سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3-  1992ع

مضمون

صفحو :2

جنهن سان سارين ڪائناتن جون اکيون،

هوريان هوريان،

ننڊ ۾ ٻڏنديون وڃن،

...ها، اهو ئي واپسي جو گيت آهي،

اچ اندر اچ...ڪيڏي سردي آهي ٻاهر...

اي معزز حسن بانو!

منهنجي احساسن جو عنبر،مشڪ جذبن جي ۽ يادن جو گلاب...

۽ تون هي قنديل ۽ فانوس ۽ مشعل سدا روشن رکج...

جئن اسان جي اڄ جي شاهد، هن اڪيلي وڻ کي اونداهي جا پاڇا گم نه ڪن!

...الوداع!

اي معزز حسن بانو!

تاج  بلوچ

غزل

تاج احساس جي گهرائي ڇهڻ وارو هو،
رنگ پوپٽ جا چپن تي ڪي ڇڏڻ وارو هو

ايترو ترت ڪٿي آڻ مڃڻ وارو هو،
هُو ته پاڳل هو اصولن تي مرڻ وارو هو.
 

رنگ،خوشبو ۽ سڄي سونهن ڪٺي ٿي گس تي،
ڪو وڏو پنڌ هڻي، ڳوٺ اچڻ وارو هو.
 

هنجي اکين مان پريشاني ٽميو ٿئي الڪو،
شام جو پهر جڏهن ويجهي پوڻ وارو هو،
 

آءُ صحرا جي سفر تان نه ڪڏهن موٽان ها،
قافلو درد جو پويان جي اچڻ وارو هو.
 

نيڻ راهن مان کڻي ڪين کڻان ها ڪڏهن،
ٿورو ڄاڻان ها وري ڪين ورڻ وارو هو.

گهر جون کڙڪيو تو بهاني سان ڪري بند ڇڏيون،
پنهنجي پورن ۾گهٽيءَ مان ڪو مٽڻ وارو هو،

شخص گم آهي، نگاهن جي هجومن ۾ڪٿي،
زهر تنهائي جو ڪڏهين جو پيئڻ وارو هو.

