سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :3

ابڙو عبداللطيف ”ساقي“ هالائي

غزل

عشق عالي مرتبت آ، دل سان ٿو مڃڻو پوي،

ٿو جمالِ حسن آڏو عشق کي نمڻو پوي.

حسن تنهنجي کي آ بخشي، عشق منهنجي زندگي،

هڪٻئي جي ساٿ سان دنيا ۾ ٿو هلڻو پوي.

ڪنهن جو لاشو بي ڪفن هي ڏس شمع جي گود ۾،

اِن سعادت لاءِ ٿو پرواني کي جلڻو پوي.

ڪهڙي آخر ٿي خطا دربان موٽائي ڇڏيو،

درُ لنگهي دشمن اچي ان سان به ٿو ملڻو پوي.

عيد آئي تون نه آئين مون سان ڪيڏو قهر ٿيو،

دل اندر کُورا ٻَرن ته به ڪين ٿو سلڻو پوي.

هُن جفا جو آهي شايد تاحياتي سُنهن کنيو،

مان ڪندس اهڙي وفا هُن کي قسم ڀڃڻو پوي.

سڀ ٿا تنهنجي بي رخيءَ جون ڳالهيون مُنهن ۾ ڏين،

پيار ۾ هي غير جو مَهڻو به ٿو سهڻو پوي.

پيار پيارا پاپ ناهي جو زماني کان ڊڄون،

هي ته جذبو پاڪ آهي ڇو ڀلا لڪڻو پوي.

تنهنجي قدمن جا نشان مون پاند ڏئي پوري ڇڏيا،

هن هوا گستاخ ڏي ڪجهه ڌيان ٿو ڏيڻو پوي.

تنهنجو غم ڀي ويو ڇڏي مون کي اڪيلو راهه ۾،

ڪيڏو ڏَڍُ هو همسفر جو سو به ٿو ڇڏڻو پوي.

تو هٿن سان ”ساقيا“ ساغر ڀريو آهه، تڏهن،

اڄ ٿو خود ناصح جي آڏو جام هي کڻڻو پوي.

غلام حسين رنگريز

وائي

اندر منجهه آ اوڙاهه، ٻهران ٻاڦ نه ڪائي.

چارئي پهر چريءَ کي تنهنجا هورا،

                        ٻهران ٻاڦ نه ڪائي.

هڪڙي دلڙي درد هزارين هاءِ گهوڙا،

                        ٻهران ٻاڦ نه ڪائي.

نيڻ نماڻا نيٺ اُجهاڻا سُڪي ويا ڳوڙها،

                        ٻهران ٻاڦ نه ڪائي.

ڀيڄ ڀنيءَ جا هورا تنهنجا ڇورا،

                        ٻهران ٻاڦ نه ڪائي.

 

مهر پروين

غزل

ڏور نڪري، ڏيل منهنجو ڏک ڏيئي ڏارين متان،

گهور سان گهائي ڦٽي، گهائل ڇڏي، گهارين متان!

نينهن لائي، پيچ پائي، پوءِ مٺڙا مُنهن مَٽي،

وَڍَ وڇوڙي جا وجهي، ٻارڻ ڏيئي ٻارين متان!

پرت جا پيغام ڏيئي ۽ سوين سڪ جا سلام،

وصل جو وعدو ڪري، ٽاڻو اهو ٽارين متان!

سگهه سهڻ جي ناهه ڪا ساجن اندر منهنجي سرير،

واهرو! وايون وڇوڙي جون وري وارين متان!

هجر جي هاڃي وڃائي پهچ ڪل پروين جي،

”مهر“ سان ماڻا ڪري، ماه لقا مارين متان!

مريم مجيدي

ڏات ڏياٽي

سڪ جي آهي سرهه ڦلاري، چاهت جا ٿيا چيٽ چٽا،

نينهن نڪوري ڪوري جا هي نسريا آڀون سنگ سٺا.

