سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :13

ميرابوالبقا پنهنجي دور ۾ ٻيهر وينجهري جي قلعي جي مرمت ڪرائي هئي، ڇاڪاڻ ته سميجن انڙن قلعي جي ديوارين کي ڏاڍو نقصان رسايو هو. ميرابوالبقا مير ڪامل کي سپاهه ڏيئي وينجهري جي قلعي جو مستقل طور حاڪم مقرر ڪيو هو.

مير ابوالبقا پنهنجي دور ۾ ٻيهر وينجهري جي قلعي جي مرمت ڪرائي هئي، ڇاڪاڻ ته سميجن انڙن قلعي جي ديوارين کي ڏاڍو نقصان رسايو هو. مير ابوالبقا مير ڪامل کي سپاهه ڏيئي وينجهري جي قلعي جو ستقل طور حاڪم مقرر ڪيو هو.

مير ابوالبقا کان پوءِ شمشير خان اوزبڪ سيوهڻ سرڪار جو سن 1019هه کان 1023هه تائين ٻه ڀيرا حاڪم مقرر ٿي آيو هو. هن جي دور ۾ پڻ سميجن انڙن ۽ مناهيجن جنگيون ڪيون هيون، جن ۾ ڌڻي پرتو خان سميجو ۽ طيب خان مناهيجو قتل ٿي ويا هئا. ديه ڳوٺ جي هوسڙن کي مغل ڪارندن هن قلعي ۾ ڦاسيون ڏنيون هيون. ان کان پوءِ ديندار خان جي دور ۾ سميجن وينجهري شهر ۽ قلعي تي قبضو ڪيو هو، جنهن کي وڏي تباهيءَ کان پوءِ وري واپس ورتو ويو هو. مگر شهر ۽ قلعو اهڙو اُجڙي ويا جو وري انهيءَ ساڳئي اوج تي اچي نه سگهيا.

هن وقت وينجهري جو شهر ۽ قلعو ٻئي تباهه ٿي ويا آهن. قلعي جا وينجهري شهر جي دڙن کان الهندي طرف سڏ کن پنڌ تي اڃا ڪجهه نشان ۽ اهڃاڻ باقي نظر اچن ٿا. باقي شهر سمورو ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿيو پيو آهي. شهر جي تباهيءَ مان ظاهر ٿيئ ٿو ته دشمن جي حملي وقت هن شهر کي خوب لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي ۽ اُن سان گڏ باهيون پڻ ڏنيون ويون آهن، جنهن جا نشان شهر جي سڙيل گهرن ۽ ديوارين مان پيا ظاهر ٿين. اهڙيءَ طرح سان سمورو شهر زماني جي الٽ پلٽ سببان ناس ٿي ويو ۽ سمورو شهر دڙن ۽ ڀڙن جي صورت ۾ پکڙيو پيو آهي. وينجهري جي تباهي شايد شاهجهان بادشاهه جي آخرين دور ۾ ٿي ويا شاهجهان کان پوءِ اورنگزيب جي تباهي شايد شاهجهان بادشهاه جي آخرين دور ۾ ٿي يا شاهجهان کان پوءِ اورنگزيب جي زماني ۾ ٿي هوندي. اسان جو گمان آهي ته شاهجهان جي ايام اسيري جي دوران شهزادن جي تخت ۽ تاج واري ويڙهه ۾ هي شهر بلڪل اُجڙي ويو، جو پوءِ ڪڏهن به اُسري نه سگهيو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ هن شهر ۽ قلعي جو ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ملي. شاهجهان جو وڏو پٽ دارا سنڌ ڏانهن ڀڳو هو ۽ بکر جي قلعي ۾ اچي پناهه ورتي هئائين. انهيءَ زماني ۾ هيءُ شهر پڻ ضرور انهيءَ آئيءَ ۾ آيو هوندو. حملي آورن جي بار بار حملن ۽ مقامي ماڻهن جي شورشن ۽ بغاوتن جي ڪري هن شهر جي فوجي قوت ۽ معاشي حالت خراب ٿي ويئي. ان ڪري هتان جا ماڻهو اهڙين ٻين بستين ڏانهن ڀڄي ويا. هن ڳوٺ جي ڦٽڻ ڪري دنيل مناهيجو (هن وقت ٻڍل شاهه جو ڳوٺ)، سکيو مناهيجو ۽ ٻيا ڪيترائي نوان ڳوٺ آباد ٿيا، جي هن وقت اڃا به قائم آهن. شهر جي کنڊرات مان چانديءَ جا سڪا پڻ مليا آهن، جن تي شاهجهان جي نالي سان گڏ 1133هه لکيل آهن.

