سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :6

مهمانن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. شفيق ٿورو پاڻ سنڀاليندي چيو: ”آءٌ ته هن لاءِ بنا ٽنگن جي بيهڻ لاءِ به تيار آهيان؛ پر مون کي فڪر تنهنجو آهي، ادي پروين! تنهنجي تپسيا به ته ياد اٿئون! ’پرويز‘ جو اڳيون مڱڻو به اڃا تائين ڪنهن کي به ڪين وسريو آهي. لک صلاتون پڙهي، ٺڪريءَ تي مٿو ٽيڪي، پنهنجي نرڙ تي اهو داغ وڌءِ، تڏهن مس مس وڃي مڱڻو ٽُٽو! پوءِ ٻه مهينا ’فِنگرس ڪراس‘ ڪري، آڱر تي آڱر چاڙهي اها آرزو ڪندي رهينءَ ته شل پرويز ملئي- تڏهن وڃي ساڻس شادي ٿي! ڪيئن، پرويز؟“

پروين پرويز ڏانهن ڏسندي حجاب کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو. شفيق جي چوڻ جو انداز، صلاتن پڙهڻ ۽ مٿي ٽيڪڻ جي نقل ڪرڻ جو نمونو ئي اهڙو هو جو سندس هر جملي تي ٽهڪ گونجڻ ٿي لڳا.

پرويز پنهنجيءَ زال جو بچاءُ ڪندي چيو: .تون کڻي ڇا به چئين، پر ويهڻ لاءِ جاءِ ڪانه ملندءِ!“

”اوهو، اوهان کي ڳالهائڻ به اچي ٿو، سا اڄ خبر پيئي. ’خورشيد‘ واري خط کان پوءِ ته اوهان کي ڳالهائڻ لاءِ واقعي داد ڏيڻو پوي ٿو.“ شفيق جي چهري تي هڪ سنجيدگي بکڻ لڳي هئي. البت سندس چپن جي ڪنارن ۾ اڃا تائين اڻلَکي مرڪ نچي رهي هئي.

”خورشيد وارو خط؟“ پرويز ٿورو اچرج مان چيو.

”چُه چه چه ..... مون کي ڳالهه ئي وسري ويئي ته ادي پروين به ويٺي آهي! هيءَ مرداني راز جي ڳالهه ڪرڻ ڪين گهربي هيم.“

شفيق جي سنجيدگيءَ ۽ لهجي جي انداز تي باقي مهمانن جو توجهه اڳي ئي ڇڪجي چڪو هو، انهيءَ جملي هڻي وڃي هنڌ ڪيو. نيٺ پروين ٿورو هٻڪي چيو، ”ڇا جو خط؟ ڪهڙي خورشيد؟“

شفيق به گهٻراهٽ منهن تي آڻيندي مهمانن ڏانهن ڪجھ اهڙي طرح ڏٺو، ڄڻ چوندو هجي ته ’ٻڌايانس يا نه؟‘ شميءَ کان سواءِ سڀني جا چهرا اڻلَکي انتظار ۽ پريشانيءَ جو مظهر هئا- شفيق ڪجهه کنگهندي چيو، آءٌ نٿو چاهيان ته ٻن محبتي زال- مڙسن ۾ منهنجيءَ ڳالهه ڪري ڪو ويڇو پوي. ان ڪري، مناسب آهي ته هيءَ ڳالهه اِتي ئي ختم ڪئي وڃي!“

پروين ٿورو چڙي چيو، ”اوهين مرد هميشه هڪٻئي جا راز رکندا آهيو. اسين زالون ئي آهيون جو ڳالهه پيٽ ۾ ٽڪيئون ئي ڪانه. پر اڄ، شفيق، توکي ٻڌائڻو ئي پوندو ته اها خورشيد ڪير آهي، ۽ هن پرويز کي ڪهڙو خط لکيو هو!“

محفل ۾ ڪجھ بي ربط ذهني ڪشمڪش ۽ اُڻتُڻ ڇانئجي ويئي. نيٺ انوءَ ڪجھ خفي ٿي چيو، ”شفيق، هيءُ ڪهڙو راڳ شروع ڪيو اٿئي. توکي اڄ ڇا ٿي ويو آهي!“

ڪجھ به نه، اڃا تائين ته دماغ درست اٿم. کڻي ڀائو پرويز کان پڇ...“ ۽ هن پرويز ڏانهن ڪجھ اهڙين نظرن سان ڏٺو، جن ۾ هڪٻئي کي سمجهڻ جي هم آهنگي اچي ويئي.

