سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :1

مهراڻ 1.2/ 1960ع

ايڊيٽر: غلام محمد گرامي

گذارش

شاهه لطيف جي 208 ساله ورسي.

واديء مهراڻ کي شاهه لطيف جهڙيءَ عظيم شخصيت جي ڪلام ۽ فن تي فخر حاصل آهي. شاهه صاحب جي شعور ۽ شاعريءَ جي ناقدن جو چوڻ آهي ته شاهه صاحب زندگيءَ جو ترجمان آهي. سندس شاعريءَ ۽ فن کي زندگيءَ جو فن سڏيو ويو آهي. سندس سماجي ۽ شعور، مشاهدا ۽ تجربا، رايا ۽ نتيجا نهايت تعميري، پائدار ۽ زندگي بخش آهن. سنڌ ۽ ان جي حالات، سماجي ردوبدل، مذهبي ماحول، عوامي زندگيءَ ۽ سياسي نظام کي شاهه صاحب رڳو سطحي حيثيت سان نه پر بصيرت وارين اکين سان مطالع ڪيو آهي، ۽ پوءِ هڪ پيغامبر جي زبان سان بيان ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪلام صحتمند قدرن جو حامل آهي. سندس ڪلام بي مقصد شاعريءَ واري لغوبياني، مبالغه آرائي، لفاظي، ۽ انشاپردازيءَ کان پاڪ آهي. ان سان گڏ، سندس ڪلام جو  افادي پهلو اهو آهي ته هو پنهنجي شاعريءَ کي ’ادب براي ادب‘ جي مهمل  ذوقيه پس منظر مان ڪڍي، ’ادب براي زندگي‘ جي روشن ۽ تابناڪ مقصد تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. سندس افاديت پسنديءَ کي جيڪڏهن نفسياتي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ، ته پوءِ واضح ٿئي ٿو ته سندس طريق ڪار حڪيمانه هو. شاه سنڌ جي مسلمه روايات ۽ اصطلاحات، لوڪ ڪهاڻين ۽ ضرب المثل لساني محاورات کي استعاري ۽ ڪنايي جي زبان ۾ بيان ڪري، ”سنديان را اصطلاح سند مدح“ جي مصداق پيغام ڏنو آهي؛ منجهس ڪا به اجنبيت ڪانه آهي، نه زبان جي لحاظ کان ۽ نه مواد جي لحاظ کان.

شاهه جي ڪلام جو حقيقت پسندانه پهلو اهو آهي ته منجهس زندگيءَ جا اهڙا زنده جاويد ۽ سدا حيات قدر موجود آهن، جي انسانيت جي هر زماني ۽ مڪاني سماج ۾ ڪارائتا ٿي سگهن ٿا. شاهه جو ڪلام ’حق، حسن ۽ خير‘ جي زنده تصوير آهي: ۽ اهي قدر اُهي آهن، جي انساني زندگيءَ سان تيستائين ساٿ ڏيو ايندا، جيستائين انسانذات بنهه بيذوق نه ٿي وڃي، يا ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي هميشه لاءِ مري کپي نه وڃي. شاهه جي اهڙي همہ گير ۽ آفاقي حيثيت کي اڳيان رکي، هن دور جا ناقد ائين چئي رهيا آهن ته شاهه صاحب کي دنيا جي عظيم ترين شاعرن جي صف اول ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ’سورلي‘ ته ان ڏس ۾ پوري تاليف دني اجي سڀني زبانن جي وڏن وڏن شاعرن کي پيش ڪري، انهن تي شاهه ترجيح ڏيئي، ثابت ڪيو آهي ته واديء مهراڻ جو ’لطيف‘ پنهنجي فن ۽ ڪمال جي حيثيت سان عظيم انفراديت ۽ اڪمليت جو صاحب آهي. هت جيڪڏهن ائين چئجي ته شعريت ۽ ترنم، افاديت ۽ نغمگي، مقصديت ۽ پائندگيءَ جي حيثيت سان ’شاهه‘ جو مقام مڙني کان مٿي آهي، ته ان کي بيجا نه سمجهڻ گهرجي: ’آنچہ خوبان همہ دارند، تو تنها داري‘. ڊاڪٽر ’ائنيمري شيمل‘، فاضل مذهبيات و علوم مشرقيه، پروفيسر ماربرگ يونيورسٽي (اولهه جرمني)، ته صاف صاف چيو آهي ته ’شاعريءَ جو اطلاق ئي شاهه جي شاعريءَ تي ٿئي ٿو، باقي همه هيچ!‘

