جا سنڌ جي هڪ تهذيبي روايت آهي.

        مير رسول بخش خان ٽالپر 23- آڪٽوبر 1920ع تي، حيدرآباد جي نامور محموداڻي ٽالپر خاندان ۾ جنم ورتو. والد بزرگوار مير نبي بخش خان ٽالپر جي وفات کان پوءِ سندس پرورش، سندس مربي ڀاءُ الحاج مير علي احمد خان ٽالپر ڪئي. جامعه مليه دهلي ۽ سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. زمينداريءَ جو پيشو کيس خانداني طور ورثي ۾ مليو، مگر مرحوم شروع کان ئي عوامي ۽ سماجي خدمتن ۾ حصو وٺڻ شورع ڪيو، جو باوجود اميرءَ جي، سندس مزاج ۾ فقيريءَ جا اوصاف موجود هئا.

        مير صاحب پنهنجي سماجي خدمتن جي شروعات ٽانگه ڊرائيور يونين، رڪشا يونين، مزورن ۽ هارين جي قيادت سان ڪئي، جنهن سان سندس مقبول عوامي سياست جو گويا بنياد پيو. ان طرح پاڻ سالن جا سال حيدرآباد ۾ ليبر يونين، ٽيليگراف ليبر يونين، ٽيڪسٽائيل يونين، ٻيڙي مزور يونين جو روح روان ۽ رهنما رهيو. 31 سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪميٽيءَ جو رڪن منتخب ٿيو. ان کان پوءِ بنيادي جمهوريتن واري نظام ۾ 1965ع تائين يونين ڪميٽيءَ جو چيئرمن رهيو. 1958ع ۾ عوامي ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ حڪومت جو زبردست نقاد رهيو. 1970ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪيئاين. کيس 3- فيبروري 1972ع تي گورنر سنڌ جو سينئر مشير مقرر ڪيو ويو. 1972ع ۾ سرڪاري حج وفد جي ميمبر جي حيثيت ۾ حرمين شريفين جي زيارت ڪيائين. 29- اپريل 1972ع تي کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، جنهن عهدي تان پاڻ 13- فيبروري 1973ع تي استعفا ڏنائين. 14- مئي 1981ع تي کيس سنڌ جو سينئر منسٽر مقرر ڪيو ويو.

        مير صاحب مرحوم اقتدار جا اهي منصب ماڻيا، پر پاڻ ڪڏهن به ڪنهن عهدي لاءِ آرزومند نه رهيو. جيئن ته پاڻ بينادي طرح عوامي رهنما هو، انڪري کيس ڪنهن شيءَ جي ضرورت محسوس ٿي ته اها هئي عوام جي بي لوث خدمت جو موقعو. جنهن بي باڪيءَ ۽ جرات سان مرحوم سڄي عمر سرگرم رهيو، ان جي پيش نظر کيس ”شير سنڌ“ پڻ سڏيو ويو آهي.

        مير صاحب هڪ بااصول سياستدان جي حيثيت ۾ پنهنجو مثال پاڻ رهيو. هو هميشه اصولن تي ڪاربند رهيو. سندس دل ۾ هر وقت عوام لاءِ تڙپ رهندي هئي. حالات سان ٽڪر کائڻ کان مرحوم ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو. اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪيائين ۽ نه وري اصولن کان سواءِ ڪنهن جي حمايت يا مخالفت ڪيئاين. حڪومت جي مختلف دورن ۾، جڏهن به کيس عوامي فلاح جي مقصد جي حاصلات نظر نه آئي ته مرحوم نڪته چينيءَ کان ڪونه گسندو هو. بهرحال، مير رسول بخش خان ٽالپر جي جدائي، سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ هڪ هاڃو آهي.

