سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1982ع

مضمون

صفحو :7

اتاهين جبل وري ڳالهائيندي چيو، ”عشق ئي زندگيءَ جي ابتدا آهي، ته انتها به- اچو ته ان جا راز ۽ رمزون ڳوليون.“ هن جو آواز مٺي پاڻيءَ جي آبشار ٻڌو، دامن ۾ بيٺل وڻن ٻڌو ۽ پاڻ ۾ سُس پس ڪرڻ لڳا، ٽڙيل گلن ڦلن ٻڌو ۽ پريان بيٺل ٻاجهر جي فصل تي چڳندڙ پکين ٻڌو!

        هڪ رنگين رُت ۾ واديءَ ۾ رهندڙ نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري آبشار وٽ اچي ويٺا. ٻنهي پاڻ ۾ ڪجهه دير ڳالهايو، هڪ چيو ”مون کي توسان ڪائنات جي وسعتن کان وڌيڪ پيار آهي.“ ٻئي چيو ”تو بنان منهنجي زندگي نامڪمل آهي.“ ۽ پوءِ هو ٻيئي حسين خوابن ۾ گم ٿي ويا. جبل ۽ آبشار ڏٺو ته هوُ ٻيئي نوجوان واديءَ ۾ ٽڙيل رنگين گلن جي جهڳٽي ۾ ويٺا هئا. ڇوڪرو بانسريءَ جي ڌُن تي ڪوئي مٺڙو راڳ آلاپي رهيو هو ۽ ڇوڪري سُرن سازن ۾ مگن هوئي. راڳ جي مڌر سنگيت ۾ هو ٻيئي نهوڙجي ويا هئا ۽ جڏهن بانسريءَ پنهنجو ڳائڻ بند ڪيو ته ڇوڪريءَ چيو: ”مٺا، تنهنجي گلي ۾ ڪائي مٺڙي ڪويل ويٺل آهي، جيڪا جڏهن ڳائي ٿي ته هن دنيا جي هر شيءِ بيهيو رهي، ڄميو وڃي. لڳندو آهي ته پاڻ ٻيئي هتي صدين کان ڄميا ويٺا آهيون. تون هن دنيا جو وڏي ۾ وڏو فنڪار آهين، ان ڪري آئون توکي پيار ڪريان ٿي. منهنجو جيءُ تنهنجي امانت آهي، منهنجو سک چين تون آهين ۽ ٻيو ڪوبه نه! آئون تنهنجي داسي ۽ تون منهنجو ديوُ اهين.“ ۽ پوءِ وري هو پيار جي پَلن ۾ وڃائجي ويا. پوءِ پکي وڻن تي چهڪڻ لڳا ۽ جبل آبشار ڏانهن ائين نهاريو ڄڻ ٻڌائيندو هجيس ته ڏِس، عشق ئي ته اهم راز آهي زندگيءَ جو.

        ٻاجهر جي فصل جو لابارو لٿو ته سمورا ماڻهو هنن ٻن نوجوان دِلين سميت خوشيءَ ۾ ڀرجي نچڻ لڳا. ماحول ۾ موج ڀرجي ويئي ۽ رنگ رچي ويا. هنن ٻنهي پنهنجي پريم جا وعدا وچن دُهرايا. ڇوڪري چيو، ”مٺي، توکي نٿو پسان ته روح رڙيون ڪري ٿو ڦاٽي، هيان اڌ ٿو ٿئيم.“ ڇوڪريءَ چيو، ”پيارا تون ئي منهنجي ساهن جو سر واڻ آهين، تون منهنجي روح جي راحت آهين.“