شاهه صاحب جي فني عظمت جي ذڪر ۽ اعتراف کان پوءِ اهو سوال ٿو اُٿي ته سندس شخصيت ۽ فن متعلق اسان جي ادبي ذخيري ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون قابل فخر چيزون موجود آهن؟ سندس ڪلام جي شرح ۾ ڪهڙا معياري شاهڪار پيش ڪري سگهجن ٿا؟ آنجهاني گربخشاڻيءَ جي نامڪمل شرح کان سواءِ ڪا ٻي چيز لکي وئي آهي؟ جي نه، ته ڇو؟ اسان جا عالم سڳورا ۽ اديب حضرات ڇو خاموش آهن؟ ڪهڙا اسباب آهن، جن جي ڪري ڪابه مستند شرح نٿي تياري ڪري سگهجي؟ اسان جا علمي ۽ ادبي ادارا ڇا پيا ڪن؟ شرح ته شرح جي ماڳ، اسان کي ماتم ته متن جو ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ڪو رنج نه ٿئي ته هوند ائين چئي ڏجي ته اسان وٽ ته ’متن‘ به ڪونه آهي- چند پراڻيءَ ترتيت وارن نسخن کان سواءِ، ڪو به معياري متن ڪونهي. انهن ۾ رطب ويابس ته آهي ئي، پر خود ’بروو هندي ۽ ابيات مثنوي‘ به شايع ٿيندا آيا آهن‘ اها علمي تقليد ثابت ٿي ڪري ته نڪو اسانجن ناقدن کي احساس رهيو آهي، ۽ نه ناشرن کي ڪو خيال ٿيو آهي. وُهي نه وَهي، و‎ٺ رينگٽ کي‘ جي مصداق، هر ڪو لئيءَ مان لٺ ڀڃيو، شاهه جي اشاعت لاءِ ڀنڀليو گهمي؛ پر اسان وٽ ڪا اهڙي پهر به ڪانه آهي جا انهن کي سمجهائي.

وري به شڪر آهي جو سنڌ جي وڏي عالم ۽ مفڪر، علامه آءِ. آءِ. قاضي مدطله جي عظيم شخصيت، شاهه جي متن کي مڪمل طره تيار ڪيو آهي. اهو صحتمند رسالو ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران شايع ٿي رهيو آهي. اميد آهي ته متن جي مسئلي متعلق هيءُ نسخو پنهنجن سڀني اڳين نسخن کان وڌيڪ صحيح، معياري، صحتمند ۽ مستند ثابت ٿيندو. ان کان پوءِ شرح جو سوال آهي. ڇا، ان عظيم فني ۽ عالمانه ڪم لاءِ حضرت علام آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ذات والاصفات کان سواءِ ڪنهن ٻي طرف نظر کڻي سگهجي ٿي؟ اهو عين ممڪن آهي ته متن کان پوءِ شرح جو ڪم به پاڻ هٿ ۾ کڻن.

