سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :4

ڪنول لهاڻو

گيت

رات سُهائي، روجههَ رُنا ٿي،

چانڊوڪيءَ جي چادر تاڻي،

نيٺ سُمهي پيا اُٺ اُماڻي،

رڻ جا راهي – روجهه رُنا ٿي.

تنهن پل سارا پهرا ٽوڙي،

ڊيل جيئان ٿي اوڏانهن ڊوڙي،

ڪهڙي ڏاهي؟ روجههُ رُنا ٿي.

۽ هُوءَ ساڳيو پنڌ پُڇي ٿي،

ڪوري پنهنجو ڪنڌ پُڇي ٿي،

”واٽ اهائي؟“ روجههَ رُنا ٿي.

چنڊ! ڇمر ۾ پاڻ ڍڪي ڇڏ،

واءُ انهن جا پير لَٽي ڇڏ،

ويري واهي! روجههَ رُنا ٿي.

رات سُهائي، روجههَ رُنا ٿي.

مومن مليرائي

يادگيري آ مٺي منٺار جي،

آس آهي يار جي ديدار جي.

ساهه سوگهو، سڪ سڄڻ جي ۾ ٿيو،

تات آ تن ۾ سدائين يار جي.

سڪ جو سودو آه سولو اي سڄڻ،

ڪا ضرورت ناهه، ٻئي هٿيار جي.

روح راضي ٿو ٿئي هڪ وار سان،

ڏس ڪرامت يار جي تلوار جي.

من ۾ ”مومن“ ياد ڪر تون يار کي،

جيءَ ۾ جاءِ جوڙي تون دلدار جي.

”خوشتر“ سروري

نهارين ٿو مون ڏي ته جياري ڇڏين ٿو،

نشو نينهن جو ڄڻ پياري ڇڏين ٿو.

اچين جنهن به محفل ۾ سينگار جو تون،

اها فيض سان ير اجاري ڇڏين ٿو.

جي مرڪي ملين ٿو ته خوش ٿو ٿيان مان،

جي منهن ٿو گهنجائين ته ماري ڇڏين ٿو.

ملين ٿو ته سمجهان ٿو منهنجو ئي آهين،

ورائين جي پُٺ پو وساري ڇڏين ٿو.

جڏهن پيار جي ڳالهه ڪريان ٿو توسان،

ڪري لک بهانا تون ٽاري ڇڏين ٿو.

کڻي سڪ ٿي تنهنجي تڏهن ٿو اچان پر،

ڌڪا ڏئي در تان ڌڪاري ڇڏين ٿو.

جڏهن دم دلاسا اچڻ جا تون ڏين ٿو،

ته ٻيڙا ٻڏا يار تاري ڇڏين ٿو.

ڪرين ٿو جدائيءَ جون ڳالهيون ته ”خوشتر“،

ڏکن ۾ مٺا ڏيل ڏاري ڇڏين ٿو.

مشتاق علوي

اڄ يار جي دل پاڻ ڏي مائل ڪئي اٿئون،

دل دشمنن جي ان طرح گهائل ڪئي اٿئون.

محروم هر خوشيءَ کان هئاسين اڳي مگر،

بي انتها خوشي وري حاصل ڪئي اٿئون.

ڪووقت ڀٽڪندي ٿي گذريو وري به ڏس،

قسمت سان در يار تي منزل ڪئي اٿئون.

ٿيا سال سڪندي سڪندي آخر ته اڄ وري،

محبوب جي رهاڻ سان خوش دل ڪئي اٿئون.

اڄ يار آيو منهنجي اڱڻ پيرڙا ڀري،

مدت کان بعد اڄ وري محفل ڪئي اٿئون.

ٻرندي به شمع اوچتو هن پاڻ گل ڪئي،

ڪا چيز ڪانه راز ۾ شامل ڪئي اٿئون.

”مشتاق“ سان اي يار جدائي نٿي ٺهي،

هاڻ ته طبع پيار جي قابل ڪئي اٿئون.

ناز لطيفي

دل، دل نطر نظر جي مقابل ڪئي اٿئون،

مدت کان بعد اڄ وري محفل ڪئي اٿئون.