        اهو ڏسي جبل آبشار کي چيو، ”ڏٺئه عشق ئي ته آهي جيڪو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو اهم نقطو آهي! عشق نه هجي ته زندگيءَ مان اوجل چانديءَ جهڙي چمڪ نڪري وڃي، گلن جا رنگ ختم ٿي وڃن ۽ تو مان به مستي نڪري وڃي. ڏس، منهنجي پيرن ۾ جتان تون وَٽ سَٽ کائي ننڍڙين پٿرين کي ڌڪيندو وڃين ٿو، اُتي هو ٻيئي اچي ويهن ٿا ۽ عهد پيمان ڪن ٿا ۽ جڏهن تنهنجي پيٽ ۾ پنهنجا پير پُسائي ڳالهيون ڪن ٿا ته ساري ماحول ۾ خوشبوءِ ڦهلجيو وڃي ۽ وري هو جڏهن پيار جي مستيءَ ۾ بانسريءَ جا امر سُر ٿو ڪڍي ته منهنجو وجود چاهي ٿو ته نچي ان جو ساٿ ڏجي، تاڙيون وڄائي ڪائنات کي ٻڌائجي ته ڏسو، ڏسو ڪيڏو نه حسن آهي زندگيءَ جي پيارن پلن ۾.“ ائين ٻڌندي ٻڌندي نيٺ آبشار پنهنجو پراڻو گيت ڳائڻ بند ڪيو ۽ جبل کي چيو، ”ڏس، زندگيءَ ۾ رنگ ۽ خوشبوءِ آهي ته اها ان ڪري جو ان ۾ پنهنجو فطري حسن آهي ۽ ضروري ڪونهي ته هر حسين شيءِ سان عشق ڪجي. ان جي سونهن جا ڪارڻ دريافت ڪجن ته اهو چڱو آهي. ان مان سمجهه به وڌندي ۽ ڄاڻ به ملندي ۽ ڄاڻ ئي هن دنيا جو اهم خزانو آهي.“

        ”تنهنجو مطلب آهي ته ماڻهو رڳو فلسفي جي ڳرن ڪتابن ۾ منجهيل رهن، زندگيءَ جي حقيقتن کي رڳو پروڙين، نه ڪه ان مان پاڻ به لطف وٺن!“ جبل چيو.

        حقيقت ۾ پروڙڻ به ان مان لطف وٺڻ جي برابر آهي، ٻيو ته هر چلڪندڙ شيءَ پويان ڪارٺ آهي، هر سهڻيءَ شيءِ پويان بدصورتي آهي ۽ هر محبت پويان اٿاهه نفرت، ته پوءِ انهن ڳالهين کي ڄاڻي ۽ پرکي به اسين بيوقوف ٿيون؟“ آبشار وراڻيو.

        هو ٻيئي ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيا ۽ ائين ئي ڏينهن گذرندا رهيا، رُتون بدلبيون ويون، گل ٽڙندا ڪومائجندا ويا. جبل جي چوٽيءَ تان آبشار نچندو ڪرندو رهيو ۽ زندگيءَ جو سرگم وڄندو رهيو ته هڪ ڏينهن جڏهن صبح جي اڇاڻ ۽ روشني واديءَ ۾ ڀريل هئي، وڻن پاڻ ۾ ڪچهري پئي ڪئي ۽ پوپٽ گلن مٿان پئي اڏاميا ته اوچتو واديءَ جي ڪنهن پاسي کان بانسريءَ جو مٺڙو آواز گونجڻ لڳو. جبل ۽ آبشار کڻي ماٺ ڪئي ته واڱڻائي گلن جي جهڳٽي ۾ ويٺل هو ٻئي به خاموش ٿي ويا. بانسريءَ جو اهو آواز ڪويل جي ڪُوڪ کان وڌيڪ مٺو هو. آبشار جي گيت کان به پيارو هو. سمورا وڻ ٽڻ جهومڻ لڳا. آبشار به پنهنجا چپ بند ڪري ڇڏيا ته ڇوڪريءَ ڪُڇيو: ”هي وري ڇا؟،، ڪنهن کي ايڏو درد آهي آواز ۾، جو جبل به ماٺا ٿي ويا آهن. لڳي ٿو ته ماٿريءَ ۾ سوين پوپٽ گڏ جيو تاڙيون پيا وڄائين، ڪيڏو نه ردم آهي... سوز آهي هن جي آواز ۾، ڄڻ ڪائي ڏکول دل روح سان رڙي ٿي، ڪُوڪي پئي پيار جي پَلن لاءِ.“