1

ڪهڙي شعر رچڻ جي ساڃهه، پاڻ ته سچ پچ شاعر ناهيون،

اور اندر جي اُڌمن جو بس ڪاڳر تي ٿا اورڻ چاهيون،

بحر وزن جا ڀيچ ڀچائي اکرن کي ٿا ڊاهيون، ٺاهيون،

احساسن جي اوجر سان ٿا چٽجن، سجٽن چار سٽا.

2

ڇاٻ ڏني ڇا ڇوليون جهلبيون، سنڌو جو مُنهن موڙي ڪو،

ڌرتي کان وڌ جنت ڪهڙي، تنهن کي جنت جوڙي ڪو،

اونداهيءَ جي اوڙاهن ۾، ڏات ڏياٽي کوڙي ڪو،

پاڻ پرهه ٿي جهرڪون، جيڪر، رات ڀڄائي ڳاٽ ڳٽا.

3

ابهم من ۾ ڪونڌر جذبا زوراور شهزور ٿيا،

سورهيه بنجي وييون سوچون، اُڌما ارڏا اور ٿيا،

ڏوهه ڏيون ڇا ڪنهن کي ڪهڙو، پنهنجا پاڻان زور ٿيا،

ڇينڀون ڇاڙپ ڇات ڪري سڀ روز سهون ٿا سور ٻٽا.

4

ماڻهو، ماڻهو جي ئي من ۾، ايمانن کي ڳوليون مون،

گونگن، ٻوڙن جذبن ۾ ڀي جولانن کي ڳوليو مون،

دين ڌرم ۽ ڌرتي وچ تي انسانن کي ڳوليو مون،

اڄ ڀي آهي ڏور امن ۽ هڪ ٻئي کان انسان ڇُٽا!

5

ناهه محبت اهڙي من ۾ جنهن ۾ ڪائي مستي ناهه،

نينهن نڀائڻ، پاڻ ملهائڻ جي ڪا حشمت هستي ناهه،

جنهن جي من ۾ عڪس نه ڪنهن جو سڃ آهي سا وستي ناهه،

عشق اَجهل ٿيو نيبهه جن کي مٽبي تن جي ڪانه مٽا.

نور شاهين

ساجن لهندو سنڀارون،

ڪين کپي دکي دل جو داروُن

ڇٽندا ڦٽ، جي فراق جا سرتيون!

ڏيندو لوڪ مَيارون.

ڀل ته ڪري هن ڏيل ڏکي تي،

عشق عجب الغارون.

سِڪ جا صدما سهاه ۾ سانڍي،

پيار ڪري ٿو پڪارون.

چاهه جون چڻنگون عرش اڏاڻيون،

ڪُونجن مثل قطارون.

ڀل ته مُئيءَ تي مينهن وسئاين،

مونجهه ۽ غم جون مارون.

من ٿو ماڻي موج ۽ مستي،

تن ۾ تنهنجون تنوارون.

سر تي سوز فراق جون سختيون،

ڏيل ۾ ڏک جون ڏارون.

نس نس ۾ ناسور نيارا،

ڦٽ ته ڦٽيل جا ڦارون.

عشق ازل جو خوار ڪرائي،

خوب ڪڍي ٿو خارون.

پاڻهي ايندو هوت هزاري،

ڪهڙيون وجهان مان ڦارون.

ٻاجهه ڀريي وٽ ٻڙڪ نه ٻوليان،

تانگهه ۾ نڪري تارون.

اکيون عجب ”شاهين“ شڪاري،

دل ۾ درد جون ڌارون.

تاج جويو

مُون جو نيڻ ڀِڄايا، ڦڙڪيا،

يارن جا ست رنگا جهنڊا!

ننڊ، چوَن: سپنن جو پينگهو،

مُنهنجي جاڳ به سپنا سپنا!

هير ڀنل ساهن جي خُوشبوءِ،

منهنجا گيت سمائي آيا!

پوڙهي هنج ۾ لاش وهيءَ جو،

اُڀ به ڪارا ڪپڙا پاتا!