ان کان پوءِ مسئلو آهي ترجمي جو. جيستائين علمي ۽ فني اصولن جو سوال آهي، ترجمي متعلق ’ڪارلائل‘ جا اهي لفظ اڄ به مشعل رهاه ٿي سگهن ٿا، جن ۾ چيو اٿس ته ’ڪي ڪتاب اهڙا آهن، جي فقط اصل وارين زبانن  ۾ ئي مطالع ڪري سگهجن ٿا، جن جو ترجمو ڪرڻ ۽ ان کي نباهڻ محال نه ته مشڪل ضرور آهي- اهي آهن ويد، توريت، انجيل ۽ قرآن‘. ڪارلائل جي انهيءَ ارشاد کي اڃا به هن طرح مڪمل ڪري سگهجي ٿو: ’ويد، توريت، انجيل، قرآن،- ۽ شاهه جو رسالو‘. اها حقيقت آهي، پر آهي تلخ، ته اسان جي علاقائي ٻولين- بنگالي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ ۾ ته نه، پر خود اردو، فارسي، انگريزي ۽ عربي زبانن ۾ به شاهه کي ترجمو ڪرڻ نهايت مشڪل ڪم آهي. سنڌي ٻوليءَ جي جزالت، پختگي، شيريني، نماڻائي ۽ سٻاجهائي، ترنم ۽ موسيقيت ته اڳ ئي مسلم آهي، پر ”شاهه“ جي فن ۾ ته اها زبان ’دو آتشه‘ ٿي ڪم آئي آهي، جنهن جو منظوم ترجمو ڪرڻ نهايت غير ذميدارانه قدم ٿيندو. مناسب ائين آهي ته شاهه جي ترجمي کان قطع نظر، سنڌي زبان ۽ ادب جي تحصيل جا اسباب پيدا ڪيا وڃن: دنيا جي طالبن کي سنڌي پڙهائجي، ۽ ان کان پوءِ شاهه جي شاعريءَ سان تعلق رکندڙ علوم عاليه ۾ تحصيل ڪرائي، کين ”شاهه جو رسالو“ ڏجي. ”سسئي ۽ سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾“- پاڻيهي پيا سمجهندا ۽ شرحون ڪندا. ناقص صورتن ۾ شاهه جر ترجمي ڪرڻ جي بدعت کان بچڻ، پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ علمي خدمت ٿيندي. اردوءَ ۾ پڻ جيڪي ڪجهه ترجمي جا نمونا هٿ اچي سگهيا آهن، يا مجلسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا، تن مان ڪن غير سنڌين جا مضحڪه خيز حد تائين ناقص آهن، جن کي ٻڌڻ کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته ’ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿڙا کڻي!‘ ڪٿي رهيو ’شاهه‘، ۽ ڪٿي رهيو ناقص ۽ ڦڪو ۽ ڪُجسو ترجمو!‘ ’چہ نسبت خاڪ را با عالم پاڪ!‘ خود ’سورلي‘ جي انگريزي منظوم ترجمي کي به عالمن ۽ ماهرن پسند نه ڪيو آهي، تاهم اسان جي چند انفرادي ڪوششن ۾ ٻه چار اردو ترجما اهڙا به ملي سگهن ٿا. جن مان ڪي ٿورا ڪنهن حد تائين آزاد ترجمو چئي سگهجن ٿا. ان ڏس ۾ رفيق خاور، شيخ اياز، آغا تاج محمد، حفيظ هوشيارپوري، ابن انشا، لطف الله بدوي، رشيد لاشاري، رئيس امروهوي، وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. اهي ڪاوشون اڃا ابتدائي  تجرباتي ئي آهن؛ اڃا گهڻيءَ ڇنڊڇاڻ، رياض ۽ مشق، محنت ۽ مشقت جي ضرورت آهي. شاهه جي شاعرانه هئيت کي آزاد نظم ۾، گيتن ۾، غزلن ۽ مثنوين ۾ پيش ڪرڻ ته نهايت غلط قدم آهي؛ البته هندي شاعريءَ وارن دوهرن ۾ پيش ڪرڻ کي نظرانداز سو نٿا ڪري سگهون، پر افسوس جو ان طرف توجهه آهي ئي ڪونه! سهل پسنديءَ جي ڪري، شاهه جي شاعرانه هئيت کي اهڙا قالب ۽ اسلوب پهرايا وڃن ٿا، جن کي نه ذوق جمال پسند ٿو ڪري، ۽ نڪا طبع سليم ئي گوارا ڪري ٿي. ڪاش، اسان جا اديب، عالم ۽ فنڪار ان طرف توجهه فرمائين، ۽ سنڌي ادب جي عظيم ورثي کي هروڀرو بازاري شهرت نه ڏين، نه ان کي معاشي ذريعو بنائين، ۽ نه وري ان کي ادبي نيڪناميءَ جو آسان طريقو سمجهن. رڳي ترجمي جي نه، پر شاهه جي مطالب ۽ خيالات، افڪار ۽ جذبات جي ترجمانيءَ جي اشاعت جي ضرورت آهي. ظآهر اهي ته اها ضرورت فقط نثر پوري ڪري سگهي ٿو، ۽ نه نظم. نظم جي محدود صنف ’شاهه‘ جي ترجمانيءَ لاءِ ناڪافي آهي. ان لاءِ نثر جهڙي وسيع صنف گهرجي- پوءِ ڀلي انگريزي، اردو، فارسي، عربي، بنگالي، پنجابي، پشتو، هندي ۽ چينيءَ ۾ لکيو وڃي.