        اهو آواز پوءِ ويجهو ايندو ويو ۽ جبل جي پيرن تائين هليو آيو. واڱڻائي گلن جي جهڳٽن تائين، جتي نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ويٺل هئا ۽ بانسريءَ جو مٺو سُر ٻڌي رهيا هئا. هنن ڏٺو ته اهو هڪڙو نوجوان ڇوڪرو هو جيڪو بانسريءَ تي ڪوئي پيارو گيت آلاپي رهيو هو. سندس گيت ۾ محبوب جي ساراهه هئي، واکاڻ هئي. هن جي محبوب جو منهن چنڊ کان وڌيڪ حَسين ۽ اکيون نيل ڪمل کان به وڌيڪ روشن، چپ گلاب جي پنکڙين جهڙا سنها ۽ انگورن جهڙا رَسيلا، ڏند اڇي سنگمرمر کان به وڌيڪ سفيد- سُرَ آلاپيندڙ نوجوان پوءِ جبل جي پاڙ ۾ پيل هڪ ڇپ تي ويهي رهيو ۽ فضائن ۾ پنهنجا سُر ورهائڻ لڳو جهول ڀري. مڌر سنگيت جا پيالا اوتڻ لڳو، ڪائنات جي ڪَنَن ۾.

        ۽ ائين ٻڌندي ٻڌندي نوجوان ڇوڪريءَ چيو ته هن کان پهرين ته ڪنهن به منهنجي اهڙي ساراهه نه ڪئي! ۽ بيخود ٿي هن جي بانسريءَ جي آلاپن، ورلاپن تي نچڻ لڳي.

        پهرئين نوجوان جڏهن اهو ڏٺو ته هن جي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا ۽ هو بيتاب ٿي ويو. هن کي لڳو سندس سموريون آشائون جبل جي چوٽيءَ تان ڪري ڀور ڀُڪا ٿي ويون هيون. هو پوءِ اتان اُٿي هنن کي پُٺي ڏيئي هلڻ لڳو ۽ جبل تي چڙهندو ويو. هن پنهنجي من ۾ جيڪي پيار جون اتانهيون چوٽيون ٺاهيون هيون اهي ڪو زلزلو تباهه ڪري رهيو هو، ۽ هو هلي اچي جبل جي چوٽيءَ تي پهتو، ۽ ٻيءَ ڀر گهريءَ واديءَ ۾ پاڻ کي اڇلائي ڇڏيائين. جبل کان دل ڏاريندڙ رڙ نڪري ويئي ۽ آبشار سڏڪو ڀري روئي ڏنو، گلن جا ڪنڌ ڀڄي پيا ۽ فصل تي چڳندڙ پکي هراس کان ڊوڙي وڃي آکيرن ۾ لِڪا. هو نوجوان پوءِ اتانهينءَ تان اُڏامندو اُڏامندو گهريءَ کڏ ۾ وڃي ڪريو ۽ مري ويو، سندس سمورا آلاپ مري ويا، سُر ساز مري ويا.

        ڪجهه ڏينهن بعد جبل آبشار سان ڳالهيو. ”ڪيئن ٿو ڀانئين عاشق مري ويو!“

        ”هاءِ هو مري ويو ڇو ته ائين ٿيڻو هو، ڇوڪري بيوفا نڪتي.“ آبشار غم وچان چيو.

        ”ليڪن يار، هي سمورا واقعا، محبتون الفتون، ڇا سمورو بي مقصد آهي؟“ جبل پڇيو.

        ”اهو فريب آهي، دوکو آهي، رُڃ آهي چند لمحن جو ناٽڪ آهي!! ۽ ٻيو ڪجهه به نه، اسان کي صرف دنيا جي حقيقت ڄاڻڻ گهرجي، وقت جي سچ کي سڃاڻڻ گهرجي ۽ بس. جنهن ايترو ڪيو ان ڄڻ ته سڀڪجهه ڪيو.“ آبشار مسلسل ڳالهائي ويو.

        جبل پوءِ هڪ سرد آه ڀري، ڄڻ پنهنجي هار مڃي چڪو هجي. آبشار ڏانهس نهاريو جبل روئي رهيو هو!

سريش

دوزخي

        هيءَ به ڪا زندگي آهي!؟

        اندر مان اٿلون کائي ٻاهر نڪرندڙ آواز- باهه جي شعلن جيان رڳ رڳ کي جلائيندڙ لفظ. شڪستون- شڪستون ۽ شڪستون!!!