واڌارا ۽ اشارا

(1)              لاکاٽ- اڳئين زماني ۾ لاکاٽ جو پرڳڻو سيوهڻ سرڪار ۾ هو. هن وقت اهو علائقو نواب شاهه ضلعي ۾ تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي ۽ لاکاٽ جو شهر هن وقت به موجود آهي ۽ ساڳئي نالي سان سڏجي ٿو. هن علائقي ۾ لاکا قوم رهندي هئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي لاکاٽ جو پرڳڻو سيوهڻ جي مغل حاڪم کان مقاطعي تي ورتو هو. وينجهري جو ڪوبه ذڪر ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪونه ٿو ملي. شايد انهيءَ دور ۾ هي ويران ٿي چڪو هو.

(2)             خطي پرڳڻو- هي پرڳڻو مغل دور ۾ هو. هن پرڳڻي جو اڌ حصو سيوهڻ جي جاگيردار جي هٿ ۾ هو. هيءُ پرڳڻو درياهه سنڌ سان لڳ هو.

(3)             يوسف ميرڪ- تاريخ مظهر شاهجهاني- (سنڌي) صه 178.

(>)    ميرڪ يوسف مير ابوالقاسم نمڪين جو ٻيو نمبر پٽ هو. پاڻ سنڌ جو وڏو مورخ ۽ تاريخ نويس ٿي گذريو آهي. ميرڪ يوسف ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ هو. هن 1057هه ڌاري هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. سندس ڪتابن مان تاريخ مظهرشاهجهاني فارسيءَ ۾ پنهنجي رنگ ڍنگ جي تصنيف آهي. هيءُ ڪتاب سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي. (تذڪره اميرخاني – مولف سيد حسام الدين راشدي صاحب صه 129 کان 170)

(4)    ايضاً

(5)     سميجن انڙن جا ٽي گروهه آهن: هڪ سميجن جو گروهه، جنهن ۾ ٻارهن قومون اچي وڃن ٿيون؛ 1. بڪيا، 2. ٿيٻا، 3. جوڻيجا، 4. پريا، 5. دل، 6. کيبر، 7. اوٺا، 8. لاکير، 9. راڄپر، 10. ڀان، 11. منگواڻا ۽ 12. انڙ- (تاريخ مظهر شاهجهاني- ص 175). انڙن جون پنج ذاتيون آهنِ الف- راهو، ب- ڏاهري، ث- ساند، د- سانوريه. سانوريه جون چار ذاتيون آهن: ڌاريجا، راهوجا، مناهيجا، فيروزيجا ۽ ڪبيريا- صه176.

(6)    تاريخ مظهر شاهجهاني (سنڌي) صه 278 – 279.

*      لاکاٽ پرڳڻي ۾ ٻه تپا هئاِ هڪ سميجن انڙن جو ۽ ٻيو لاکن جو.

(7)    تاريخ مظهر شاهجهاني- ص 173.

(8)    سيد حسام الدين راشدي- تذڪره امير خاني- صه 84.

*      وينجهرو جي اوڀر ۾ هڪ وڏو درياهه جو ڍورو آهي، جنهن کي هن وقت به اتي جا مقامي ماڻهو ”ريڻ درياهه“ ڪري چون ٿا.

(9)    تاريخ مظهر شاهجهاني – صه 173.

(10)   ايضا ص ايضاً

(-)     ديه ڳوٺ – هي لاکاٽ پرڳڻي جو هڪ قديم ڳوٺ هو ۽ هن وقت به انهيءَ ساڳئي نالي سان قائم آهي ۽ هن وقت بچاءَ بند جي ويجهو آهي. هتي ڦٽل قلعي جا به نشان آهن. بچاءَ بند جي اورئينءَ ڀَر تي ڇتن شاهه جو ڳوٺ آهي. ڇتن شاهه کان وينجهري جو ڳوٺ چار-پنج ميل پري ٿيندو. هن وقت هوسڙا مير بحر رهن ٿا. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته انهيءَ دبي شهر ۾ قلعو پڻ هو، جنهن کي لاکاٽ جو قلعو به چوندا آهن. هوسڙا ميربحر سميجن انڙن سان ملي مغل سرڪار کي ڏاڍو تنگ ڪندا هئا. مناهيجا قوم جا به ڪجهه ماڻهو رهندا هئا. هن قلعي ۾ شمشير خان سيوهڻ جي حاڪم هوسڙن ميربحرن جي سئو ماڻهن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو. هن وقت قلعي جا نشان ڊهي درياهه جن پيٽ ۾ سمائجي ويا آهن.

(11)   تذڪره اميرخاني- صه 29.

(12 - 13- 14) ڪتاب ايضاً - صه 26-27-28-29.