سونهن ڪمزوري برابر ته هئي تان بلوچ،
پر هو ڏاهپ تي مري ساهه ڏيڻ وارو هو.
ثار بزمي

غزل

ڪوشش ڪرڻ سان ڏونگر ڀي ٿو ڏري پوي
ڪهڙي خبر ته ٽانڊو ٻيهر ٻري پوي

هر چيز ۾ ته ڦيرو ايندو ضرور آه
ڏس کير ڀي رکڻ سان ڪيئن ٿو کري پوي،

اميدتي آ قائم سارو جهانُ هي
سينو سپر ڪندي تي مشڪل ٽري پوي

هيڻي کي هيڻو سمجهڻ گهرجي نه دوستو!
ڪئُلي کان ڪيئن هاٿي جهٽ ٿو مري پوي

ڪنهن انگ کي ڏهوڻو ڪيئن ٿي ٻڙي ڪري
مٽيءَ سان گڏجي پٿر ڀي ٿو ڳري پوي

ههڙا ته ماڻهو ‌ظالم، بي درد،بي ڊپا
ڪن جي ڏسڻ سان سڀ جي دل ٿي ٺري پوي
 

روئي رڙي ٿي ور لئه ۽ وار ٿي پٽي
قدرت کي ڇا هي هن ڏي وانگي وري پوي

مهمان دل ۾ ويهن ڪو اعتراض ڇو
ڇا لاءِ بند دل جي ڪرڻي دري پوي

سڀ هٿ وجهي رسيءَ کي قابو ڪيون ته پوءِ
ملت جي ڳنڍ ”بزمي “ ٿي ڇو ڍري پوي
ولي سروري

غزل

ڏکيو پهچڻ نه آهي دار تائين
پڄي اول ته ڪو معيار تائين

نه هر خواهش پڳي اختيار تائين
نه هر احوال گوشي يار تائين

زمين گل سٺو ڇاڇا نه هوندو
خزان کان پوءِ لالا زار تائين

وڏا وينجهار گرد راهه ٿي ويا
عدو جي گهر کان محفل يار تائين

ڏٺو هوندو گهڻن پنهنجن پراون
مسيحا جو اچڻ بيمار تائين

فقير بي نوا جي ٿئي ته ڪيئن ٿئي
رسائي جيه و دستار تائين

جڏهن هن مرڪ سان ڪئي مشڪ پيدا
هڳي ساهند کان تاٽار تائين

لڪائي رک ولي عرض تمنا
متان پهچي وڃي گفتار تائين
خاڪي جويو

غزل

رات هوا جي رم جهم تي،
گيت اڳاتا ڳاتا آهن،

ڀُون ڀنڀرڪي جو ڀڙڪائي،
ڄر ڄراٽا ڄاتا آهن،

هار هوائن جي هر کرجا،
پاڻ مرادو پاتا آهن،

سنڀا صدين جي سارن جا،
اکڙين ۾ اڄ آتا آهن،

ڳوٺ اسان جا ڳاڙهي رت ۾
راک لهوءَ جي لاتا آهن،
جيئن    پوءِ تيئن جواني     وارا،
 نهرا     اڳ        کان     ناتا      آهن

غزل

منهنجو نينهنُ نڪورو آهي،
ڇرڪيل ڄڻ ڪو  شورو آهي.

هي جي ڳاڙها ڳوٺ ڏسين ٿو،
ٿاريلن جو ٿورو آهي،

لهرون لهرون لات اسان جي،
گيت، جمالو،مورو آهي.

نيڻ نسورا،مڌڪٽورا،
ڳاٽو ڳاٽو ڳورو آهي.

هرڪو ڀرونءَ جي ڀالن جي،
گهائن جو ڄڻ گهورو آهي.

آءُ اسان جي اوتاري تي،
قرب اسان جو ڪورو آهي.
ادل سومرو

بيت

سدائين شوڪيس ۾ بند نه رهندو ڪر
تون به ڪنهن جي در، وڃ ته ڪو تو ڏي اچي.

نيٺ  اُڏوهي لڳندي، تنهنجي ڪرسي کي
تڏهن پوءِ توکي کي ياد پوندي دوستي

گيتن کي گهوڙو ڪري، ڇو ٿو ڊڙائين
متان هارائين، شُهرت جي گوءِ ۾

رات سنڌو ڀرتان سکر لڳو ايئن
سهڻو گهوٽ جيئن موڙ ٻڌي ويٺو هجي

سستن ڪتابن جو آ صدر ۾ ميلو
۽ هو اڪيلو، کيسي کي جانچي پيو

ويهي وڻ جي ڇانو ۾ موڙا ٿو ٺاهي
هن جي گهر ڇاهي دال وٽي ٻه مانيون
 

ٻهاري رستن تي ڦيري ٿي جمنا
انهيءَ جا سپنا، ڌنڌلا ٿي ويا ڌوڙ ۾

بل کي ٽيبل تي، سوچي ائين بيرو
ڇا پڻ هي ڀيرو، خالي ويندو ٽپ کان

نشي ڪارڻ ڪيترا، رلي ٿو رستا
ڪيڏا ڪاڳر تور ۾، هن جا هن سستا
پوءِ به هن ورتا، پئسه پڙي واسطي

سرڪاري پلاٽ تي جوڙيل ڪچا گهر
گهمي بلڊوزر، سڀ سمهاريا پت تي.
ادل سومرو

وائي

مون لکيا تولاءِ ها
پر جڏهن توکي ڏٺائون

گيت سڀ حيران ٿيا
تنهنجي چپڙن تي اچي

رنگ ڪو اهڙو وتائون
گيت سڀ حيران ٿيا

شاهه جي وائيءَ سنديون
سادڙيون پسندي ادائون

گيت سڀ حيران ٿيا،
عشق جي آواز تي

رقص ۾ آيون هوائون
گيت سڀ حيران ٿيا.

 

راهي چنا

وائي

هاءِ سج لٿو رات پئي وريا کيئڙا
                 هل هلون ميان

جوٺي جڳ۾گنگهرگهاريم    ڏينهڙا

                 هل هلون ميان

گيڙُو رتا  ڪپڙا  در در  جوڳيئڙا

هل هلون ميان

مون کين ۾ ايامن جا آهن اوسيئڙا

هل هلون ميان

اڃان نيڻ اڃارا اوجاڳين ٿو جيئڙا

هل هلون ميان.