ڪو حوصلو رهيو نه ذرو ڪاروان ۾ آ،

بدنام مفت ۾ رڳو منزل ڪئي اٿئون.

جهوليون ڀري اميد جون اٿنداسين هن دفعي،

دل اهڙي آستان تي مائل ڪئي اٿئون.

سچ پچ قتل ٿيڻ ۾ مزو هاڻي ئي ته آه،

تنهنجي نگاه ناز جو قاتل ڪئي اٿئون.

حافظ خدا چئي دل بسمل کي پيار مان،

تير نظر جي نيئي مقابل ڪئي اٿئون.

من اڄ حضور مان ڪري نه خارج رشڪ ماه،

دعوا وصال جي وري داخل ڪئي اٿئون.

ويندي نظر ڪندو وري ايندي نظر ڪندو،

بس ره گذار دوست ئي منزل ڪئي اٿئون.

آئي نظر نه پنهنجي اندر جي به روشني،

خواهش نظاره مہِ ڪامل ڪئي اٿئون.

محتاج ٿي ٻين جي اڳيان سوال ٿا ڪريون،

هٿ سان ڪمائي پنهنجي به زائل ڪئي اٿئون.

سڏجي انهي کي ظلم ۽ اعمال جي سزا،

شامت مٿي تي پاڻ جا نازل ڪئي اٿئون.

خون جگر پياري وفا کي جياري اڄ،

مس مس وڃي ڏسڻ جي هي قابل ڪئي اٿئون.

اي ”ناز“ پنهنجي جد جي سخاوت تي ناز ڪر،

شربت سان مهمانيءَ قاتل ڪئي اٿئون.

سرفراز راڄڙ

سڄڻ جو ڪهڙو هي دستور ٿي ويو،

ٿيس ان جو ته هڪدم دور ٿي ويو.

سلوڪ اهڙو ستمگر اڄ ڪيو آ،

جهڪيس ان وٽ ته پو مغرور ٿي ويو.

هي منهنجي عشق جو يارو ڪمال آهه،

جو منهنجي نام سان مشهور ٿي ويو.

جفا ڏسندي فضا روئي ڏنو اڄ،

هي نازڪ دل جو شيشو چور ٿي ويو.

غمِ فرقت هو ڦٿڪايو گهڻو ئي،

جو تون آئين ته غم ڪافور ٿي ويو.

محبت زنده باد ان تي سلام آهه،

محبت سان جهان پرنور ٿي ويو.

”فراز“ اڄ ساعتون هي پر مسرت،

جوپورو دل جو پهريون پور ٿي ويو.

واجد

گام

چهرن تي چهرا چاڙهي

کلندي کلندي

کل اکيڙڻ وارا ماڻهو

ڏاڍا سياڻا هوندا آهن

جذباتي جملا ڳالهائي

ڏينهن ڏٺي جو ڏاڙهي

ڦاڙي کائڻ وارا ماڻهو

ڏاڍا سياڻا هوندا آهن

غرض جي خوني خنجر ساڻ

ويساهن کي گهائڻ وارا ماڻهو

ڏاڍا سياڻا هوندا آهن.

دل چاهيندي آهي اهڙن

سياڻن ماڻهن جي چهرن تي

ائسڊ هاري

کاري ڇڏيان اهڙا چهرا

جن سان هُو

مرڪي مرڪي

مون جهڙا ڪئين

سادا ماڻهو

پيار جي ڪوڙن قسمن سان

جوٺن دم دلاسن سان پرڀائي

احساسن کي گهائن ٿا

پنهنجا مقصد پائن ٿا.

”سرڪش“ سنڌي

اِئين هليو وئين دل چيهاڙي

جئن ڪو اڇلي ڪاغذ ڦاڙي.

مون جي ڀانيون ڀاڳ لڪيرون،

سي ته ويون ٿم سور سلهاڙي.

ڪپڙي بانس نه ڀانئي ڀُلجو،

غم ٿو منهنجو سينو ساڙي.