        ڪو سڪون ڪونه اٿس. اندر ڪنهن کامندڙ جبل جيان رجندو لڳيس ٿو.

        اڳ اڍائي سئو پگهار هئي، تڏهن به ڇا مليو هوم- بُک، مفلسي ۽ محرومي ۽ هاڻي ته سوا سئو جي پينشن تي گذر ڪرڻو آهي.

من جي مونجهه وڌي وئي اٿس. ڪنهن شيءَ ۾ دل نٿي لڳيس. پاسو ورائي کَٽ جي ٻانهينءَ تي ليٽي پوي ٿو.

اُف! هن بي جيوت جون گهٽيل واسنائون. ڇا حاصل ڪري سگهيو آهيان، هن ڏائڻ زندگيءَ مان!؟

۽ پوءِ ڪي گهڙيون هو سانت ۾ اچي ٿو. کن لاءِ نظرون سامهون واري ڀت ڏانهن کڄي وڃنس ٿيون. ٽن ڪوڪن جي سهاري بيٺل پنهنجي جوانيءَ جي تصوير ۾ جوهه پائي ڏسڻ لڳي ٿو. يادن جا واسينگ سندس وجود کي ڏنگڻ لڳن ٿا. هو آهه ڀري ٿو. اکيون پورجي وڃنس ٿيون. نراڙ ۾ سوچن جا گهنج ٺهي بيهنس ٿا.

ڇا ته وقت هو! زندگيءَ جو اهو موڙ ڪيڏو نه خوبصورت ۽ مست ڪندڙ هو.

اهڙا ڪيئي وڻندڙ آواز ماضيءَ جي ڀڳل مقبرن مان اوچتو بلند ٿيندا ٿا وڃن. هر ماڻهوءَ جيان هن جي دل به چاهي ٿي ته زندگيءَ جي انهن سندر ساعتن ڏانهن موٽي وڃي. خوشي ماڻڻ جي ڀرپور آس دل جي ڊٺل مندر جي ڪنهن ڪنڊ مان ڪر موڙي جاڳي پويس ٿي. حالتن جي زلزلي هيٺ تباهه ٿيل، خواهشن جي ويران شهر جي نئين سر آبادي ڪرڻ ٿو چاهي. هو چاهي ٿو ته زندگيءَ جون انتم گهڙيون شانتيءَ جي اسٿانن ۾ بسر ٿين.

منهنجو سوچڻ اجايو آهي. وقت جو زيان آهي. وقت جي بدمست ۽ بي لغام گهوڙي کي ڪير پٺتي موٽائي سگهيو آهي؟ دل ٿي چاهيس ته اهو اسڪول ڊاهي کندر ڪري ڇڏي، سِرَ سِرَ کان جدا ڪري ڇڏي، جتي هن تعليم پرائي هئي ۽ جنهن ڪري هن جي سوچ عام ماڻهوءَ کان مٿڀري ٿي هئي. جتي هن ڪاٺ جي بينچن تي ويهي، اميدن جي نڀ ۾ اُڏرڻ جا جوٺا سپنا ڏٺا هئا. ياد اچيس ٿو، هڪ دور ۾ هن سوچيو هو:

(مان تاريڪيءَ جي سمنڊ مان روشنيءَ جا ڪرڻا ڳولي ڪڍندس ۽ ڏک جي پهاڙن مان سک جون نديون وهائيندس!)

سکن جون واسنائون سدائين منهنجي من آرسيءَ مان جهاتيون پائينديون رهيون آهن، پر ڀيري ڀيري منهنجي من آرسي وقت جي زوردار چوٽ کائي چڪنا چور ٿيندي رهي آهي.

مون هميشہ غلط سوچيو آهي. اندر جي ويران دنيا ۾ اهڙن خوابن کي پاليو اٿم، جنجي تعبير مهنجي نصيب جي اڌ ڊٺل ڪٽيل ريکائن ۾ ڪٿي به نمايان ڪونهي.