        ٻي مئي تي صبح جو سندس حسد خاڪي ڪراچي کان حيدرآباد نيو ويو. سندس مربي ڀاءُ الحاج مير علي احمد خان ٽالپر (وزير دفاع پاڪستان)، عزيزن ۽ مائٽن سان گڏ هزارن جي تعداد ۾ سوڳوار ساڻ هئا، جن جي نيڻن نير ٿي وسايا، تدفين جي موقعي تي جنرل محمد ضياءُ الحق صدر پاڪستان خصوصي جهاز وسيلي حيدرآباد پهتو ۽ آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيو. جنازه نماز ۾ صدر مملڪت، سنڌ جي گورنر ليفٽيننٽ جنرل ايس.ايم. عباسي، وائيس چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سوار خان، وفاقي وزيرن- جناب الاهي بخش خان سومري، جناب محمود هارون، ميجر جنرل رٽائرڊ جمالدار خان، سنڌ جي سڀني صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن، وفاقي ۽ صوبائي ڪائونسلن جي ميمبرن، بلدياتي ڪونسلرن، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي معزز شهرين ۽ مزدور رهنمائن، پورهيتن ۽انهن جي نمائندن، شاگردن، صحافين ۽ وڪيلن، اديبن ۽ عالمن، برک سياسي اڳواڻن، دوستن ۽ عقيدتمندن، عزيزن ۽ مائٽن ۽ هزارن ڏکويلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جا حيدرآباد جي ميئر جناب سيد وصي مظهر ندوي پڙهائي. جنازه جو جلوس هڪ ميل ڊگهو هو ۽ ميت کي قومي جهنڊي ۾ ويڙهيو ويو هو. کيس گنجي ٽڪر تي خانداني قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. مير صاحب جي وفات جي ڏک ۾ حيدرآباد جا اسڪول، صوبائي دفتر ۽ ميونسپل حيدرآباد جون آفيسون بند رهيون. سنڌي ادبي بورڊ پڻ مرحوم جي ڏک سبب هڪ ڏينهن پنهنجا دفتر بند رکيا. حيدرآباد شهر ۾ پڻ جزوي طور ڪاروباري مرڪز بند رهيا. حيدرآباد ميونسپل هال ۽ پاڪستان نئشنل سينٽر ۾، مرحوم جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون.

        صدر مملڪت جنرل محمد ضياءُ الحق مير رسول بخش خان ٽالپر جي وفات تي گهري رنج و غم جو اظهار ڪندي، مرحوم جي فرزند مير رفيق احمد خان ٽالپر ڏانهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته:

        ”مونکي سنڌ جي سينئر منسٽر مير رسول بخش خان ٽالپر جي وفات جو ٻڌي شديد صدمو ۽ رنج ٿيو آهي. خدا مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي. مير صاحب مرحوم ۾- جنهن جو تعلق ٽالپرن جي مشهور و ممتاز خاندان سان آهي- پنهنجي آباء و اجداد جي خوش خلقي ۽ روشن خيالي ۽ هڪ سچي مسلمان جي حيثيت سان همدردي ۽ عالي ظرفي جا اوصاف موجود هئا. هو هڪ پر خلوص سماجي ڪارڪن هو ۽ سڄي ملڪ ۾ ان جو احترام ڪيو ويندو هو. پسمانده ماڻهن جا مفاد ان کي هميشه دل سان عزيز رهيا ۽ مرحوم هيمشه انهن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. مرحوم تجربيڪار پارليامينٽرن هو ۽ هميشه صاف سُٿري سياست جي اصولن تي ڪاربند رهيو. مرحوم تحريڪ آزاديءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هن وقت سندس جدائي سان، جڏهن ملڪ کي هن جي خدمتن جي انتهائي ضرورت هئي، هڪ اهڙو خال پيدا ٿي پيو آهي، جيڪو آسانيءَ سان ڀرجي نٿو سگهجي. مرحوم پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ جيڪي بي لوث خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن جي آڌار تي هُو هميشه ياد رهندو. مان رنج و ملال جي هن موقعي تي، غمگين دل سان،اوهان سان ۽ مرحوم جي خاندان جي ٻين فردن سان تعزيب جو اظهار ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهران ٿوته توهان سڀني کي صبر جميل عطا فرمائي.“

        ان طرح سان سنڌ جي گورنر ليفٽيننٽ جنرل ايس. ايم. عباسي، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن پڻ پسماندن کي تعزيتي پيغام موڪليا.

نفيس احمد شيخ                      (آديسي اُٿي ويا....)

وڏي وٿ هئا، ٻاروچا ڀنڀور ۾

پهرين اپريل 1982ع تي، سائين پير حسام الدين راشدي، 71 سالن جي عمر ۾، جناح اسپتال ڪراچيءَ جي دل جي بيمارين جي شعبي ۾، پنهنجي جان، جان آفرين جي سپرد ڪئي.