ساهه ائين آ ڀانڊي ۾ ڄڻ،

ڍور ڇڏيو ڪنهن ڍَڪَ ۾ واڙي.

بادل نيڻن ۾ ڀرجي ويا،

جيئن تنواريو دل جي تاڙي.

خوشيون تون ئي يار لُٽي وئين،

ووڙَ ڏيان ڪئن اوڙي پاڙي.

تنهنجي ياد ملهائيندو هان،

شام صبح جو ڳوڙها ڳاڙي.

اهڙي ڏک سان الجهيو ”سرڪش“،

پيڙهين جا جو پاڙَ ٿو پاڙي.

”جوهر“ بروهي

شعر منهنجا منهنجي لئه زنجير بڻبا ٿا وڃن،

ويڻ مٺڙن جا ذري گهٽ تير بڻبا ٿا وڃن.

راز سانڍڻ لئه وڏا وس مون ڪيا پر ڇا ڪجي،

منهنجا ڳوڙها عشق جو تفسير بڻبا ٿا وڃن.

مان ضمگر ڪونه آهيان پو به ڪي ماڻهو مٺا،

جا نه ٿي وسري، اها تصوير بڻبا ٿا وڃن.

همنشينو! مونکي پنهنجي بيوسي جو ڪهڙو غم،

اڄ ته دشمن ڪاتبِ تقدير بڻبا ٿا وڃن.

تنهنجا نسخا ڪيميا آهن، وليڪن اي حڪيم!

درد دل جي لاءِ بي تاثير بڻبا ٿا وڃن.

تون جي آهين همقدم ۽ همسفر اي دلربا،

پوته ويرانا به ڄڻ ڪشمير بڻبا ٿا وڃن.

تنهنجي هن جوهر بروهي لئه ڏهاڙا وصل جا،

وقت غم ۾ ڪجهه نه ڪجهه اڪسير بڻبا ٿا وڃن.

انور عباسي

بهارون مختصر، رهجي ويو، دورِ خزان باقي،

مڪين ويرانئي دل ۾، ٿيَم آه و فغان باقي.

وڏي افسرده ۽ حسيرت زده دل داغِ فرقت کان،

رُٺي آهي قضا، ڇاجي؟، بهارِ جاودان باقي.

سڪونِ دل ته ناهي، پر جي آهي ڪجهه، ته ڳوڙهن ۾،

جو ڳوڙها ئي دلين جا ٿي سگهن ٿا ترجمان باقي.

ڀري دنياءِ دل ۾، بيرحم طوفان جي سببان،

ويو ڪَک ڪَک اُڏي ڪاڏي؟ نه سالم آشيان باقي.

گهڻو ئي دل کي سمجهايم، ”ته ڪوئي يار کي ڇڏ جي!“،

چيائين، ”ڪبعهء دل کان، نه وڌ ڪو آستان باقي“.

اسين هن حال ۾ ڀي رسمِ اُلفت کي نِڀائڻ لئه،

نه سمجهون فاصلو هِن دل ۽ هُن دل درميان باقي.

مقدر تون نه کل، منهجي ته اهڙيءَ بيڪسيءَ تي اڄ!،

وري ڀي منهن مٿي تنهنجو ڪندس ڏئي امتحان باقي.

وئي ديوانگي منهنجي به ماڻهن لئه تماشو ٿي،

هلي وس ڪيئن انهيءَ دل تي، نه جنهنجو رازدان باقي.

ڀلي خوش ٿي چراغان ڪر، جلائي خونِ دل منهنجو،

مگر منهنجي وفائن جو ته لکجانءِ داستان باقي.

لکڻ وارا هي لکجانءِ، ”طالب الموليٰ“ جي لفظن ۾،

”رهي دل ۾ فقط اڄ آهه، يادِ رفتگان باقي.“

سڄڻ ريءَ آرزو يا جستجو ڪنهي جي ڪبي ”انور“؟،

جو دنياءِ تصور ۾ رهي ٿو جانِ جان باقي.