هن هر دور ۾ شڪست کاڌي آهي. سدائين سندس سوچن ساڻس ويساه گهاتي ڪئي آهي. وقت هن کي ڪڏهن به سک پسڻ نه ڏنو آهي. وقت هن سان هر دور ۾ ويل ڪندو آيو آهي. سدائين کيس پنهنجي تيز تلوار ساڻ گهائيندو ۽ چهڪ ڏيندو آيو آهي. جڏهن ماءُ-پيءُ جي زور ڀرڻ تي شادي ڪئي هئائين، تڏهن کان سندس وجود تباهين ۽ پريشانين جو مرڪز بڻجي ويو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن چاهيندو آهي، ڪمزور ڪلهن تان ازل کان کنيل جبل جيڏي جيوت جو بار ڦٽو ڪري ڇڏي، آجو ٿي پوي انهن اڻکٽندڙ پيڙائن ۽ سزائن کان.

هونئن ڀلا ڪهڙين تمنائن جو پورائو ٿيو آهي، جو جيون جو ڳرو ڪشت ڪٽيان!

هن جي آسن جون جوتيون ته صدين کان اُجهاڻل آهن. زندگيءَ جي تاريڪين ۾ جڏهن اُجالي ڪرڻ جي همٿ ساري هئائين، تڏهن حالتن جي تيز هوائن گل ڪري ڇڏيا هئس اميدن جا سڀئي ديپ ۽ ڌڪي ڇڏيو هئائونس نراسائيءَ جي نرڳ ۾، جلڻ ۽ ڀوڳڻ لاءِ!

مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

ڪافي ٽائيم سوچڻ کان پوءِ جوانيءَ جي دور جي خوبصورت تصوير ڏانهن نطرون کڄي وڃنس ٿيون ۽ هو هڪ گهرو ساهه کڻي ٿو.

مون کي آپگهات ڪرڻ گهرجي...

ها، آپگهات ئي هنن پيڙهيندڙ پهرن جي قيد مان مون کي نجات ڏياري سگهي ٿي..

هن دل ئي دل ۾ ڪئين ڀيرا پنهنجي انت آڻڻ جو سوچيو آهي، پر ان تي عمل ڪرڻ هن جي وس ۾ ناهي، ڇاڪاڻ جو هو زنده رهڻ جي بري عادت جو شڪار ٿي ويو آهي.

بوريت... بي انتها بوريت... گهر کان ٻاهر نڪري، در کي نالو هڻي، هلڻ لڳي ٿو. اجايو سجايو، بنا ارادي، بنا مقصد.

ڪيڏانهن ٿو وڃان؟

ها، سامهون ڇٻر تي وڃي ويهان. من ان طرح ئي ڪو سڪون ملي وڃي. ۽ پوءِ گهلجندڙ قدم فوٽ پاٿ جي ڀرسان چهچ سائي ڇٻر ڏانهن وڌي وڃنس ٿا.

چين ڪٿي آهي؟ (هڪ بيچين ڪندڙ سوال).

آخر منهنجي راهن ۾ هي پريشانين جا ڪَنڊا ڪنهن وڇايا آهن؟

ڇا زندگي ان کي چيو ويندو آهي؟ جي ها، ته پوءِ زندگيءَ جو نانءُ جهنم ڇو نه رکيو ويو!؟

ٽانگن، رڪشائن، موٽرن ۽ ماڻهن جي ڏامر جي شاهي رستي مٿان تيز ڊوڙ، ڪيتري دير کان نظرون کتل اٿس ان ڀڄ ڀڄان، ڊڪ ڊڪان ۾. هڪ انڌو فقير، پٺيءَ اگهاڙو، مليشيا جي پراڻي ۽ ڦاٽل سٿڻ پهريل. ٻئي هٿ سڌ ۾ اڳتي وڌيل، هن سان پاسو لڳي وڃيس ٿو. رسمي جملو، ”معاف ڪجو“ چوڻ بنائي هو اڳتي وڌڻ لڳي ٿو. پر اوچتو ئي فوٽ پاٿ جي فرش تي وڃي ڪري ٿو، ۽ پوءِ هو گوڏن وٽان ڦٽجي پوي ٿو. ڪجهه پراڻا ڦٽ ۽ ڪجهه نوان ڦٽ سمورا اکلي پونس ٿا. وڌيل ڏاڙهي ۽ وار مِٽيءَ ۾ ڀڀوت، منهن ماتا سان چچريل. هو هلندي هلندي وري فوٽ پاٿ تان روڊ تي ڪري پوي ٿو. ۽ اُٿي پوءِ ساڳي ئي وک سان اڳتي وڌڻ لڳي ٿو. هٿ سڌ ۾ کڄيل ڪنهن سهاري لاءِ آتا.