اِنا لله وَ اِنا اِليہ راجعون

        سنڌ پير صاحب جي پايي جا عالم ۽ فاضل ٿورڙا پيدا ڪيا آهن. سندن شخصيت ۽ علمي ڪارناما سنڌ جي لاءِ ته يقيناً عزت ۽ آبرو جو سبب بنيا آهن، پر بين الاقوامي علمي مرڪزن ۾ پاڪستان لاءِ شهرت ۽ ناموريءَ جو باعث بنيا آهن. بيشڪ سنڌ پنهنجي هن عظيم فرزند تي جيترو به فخر ڪري، اوترو گهٽ آهي.

        پير صاحب جي علمي ۽ ادبي ڪاوشن جي تفصيلي ذڪر لاءِ ڪيئي ڪتاب گهرجن. سندس بلند و بالا شخصيت ڪنهن به رسمي ۽ مختصر تعارف جي محتاج ناهي. مرحوم علامه سيد سليمان ندويءَ پير صاحب کي سنڌ جو ”قابل فخر مورخ“ سڏيو هو. ايران جو هاڪارو عالم (مرحوم) آقاي سعيد نفيسي ۽ افغانستان مان آقاي عبدالحي حبيبي پير صاحب سان پيار ڪندا هئا. جرمنيءَ جي مستشرقہ، پروفيسر ڊاڪٽر انيميري شمل پير صاحب جي مداح هئي، روس جو عالم بابا غفوروف پير صاحب جو معترف هو، برطنايه جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو آنرري سيڪريٽري سر سائمن ڊگبي پير صاحب جو قدردان هو، هندستان مان مالڪ رام ۽ مولانا مصباح الدين جهڙيون معزز شخصيتون پير صاحب سان سڪ رکنديون هيون. ان کان علاوه، برصغير جي تاريخدانن ۽ دنيا جي اڪثر و بيشتر مستشرقين سان سندس ذاتي لاڳاپا هئا. پر حقيقت ۾ پير صاحب جو علمي ۽ ادبي ڪم ئي سندس عظمت جو وڏي ۾ وڏو دليل آهي. اهو ئي سبب آهي جو پير صاحب جي وفات تي نه فقط پاڪستان، پر دنيا جي ڪيترن ئي ادبي مرڪزن ۾ غم جي لهر ڊوڙي ويئي ۽ سندس وفات کي هڪ ”بين الاقوامي شهرت يافته عالم“ جي وفات قرار ڏنو ويو. بي.بي.سي، مغربي جرمني، ايران، هندستان ۽ روس جي ريڊين غم جو اظهار ڪندي پير صاحب جي شخصيت ۽ علمي ڪم بابت خصوصي پروگرم نشر ڪيا.

        سنڌي ادبي بورڊ کي ان ڳالهه تي بجا طور فخر آهي ته مرحوم پير صاحب تاريخ، تذڪري ۽ شعر و ادب جي موضوع تي جيڪي نادر نسخا ايڊٽ ڪيا، تن مان سواءِ ڪن ٿورڙن جي، باقي سمورا بورڊ ئي شايع ڪيا آهن. في الحقيقت، قومي ۽ بين الاقوامي علمي مرڪزن ۾، پير صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي اسڪالر طور ئي معروف هئا. ڪجهه عرصو پاڻ سنڌ جي نامور شخصيتن مرحوم علامه آءِ آءِ. قاضي ۽ مرحوم شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي وانگر بورڊ جا باقاعده ۽ باضابطه اسڪالر به مقرر ٿيا. (اهو منصب سنڌ جي فقط انهن ٽن هستين ماڻيو) انهيءَ ئي عرصي دوران پاڻ ۽ شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو ڪجهه عرصي لاءِ ”مهراڻ“ رسالي جا ايڊيٽر پڻ رهيا. اها ڳالهه ”مهراڻ“ لاءِ هميشه شان ۽ شرف جو باعث رهندي.

        پير صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن (جن جو تعداد لڳ ڀڳ چاليهه آهي) سان گڏ سندن ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جو تعداد سنڌيءَ ۾ ٽي سو، اردوءَ ۾ ويهه ۽ فارسيءَ ۾ پنج چيو وڃي ٿو. انهن مان چند چونڊ مضمون سنڌ سرڪار جي شعبه ثقافت طرفان”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ نالي سان هڪ ئي ضخيم جلد ۾ شايع ٿيل آهي. خوشقسمتيءَ سان پير صاحب جن ويهارو کن سال اڳ پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکيو هو، جيڪو ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي. سندن تصنيف تاليف جو سلسلو سندن زندگيءَ جي پوين ڏينهن تائين جاري رهيو.