شاهه جو پيغام

سنڌ جي شاهه لطيف جو ڪلام ۽ فن ڪيتريقدر زنده ۽ صحتمند آهي، تنهن بابت وزير تعليم مسٽر حبيب الرحمان، ڀٽ شاهه ۾ شاهه صاحب جي 208 ساله ورسيءَ جي تقريب جو افتتاح ڪندي، پنهنجيءَ تقرير ۾ جو ڪجهه چيو آهي، اهو غور طلب آهي:

”شاهه لطيف جو پيغام ساريءَ انسانذات لاءِ آهي، ۽ هر زماني لاءِ آهي. هن اعليٰ هستيءَ جو پيغام انسانذات لاءِ تعميري پيغام آهي.

”شاهه صاحب هتي جي تمدن جو روح آهي. ان سان گڏ، خود اسلام جو روح به شاهه ڀٽائيءَ کان حاصل ڪرڻ گهرجي. بيشڪ اسان کي مذهب عزيز آهي؛ ليڪن ان جو بي روح ۽ بيسود نظام نه، پر روح آفرين ۽ زندگي بخش تڪبير گهرجي، جو پڻ شاهه صاحب وٽ موجود آهي.“

ان سلسلي ۾ هن علائقي جي گورنر، نواب امير احمد خان آف ڪالاباغ، ٻئي ڏينهن جي صدارتي تقرير ۾ فرمايو:

”شاهه لطيف هڪ جامع ۽ ڪامل شخصيت جي حيثيت سان وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آهي. سندس تبليغ، ارشادات، ڪلام- سڀ روح آفرين ۽ وجد انگيز آهن. سندس ڪلام قلب جي زندگيءَ لاءِ سامان پيدا ڪري ٿو.“ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر ۽ ’ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جي چيئرمين مسٽر نياز احمد فرمايو:

”شاهه هڪ حڪيم ۽ فلسفيءَ وانگر حل پيدا ڪيو ته خدا ۽ بندي جي تعلق کي سمجهائڻ سان ئي بديءَ کي ختم ڪري سگهجي ٿو، ۽ اهو واسطو ۽ ناتو عشق سان پيدا ٿئي ٿٿو. اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب پنهنجي شاعريءَ ۽ راڳ جو بنياد عشق جي مذهب تي رکيو.“

ثقافتي مرڪز لاءِ چيائين:

”جا قوم پنهنجي تهذيب ۽ ادب کي نظرانداز ڪري ٿي ڇڏي، تنهن کي زنده رهڻ جو ڪو حق نه آهي. ان سلسلي ۾ ’ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز‘ پاران هڪ ڪتبخانو، هڪ عجائب گهر، هڪ موسيقيءَ جو مڪتب، ۽ هڪ تحقيق جو مرڪز قائم ٿي رهيو آهي، جن مان شاهه جا شائق ۽ محقق استفادو ڪري سگهن ٿا.“

اميد آهي ته ثقافتي مرڪز پنهنجين نيڪ تمنائن جي سلسلي ۾ ثمر آور ثابت ٿيندو، ۽ ان کي شاهه جي محققن ۽ عالمن لاءِ استفادي جو هڪ بهترين ذريعو قرار ڏيئي سگهبو.

مهراڻ

”مهراڻ“ پنهنجي ’نشاة ثانيه‘ جي دور ۾، 1955ع کان اڄ تائين، حتي المقدور زندگي بخش ۽ صحتمند قدرن جو حامل رهندو آيو آهي. ان دور جي ابتدا کان، ’مهراڻ‘ مسٽر محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ شروع ٿيو، ۽ آءٌ سندس رفيق ڪار ۽ مئنيجنگ ايڊيٽر هوس؛ ان کان پوءِ مسٽر محمد عثمان ڏيپلائي ۽ مسٽر شمشير الحيدري آيا. ادارت جي سلسلي ۾، جويي صاحب کان پوءِ، علامه دائود پوٽي ۽ پير حسام الدين راشديءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. ان دور ۾ ’مهراڻ‘ جو شخصيات نمبر جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب ترتيب ڏنو، جو سنڌ جي سوانحي ادب ۾ پنهنجي نموني جي واحد معلومات افزا چيز آهي. علامه دائودپوٽي جي وفات کان پوءِ ادارت جي ذميداري منهنجي سپرد ڪئي ويئي، ۽ مسٽر حيدريءَ جهڙو پختو فنڪار ۽ اديب رفيق ۽ معاون ڪار آهي.