هي ماڻهو ڇا لاءِ زنده آهي؟

هن جي چهري تي هڪ پيلاڻ ڦهلجي وڃي ٿي، ۽ اندر جي چوگانن ۾ هڪ گهمسان،

ڪڏهن کٽنديون هي ڪاريون راتيون؟

ڪڏهن اڀرندو اُميدن جو سورج؟

ڪڏهن ٽڙندا خوشي جا گل؟

ڇا سدائين اوندهه جي قيد ۾ رهنداسين!؟

ڇا موهن جي دڙي جي کنڊرن جيان ڊٺل ۽ تباهه ٿيل، صدين کان سانڍيل، ماندي من ۾ سکن جون اُجهاڻل آسون ڪڏهن به پوريون نه ٿينديون!؟

گهايل روح جي پاتار مان ايندڙ هڪ رولاڪ سڏڪو.

هو اُٿي ٿو ۽ فوٽ پاٿ تان لهي روڊ تي هلندي سوچي ٿو.

منهنجو ڪوئي ڪونهي، انهيءَ انڌي شخص جو به ڪوئي ڪونهي. اسان ٻئي هن ڌرتيءَ تي لاوارث آهيون، بلڪل بي سهارا هيڏي وڏي جڳ ۾ ٻه اجنبي!

سج لڪن ۾ لٿل، اوندهه آهستي آهستي گهري ٿيندي پئي وڃي، ۽ سردي به منٽ منٽ ۾ پنهنجو اثر وڌائيندي پئي وڃي. هو تڪڙو تڪڙو گهر ڏانهن ويندڙ رستي مٿان هلڻ لڳي ٿو.

گهر جو تالو کولي اندر اچي ٿو، پراڻي کٽ تان ميرو ڪوٽ کڻي پائي ٿو، ۽ پوءِ هنڌ وڇائي ليٽي پوي ٿو. پراڻيون ۽ ميريون رليون حد کان وڌيڪ ميرين هجڻ ڪري هڪ اڻوندڙ بدبوءِ سان ڀريل، ڪيترو وقت ائين ئي پاسا ورائيندو رهي ٿو.

(بابا مان مري ويندو سانءِ، ٻيلي منهنجي دوا ڪراءِ. منهنجي مرڻ کان پوءِ هٿ هڻندين...)

يارنهن سالن جو وڇڙيل پٽ ياد اچيس ٿو. ٽي-بيءَ جو مٿس زوردار حملو، پگهار ڪل اڍائي سئو... بيماري هزارن جي منهن ۾...

(بابا... منهنجي.... دوا.... نه ته....).

اکين آڏو زال جو روئندڙ، پار ڪڍندڙ چهرو ڦري وڃيس ٿو. هڪ دفعو وري پٽ جو بي وقتو موت خنجر بڻجي سيني ۾ کپي وڃيس ٿو.

(اڙي ادي منهنجو ڍول پٽ... مون سان ڪيس ٿي ويو... اڙي منهنجي لعل ته جواني به نه ماڻي...)

هڪ آهه ڀري اکيون اُگهڻ لڳي ٿو. کيس جوان ڌيءءُ ياد اچڻ لڳي ٿي، جا ڪيترائي سال شرنائين جي مٺن ۽ وڻندڙ آوازن جا سپنا لهي لهي مست ڇولين جيان اُٿلون کائي ڪنهن نوجوان سان...

هڪ اونداهون دور...

هن ڪيتريون نه رڙيون ۽ ڪوڪون ڪيون هيون، ڪيترو نه تڙپيو هو. رت جا ڳوڙها رنو هو. جڏهن بکن ۽ ڏکن کان تنگ ٿي سندس زال ستن سالن جي ننڍي ڌيءُ سوڌو شهر جي ٻاهران وهندڙ ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو هو. مانهو ٽپي پيا هئا. ڌيڻس جو سڄي ويل لاش ٻئي ڏينهن تي لڌو ويو هو. پر جوڻس ذهني توازن وڃائي ويٺي هئي.