پرويز ٿورو وڌيڪ سنجيده ٿي چيو، ”ڀائو شفيق کان ڀُل ٿي ويئي جو خورشيد جي ڳالهه ڪڍي ويٺو آهي. پر هاڻ بهتر آهي ته آءٌ پاڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪريان.“ سڀ پرويز ڏانهن متوجهه ٿي ويا. زالن ۾ بيچيني وڏي ويئي. پروين جو منهن لهي ويو. پرويز ٿورو هٻڪندي چيو: ”مون وٽ هڪ طلاق جو ڪيس آيل آهي، جنهن ۾ دانهڻ هڪ شاهوڪار عورت آهي. سندس نالو خورشيد آهي. ڪيس جي دوران ۾ ئي هن سان ملاقات ٿيم. هڪڙي ڏينهن سندس ڪار خراب ٿي پيئي، سو گهر پنهنجيءَ ڪار ۾ ڇڏي آيوسانس. ايترو اعتراف ڪرڻو پويم ٿو ته سندس حسن بهارن جو ڄاول آهي، برفن جو نپايل آهي، ۽ رنگينين ۾ جوان ٿيو آهي. آءٌ ته خير انسان آهيان؛ فرشتا به ڪر هن جي حسن جو تاب جهلي سگهن، ان ۾ شڪ اٿم. ڪجھ ڏينهن ٿيا، هن هڪ خط لکيو آهي،- جنهن ۾ مون سان محبت جي اعتراف سان گڏ سپردگيءَ جي دعوت پڻ آهي. طلاق هوءَ اڳي ئي حاصل ڪري رهي آهي، ۽ هاڻ مون سان نڪاح وجهڻ جي دعوت ڏني اٿس!“

پروين باهه ٿي ويئي- ”پوءِ ڇو نٿا شادي ڪريوس، ايترا ڏينهن هن سان ملاقاتون ڪيون اٿوَ! آءٌ به چوان، اوهان جو هيءُ بدليل رخ ڪنهن ڳالهه جي ڪري ئي ٿو ڀانئجي!“

شفيق چيو، ”ادي پروين، منهنجي سموري همدردي توسان آهي!“

”اها همدردي رکو پاڻ وٽ!“ ائين چئي، پروين سڏڪو ڀري، منهن تي هٿ ڏيئي ٻاهر نڪرڻ تي هئي ته پرويز کڻي ڀاڪر ۾ جهليس. ان سان گڏوگڏ شفيق، شميءَ، انوءَ ۽ پرويز گڏجي ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. هنن جي ٽهڪن سڄيءَ ڳالهه کولي ظاهر ڪيو، ۽ باقي مهمان به کلڻ لڳا. پر زيبيءَ البت چئي ڏنو، ”اوهين وڏا ڪي بيدرد آهيو. ويچاريءَ پروين کي ڇو کڻي اوهان مذاق جو نشانو بنايو آهي!“

پرويز جي ٻانهن ۾ پروين جي سڏڪن جي رفتار گهٽجي چڪي هئي. شفيق چوڻ لڳو، ”مون کي ته، ادي، رڳو اهو ثابت ڪرڻو هو ته پروين جي تپسيا وڌيڪ يا منهنجي!“

انوءَ کلندي چيو، ”هڪڙو فائدو ته اهو ٿيو آهي جو پروين ماني ڪانه کائيندي! ڀلا روئڻ ۾ ڪهڙو کاڌو وڻندو. اديءَ پروين جو کائڻ ته هونئن ئي مشهور آهي!“

پرويز چوڻ لڳو، ”تون دل ڌوئي دکيءَ ۾ رک. روئڻ کان پوءِ ته هن جي کائڻ جي حِس پاڻ تيز ٿيندي آهي. روئڻ ته ڄڻ هن لاءِ ’اپيٽائيزر‘ (appetizer) آهي!“

پروين به کلڻ لڳي. سندس ڳلن جي شبنمي ڪيفيت، کل جي سرخي اختيار ڪرڻ لڳي- ۽ محفل ۾ وري ٽهڪ راڄ ڪرڻ لڳا.