انهن چند دورن ۾ ’مهراڻ‘ جي معنوي ۽ افادي حيثيت ۾ ڪو به فرق اچڻ نه ڏنو ويو آهي. البته پڙهندڙن جو علمي معيار ۽ ادبي ذوق جڏهن ته هر خيال کان جداگانه حيثيت جو ٿئي ٿو، تڏهن لازمي طور ڪن دوستن جي نظر ڪن اوڻاين تي پوي ٿي، ته ڪي اديب انهن اوڻاين کي قدر جي نگاهه سان ٿا ڏسن. پسند ۽ نظر جو اهو اختلاف هڪ لازمي امر آهي، جنهن کان ڪوبه بچي نٿو سگهي، جنهن تي ته نه اسان کي خوشي آهي نه غم. اسان جي اڳيان نه ڪنهن خاص حلقه فڪر جي تبليغ مد نظر آهي، ۽ نه ڪنهن خاص شخصيت جي ذاتي ذوق جي پيروي مقصود آهي، تنهنڪري نه ڪنهن جي تائيد تي خوش آهيون، نه ترديد تي رنجيده؛ اسين فقط ادب ۾ زندگي بخش ۽ فڪر انگيز مواد پيش ڪرڻ کي پنهنجو فرض ۽ حق ٿا سمجهون. ان حيثيت سان اسين ڪيتريقدر ڪامياب ٿيون ٿا، ان جو دليل خود ’مهراڻ‘ آهي. پڙهندڙن جي خوشنودي ۽ تحسين آفريني، نڪته چيني ۽ سخن فهميءَ متعلق نه ڪا اسان کي شڪايت جي گنجائش آهي، ۽ نه ڪا ضرورت. اسين پنهجي حال آهر مخلصانه خدمت ڪندي افادي ۽ مقصدي، تعميري ۽ زندگي بخش جدوجهد جي راهه ۾ هر ان ننڍيءَ وڏيءَ خدمت تي مطمئن آهيون، جنهن جي پس منظر ۾ نڪو شهرت جو خبط آهي، ۽ نه معاشي ڦرلٽ جي نيت--پوءِ ڀلي ته اسان جي ڪا خدمت ڪن ٻن چئن پڙهندڙن کي نه به آئڙي. اسان جي ڪاوش ۽ مخلصانه جدوجهد جو ته اندازو اهي ئي لڳائي سگهن ٿا، جي ’ڦُلن مُٺ‘ تي، پيٽ تي پٿر ٻڌي، هڙئي آسرا پلي، جُڙيءَ کي جس چوندي، ههڙي قسم جون خدمتون سرانجام ڏين ٿا، ۽ نڪته چين حضرات جي نڪته آفريني به برداشت ڪن ٿا. اسان کي اهو اطمينان آهي ته اسان جا نڪته چين نڪو بيذوق آهن ۽ نڪو ساده دل. آخر ۾ اسين نهايت خلوص ۽ احترام سان عزيز ناظرين کي التماس ٿا ڪريون ته هو پنهنجي محبت آميز تعلق ۽ ادب پرور جذبات سان اسان جي حوصله افزائي دستور موجب ڪندا ايندا، ته پوءِ:

نه ڪو جنّ جهان ۾، نه ڪو سُجهي نانگ،

سسئيءَ ڇڏيو سانگ، ته ڇپر مڙيئي ڇاڙڪي.

(شاهه)

سنڌي ادبي بورڊ

ان سلسلي ۾ ادبي بورڊ جي اشاعتي معاملات تي به ڪجهه مبهم اشارا پيا ڏسجن ۽ ٻڌجن. ان متعلق رڳو ايترو چوڻ ڪافي آهي ته علاقائي ادب جي مڙني ادارن جي جانچ پڙتال کان پوءِ ئي ’پنهنجي اداري‘ کي ڏسڻ گهرجي ته هن وانگر مختلف علوم ۽ فنون تي معياري ۽ محققانه ڪتابن جي اشاعت، انهن جي ديده زيب ڇپائي ڪٿي نظر اچي ٿي، ۽ صحت ۽ فن جي آميزش جو ڪو اهڙو عمدو مثال هيتري عرصي ۾ پيش ٿي سگهيو آهي؟ هن وقت تائين سنڌي، اردو، پارسي، عربي ۽ انگريزي ڪتاب شايع ٿيا آهن، ۽ علم و فن جي هر صنف تي معياري مواد پيش ڪيو ويو آهي. ضرورتن ۽ حالتن آهر، ڪتابن جي انتخاب ۽ اشاعت جو سلسلو هلي رهيو آهي. شعر و ادب، دين ۽ تصوف، ناول ۽ ڪهاڻي، سيرت ۽ تاريخ، سائنس ۽ صحت، لغت ۽ گرامر تي هن وقت تائين جي ڪتاب شايع ٿيا آهن، انهن جي معيار ۽ فني مقام کي هر نقته نظر سان عالمن ۽ ناقدن ساراهيو آهي. سندن ان غير جانبدارانه راءِ کي احترام جي نظر سان ڏسڻ گهرجي.