**   مير ابوالقاسم ”نمڪين“: مير ابوالقاسم نمڪين ملا مير سبزواريءَ جو پُٽ هو. ملا مير سبزواري امام موسيٰ رضا جي درگاهه جو مجاور هو. شروع ۾ مرزا محمد حڪيم (المتوفي 993هه) ڪابل جي حڪمران وٽ ملازم هو. اڪبري درٻار تائين رسائي حاصل ڪيائين. اڪبر بادشاهه مير ابوالقاسم کي خوش ٿي ”نمڪين“ ۽ ”خاني“ جي خطابن سان نوازيو هو. مير صاحب وڏو مدبر، بهادر ۽ سياسي بصيرت جو مالڪ هو. علم و ادب جو شائق هو. مير صاحب رجب يا شعبان ۾ 1018هه ۾ قنڌار کان ايندي فوت ٿي ويو ۽ روهڙيءَ ۾ ”صفه صفا“ تي دفن ٿيل هو.

(15)   فريد الدين بکري – ذخيرہ الخوانين ص 118.

(ii)    تذڪره اميرخاني – ص 56.

(16)   تاريخ مظهر شاهجهاني- ص 278-279.

(17)   ڪتاب ايضاً – ص 138-139.

(**) گچيرو جو ڳوٺ هن وقت ۾ موري تعلقي ۾ موجود آهي. قديم زماني ۾ هتي قلعو هو ۽ وڏي تاريخي حيثت رکندڙ هو.

(18)   تاريخ مظهر شاهجهاني (سنڌي) صه 196-197.

(19)   ڪتاب ايضاً-ص 197.

Ù      تاريخ مظهر شاهجهاني وارو لکي ٿو ته ڏيڙان جو ڳوٺ سيوهڻ جي قلعي کان اٺن ڪوهن تي آهي. ڌاريجا قوم جا ماڻهو رهن ٿا. هن وقت هي ڳوٺ موجوده قاضي احمد شهر جي الهندي طرف آهي. سنڌو درياهه ويجهو اٿس. هن وقت به ڌاريجا قوم جا ماڻهو رهن ٿا. حاجي علي بخش ڌاريجو، هن ڳوٺ جو چڱو مڙس آهي.

(20)   تذڪره اميرخاني – صه 39.

(21)   ڪتاب ايضاً – ص 41.

à   مهراڻو درياهه سنڌ جي ڀرسان هڪ پراڻو ڳوٺ آهي.

(22)   مظهر شاهجهاني – ص 200.

=      سيد ڳڙهه جو قلعو: هن قلعي کي شاهه قاسم خان زمان جي نياڻي شير بيگ ٺهرايو هو. نصرپور جي ڀرسان هو. شاهه قاسم خان زمان جي سميجن انڙن سان مائٽي هئي ۽ هو هميشہ سندن مدد ڪندو رهندو هو.

*      ڏيڙان جي سميجن کي ابوالبقا مطيع ڪندو ”ڪجران“(؟) جي ڳوٺ ۾ اچي ترسيو هو. هن ڳوٺ ۾ لاکن جي آبادي هئي. ميرابوالبقا هن ڳوٺ جو نالو ”جهانگيرآباد“ رکيو. اهي سڀ واقعا 1018هه ۽ 1019هه ڌاري جا آهن.

(23-24)      تاريخ مظهر شاهجهاني – ص 141.

+      لاکو انڙ مرزا عيسيٰ خان ترخان جو سالو هو.

´      ڪاٺڙو سيوهڻ کان يارهن ڪوهن جي مفاصلي تي هو. ڪاٺڙي جو ڳوٺ مشائخ شاخ جي ڏکڻ ۾ آهي. هن وقت حبيب پنجابي جا گهر آهن ۽ هن جي نالي سان ڳوٺ سڏجي ٿو. ڪنهن زماني ۾ وڏو ڳوٺ هو ۽ درياهه جي ڪناري تي واپاري مرڪز هو. منا هيجا رهندا هئا.

]نوٽ: آءٌ پنهنجي پياري عزيز دوست جناب عبدالرحمان صاحب منگي جو ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب پنهنجي انيڪ واپاري مصروفيتن هوندي به وينجهري جي قلعي ۽ ڀڙي جي سير ڪرائڻ جو انتظام ڪيو. هن سفر ۾ پروفيسر عبدالله خان مگسي ۽ پروفيسر شاهه محمد قاضي سنڌ يونيورسٽي پڻ هم شريڪ هئا.[

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ                  (قسط 2.  آخري)

 