اياز گل

غزل

  نڪو  ملي ٿي، نه ئي نيڻ ٿي پڙهڻ ڄاڻي
هُو ڇوڪري به رڳو، سُور ٿي ڏيڻ ڄاڻي

انهيءَ کي ڪهڙي خبر لفظ ڪيئن مارن ٿا
جا ڳالهه ڳالهه ۾ بس، طنز ٿي ڪرڻ ڄاڻي

عمل، نه سوچ، نه ڪوشش تباهه ٿي ويندو
هُو روئڻو جو،ٿڌا ٿو ڀرڻ ڄاڻي

سمورا سڱ ڇني وئينءَ ته خير آ سائنڻ!
هي دل ٿي آس جا لاشا سدا کڻڻ ڄاڻي

حياتي کيس ٺڳيندي الائي ڪيڏو اڃان؟
جو شخص پيار رڳو ٿو ڪرڻ ڄاڻي

اسان جا خواب ورائي ڏئي ته کيس مڃون
جو پنهنجي پرکڻي معجزا هلڻ ڄاڻي
 

کٽڻ جا ڳالهه انهيءَ لاءِ آهن بي معنيٰ
سدائين هار مان جو حوصلو وٺڻ ڄاڻي

اياز ڪيئن پري پاڻ کان ڪري سگهندو؟
اوهان جي دل ۾ ٿو احساس جيان رهڻ ڄاڻي

سڀن سان مُرڪي ملي ٿي، ملي وڻڻ ڄاڻي
هو ڇوڪري به رڳو تير ٿي هڻڻ ڄاڻي

غزل

يادگيريون سنڀال ڪم ايندءِ!
ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندءِ

راهه اوندهه اڳيان حياتي جي
پيارُ ڏئي مثال ڪم ايندءِ!

هُن کان پُڇجان ”گڏ هلي سگهندينءَ “
هڪڙو ننڍڙو سوال ڪم ايندءِ!

تو وساري ڇڏيو، چڱوئي ڪيئه
ڪهڙو برباد حال ، ڪم ايندوءِ؟!
 

ماڻ لمحا ملڻ جا، پر دل ۾
ڪي جدايون به پال، ڪم ايندءِ!

مان نه هوندُس جڏهن تڏهن ڏسجانءِ
جڳ! منهنجو مثال، ڪم ايندءِ!

 

کيس چنبڙي پئين ته ڇا ملندءِ؟
ڇڏ ماضي تي حال ڪم ايندءِ!
 

بخشڻ مهراڻوي

.....روئي پوندي سانءِ

 

هاڻي ائين نه ستاءِ

                         روئي پوندي سانءِ

ڳالهين ڳالهين ۾ ايڏو ڪيم کلاءِ
روئي پوندي سانءِ

گذريل وقت سنديون يادون نه رجاءِ

روئي پوندي سانءِ

هاڻ دلاسا ڏيئي،مون کي نه رچاءِ،

روئي پوندي سانءِ

            ڪهڙاحال پڇين ٿو، جاني ايئن جلاءِ

روئي پوندي سانءِ

بخشڻ مهراڻوي

غزل

سارو شهر وڄي ٿو پيو،
پويون پهر وڃي ٿو پيو

گهڙي به مون وٽ ناهي ترسيو
هاءِ قهر! وڃي ٿو پيو

هاءِ جوڀن جو درياهه
لهرون لهر وڃي ٿو پيو

من جي کڙڪي کولي ڏس
تنهنجو مهر وڃي ٿو پيو

 ستيه پال

        مون سمنڊ کي ويجهو کان ڏسڻ جي

                               جرئت ڪئي...

تنهنجين نظرن

منهنجن پيرن تي

آوارگي لکي

۽ تنهنجي چاهت

مون کي ان جزيري تي وٺي وئي

جتي زندگي

مون کان به وڏو گناهه هئي....

مون پهريون ڀيرو

سمنڊ کي

ويجهو کان ڏسڻ جي جرئت ڪئي

۽ سمنڊ منهنجي اکين ۾ هليو ويو...