هن پرچي جو مواد

’مهراڻ‘ پنهنجي معنوي حيثيت سان هميشه فڪر انگيز، زندگي بخش ۽ صحتمند قدرن کي روشن ڪندو آيو آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌي ادب ۾ ’مهراڻ‘ جي ان صحتمند ترتيب ۽ اشاعت جو ٻيو دور، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي لائق سيڪريٽري مسٽر محمد ابراهيم جويي جو مرهون منت آهي. ’مهراڻ‘ جي مواد جو انتخاب ترتيب پنهنجي معاصر اردو، بنگالي، بلوچي، پنجابي ۽ سنڌي رسالن کان نه فقط زياده معياري رهندو آيو آهي، پر ان سان گڏ جديد قدرن جو حامل ۽ ترجمان رهندو آيو آهي. ’مهراڻ‘ جي ان ترتيب جي پسندگيءَ ۽ مقبوليت جو اهو عالم آهي جو نه ته ان جهڙو مثال پيدا ٿي سگهيو آهي، ۽ نه ان قسم جي مواد جي ڪو دستيابيءَ ۽ انتخاب لاءِ ايتري ڪاوش ۽ محنت ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان ڏس ۾ ’مهراڻ‘ پنهنجي انفراديت قائم ڪيو بيٺو آهي. ’مهراڻ‘ جي مواد جي انتخاب، صحتمند ۽ زندگي بخش پيشڪش جو صحيح اندازو ته اهي حضرات ئي لڳائي سگهن ٿا، جن جي نظر علم و فن جي وسيع مطالعي تي هوندي، يا جن ڪڏهن معياري رسالن جي اشاعت ۽ ترتيب جهڙي دشوار گذار واديءَ ۾ قدم رکيو هوندو. صحتمند ۽ بلند معيار لکندڙن جي اڻاٺ هوندي به، پنهنجي حال آهر، علم ۽ فن جي هر صنف تي ڪجھ به پيس ڪيو وڃي ٿو، اهو علمي ۽ فني حلقن ۾ جن تحسين جوڳين نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو، اهو اسان لاءِ دلي مسرت جو سبب آهي. ان سان گڏ اهو به عرض ڪرڻ مناسب آهي ته اهو سڀڪجهه اسان جي اهل علم بزرگن ۽ جوان دل اديبن جي تعاون ۽ تعلق جو بيّن ثبوت آهي، جي پنهنجون ڪاوشون مهرباني ڪري اسان ڏانهن موڪلي وڙ ڪن ٿا.

هن شماري ۾، دستور موجب، فڪر ۽ فن تي مختلف علمي ۽ ادبي ڪاوشون پيش ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ اهو ظاهر ڪرڻ مناسب آهي ته هن رسالي جو گهڻو تڻو مواد ”سنڌي ادبي سنگت“ حيدرآباد پاران گذريل فيبروريءَ ۾ منعقد ڪيل ’پهرين سنڌ سنڌي ادبي سنگت ڪانفرنس‘ ۾ پيش ڪيل چونڊ تحريرن تي مشتمل آهي، جن کي مطالع ڪرڻ کان پوءِ چڱيءَ طرح سمجهي سگهجي ٿو ته اسان جي سنڌي ادب جا صالح عناصر فني لحاظ کان ڪيتري نه صحتمند ۽ فڪري صلاحيت رکن ٿا. اميد ته اهي سپوت، اڳتي هلي، سنڌي ادب جي بيش بها خدمت ڪري سگهندا، ۽ پنهنجي دور جا مخلص ۽ معمار ثابت ٿيندا.