سنڌ ۾ عيسائيت جي تبليغ ۽ سنڌي علم و ادب

- حوالا ۽ وضاحتون –

]مهراڻ نمبر 4 – 1981ع جي ص 166 سان لاڳاپيل[

(1) سنڌ جي ماضيءَ جي اها مايوس ڪن تصوير ڪيترن ئي سببن جو نتيجو آهي. انهيءَ جو پهريون سبب آهي ”ڌارين جو راڄ.“ آرين کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين سنڌ ۾ غيرسنڌي قومن جي آمد ۽ ڪن حالتن ۾ ڌارين جي حڪمرانيءَ نه رڳو سنڌواسين جو رت ۽ ست پئي چوسيو آهي، بلڪ سندن تهذيب ۽ تمدن سان به پئي هٿ چراند ڪئي آهي، ان ڪري تاريخ جي سلسلي جون ڪڙيون ٽٽل نظر اچن ٿيون. ٻيو سبب آهي ”سنڌوءَ جي مستي.“ سنڌ جي هن مست درياهه جتي هتان جي بنجر ۽ بٺ زمين کي پئي آباد ڪيو آهي، اتي هتان جي آباد ۽ شاداب وستين کي به پئي برباد ڪيو آهي، ۽ ائين اسان جا جيئرا جاڳندا تهذيبي نشان مٽبا رهيا آهن. پوءِ اهي ڪڏهن درياهه جي ٻوڏ جو نشانو بنيا، يا سندس رخ مٽائڻ جي سزا ڀوڳيائون. سنڌ جي تاريخ جي سلسلن کي ٽوڙڻ ۾ ”سنڌي صورتخطي“ کي به وڏو عمل دخل رهيو آهي. موجوده لپيءَ کان اڳ سنڌيءَ جي لپيءَ ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن، ۽ هر تبديلي ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ پئي هڪ ديوار اڀي ڪئي آهي.

(2)    Maneck-B. Pithawalla: “An introduction to Karachi”, The Times Press, Karachi 1950, P.13.

(3)    Dr. Dur mUhammad Pathan: “Contributionof Karachi District towards development of Sindhi literature and language 1843-1947” thesis for Ph.D 1979, P.21 also See:

(a)     William Vincent, D.D: “The voyage of Nearchus”, London.

(b)     Dr. Majumdar: “The classical Accounts of India” Calcutta 1960, P. 313.

(c)     Tarn, W.W. “The Greeks in Bactria & India” Cambridge 1951.

(4)    مرحوم مولائي شيدائي انهيءَ حڪمران کي سيستان جو پارسي راجا ٻڌايو آهي. ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي / حيدرآباد، 1958ع، ص 49.

(5)     Fr. Valens Wienk: “In the and of the Sindh and Baluchi”, Rotti press, Karachi, 1947, P. 17.

(6)    پادري برڪت الله؛ ”قرونء وسطيٰ ڪي ايشيائي اور هندستاني ڪليسائين“، پنجاب رليجس بڪ سوسائٽي، لاهور، 1962، ص – 45.

(7)    رحميداد خان؛ ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي/حيدرآباد، 1958ع، ص 51.

(8)    جڏهن ٺٽي جي حاڪم مرزا عيسيٰ ترخان، پنهنجي حريف بکر جي حڪمران سلطان محمود بکري سان نه پڃڻ کي خيال ۾ رکي، پورچوگيزن کان مدد پني، جنهن جي موٽ ۾ بيڊرو بريٽو رولن (Pedro Barreto Rolin) 28 جنگي جهاز ڀري اچي ٺٽي ۾ پهتو. انهيءَ وقت مرزا عيسيٰ خان ترخان بکر طرف روانو ٿي چڪو هو ۽ سندس ٻارنهن سالن جو پٽ ”ميرهان بابا“ سندس غيرحاضريءَ ۾ ڪاروبار هلائي رهيو هو. پورچوگيزن کي مٺيان لڳي ته مرزا عيسيٰ خان اسان کي سڏ ڏيڻ کان پوءِ انتظار ڇو نه ڪيو. ان وقت کين اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته بکر ۽ ٺٽي جي حڪمرانن جي وچ ۾ سمجهوتو ٿي رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ کين اوس ئي ڦرمار ڪرڻ جو موقعو نه ٿي ملي سگهيو، ان ڪري هو بهانا تلاش ڪرڻ لڳا، تان جو هڪ ڏينهن سنڌي گهوريئڙو سندن فوجي ڪئمپ ۾ وڪري ڪرڻ لاءِ ڪي شيون کڻي ويو. پورچگيزي فوجين نه رڳو ان کان اهي شيون ڦري ورتيون، بلڪ ان کي مار به ڏنائون. ان جو نتيجو هي نڪتو جو پلاند وٺڻ خاطر انهيءَ گهوريئڙي جي مائٽن ۽ دوستن پورچوگيزي فوجين تي حملو ڪيو. بس، پوءِ ته هنن کي جواز ملي ويو. هنن ٺٽي جهڙي خوبصورت شهر کي باهه ڏني، سنڌونديءَ تي ٻنهي طرفن ميلن جي ميلن تائين ڦرلٽ ڪئي ۽ اٺ هزار ماڻهن جو بيگناهه قتل عام ڪيو. هنن کي جا شيءِ ملي، سا کڻي پنهنجن ٻيڙن ۾ سٿيائون، تان جو ڪاشيءَ جون سرون به کڻي ويا. هي واقعو ايشيا جو وڏي کان وڏو هڪ ڌاڙو هو.