چئيه: ”فلم جا ڏيئا وِسايان“،

”چپ ڏيئا ٿي ٻرندا منهنجا!“

”خاڪي“ جويو

لاٽ ٻرندي رهي

جَڳَ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

 

رات جي سانت ۾ ڏات ٻاري اُٿون،

باک جي ساک تي لاک هاري اُٿون،

صبح جي سوڀيا جي سڃاڻپ کڻي،

سوجهري لاءِ سورج اُڀاري اُٿون.

            جڳ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

            ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

ذهن جي صحن جون کڙڪيون کوليون،

سوچ جي سمنڊ تي آڻيون ڇوليون،

پرهه جي پاند جي تروري تي اُٿي،

ماڳ جي ڀاڳ جون منزلون ڳوليون.

            جڳ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

            ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

ٿڌ جي ٿاڪَ جا ٿنڀ ٿيڙي ڇڏيون،

ڄاڻ کي ذهن ڄاول ۾ تيڙي ڇڏيون،

رات جي روپ جي ديوَ ڪاري مٿان،

پر پرهه جي پريءَ جا پکيڙي ڇڏيون.

            جڳ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

            ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

اُڀ جي نِڀ تي، ڪالهه اُڀري ڪتي،

لُڪ ڏاڍي لڳي، ڌَر ڏاڍي تتي،

پاند، پيرون پٽڻ لئه پکيڙي وٺون،

ڳَڀ ڳاڙها ڪڍي، ڏٿء آهي رتي.

            جڳ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

            ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

نِکٽء نڪتا، ڪتيءَ ساڻ ٽيڙو ٽِڙيا،

رات ڪاريءَ ۾ کوڙ تارا کڙيا،

جوت جي جاٽ تي کيت کيڙي ڇڏيون،

ڄاڻ جي ڀاڻ تي ڄاڻ مارو مڙيا.

            جڳ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

            ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

سوچ جي لوچ جا سنگ نسرن پيا،

ذهن مان رنگ جا ڏنگ نڪرن پيا،

باک سان لاک لائون لهي ٿي پئي،

انڊلٺ رُت جا رنگ اڀرن پيا.

            جڳ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

            ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

ڏات جي لاٽ جا ٿا لڳن ڏنگ پيا،

چت ۾ چاهتن جا وڄن چنگ پيا،

ڍول جي ٻول تي هول هر کائجي،

آرزن جي اُنگهن تي چڙهن انگ پيا.

            جڳ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

            ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

چوڏسن ڏانهن چڻنگون ٿي چمڪون پيا،

کڙکُٻيتا ٿي اوندهه ۾ ٽمڪون پيا،

تيز طوفان ۾، سمنڊ جي وير تي،

ڪنهن ڪنڌيءَ ڏي بتيلي تي ٽلڪون پيا.

            جڳ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

            ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

جيءَ جي ويءَ ۾ نينهن نوري ڀريون،

عرق اُجرو انگن ۾ انگوري ڀريون،

سنڌ سهڻيءَ جي سينڌ جي سونهن ۾،

خون کهنبي جي”خاڪي“ کٿوري ڀريون.

            جڳ ۾ جاڳ جي جوت جلندي رهي،

            ٻاٽ ۾ واٽ جي لاٽ ٻرندي رهي.

مير محمد پيرزادو

گيت

ڪاري رات به ڪوئل وانگي ڪوڪي ڪوڪي ڳائي،

سانت اندر، سنگيت انهيءَ ۾،

تنهنجي ياد ستائي ساجن، تنهنجي ياد ستائي!

 

هاڻ ته مند به مٽجڻ تي آ، ڄاڻ ختم ٿيا لابارا،

ان کان پوءِ ستت ئي ساجن، پوندا پوهه جا پارا،

منهنجا ساجن، تنهنجي ڪارڻ،

آسروَندڙي ويٺي آهيان،

لوئيءَ لاک لڳائي ساجن، تهنجي ياد ستائي!

 

ساريون راتيون سورن منجهه مان جاڳي بڻيس سودائي،

اونداهن ۾ ياد به تنهنجي ڪاهيو ڪاهيو آئي،

رات اُماسي، دلڙي اُداسي،

جهڙ جي جهانجهه ته جيڏا سرتا،

ويتر من کي گهائي ساجن، تنهنجي ياد ستائي!