معذرت

آخر ۾، رسمي طور پر مخلصانه نموني ۾، ’مهراڻ‘ جي قارئين ڪرام وٽ معذرت خواهه آهيون، جن ’مهراڻ‘ لاءِ هن ڀيري به ڪافي انتظار جون گهڙيون گذاريون هونديون. اها به خوشي اٿئون ته اسان جا مهربان اسان جي مجبورين کي محسوس ڪري چڪا آهن، ۽ درگذر ڪرڻ ۾ اڃا نڪو ٿَڪا آهن، ۽ نڪو ڪاوڙيا آهن. سندن وڏي مهرباني ته اها آهي جو هو ’مهراڻ‘ سان پريت جا پيچ پختا رکيو ٿا اچن، ۽ عيب ثواب جاچڻ لاءِ نه کين فرصت آهي ۽ نه وٽن ڪا گنجائش آهي؛ ناتو نباهيندا اچن، ۽ اهائي سندن وڏي ڪرم فرمائي آهي.

’جگر‘ مراد آبادي جي وفات.

اهل ذوق ۽ علم دوست حلقن لاءِ ’جگر‘ مراد اباديءَ جي وفات هڪ عظيم ادبي سانحي جي حيثيت رکي ٿي. ’جگر‘ 9- سيپٽمبر 60ع، تي اُتر پرديش (ڀارت) جي گونڊا ڳوٺ ۾ ستر ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي آهي. گويا ’مير‘، ’مومن‘، ’داغ‘ ۽ ’حسرت‘ جي دبستان جو آخري چراغ اُجهاڻو آهي؛ ۽ ان سان گڏ تغزل جو اهو دور به ختم سمجهڻ گهرجي، جنهن جا اربع عناصر ’حسرت‘، ’فاني‘، ’اصغر‘ گونڊوي ۽ ’جگر‘ مراد آبادي هئا. انالله و انا اليہ راجعون.

’جگر‘ جو اصلي نالو علي سڪندر هو، ۽ 1890ع ۾ مراد آباد ۾ پيدا ٿيو. ’جگر‘ مراد آباديءَ کي هن دور ۾ ”رئيس المتغزلين“ سڏيو ويو آهي. سندس ڪالم جي شهرت هند ۽ پاڪ کان ٻاهر، اسلامي ملڪن، بلڪه روس تائين پهچي چڪي آهي. اڳئين سال روس مان آيل ثقافتي وفد جي هڪ عورت ميمبر، دهليءَ ۾ ’جگر‘ جي فن تي نه فقط مقالو پڙهيو هو، پر ان سان گڏ چيده چيده ڪلام به پيش ڪيو هئائين. ڀارت جو وزيراعظم پنڊت جواهر لال نهرو سندس خاص مداحن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. تازو ’هندو ساهتيه سميلن‘ (جنهن جو صدر به پنڊت جواهر لال وزيراعظم هند آهي) ’جگر‘ جي علمي ادبي خدمتن جي اعتراف طور ”اڪيڊمي ايوارڊ“ پيش ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ عليڳڙهه يونيورسٽي کيس ’ڊاڪٽر آف لٽريچر‘ جي اعزازي ڊگري پڻ ڏيئي چڪي آهي. تازو هندستان ۾ سندس گولڊن جبليءَ جي تياري پڻ هلندڙ هئي، جا سندس وفات ڪري ملتوي ٿي ويئي. سندس ڪلام جي مجموعن ۾ ”آتش گل“ ۽ ”شعلهء طور“ نهايت بلند مقام غزليه شاهڪار آهن.

-غ. م. گ.

وچ ميدان محبت والي، اپنا سر سٽيسان- هادي دا سُنهن هي!

بات اُهائي اَڳي آکيم، واتي سنا ڪين مَٽيسان- هادي دا سُنهن هي!

مَي دا پيالا، محبت والا، پِيسان، سئو جام جهٽيسان - هادي دا سُنهن هي!

ڳالهه هادي دي ظاهر ڪرسان، لوڪان دي ڳالهه لَٽيسان - هادي دا سُنهن هي!

بازي کِليسان نال ياران دي، ڏيکو جا مين کَٽيسان - هادي دا سُنهن هي!

رانجهو سائين ملڪ ’سچو‘ دي، کيڙان دي پاڙ پَٽيسان - هادي دا سُنهن هي!

- سچل سرمست

روئڻ کؤن ن رهن، آيل! اهي اکيون،

سڀڪنهن ويل وَهن، آٿن اثر اوهيرن جا.

 

لحظي نه لاهين، بار مٿن برسات جا،

اکين کي آهين، اثر اوهيرن جا.

 

بادل وارا بار، باري چشمن تي چڙهيا،

روئن زارو زار، اَٿن اثر اوهيرن جا.

 

آگم اکڙين کي، سدائين آهين،

سي ڪئن اوگائين، جن کي اثر اوهيرن جا.