تفصيل لاءِ ڏسو:

(a)     Father Achilles; “Chrisiannity in Sindh & Baluchstan” an article published in the Journal of Sind Historical Society, Karachi, Dec. 1938, P.84.

(a)     A.B. Advani” “The early British Traders in Sindh” an artilce published in the Journal of Sindh Historical Society, May 1934, P.38.

(9) ”گرم پاڻي“ (Hot Waters) جي سياسي ۽ اقتصادي اهميت صدين کان وٺي تسليم ڪئي وڃي ٿي ۽ جنهن قوم انهيءَ تي قبضو ڪيو، اها دنيا تي قابض بڻجي وئي. مسلمانن جڏهن ”گرم پاڻي، کي پنهنجي تسلط هيٺ آڻڻ جو ڍنگ سکيو ته انهن طارق بن زياد بڻجي اسپين فتح ڪيو ۽ محمد بن قاسم بڻجي سنڌ جو مقدر سنواريو. ساڳيءَ طرح وري اسان جو سمنڊ ننڍي کنڊ جي تاريخ تي اثر انداز ٿيو. پورچوگيزن کان وٺي ويندي ڊچن ۽ انگريزن ننڍي کنڊ تي قبضي ڪرڻ جا اهي ئي مسلمانن جا طريقا استعمال ڪيا. سنڌ جو سدا حيات شاعر، تاريخ جو ڄاڻو، حال کي پرکيندڙ ۽ مسقبل کي ڏسندڙ مفڪر شاه عبداللطيف گرم پاڻيءَ جي انهيءَ اهميت کان چڱيءَ طرح باخبر هو، ان ڪري جڏهن ڌارين انگريزن کي پنهنجي پاڻيءَ جو سردار ٿيندي ڏٺائين، تڏهن سندن ڏات تڙڦي اٿي ته:

معلم ماڳ نه اڳئين ڦلنگي منجهه ڦريا؛

ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا؛

جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.

(10) جيڪي فرنگي واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ واپاريءَ جي صورت ۾ سنڌ ۾ آيا، تن جو مختصر وچور هن ريت ٿئي ٿو:

ائنٿوني اسٽارڪي (Anthony Starkey) 1612، والٽر پيٽن (Walter Payton) 1613، سر رابرٽ شيرلي (Sir Robert Sherley) 1613، فرانسس بب (Francis Bubb) 1613، ماسٽر مچل (Master Michael) 1613، ٽاميسن پاويل (Tamasin Powell) 1613، ليڊي ٽاميسن پاويل (Lade Tamasin Powell) 1613، نڪولس وٿنگٽن (Nicholas Withington) 1613، سر ٿامس رو (Sir Thomes Roe) 1615، جان اسپلر (John Spiller) 1630، فريملين (Fremalen) 1938، رچرڊ مولي (Richard Moyle) 1638، ڊينيل ايلڊر (Daniel Eleder) 1644، ريولٽ والون (Revelt Walwyn) 1644، هينري گري (Henry Garry) 1646، نڪولس اسڪريونر (Nicholas Scrivener) 1646، گلبرٽ هيريسن (Gilbert Harrisan) 1646، پيٽر ڊي بائي (Peiter de Bie) 1652، وليم بيل (William Bell) 1658، همڦري فاڪس (Humphery Fox) 1658، ٿامس ايٽڪنس (Thomas Atkins) 1658، جان وڊ رنگٽن (John Widdrington) 1658، ويلنٽائين نرس (Valentine Nurse) 1660، جان ڪاڪس (john Cox) 1660، اليگزينڊر هيملٽن (Alexander Hamilton) 1699، ايڊورڊ ڪڪ (Edward Cooke) جنهن 1748ع ۾ سنڌ ۾ وفات ڪئي، ناٿن ڪرو (Nathan Crowe) 1798 ۽ آرٿر ڪونولي 1830.

(11) مکيه سياحن ۾ نڪولائي منوڪي (Niccolao Manucci)، چارلس ميسن (Charles Masson) 1826، ڪئپٽن ليوپولڊ (Capt: Leopold) ۽ هينري واٽر بيليو 1842ع جا نالا ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن.

(12) سياسي مقصدن خاطر يا سفير بنجي آيلن مان: ڪيپن ڊيوڊ سيٽن (Capt: David Seton) 1808، نڪولس هينڪي سمٿ (Nicholas Hankey  Simth 1809، هينري ايلس (Henry Ellis) 1809، رابرٽ ٽيلر (Robert Tayler) 1809، هينري پاٽينچر (Henry Pottinger) 1809، ڪئپٽن چارلس ڪرسٽي (Capt: Charles Christie) 1809، وليم هال (William Hall) 1809، وليم مئڪس فيلڊ (William Maxfield) 1809، ڪئپٽن سيڊليئر (CaptL Sadlier) 1820، ڊبليو – سائمن (W. Simon) 1820، ڊاڪٽر هال (Dr. Hall) 1820، ميجر ووڊ هائوس (Major Wood House) 1820، هينري پاٽينجر (Henry Pottinger) 1831، ۽ ڪئپٽن ايسٽوڪ 1939.