        پير صاحب هڪ ممتاز ۽ بلند پايه دانشمند ۽ محقق هجڻ سان گڏ اداره ساز شخصيت پڻ هئا. سنڌ ۽ پاڪستان جا مکيه علمي ادارا سندن توجهه ۽ تدبر، دلچسپي ۽ اڻٿڪ محنتن سان ترقيءَ جون منزلون ماڻيندا رهيا. سنڌي ادبي بورڊ جي ته پاڻ بنيادي معمارن مان هئا، ۽ ان جي نيڪنامي ۽ شهرت لاءِ جيڪي بي لوث ڪوششون ورتائون، سي بورڊ جي تاريخ ۾ سونن لفظن ۾ موجود رهنديون، پر سنڌ جي هڪ ٻئي نيڪنام اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو بنياد پڻ پير صاحب ئي وڌو هو. ان سان گڏ، انجمن ترقي اردو ڪراچي، ترقي اردو بورڊ ڪراچي، مرڪزي اُردو بورڊ لاهور، اقبال اڪيڊمي ڪراچي ۽ لاهور، قومي عجائب گهر ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي خاص طرح قابل ذڪر آهن. سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ ۽ سئنڊيڪيٽ تي پڻ ڪافي عرصي تائين ميمبر جي حيثيت ۾ سنڌ لاءِ تعليمي خدمتون بجا آندائون.

        فارسي زبان ۽ ان جي ادب سان پير صاحب جن کي والهانه عشق هو. پاڻ فارسي ادبيات ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنائون، تن ايران جي عالمن کي به متاثر ڪيو، ايران سرڪار طرفان پهريائين کين ”نشان سپاس“ جو علمي اعزاز ڏنو ويو ۽ بعد ۾ ايران جو وڏي ۾ وڏو ادبي اعزاز ”نشان سپاس درجه اول“ مليو. تهران يونيورسٽي پير صاحب کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏيڻ جي سعادت حاصل ڪئي. پاڻ ايران شناسيءَ جي بين الاقوامي ڪانگريس ۾ شرڪت ڪيائون ۽ ان جا مستقل ميمبر مقرر ٿيا. پاڪستان ايران دوستي انجمن جا پڻ ڪجهه عرصو صدر رهيا. پاڪ- جرمن فورم جا سرگرم ڪارڪن هئا. عمر جي پوئين حصي ۾، روس جي ڪراچيءَ واري فرينڊشپ هائوس جا پڻ ڪجهه وقت صدر رهيا.

        پير صاحب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو مختلف حيثيتن سان سفر ڪيو هو ۽ ڪن بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي هئي، جن ۾ روس، چين، عراق، ايران، افغانستان شامل آهن.

        پير صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو قدر ڪندي، فيلڊمارشل محمد ايوب خان جي حڪومت کين ”ستاره امتياز“ جو تمغو ڏنو هو.

        علم ۽ فضل جي ايڏي ڪمال ۽ بلنديءَ جي سندن رسائي ڪنهن به اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم يا ڊگريءَ سببان ڪانه هئي. سنڌي سان گڏ، اردو ۽ فارسي زبانن تي کين ملڪو حاصل هو. انگريزيءَ تي Working nowledge جي حد تائين پوري پوري دسترس حاصل هئي، ۽ اها سڄي ڪاميابي سندن ”ذاتي مطالع“، اڻٿڪ محنت ۽ ذوق شوق سببان هئي.

        پاڻ 20- سيپٽمبر 1911ع تي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بهمڻ ۾ پيدا ٿيا. 1930ع کان سکر جي ٻن ممتاز اخبارن ”سنڌ زميندار“ ۽ ”ستاره سنڌ“ ۾، پنهنجي وڏي ڀاءُ محترم پير علي محمد راشدي سان گڏ عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ڪيائون ۽ پوءِ سڄي عمر مسلسل محنت ۽ جفاڪشيءَ سان اهو مقام ماڻيائون، جو سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڪن ورلي عالمن کي نصيب ٿيو آهي.