 

اکين کي آگم، آهن سدائين، سرتيون!

گوندر گڏيون غم، اٿن اثر اوهيرن جا.

 

لايو پِرت پَسن، آؤن آگم اکين سَريا،

سي تان ڪئن نه وَسن، جن کي اثر اوهيرن جا.

 

ڏسن ۽ رُئن، اِها عادت اکين کي،

سي سرهيون شال هُئن، جن کي اثر اوهيرن جا.

- سچل سرمست

بيت

شيخ ’اياز‘؛ محمد سومار شيخ؛ محمد خان ’غني‘؛ عبدالجبار ’شام‘

دوها:

شيخ ’اياز‘؛ ’تنوير‘ عباسي

ڪافيون:

ڊاڪٽر علي احمد قاضي؛ محمد خان ’غني‘؛ ميران محمد شاهه ’مير‘؛ مير محمد ’ميرل‘؛ ’آشا‘ درگاپوري؛ ’سرشار‘ عقيلي

گيت:

’تنوير‘ عباسي؛ موتي پرڪاش؛ ’منظور‘ نقوي؛ نارائڻ ’آشا‘؛ ’محسن‘ عباسي؛ ’سليم‘ ڳاڙهوي؛ ڪرشن ’راهي‘؛ نند لعل ’نندن‘

نظم:

گوورڌن محبوباڻي، عبدالڪريم ’گدائي‘؛ لکميچند ’پريم‘؛ ’تنوير‘ عباسي؛ ’ذوالفقار‘ راشدي؛

’نياز‘ همايوني؛ ا. ح. جئسنگهاڻي؛ ’سليم’ ڳاڙهوي.

آزاد نظم:

سراج، شمشير الحيدري

لوڪ گيت:

رائچند چيلهار

غزل:

سوڀراج نرملداس ’فاني‘؛ شيخ ’اياز‘؛ ’تنوير‘ عباسي؛ رشيد ’ارشد‘؛ علي محمد ’مجروح‘؛ شيخ ’راز‘؛ حسين بخش ’خادم‘؛ عبدالله ’خواب‘؛ سڳن آهوجا؛ ارجن چاولا ’سائل‘؛ شعبان ’بخت‘؛ ’اوج‘ علوي؛ ’الطاف‘ عباسي؛ ’ولي‘ سرشاري؛ ’ناز‘ حيدري؛ شمشير الحيدري.

”شعر ۽ شاعر جو مقصد اهو ئي هئڻ گهرجي ته هو انهن ئي جذبن جي ترجماني ڪري، جيڪي دنيا کي ترقيءَ جي راهه ڏيکايندا هجن؛ انهن جذبن تي نفرين ڪري، جيڪي دنيا کي اڳيان وڌڻ کان روڪيندا هجن؛ ۽ اهو انداز بيان اختيار ڪري، جيڪو گهڻن کان گهڻن ماڻهن جي سمجهه ۾ اچي سگهندو هجي: ڇا لاءِ جو، بهرحال، زندگيءَ جو مقصد پڻ اهوئي آهي ته وڌيڪ کان وڌيڪ ماڻهن جو، وڌيڪ کان وڌڪ ڀلو ٿئي.

”شعر ۽ شاعر جو پهريون مقصد اهو ئي هئڻ جُڳائي ته دنيا مان قوم، وطن، رنگ، نسل ۽ مذهب جي تفريق مٽائڻ جي تلقين ڪري، ۽ اُنهيءَ جماعت جو ترجمان هجي، جا انهيءَ نصب العين کي پيش رکندي هجي، ۽ عملي اقدام ڪندڙ هجي.

”انهن شاعرن جا شعر پڙهو، ۽ مَک وانگي منهن مٿو پِٽيو، جيڪي، جڏهن ملڪ جي قسمت جو فيصلو ٿي رهيو هجي، يا ملڪ ۽ ملت ظلمات ۾ هٿوراڙيون ڏيندڙ هجن، تڏهن اهي حضرت ٽُڪر ڀور ڇڏائڻ ۽ پنهنجا ڀڀ ڀرڻ جي خيال کان سواءِ ٻيو ڪجهه به سوچي نٿا سگهن؛ ۽ جيڪڏهن ڪجهه سوچين ٿا، تڏهن به بزدلانه ۽ رجعت پسندانه طريقن سان، جيڪي زندگيءَ، انسانيت توڙي شاعريءَ لاءِ شرم جو باعث هجن!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com