(13) Discalcled Carmelites عيسائيت جو اهو ڌڙو آهي، جنهن ٻارهين صديءَ ۾ وجود ورتو. برٿولڊ (Berthold) کي انهيءَ جو باني سڏيو وڃي ٿو. هن ٻين ڏهن ماڻهن سان گڏجي، فلسطين ۾ جبل مارلياس (Mount Carmel) تي هڪ جماعت ٺاهي. 1210ع ۾ هن ڌڙي جا قاعدا ۽ قانون ٺاهيا ويا. هن ڌڙي تيرهين صديءَ ۾ يورپ ۾ هڪ تحريڪ جو روپ ورتو. “Discalced Carmelites” انهن کي چيو ويندو آهي، جيڪي پيرين اگهاڙا هوندا آهن. تفصيل سان ڏسو: [Encyclopaedia Britannica, Edition 1949, P.887]

(14) Augustinians رومن ڪئٿولڪ جو اهو مذهبي ڌڙو آهي، جيڪي سينٽ آگسٽائين (St: Augustine) جي رهڻيءَ ڪهڻيءءَ مطابق زندگي گذارڻ چاهين ٿا. هن ڌڙي 1250ع ۾ منظم ٽولي جي صورت ورتي. ڏسو:

[Encycolopaedia Britannicia, Edition 1949, P. 686.]

(15)   Fr. Valens Wienk: “In the land of the Sindhi and Baluchi” Rotti press karachi, p.19.

(16) فادر (Ludovicus Franciscus a Matre Die) 1613ع ۾ سنڌ ۾ آيو ته جيئن ٺٽي ۾ فادر (Joannes a Jusu Maria) لاءِ جاءِ ڀاڙي ڪري سگهي. سندس وڌيڪ معلومات ملي نه ٿي سگهي. البت ريڊمپٽس (Redemptus) جي مڪمل معلومات ملي ٿي. هو صاحب 1598ع ۾ پورچو گال ۾ ڄائو. اڃا ننڍو ئي هو ته هندستان اچي پورچوگيزن جي فوج ۾ شامل ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ فوجي نوڪري ڇڏي عيسائين جي تبليغي جماعت ۾ شامل ٿيو. ڪيترو وقت سنڌ ۾ به ڪم ڪيئاين. کيس 29، نومبر 1638ع تي تبيليغي مهم دوران پنهجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻا پيا. ڏسو:

        [Father Achilles: “Christianity in Sind and Baluchistan” an article Published in the Journal of Sindh Historical Society Karachi Dec: 1938, P.86]

(17) هي صاحب 1639ع ۾ وينس ۾ ڄائو. 1653ع ۾ سير سفر جي شروعات ڪيائين. کيس سمرنا، ايشيا مائنر ۽ هندستان ڏسڻ جو موقعو مليو هندستان ۾ مغل فوج ۾ به ڀرتي ٿيو. 1655ع ۾ سنڌ ۾ به آيو تفصيل لاءِ ڏسو:

William M. Irive A pepeys of Mogui India, London 1907 VOL IP.1

(18) منوڪي هن مبلغ کي انهي کان اڳ اصفهان ۾ به ڏٺو هو سندن چوڻ مطابق اهو مبلغ وڏو عالم ۽ فارسي، عربي ۽ هندوستاني ٻولين جو ماهر هو منوڪي جي جڏهن ساڻس بکر ۾ ملاقات ٿي تڏهن منوڪي شهزادي دارا جي فوج ۾ هو ۽ شهزادو دارا، اورنگزيب سان اختلاف رکڻ سبب وڙهندو ۽ لڪندو اچي سنڌ ۾ پهتو شهزادي دارا جڏهن هن عيسائيءَ فقير جي هاڪ ٻڌي ته ان وٽ لنگهي آيو کانئس ايترو ته متاثر ٿيو جو کيس چوڻو پيو ته ”جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو سچ تي ٻڌل مذهب آهي ته اهو ڪنٿولڪ مذهب ئي آهي. آئون ڪيتري وقت کان وٺي انهي مذهب جي مختلف ڌڙن سان ملندو رهيو آهيان ليڪن هر دفعي انهن هن حقيقت جو پئي انڪشاف ڪيو آهي ته معمولي اختلاف کانسواءِ عيسائيءَ هر ڳالهه ۾ متفق آهن ليڪن اسان جي مذهبن جهڙوڪ هيبروز، هندو ۽ اسلام جو اهڙو حال نه آهي انهن مذهبن ۾ مون کي اختلاف نظر آيا مان مسيح کان دعا ٿو پنان ته مون کي بادشاهي عطا ڪري ۽ آئون واعدو ٿو ڪريان ته جڏهن آئون بادشاهه ٿيندس ته پوءِ آگري شهر ۾ بيبي مريم جي نالي ۾ ديول ٺهرائيندس ان کانسواءِ مان پادرين کي اجازت ڏيندس ته هو ڀلي ديلون قائم ڪن ۽ منهنجي شهنشاهي جي حدن ۾ جتي وڻين اتي پنهنجي مذهب جي بنا روڪ ٽوڪ تبليغ ڪن.“