 

تنهنجو پيار پريتم سهڻا، سانڍيان ٿي پئي ساهه سڳي،

ڪتيون لڙن ٿيون جاڳي جاڳي، پر جي ڪائي اک لڳي،

سرجن سپنا، ڇرڪ پَوَن ٿا،

هيکل وياڪل، سچ پڇين جي،

مونکي گهر ٿو کائي ساجن، تنهنجي ياد ستائي!

 

ڏکيو هر هڪ ڏينهن لنگهي ٿو، اهڙا ڪيئي سال ٿيا،

ڪانگل ٻوليو ڪالهه پکي تي، مونکي تنهنجا پُور ٿيا،

اڃا اچڻ جو، پَههُ نه ڪيو تو،

اهڙي ڪرڻي هئي جي توکي،

لنو نه وڃي هان لائي ساجن تنهنجي ياد ستائي!

 

ماڻهو موٽيا، مال به موٽيا، واهيرن ڏي ورن پکي،

منهنجي وَرَ کي ويرم پئي ڇو! اڄ به نه آيو هاءِ سکي،

گهر ۾ سڀ ڪو ٿانيڪو ٿيو،

لوڙائوءَ جي لات لنوين ٿو،

جڏهين تند تپائي ساجن، تنهنجي ياد ستائي!

 

اڄ ته سکي آ سڏي ٻڌايو، منهنجو ساجن ايندو،

سوچي لڄ ۾ ساهه وڃي ٿو، ڪيئن مُهان – مُنهن ٿيندو،

آءٌ ته ناتر، جنهن جي خاطر،

دڳ جهليو ۽ بيٺي آهيان،

پاند ۾ پيرون پائي ساجن، تنهنجي ياد ستائي!

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

مرڻ کان اڳي ٿا مري پيا گذاريون

حياتيءَ جي ڪارڻ، وري پيا گذاريون.

غمن ۽ ڏکن جو آ درياهه هيٺان،

نه ترهو آ ڪوئي، تري پيا گذاريون.

                هئو جهنگ جالڻ ۽ ڏونگر به ڏارڻ،

                مگر پاڻ پنهنجو، ڏري پيا گذاريون.

وڪوڙي وئي آگ تن من بدن کي،

تڏهن ڀي ته تو لئه، ٺري پيا گذاريون.

                اندر مان هي آواز هر هر اچن ٿا،

                حياتي هيءَ کوٽي، کر پيا گذاريون.

ڪرڻ ڪين ڪاوڙ سکياسين اوهان تي،

پنهنجو پاڻ تي ٿا، ٻري پيا گذاريون.

اياز گل

دوها

مان ائين ٿي ويندس دلبرَ، ٿئين جي مون کان ڌار،

شيءِ کَسجڻ تي روئي ڏين جيئن، کلندي کلندي ٻار.

ڪيرُ چوي ٿو مون سان مٺڙا، مُرڪي مُڪري مِلُ،

مِلُ ته سهي پوءِ ڀلي پيو تون، ڪُرڪي ڪُرڪي مِلُ.

ديپ ته ڪوئي ناهيان مان، آهيان مان ٽانڊاڻو،

تيز هوائن ۾ ڀي جيڪو، ڪڏهن ڪين اُجهاڻو.

هيڊو رَتُ ڇڏايل جيون، پل پل جنهن ۾ اُلڪا،

ماڻهن جي ٽَهڪن مان ٻُڌجن، جهيڻا جهيڻا سُڏڪا.

ادل سومرو

هڪڙي پلَ جو گهاءُ او سائين،

سائو رهندو سالن تائين.

ويٺي ويٺي ڏور هليو ويئن،

پريت پراڻي شال نباهين.

مُکڙين جهڙا ماڳ هجن سي،

جيڪي مٺڙا تون ٿو وسائين.

سپنا ۽ ساڀيائون تنهنجون،

جت ڪٿ پيارا پاڻ پَسائين.