نظام الدين زائر

هرگهڙي ٿو پُڇين وفا ڇاهي؟

ڏس ته تنهنجي اِها ادا ڇاهي؟

منهنجي هن دردِ دل جي او پيارا،

توکي معلوم آ دوا ڇا هي؟

تنهنجي چهري جي سُهڻي سُرخي مان،

هاڻي سمجهيو اٿم حيَا ڇاهي.

منهنجي سورن ڀريءَ ڪهاڻي جي،

رب ئي ڄاڻي ٿو انتها ڇا هي.

مُسڪرائين ٿو منهنجي حالت تي،

ان جو مطلب اي دلربا ڇاهي.

دل جي تقصير آ ڪيم تسليم،

هي ٻُڌايو منهنجي خطا ڇاهي.

ڇو ستائين ٿي اڄ تون ”زائر“ کي،

هي شرارت تنهنجي صبا ڇاهي.

عاجز اُڄڻ

وائي

ٻِي ڪا، ڪامَ ڪَري،

                چاڳ چنيسر ڄام سين.

ڍولئي در تان ڍيلجِي،

ماندي مُنڌَ مَري،

آگ اندر ۾ عشق جي،

ٻاروهِي ٿِي ٻَري،

ساجَن ڌاران سَرتيُون،

ساعت ڪانه سَري،

اکڙيون منهنجيون عشق جي،

آيو مَنجهه اري،

ڏاهِي هُيڙس ڏيهه ۾،

ڇڏيو ڄاڻ ڄَري،

”عاجز“ شال عجيب سان،

منهنجي پَت پَري،

چاڳ چنيسر ڄام سين.

”عاشق“ هالائي

لڙڪ اکين ۾ اٽڪي، پئڙا،

لامن وانگي لٽڪي، پئڙا.

حال اندر جو جن به ٻڌو هو،

سي سڀ ٻڌندي ڇرڪي، پئڙا.

يارن خوب نڀائي ياري،

لوڻ ڦٽن تي ٻُرڪي، پئڙا.

تَن جون تارون ڀور ڀڄي ٿيون،

ساز سُريلا سُڏڪي، پئڙا.

دردمندن کي درد ۾ ڏسندي،

بي حس ماڻهو مُرڪي، پئڙا.

مُرڪ جڏهن ڀي جهاتي پاتي،

ڪُرڪڻ وارا ڪُرڪي، پئڙا.

ڪنهن جي راهه تڪيندي ”عاشق“،

نيڻ نماڻان ٿڪجي، پئڙا.

مخمور ميرانپوري

1

الفت جو اظهار ڪري ويٺاسين،

پٿر سان پيار ڪري ويٺاسين،

ان کان وڌيڪ خطا ڪهڙي چئبي،

جو پيار جو اقرار ڪري ويٺاسين!

2

بيوفا سان ئي وفا ڪري ويٺس،

هُن مٿان تن من فدا ڪري ويٺس،

پُوڄي پٿر کي خدا ڪري ويٺس،

هاءِ! هيءَ ڪيڏي خطا ڪري ويٺس!

3

سون ٿيڻي ناهه سائين! چيز هرڪا چمڪندڙ،

اڄ ڪري ڇڏ تون يقين هن اصطلاحِ عام ۾،

هن جفا جي شهر جا ماڻهو اٿئي ٽوهن مثل،

سونهن ۾ سهڻا ڏسي ڦاسين متان ڪهن دام ۾!

4

واٽ ويندي ڪئين ڪسي ويا هن جفا جي شهر ۾،

سوچجان وک وک کڻي تون خيال سان هر گام تي،

هي ڏسي منظر حسين ”مخمور“ تون ڀُلجين متان،

ڀروسو هرگز نه رکجان ڪنهن به لهندڙ شام تي!

”صابر“ نظاماڻي

وائي

دور دنيا جو ڏينهن ٻه ٽي ميان،

ڇو ٿو سائين سان سينو سائين؟

ڪهڙي سبب کون منهنڙو ڦيري،

قرب ڇڏيو تو آهي ڪَٽي ميان.

ڀونءَ ۾ ٿيندين نيٺ بِلاتو،

ايند ئي پنهنجا لوڙه لَٽي ميان.

ڪوڙي دنيا ڪوڙي حياتي،

هرڪو ويٺو واءُ جهَٽي ميان.