مون انتظار جي ٻوليءَ ۾

تو لاءِ گيت لکڻ چاهيو

پر تنهنجي ياد

مون کان ڪاوڙجي

هوا سان دوستي رکي...

مون کي مجبورن

باهه سان ياري رکڻي پئي...

توڻي

مون ڪڏهن راند جي ميدان ۾

پير ڪو نه رکيو هو

پر مون کي تنهنجو خيمو

جنگي گهوڙن جي اصطبل ۾ هڻڻو پيو...

هاڻي مان

هڪ جزيرو

هڪ سمنڊ

هڪ اڻ لکيل گيت

ٿوري هوا

گهڻي باهه

۽ هڪ جنگي گهوڙو

تولاءِ وصيت ڪيان ٿو...

پر آوارگي

تيستائين مون سان گڏ ئي هوندي

جيستائين مان

زندگي کان به وڏو

گناهه ڪري وٺان.

غزل

 مهرون مور نه ٿيون
دوريون دور نه ٿيون

سوچون، ڀٽ جا گهوٽ
ڪنهن لئه سور نه ٿيون!

چنتائون چڻڪيون
پر، ڀرپور نه ٿيون!

آيل ڇا ڄاڻين
جي مهجور نه ٿيون
 

ڪيڏا چنڊ،مگر
راتيون نور نه ٿيون!

پنهنجون سرمستيون
بن منصُور نه ٿيون!

سهڻ سان ته لطيف
ڏکنديون ڏور نه ٿيون!؟

واجد! وڻجاريون
جهمريون جُهور نه ٿيون!

ارشاد ڪاظمي

هڪ عورت تائين پهچڻ لاءِ

هڪ عورت تائين پهچڻ لاءِ،

مون پنهنجا آدرش وڪڻي ڇڏيا،

غير متوقع نتيجن جي انتظار ۾،

وقت ضايع ڪندي ڪندي،

مون اڌ عمر گذاري ڇڏي

شهر جا سمورا نيون سائن بدلجي ويا

۽ ساهه به گهٽ ٿي ويا

جيڪي ضروري آهن

پيرن کي زمين سان ملائڻ لاءِ

جيڪڏهن اهي نه رهن

ته باقي نالو رهجي ٿو وڃي،

وائجد، يورينس تائين پهچي ويو

مان، ان تائين نه پهچي سگهيس،

جنهن تائين پهچڻ لاءِ

مون پنهنجا آدرش وڪڻي ڇڏيا.

            تنهنجي ڊوربيل

تنهنجي ڊوربيل

مون کان

منهنجو مطلب پڇي ٿي

مان

پنهنجي نالي تي

ليڪ ڦيري ٿو ڇڏيان

۽ خود سوال بنجي ٿو وڃان

۽ گهر ويندي

پنهنجي نالي کي

درياءَ ڪناري

پائيپ پيئندي ڏسان ٿو.    

ايوب کوسو

غزل

ڳل تي آلو رنگ چمي جو
ڄڻ ڪو تازو شهر ڪوي جو

وارڪٽائڻ واري ڇوري،
تون ڇا ڄاڻين سنگ سڳي جو.

تنهنجا پير پڄي ويا سانئڻ،
مرڪي پيو آ رنگ گهٽي جو.

عشق اورانگهي ويو ديوارون،
ليڪيل پيرو رات ڀڳي جو!

 

ڪو سيد ڪو ڀنگي سڏجي،
ڇا لئه ايڏو فرق مٽي جو!

پيار تي اڄ ڀي ساڳيا پهرا،
دور ڪيڏو آ سوچ ننڍي جو!

سجني بُت تي ڳاڙهو جوڙو،
ڄڻ ڪو شعلو ميڻ بتي جو.