۽ پوءِ جڏهن مائٽ سندس زال کي چرين جي اسپتال وٺي وڃي رهيا هئا، تڏهن هن جي دماغ جونرڳون تمبور جي تارن جيان شوخ ٿي ويون هيون. چرين وانگر نِڙي ڦاڙي رڙيون ڪيون هئائين.

(اڙي مونکي به وٺي هلو... مان هن دوزخ ۾ رهي ڇا ڪندس” مون کي وٺي هلو... ڌڻيءَ... جي... واسطي... مونکي به.... !)

ظفر عباسي

مرڪ ڪٽورا- رت ڦڙا

انيڪ چاهتون هونديون هيس؛ من ۾، هر انسان سمان جن کي هُن هِنَ نظام ۾ چيٿاڙجندي ڏٺو هو.

هن نه ٿي چاهيو ته

¾ بک ۾ ولهوٽجندڙ وجود کي ڳڀو ڏيکاري، ڏئي، کسي، هن جي بک احساس کي فوٽ بال سمجهي ٿڏي ڇڏجي.

¾ ٽڙيل گلن کي پٽي ڪنهن سندر ناريءَ جي انگڙ ونگڙ وارن ۾ سجائڻ / ان جي سڳنڌ کي سنگهڻ/ڳل ڳل کي چمڻ بدران چٻاڙي چيٿاڙي کائي ڇڏجي/ان جي پنکڙين کي ويوڳ جو عذاب ڏئي ڪتابن جي ورقن ۾ دفنائي ڇڏجي.

¾ اعزازن ۽ لقبن ڪارڻ ضمر کي ميٽرن/ گدامن جي حساب سان وڪيو وڃي.

¾ ماڻهن جو رت عقيدت، مذهب، ذاتي ڳالهين، دلي غيرن، پلاندن ۽ ٻين آڙن ۾ وهايو وڃي.

¾ ڪو سندس ڪلهي تي بندوق رکي ٽئين ماڻهوءَ کي نشانو بنائي.

¾ زندگي بندگيءَ کي چيو وڃي.

¾ پيار تي ايترا پهرا هجن جو ماڻهو اهڙين ڳالهين کي تصوراتي ڪٿا سمجهن ۽ مُحب جي مُک پسڻ لاءِ فالون پائن.

¾ سج کي کاري هيٺان لڪايو وڃي.

¾ مذهبن کي ماڻهو جيون گهارڻ جي طريقه ڪار بدران خانداني ورثو سمجهي پنهنجي فائدي ڪاڻ استعمال ڪن.

¾ ڪنهن جي جذبن کي سر عام سنگسار ڪيو وڃي.

¾ ڪنهن جي چاهتن کي پٿرن سمان بلڊوزرن سان ڀوريو وڃي.

¾ شوق پورائي لاءِ ڪنهن بي گناهه جيوَ کي زخمي ڪيو وڃي / قتل ڪيو وڃي.

¾ هاٿي ڦاسائڻ لاءِ اونهي کڏ مٿان ٽاريون ۽ ڪک پن رکيا وڃن.

¾ پنهنجي وجود کي ساڙڻ ڪارڻ سگريٽ کي به ساڙيو وڃي.

¾ پيئڻ لاءِ بچيل آخري ٿڌي دلي ساڻ وهنتو وڃي.

¾ جڏهن هاريءَ جو رت/ پگهر رنگ لائي تڏهن فصل چڱو مرس ڍورائي وڃي.

¾ ارتقائي عمل کي ختم ڪيو وڃي ]هٿ ٺوڪين دليلن ۽ پهاڪن بهاني[.

¾ اوندهه کي اوندهه ۽ روشنيءَ کي روشني چوندڙ کي ٽياس تي ٽنگيو وڃي.

¾ تالي کي ڪنجيءَ بدران ]هوندي به[ هٿوڙن سان ڀڳو وڃي.

¾ ڪنهن انڌي جي دڳ آڏو ڍڪ بنان گٽر ڏسي به کيس سڌي واٽ وڃڻ لاءِ چيو وڃي.