[Achilles: “Christianlty in Sind & Baluchistan” J.S.H.S, Dec: 1938, P.90].

(19)   Fr. Valens Weink: “In the land of Sindhi & Baluchi”, Rotti press Karachi 1947, P:19.

(20)   J.W. Smyth: “Gazetteer of Province of Sindh” B. Vol 1 Karachi P.111.

(21)   Simon de Graca: “Momorial do convento de santo Agostinho de Goa”, Portuguez 1907, P. 350.

(22)   A.B. Advani: “The Early British Traders in Sindh” an article published in the Jaurnal of Sindh Historical Society, Karachi Vol I, P.43.

(23) رحيمداد خان: ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي حيدرآبا،د 1959ع ، ص 413.

(24) سباسٽن جو انهيءَ سلسلي ۾ بيان آهي ته: ”سندس (شاهجهان جي سهري آصف خان) دوستيءَ سبب ۽ وسيلي مون اهي ڳالهيون مڃايون ۽ ڪري سگهيس، جنهن جو تصور به ڪري نه پيو سگهان. سندس دوستيءَ مان فائدو وٺندي، شهنشاهه کان انهيءَ فرمان وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، جنهن جي مطابق مون کي سنڌ ۾ انهن مذهبي جاين ۽ پادرين جي رهڻ وارين جاين جي نئين سر تعمير ڪرائڻ جي اجازت ملي. اهي جايون، جن کي خود شهنشاهه ڊهرائن جو حڪم ڏنو هو. ڏسو:

[C. Eckford Luard: “Travels of Fray Sebastion Manrique” Oxford 1927, Vol II. P. 152].

(25) انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ئي يورپي ماڻهن جا نالا پيش ڪري سگهجن ٿا. مثال طور: رابرٽ ڊڪ (Robert Dick) جو اڳ ۾ شاهه شجاع جي فوج ۾ ملازم هو، سو پوءِ ميرن جي فوج ۾ داخل ٿيو. اهڙي نموني سان 1843ع واري جنگ ۾ ڪئپٽن جان هاول (Capt: John Howel) ميرن جي طرفان وڙهيو. جڏهن کيس فوجي قيديءَ جي حيثيت سان نيپئر اڳيان آندو ويو ته هن اقرار ڪيو ته جيتوڻيڪ هو ميرن جو ملازم هو، پر جنگ دوران ميرن جي خلاف ئي ڪم ڪيائين. هن نيپئر جي فوج تي رڳو هوائي فائير ڪيا ۽ ڪنهن به گوري سپاهيءَ کي نه ماريائين. اهڙي ماڻهوءَ کي ميرن مياڻي ۽ حيدرآباد ۾ هڪ فوجي جٿي جو اڳواڻ بڻايو هو. تفصيل لاءِ ڏسو:

[Burton: “Scinde or the unhappy valley of the Indus” London 1851, Vol I, P.P. 151-153]

(26) رومن ڪئٿولڪ عيسائين جي هڪ پراڻي فرقي کي (Jesuits) چيو ويندو آهي.

(27)   Fr Valens Wienk: “In the land of the Sindhi and Baluchi” Rotti press Karachi, 1947, P-20.

(28) سنڌ ۾ عيسائي مبلغن کي ڀرپور سرڪاري سرپرستي ملي. وقت جا حڪمران سندن تنظيمن، ادارن ۽ گرجائن جو افتتاح ڪندا هئا، کين ٿوري تڪليف وٺڻ تي زمينون ۽ پلاٽ الاٽ ڪندا هئا. سندن تنظيمن ۽ ادارن جا سرگرم ڪارڪن بڻبا هئا ۽ ڏکئي وقت ۾ سندن بچاءُ به ڪندا هئا. مثال طور جڏهن سنڌ ۾ ”حر تحريڪ“ زور ورتو ۽ حرن سانگهڙ کي مرڪز بڻائي، پنهنجي روحاني رهبر جي عقيدت جو اظهار ڪيو ته اتان جي عيسائين کي بچائڻ لاءِ اطلاعن ڏيڻ ۾ وقت جي سرڪار ڪابه گٽتائي نه ڏيکاري. اقتدار ۽ عيسائيت جو پاڻ ۾ چولي دامن جهڙو لاڳاپو هوندو هو. عيسائين جا مذهبي مرڪز فوجي ڇانوڻين يا وڏن سرڪاري ڪامورن جي دفترن جي نزديڪ هوندا هئا ۽ اهي اڄ ڏينهن تائين انهن ئي جاين تي موجود آهن.