ڀل پيو بڻجي لوڪ تماشو،

تو لئه تانگهي ساهه سدائين.

ذوالفقار سيال

اسان نيڻ پنهنجا وري اڄ ڀڄايا،

جڏهن ياد تنهنجا پرين! پور آيا.

اڪيلا ۽ خاموش ويٺي سدائين،

اسان تنهنجي خيالن جا خاڪا بڻايا.

سڀني جي چپن تي تنهنجو نانءُ آهي،

تنهنجي گهور معصوم ماڻهو رلايا.

ڏٺي توکي ساجن گهڻا ڏينهن ٿيا هن،

اکين ۾ اوهان جا مون سپنا سجايا.

هوائن جو ڪو هيل رُخ ئي نه آهي،

واچوئڙن نوان ڪي ئي طوفان اُٿاريا.

ڏئي اوٽ ڀتين جي سڀڪو آ بيٺو،

وري پاڇا پنهنجا ڇو ماڻهن لڪايا،

هو ماڻهو بکيو بيٺو آهي اڃان به،

مقامن تي ماڻهن به پهرا لڳايا.

اسان ”زلف“ انکي ڪري ياد ڏاڍو،

سندس ياد ۾ گيت پنهنجا ئي ڳايا.

زيب سنڌي

مان سيلاني، منزل ناهي،

مون کي ڪو ڀلجي به نه چاهي.

هر گهر ۾ هِن سُندر چهرا،

تن ۾ منهنجو ڪوئي ناهي.

جوڙا جوڙا، ڀريل رستا،

منهنجو هٿڙو خالي آهي.

ڪڏهن ته ڪوئي ايندو آخر،

منهنجو ڪُتبو ڪوبه نه ڊاهي.

سندر چهرا، واريءَ ڍير،

هتڙي ڪو به نه گهرڙو ٺاهي.

مختيار ملڪ

ايئن اڪيلو اڪيلو تون ڳائين پيو،

ڪنهن کي آتم ڪهاڻي ٻڌائين پيو؟

آءُ ڏي درد پنهنجو تون مونکي پرين،

ايئن ڪنهن لاءِ دل کي ڏکائين پيو.

سونهن تنهنجي سندم ماڳ جو پيچرو،

نينهن وارن کي ڇا لئه ڀلائين پيو.

توکي پرکڻ بنا پنهنجو ڀانيو پرين!

تون اسان کي اڃان آزمائين پيو.

ڪوبه رستو وڃي ئي نٿو ماڳ ڏي،

هاءِ! رهبر اجايو رلائين پيو.

”سوز“ هالائي

استاد منظور علي خان جي ياد ۾

توکي ساري سُڏڪي پيئي تنبوري جي تار،

            ڏاڍو ڏور هليو وئين يار!

سوڳ ۾ تنهنجي ”ست ئي سُر“ پيا روئين زارو زار،

            ڏاڍو ڏور هليو وئين يار!

راڻل تو لئه راڳ ڪڍي ٿو اوسارا ۽ پار،

            ڏاڍو ڏور هليو وئين يار!

”لئه“ جا لڙڪ لڙي پيا آهن، تڙپي پئڙو تار،

            ڏاڍو ڏور هليو وئين يار!

توريءَ ڪير ڪُلهن تي کڻندو سر سنگيت جو بار،

            ڏاڍو ڏور هليو وئين يار!

پاڻ رُسي وئين اَلاپيندي، ”پرچن شال پنهوار“،

            ڏاڍو ڏور هليو وئين يار!

”آءُ ڪُہُ ڄاڻان پنڌ ڪيچ جا“، ڪنهي کان ٻُڌبو يار؟

            ڏاڍو ڏور هليو وئين يار!

”رانجها تخت هزاري دا سائين“، ٻُرندي ڪين ٻيهار،

            ڏاڍو ڏور هليو وئين يار!

صدين تائين ”سوز“ ۾ سڪندي، تو لئه تند- تنوار،

            ڏاڍو ڏور هليو وئين يار!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com