¾ سگريٽ جيستائين دکندو رهجي تيستائين کيس چمبو رهجي ۽ جڏهن فلٽر بچي ته اڇلايو وڃي.

¾ ليکڪ جي هٿ مان قلم کسي ڊسٽر ڏنو وڃي.

¾ ڪن لاءِ اوبارڻ جي حد تائين غذا هجي ۽ ڪن لاءِ کائڻ لاءِ به نه ] رڳو ڏسڻ لاءِ به نه[.

¾ ايئرڪنڊيشنز ڪمرن ۾ تيار ڪيل قانونن تحت، ٻهراڙيءَ جي اُس، لُڪن ۽ جهولن ۾ سڙندڙ انسانن جي جذبن تي سمجهه ۾ نه ايندڙ پهرا ۽ پابنديون رکيون وڃن.

¾ هن جي ٻوليءَ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن تي ايتريون رنڊڪون رکيون وڃن جو ڇپائيندڙ سنڌي ڪتاب ڇپائڻ کان پڪوڙا وڪڻڻ کي اهميت ڏين. ۽، هن اهو نٿي چاهيو ته:

¾ ڪبوترن تي باز حملو ڪري. اڇن گهوگهو ڪندڙ امن جي علامتن کي، پنهنجي نوڪدار سامراجي چهنبن، استحصالي کنڀڙاٽين ۽ احساس برتريءَ جي ڏيکاءُ واري وڏيرڪي ذهنيت رکندڙ چهنبن سان، نه رڳو، امن جي نمائندگي ڪندڙ کنڀن/ جهنڊن کي جسم / ٿلهن تان پٽي هيٺ اڇلائي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏين، پر انهن جي جسمن جي سمورن سرشتن کي ختم ڪري ڇڏين ۽ جنهن جو رد عمل رڳو بس اهو نڪري ته جسمي سموري چرپر]عمل[ جي ذميوار ساهه سان ڪئي رڳو ڪجهه رت وٽڙي وڃي ڌرتيءَ تي!

ڪافي سوچ پڄاڻان کيس اهو وٽڙيل رت، ڪئريئر ازم، خودپسندي، لقبن، خطابن ۽ اعزازن جي بکين ليڊرن ۽ ذاتي مفادن تي قومي مفادن کي قربان ڪندڙن، واتڙيلن، ٺڙڪو سڙڪو امن جي شيدائي مَجنن جي ٻوٿن تي چڙهيل بي ڊولن ماس جي تهن کي لڪائڻ ڪارڻ، محب وطن، انسان دوست، امن پسند ۽ انيڪ ٻين نماڻن ۽ پيارن لقبن جي بي حرمتي ڪندي، امانت ۾ خيانت ڪندي نقلي ٻوٿاڙا چاڙهيو ويٺلن رهبرن ۽ ليڊرن جي مهانڊي تي رت رليل ٿڪ ۽ انهن جي چهرن تي حقيقت جي ننهن جي رهڙ سان گهروڙي ڏنل بجو لڳو هو.

۽ پوءِ سندس من مندر ۾ رکيل آرتي ]ضمير[ دکي دکي ٻري پئي هئي ۽ جڏهن چڻنگ منجهان چمڪاٽ ٿيو هو، تڏهن کيس باغي قرار ڏئي گوليءَ جي حڪم سان ڏهه هزار رپيا انعام به رکيو ويو.

پوءِ هن ان سماجي ڍانچي کي ئي بدلائڻ لاءِ عملي جدوجهد شروع ڪئي، جنهن ۾ ساڻس گڏ سندس چاهتن کي به ٽياس تي ٽنگيو ويو. ۽ ان ڏهاڙي کيس هڪ صاحبلوڪ پڪڙي وڌو، جنهن ڏهاڙي هو ڪنهن پروگرام تحت پنجويهه هزار روپيا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ پهچائڻ وڃي رهيو هو. صاحبلوڪ پنهجائپ منجهان ڪلهي تي هٿ رکي چيس ”جڏهن چاهتون چچرجي وينديون آهن، تڏهن ته ماڻهو پاڻهي هلي پوندو آهي!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com