(29) ڪن مذهبي ادارن، جماعتن ۽ تنظيمن مان هي ذڪر ڪرڻ جي قابل آهن:

The Pious Association.

Board of Apostleship of Prayer.

St. Vincentde paul’s society.

The lepers committee.

Catholic

Associaiton of Sindh.

Daughters of the cross of liege.

The Franciscan Missionaries of Mary.

Catholic Goans Assoication.

St. Elizabeth’s Associaiton.

Franciscan Missionary of South America.

Franciscan Missionary of christ King.

The St. Salesius Siwak Sabha.

Sodalities of Virgin Mary (1968)

The league of Night Adoration (1931)

Karachi catholic propaganda committee (1932)

Students Misionary league.

The catholic Assicaiton.

St. Vincent de paul’s conference,

Young men’s christain Association.

Young women’s christain Associaiton.

St. Joseph’s Association.

(30) سنڌ ۾ پهريون انگريزي اسڪول ڪئپٽن پريڊي (Capt: Preedy) 1846ع ۾ قائم ڪيو، جيڪو پوءِ 1853ع ۾ ”چرچ مشن سوسائٽيءَ“ جي حوالي ڪيو ويو. هن اسڪول ۾ بائبل کي لازمي طور پڙهايو ويندو هو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ عيسائين پنهنجي مذهب جي تبليغ لاءِ جيڪي اسڪول کوليا، انهن مان هي ذڪر ڪرڻ جهڙا آهن:

St. Patric School, Karachi.

St. Joseph’s Convent Girls High School, Karachi.

St. Poul’s Urdu School, Karachi (1936)

Catholic primary School, Karachi (1923).

Catholic Urdu primary School, Kiamari (1945).

Philomena’s School, Karachi.

Catholic School, Kotri.

St. Joseph’s School, Hyderabad.

St. Bonaventure Boys. High School, Hyderabad.

St. Mary’s Convent Girl’s High School, Hyderabad.

Primary School, Nawabshah.

Punjabi Primary School, Sanghar.

St. Mary’s School, Sukkur.

]وڌيڪ تفصيل: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ: ”ادبي اوسر جو تاريخي جائزو“، ٽائيپ ٿيل 1980ع، ص 81[

(31) ڪراچي ڊويزن ۾ جيڪي ٿوري وقت اندر ديولون قائم ڪيون ويون، تن ۾: ”سينٽ پئٽرڪ چرچ“ (1846)، ”دي ٽرنٽي چرچ“ (1855)، ”چرچ مشنري سوسائٽي چرچ“ (1856)، ”سينٽ پائولس چرچ“ (1865)، ”ميٿوڊسٽ اپسڪويل چرچ“ (1875) ۽ ”اسڪاٽش چرچ“ (1888) ذڪر ڪرڻ قابل آهن. باقي ٻين هنڌن تي قائم ڪيل مڙهين، ديولن ۽ گرجائن جو ذڪر مناسب هنڌ تي ڪيو ويندو.

(32) عيسائين جي مذهبي مبلغن جيڪي اسپتالون يا سماجي خدمتن لاءِ تنظيمون قائم ڪيون، تن مان هي مکيه آهن:

St. John Bosco’s Orphanage, Karachi.

St. Teresa’s Nursing Home, Karachi.

Kunwari Mariam ji Hospital, Nawabshah.

(33) ڪراچيءَ ۾ وري سندن ڪيترائي مرڪز هئا، جهڙوڪ: ڊرگ روڊ، ڪياماڙي، منوڙو، ڪئٿولڪ ڪالوني، صدر، فريئر هال ايريا، لڳ ڪوس گهر ۽ حاجي ڪئمپ. حيدراباد سندن آڳاٽو ۽ مکيه مرڪز رهيو، هن ئي مرڪز جي معرفت پرمانند ميوا رام عيسائي ٿيو ۽ اتان ”جوت“ نالي اخبار جاري ڪيائين. اشاعت جي سلسلي ۾ به هتان جي ”سنڌ ڪرسچن لٽرري سوسائٽي“ جي شاخ ڪيترو ڪم ڪيو. هن مرڪز سنڌ ۾ مذهبي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. الله جي ڪتاب جي شان ۾ گستاخي ڪندي، هتان جي ئي هڪ سنڌي ڪرستان هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جي جواب ۾ حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻيءَ ”فتح محمدي“ ڪتاب لکيو. 1946ع ۾ هتي ڪل 151 ڪئٿولڪس هئا، جن ۾ 128 هندستاني ۽ 11 سنڌي ڪرستان به هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com