        پير صاحب جي ساري ڄمار ڪلاسيڪي ادب جي خدمت ۾ گذري، پر پاڻ جديد ادب سان به ڀرپور دلچسپي رکندا هئا ۽ نئين ٽهيءَ جي ليکڪن جي رهنمائي ۽ مدد ڪندا هئا، ڇو ته پاڻ ”ادب براءِ زندگي“ جي نظريي جا قائل هئا. پاڻ نوجوانن جي تحريرن ۽ ڪاوشن کي وڏي قدر جي نظر سان ڏسندا هئا. سنڌ جي شان ۽ سنڌ جي ساک متعلق هر تحريڪ ۽ ڪوشش ۾ نوجوانن سان همرڪاب رهندا هئا.

        پير صاحب هر ننڍي وڏي سان قرب سان پيش ايندا هئا. سنڌ جي نه فقط اهل حيات بلڪ اهل ممات بزرگن، عالمن ۽ اديبن جو احترام ۽ تقدس سندن زندگيءَ جو اصول هو. ذاتي طرح سندن صحبت ۽ ڪچهري صحيح معنيٰ ۾ ڄڻ هڪ قسم جي تربيت هئي. پاڻ بيحد بي باڪ ۽ باحوصله، شگفته مزاج ۽ باغ و بهار شخصيت جا مالڪ هئا. محنت ۽ جفاڪشي سندن مطمع نظر هو، جنهن تي پاڻ سڄي عمر عمل پيرا رهيا ۽ نوجوانن کي ان جي تلقين ڪندا رهيا. سندن دوستن ۽ احبابن جو حلقو نهايت وسيع آهي. پنهنجن رفيقن ۽ ساٿين سان نهايت ٻاجهه ۽ شفقت سان پيش ايندا هئا ۽ سندن وس آهر خدمت ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهيا. سندن وفات تي بيشمار اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون!

        موسيقيءَ سان سندن بيحد دلچسپي هئي ۽ فوٽو گرافي سندن محبوب مشغلو هو. سندن ڪتابن ۾ آيل سموريون تصويرون سندن پنهنجون ورتل آهن ۽ اهو شوق آخري ڏينهن تائين قائم رهيو. تاريخي جاين ۽ آثار قديمه جي تصويرن سان سندن خاص شغف هو.

        سندن انتقال پرملال جي موقعي تي چوطرف غم جي لهر ڊوڙي ويئي. سمورن علمي ۽ ثقافتي حلقن ۾ صف ماتم مچي ويئي. سنڌ جي ممتاز علمي اداري سنڌي ادبي بورڊ جون سڀ آفيسون بند ڪيون ويون.

        صدر پاڪستان، جنرل محمد ضياء الحق، پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته:

”مرحوم پير حسام الدين راشدي اردو، فارسي ۽ سنڌي سميت متعدد زبانن جو اسڪالر هو. هن انهن زبانن ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا. هو اعليٰ پايه جو مصنف هو ۽ مشرقي ٻولين ۽ ادب جي فروغ لاءِ گرانقدر ڪردار ادا ڪيو هو. هن جي علم جي گيرائي ۽ مشرقي زبانن سان سندن محبت جي پيش نظر هن جوبيحد احترام ڪيو ويندو هو. هو هڪ مقبول ڪالم نگار پڻ هو. سندن وفات تي دوستن ۽ مداحن جو هڪ وڏو تعداد سوڳوار آهي. الله تعاليٰ مرحوم کي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏئي ۽ سوڳوار خاندان کي هن نقصان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.“

        ان کان سواءِ، گورنر سنڌ، ليفٽيننٽ جنرل ايس. ايم. عباسي صاحب ۽ متعدد صوبائي وزيرن پڻ پير صاحب جي وفات حسرت آيات تي همدرديءَ جا پيغام جاري ڪيا.