انگ انگ ۾ ٿي مکڙي مرڪي،
واهه جو جلوو عمر ڪچي جو.
مصطفيٰ ارباب

ملاح

وستي ۾ اچڻ کان اڳ

اسين درياهه ۾ رهندا هئاسين

اُن جي هنج ۾

اسان جا گهر

لڏندا رهندا هئا

درياهه ۽ اسين

ڪڏهن به هڪ ٻئي کان بيزار نه ٿياسون

پر جڏهن

هڪ قانون

درياهه ۾ رهڻ کي ڏوهه قرار ڏنو

ته اسين

ميدانن ۾ پوکيا وياسين

درياهه کان اچڻ وارا قاصد پکي

پنهنجي گيتن ۾

درياهه جي اُداسي جا داستان ٻڌائيندا آهن

پر هاڻي

وچ ۾ بُک جو وڏو فاصلو آهي

۽ اسان جا بدن به

ترڻ جو راڳ

ڀُلجي چڪا آهن

اسين درياهه تي نه ٿا وڃون

هُو وٺڻ لاءِ اچي وڃي ٿو.

نياز ملاح

              وائي

موٽي        اينداسين

ڪاڏي    وينداسين

                               تنهنجو  ساٿ   ڇڏي!

جيئڻ   جائز  آ مگر

پاڻ  نه  جيئنداسين

                              تنهنجو  ساٿ   ڇڏي!

ايندي ويل اُها جڏهن

روئي          ڏينداسين

                             تنهنجو  ساٿ   ڇڏي!

هيڏو  جيون  هيکلو

ڪيئن ڪٽينداسين

                            تنهنجو  ساٿ   ڇڏي!

سرتاج جاگيراڻي

غزل

ويٺي ويٺي درد اندر ۾ جاڳي پيو
ڄڻ ڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ جاڳي پيو

آڌيءَ ڌاري هوريان در تي ٺڪ ٺڪ ٿي
۽ ڪر موڙي نيٺ پڌر ۾ جاڳي پيو

ڪو نه اگهيا ڪنهن ڳوڙها پوڙهي جي ڳل تان
ساري تر جو درد پٿر ۾ جاڳي پيو

هوءَ اڃارا نيڻ کڻي وئي مندر ۾
مرڪي مرڪي گهنڊ مندر ۾ جاڳي پيو

مان ته چٽيان پيو منظر ساري ڌرتي جو
تنهنجو پاڇو اکر اکر ۾ جاڳي پيو

اسحاق سميجو

غزل

نظر نظر کي پڙهي ٿي، دليون دليُن کي پڙهن
صبح کي گل پڙهن ٿا، ڀنئور گلن کي پڙهن

اوهان جي سونهن اسان جي اکين کي هير وڌِي،
ته مستقل ئي اوهان جي، پيو خوابن کي پڙهن.

ڇڏي ويو، ته وڃي روح ملن روحن سان،
ڇڏي ڏيو، ته هي ڀاڪر وڃي ڇاتين کي پڙهن.

عجيب شهر ۾ منهنجا نظم لٿا آهن،
ڪي رُڳي فن ٿا ڪٿن، ڪي رڳي لفظن کي پڙهن!

جي زندگي گذارڻ جو فن نه ٿا ڄاڻن،
انهن کي چئو، ته وڃي شاهه جي بيتن کي پڙهن.

پڙهڻ جو عجب سلسلو شروع ٿيو آ،
”اسحاق“ نيڻ   پڙهي،    هُو سندس  شعرن کي    پڙهن.

اسحاق سميجو

غزل

ڪوئي ڪنهن لاءِ چاهه رکندو آ
ڄڻ مقدس گناهه رکندو آ.

سِڪ تو وٽ ڇو ٿورڙي آهي،
هُو تو لئه اٿاهه رکندو آ.

جيئن لاڪر ۾ ڪو رکي ڪا شيءِ
ائين تو ۾ ڪو ساهه رکندو آ.

پيار جو مانُ جن رکيو جڳ ۾،
مانُ تن جو الله رکندو آ.

وڻندي ناهي ”اسحاق “ کي پوءِ ڀي،
شاعريءَ سان نباهه رکندو آ.

 

حبدار سولنگي

بيت

سانجهيءَ ويلي اُڀ تي، مون کي ڀاسيو ايئن
سورج بنديا جيئن، ماٿي مٿان شام جي

شام اداسيءَ ۾ مٺي! ويڙهيل ڀاسي ٿي،
ائين لڳي ٿي، وڌوا جيئن ڪا سوچ ۾.