سائين سچي کي ياد ڪندو رهه،

”صابر“ پنهنجي سمجهه سَٽي ميان.

ناظم منگي

ڪافي

وڃي ڦاٿيون ستمگر ساڻ اکيون،

ڪري سگهيون ڪانه سڃاڻ اکيون.

 

اڙيون ته وڃي پر اهڙو اڙيون،

جو روڪڻ سان مُٺيون نه مڙيون،

          جهل ڀي نه جهليون اڻڄاڻ اکيون.

 

غم ڦاٿي کانپوءِ ڪهڙو ڪجي،

ڀلا ڏوهه ڏجي سو ڪنهن تي ڏجي،

          ڏک ويٺيون پرائي پاڻ اکيون.

 

ڏکيو ڪي سکيو منهن نيٺ ڏبو،

وڃي نينهن ۾ ”ناظم“ توڙ ڪبو،

جو سمجهن ٿيون ڏک ڏاڻ اکيون.

”مسرور“ سومرو

منهنجي دل جي ڌڙڪنن تي تنهنجو آهي اختيار،

منهنجو ۽ منهنجي ارادن جو تون آهين مختيار.

سمجهه منهنجي کان مٿي تنهنجي ادائن جو مقام،

سوچ منهنجي ٿي پيئي ناڪام آخر بار بار.

تنهنجي خاطر مون لٽايو دل جو سرمايو صنم!

پوءِ ڀي ايڏي فِدائي لئه سندءِ آهي ڌڪار.

ساڳي رونق، سڳايو جلوو ڇو نه آهي حسن ۾؟

ٿي پيو شايد تون آهين بدنگاهن جو شڪار.

فڪر ناهي! جي زمانو مون کان نفرت ئي ڪري،

مون کي تنهنجو، توکي منهنجو شل رهي ڪو انتظار.

تنهنجو ”مسرور“ آ پياسو، جام نظرن جا ڏيار،

مي پرستن کي نظر جا ئي سبو آڻي پيار.

”خليل“ لاکير

وائي

سڪدني گذريا سانوڻ سيارا، ايڏي دير نه ڪر دل وارا،

                    موٽڻ جي ڪر ڪا وڻجارا!

تنهنجي فرقت تن تڙپايو، منهنجي من تي هن مونجهارا!

ڪڪرن ڪارا ويس ڪيا، ٿيا مينهن جا وسڪارا!

هوند اچين پرچايان توکي پائي ڳچي ڳل ڳارا!

ٻيرين ٻور جهليو آ جاني، پوکن سنگ پچايا سارا!

سرءُ سياري ساهه سُڪايو، جانب ماري وجهندا پارا!

جوڀن ڳڻتيون ڳاري وجهنديون،قرب ڪري ڪو پهچ پيارا!

هاءِ ”خليل“ پيو ٿو ووڙي تنهنجا رستا تنهنجا چارا!

”عبد“ مگسي

پرين سان پيار جو پختو ڀلي تون پيچ پائي ڇڏ،

سڄڻ کي ساهه ۾ سانڍي، زماني کي ڀلائي ڇڏ.

ڪري قربان دل جون خواهشون، دلدار جي خاطر،

جهانِ عاشقي ۾ تون سڪونِ دل لٽائي ڇڏ.

ڏسون ڪهڙا ڦٽن ٿا گل وري هن دل جي ڌرتي تي،

اکين مان مينهن ڳوڙهن جو ڀلي هيڪر وسائي ڇڏ.

نه پڇ ڏاهن کان ڏس ڪوئي، نه وڃ تون در طبيبن جي،

پرين جي خاڪِ پا کي بس دوا دارون بنائي ڇڏ.

پڇڻ سان ڀي نه دردِ دل ڪڏهن بيدرد سان سلجان،

سوا هڪ حال محرم جي ٻين کان غم لڪائي ڇڏ.

ڏجان دل غير کي هرگز نه تون، سوچي ذرا ڏسجان،

اچي گهر يار ٿو تنهنجي، صحن دل جو سجائي ڇڏ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com