        پير صاحب جي جسم خاڪي کي، سندن وفات جي ٻئي ڏينهن، صبح جو مڪلي جي قبرستان ۾، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي آخري آرامگاهه واري احاطي ۾، سنڌ جي سورهيه سپوت ۽ دلي دوست شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي پهلو ۾ دفن ڪيو ويو، جنهن لاءِ پاڻ ئي وصيت ڪئي هئائون. جنازه نماز ۾ ڏکويلن جي هڪ وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

        13- مئي 1982ع تي، پير صاحب جي چاليهي جي موقعي تي، سنڌ ۽ پاڪستان جي ممتاز علمي ادارن جا نمائندا مڪليءَ تي گڏ ٿيا. انهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ اف سنڌالاجي، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، سچل اڪيڊمي خيرپور، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، اقبال اڪيڊمي لاهور، همدرد فائونديشن ڪراچي، مقتدره قومي زبان ڪراچي، انجمن ترقي اردو ڪراچي، قائد اعظم اڪيڊمي ڪراچي، ترقي اردو بورڊ ڪراچي، سنڌ سرڪار جو ثقافت کاتو ڪراچي، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي حيدرآباد، قومي عجائب گهر ڪراچي، سنڌ صوبائي عجائب گهر حيدرآباد، اردو ڊڪشنري بورڊ ڪراچي، پاڪستان رائيٽرس گلڊ ڪراچي، آل پاڪستان ايجوڪيشنل سوسائٽي ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل ائنڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي، پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي، ڪراچي يونيورسٽيءَ جا سنڌي ۽ اردو جا شعبا، سنڌ يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو اداره يادگار غالب ڪراچي، سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄامشورو، ٺٽه هسٽاريڪل سوسائٽي ٺٽو، آثار قديمه کاتو مڪلي، ٿرپارڪل ڪلچرل سوسائٽي، سانگهڙ هسٽاريڪل سوسائٽي، شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي حيدراباد، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ۽ سنڌ رائيٽرس گلڊ جا نمائندا شامل هئا. هو جسٽس سيد غوث علي شاهه وزير تعليم ۽ ثقافت سنڌ جي قيادت هيٺ هڪ جلوس جي سڪل ۾ پيادل مرحوم و مغفور پير صاحب جي مزار تي پهتا ۽ پنهنجي عقيدت ۽ محبت جي اظهار طور سندس مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيائون. محترم شاهه صاحب هڪ مختصر ليڪن پر اثر تقرير ڪئي، جنهن کان پوءِ حاضرين مجلس پير صاحب جي مغفرت لاءِ رب جي حضور ۾ دعا گهري.

        سنڌي ادبي بورڊ ۽ ادارو مهراڻ، پير صاحب جي افسوسناڪ رحلت تي سندس خاندان سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ ڌڻيءَ جي دردعاگو آهي ته رب العزت کين جنت نصيب ڪري ۽ اسان سڀني پسماندن کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

حامي جي جدائي

سائين پير حسام الدين راشدي جي وفات جا چاڪ اڃا چڪيا پئي ته سنڌي زبان جو نامور محقق، شاعر ۽ ماهر تعليم جناب ڊاڪٽر عطا محمد حامي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. حامي صاحب ڪجهه عرصي کان ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا جناح اسپتال ڪراچي ۾ زير علاج هو ۽ 3- جون 182ع تي وفات ڪيائين.

        ڊاڪٽر حامي پنهنجي گوناگون علمي ۽ ادبي خدمتن جي حيثيت سان سنڌي ادب ۾ سدائين ياد رهندو. مرحوم هڪ مڃيل عالم ۽ شاعر هو ۽ سڄي عمر سنڌي ادب جي مخلصانه خدمت ڪندي گذاريائين. سندس ڪلام سنڌي ادب جو املهه سرمايو آهي ۽ سندس تحقيقي ڪاوشون نهايت معياري آهن. مرحوم، حضرت سچل رحه جو عاشق صادق هو. پاڻ هڪ لائق جفاڪش استاد جي حيثيت سان تعليم جي جا خدمت ڪئي اٿس، سا هڪ مثالي آهي. ڪاليج مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به علمي ۽ ادبي ڪم جاري رکيائين. ڪشف المحجوب جو سنڌي ترجمو ۽ مير علي نواز ”ناز“ جو ڪلام بورڊ لاءِ مرتب ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”منصور ثاني سچل سرمست“ مکيه آهي.

        حامي صاحب نهايت زنده دل ۽ محبتي انسان هو. شگفته مزاجي سندس طبيعت جو اهم خاصو هئي. مجلسن جو مور هو.سندس دوستن جو حلقو نهايت وسيع آهي، جن سندس جدائيءَ کي صبر سان برداشت ڪيو آهي.

شال الله پاڪ مرحوم کي پيارن جو پاڙو نصيب ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com