وڌوا ڪائي اوچتو، ياد ڪري ٿي ورُ،
سندس سارو گهرُ، کندر وانگي ٿو لڳي.

اونداهي آ رات ۽ چنڊ به چمڪيو ڪو نه،
”تو سا گڏ هوءَ ڇو نه “ سانت پُڇي ٿي رات جي.

ڦلڙي تنهنجي نڪ ۾، ڏاڍي ٺهندي آ،
ائين لڳندي آ، ڪوتا جيئن ڪتاب ۾.

تنهنجا جلوا او پرين!وڄ جا وسڪارا،
ڪيئن ڪن مون پارا، جن جو گهر آ جهوپڙي!

گُهور سندو هڪ گُل هو، ساجن اڇلايو،
جنهن هو مهڪايو، جيون منهنجو پل ۾.

آيو هُئو واءُ جان، جاني جيون ۾،
منهنجن نيڻن ۾، خواب کنڊائي ويو هليو.

ٿڪل قدمن ساڻ هو،موٽيو آ گهر ڏي،
پويان رستن تي، خواب وساري آئيو.

تنهائي ۾ رات جو، ڪمري جون ڀتيون،
ڄڻ ته چون ٿيون،شاعر گيت ٻڌاءِ ڪو!.

روبينه ابڙو

غزل

اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟
تو پنهنجي پويان آگم آگم ڪيڏا نيڻ رُلايا هِن!

ڪُجهه خواب اکين جي کِڙڪين مان ڏئي ڀڙڪوڪالهه اڏامي ويا،
مون تو لئه پوڀي ڪومل ڪومل سپنا چار بچايا هِن!

تون خالق هُئين تخليق بڻين ڄڻ مورت مان تصوير بڻين،
تون منهنجو ئي رهندو آهين توڙي سو روپ مٽايا هِن!
 

مان چُپ هان ڪائي ڳالهه ته آ، پوءِ هيڏا سڏ پُڪارون ڇو؟
تون ڄاڻين ٿو مون ڇا جي لئه هِي هيڏا سڏ لنوايا هِن؟
 

مان اچڻي ناهيان ڄاڻين ٿو پوڀي تون راهه نهارين ٿو،
مان وير جيان واپس ورندس تنهنجاسڀ خيال اجايا هن!

ڇا سوچين پيو، ٿو ڪيرُ ڦري هن ڌرتي کان امبر تائين،
ڇو بي ترتيب ستارن ۾ تو پنهنجا نيڻ وڃايا هن!؟

تون هرهرياد نه ڪرمون کي،ڏِسُ هينئن بربادنه ڪر مون کي،
مون ڏاڍي مُشڪل سان ساٿي تنهنجاڪجهه خيال ڀلايا هِن!!
 

مقالا

سمورا آسماني ڪتاب دراصل انساني وحدت جا پرچارڪ آهن ۽ حقيقت جا ڄاڻو به انهيءَ فڪر جا پرچارڪ هئا، پر ٿيو ائين جو انهن جي پوئلڳن پنهنجون پنهنجون ٽوليون ٺاهيون ۽ پنهنجي ٽولي جي ڳالهه کي سموري انسانيت جو اصل مقصد مڃي وِيٺا، هر قوم جي دعويٰ آهي ته اسان جو نبي آخري آهي ۽ اسان جو دين سڀ کان وڌيڪ سچو دين آهي، هر قوم ان جي ثبوت ۾ دليل ڏئي ٿي، برهان ۽منطق جي زور تي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ هر جتن ڪري ٿي، ٻين جي ڪتابن مان ڪمزوريون ڪڍڻ شروع ڪري ٿي، ڇا حقيقت جو ڳولائو اهڙي حالت ۾ پرِيشان نه ٿو ٿئي؟ آخري ڪيئن خبر پوي ته اصل هدايت ڪٿي آهي ۽ حق ڇا آهي؟ هن مونجهاري مان نڪرڻ جو صرف هڪ ئي حل آهي ته مذهبن جي اختلافن کي هڪ طرف رکو ۽ عام انسانيت جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ڪريو ته آخر مجموعي انسانيت جي طبعي تقاضا ڪهڙي آهي؟

مولانا عبيد الله سنڌي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com