ڪنهن به ڳالهه ڪرڻ کان اڳ، شفيق جي معصوم سنجيدگي ۽ سندس پنهنجو پاڻ تي قبضي جو انداز ئي اهڙو هو، جو ٻڌندڙ کان کل ضبط ئي نه ٿيندي هئي. هن جي ڳالهه ڳالهه ۾ پنهنجائپ جا اهڙا نشتر هوندا هئا، جو سڀڪو ائين چاهيندو هو ته هو مون کي به پنهنجي ستم جو نشانو بنائي. البت شميءَ جي نالي وٺڻ سان هن ۾ عجيب نهٺائي، عجيب ميٺاج ۽ خود فراموشي پيدا ٿي پوندي هئي. ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ته ڪو بت پرست پنهنجي محبوب بت جو نالو اُڪير ۽ شرڌا سان اچاري رهيو هو. شميءَ جو وجود هن جي ڪامياب زندگيءَ جو نشان هو. شميءَ کان سواءِ هو شايد هڪ اجڙيل ۽ ڀڳل ٽٽل شخص هجي ها. شميءَ کي ڏسي ائين ڀانئبو هو ته انسان خواب ۾ ڪنهن حسين شي جو تصور ڪري رهيو آهي. شفيق کي اهو احساس هوندو هو ته پيار جي سمورن لفظن مان ڪوبه شميءَ لاءِ موزو ڪونهي- پياري، مٺڙي، ڊيئر، ڊارلنگ، جانِ من، وغيره اهڙا فقرا هئا، جيڪي شميءَ لاءِ ڪم آڻيندي ٻُسا، اڻپورا، غير موزون، بناوٽي، ٿڌا ۽ ڌاريان لڳندا هئا. شايد شميءَ کي سڏڻ لاءِ پيار ۽ نينهن جا موزون لفظ اڃا ٻوليءَ ۾ نپنا ئي ڪين هئا. ان ڪري هو هن کي محض ’شمي‘ ڪري سڏ ڪندو هو- پر ’شمي‘ لفظ چوڻ ۾ هن جي وجود جو سمورو ميٺاج، سمورو نينهن اوتجي پلٽجي ايندو هو.

شميءَ جي سموري شخصيت سندس اکين ۾ هئي- ۽ هو پنهنجو وجود انهن اکڙين جي پلڪن جي ڇانو ۾ گذارڻ خاطر، زندگيءَ کي تياڳڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو. اهي روشن روشن اکيون جيڪي ڪنولن جيان نيري پاڻيءَ ۾ ترنديون رهنديون هيون، الائجي ڇا پوشيده رکنديون ٿي آيون جو انهن جي پراسرار ڪيفيت شفيق کي گهائل ڪري وجهندي هئي. انهن جي اوجل اوجل نيراڻ ۾ شفيق کي پنهنجي دل ٻڏندي نظر ايندي هئي- ۽ پوءِ، سندس دل هن جي ڊگهين ڊگهين پلڪن جي سهاري جي تلاش ڪرڻ لڳندي.

(2)

ٽهڪن جي شور ۾ انوءَ ۽ زيبيءَ مهمانن کي کائڻ واري ڪمري ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. مهمان هڪ ه ڪٿي کاڌي جي ٽيبل تي ويهندا ويا. انوءَ جن ٽيبل کي سينگارڻ سان ڪمال ڪري ڇڏيو هو. کاڌي جي پليٽن جي وچ ۾ سفيد گلابن جا گلدان رکيل هئا، ۽ هر گلدستي ۾ سفيد گلابن جي وچ تي هڪ چهچ ڳاڙهو گلاب چمڪي رهيو هو. گلن جي انهيءَ ترتيب مان هڪ عجيب سڪون جي سڳنڌ ٿي آئي- ڄڻ ته انساني امن جي سفيد گلابن ۾، انسان جو گلابي آئيندو چمڪي رهيو هو.

کاڌو کائيندي به شفيق پنهنجيءَ دلچسپ گفتگوءَ سان مهمانن کي گهائيندو ٿي ويو. ڳالهين ڪندي ڪندي، اچي ٻي شاديءَ جي مسئلي تي بحث ڇڙيو. بحث ۾ سڀني کان زوردار بحث پروفيسر حميد ۽ زيبيءَ ۾ ٿيو. زالون ته سموريون- مسز حميد کان سواءِ- زيبيءَ جي فائدي ۾ هيون، پر مڙس مڙئي اڌ کان مٿي حميد جي پاسي هئا. حميد ٻي شادي ڪئي هئي: ۽ گهڻو ڪري سمورن دوستن هن جي انهيءَ شاديءَ جي مخالفت ڪئي هئي. بحث ۾ گرماگرمي ان وقت پيدا ٿي، جڏهن پروفيسر حميد چئي ويٺو ته ”اسلام ۾ چئن شادين جي اجازت آهي، ۽ جيسين اسين مسلمان آهيون، اسان کي ان تي ڪنهن اعتراض ڪرڻ جو حق نه آهي.“

زيبيءَ چيو، ”پروفيسر صاحب، اوهين پڙهيل ڳڙهيل ۽ ايترا روشن خيال ماڻهو به هڪ کان وڌيڪ شاديءَ لاءِ اهو دليل ڏيو، اها افسوس جي ڳالهه آهي. انساني حقن جي برابريءَ خلاف مذهب کي آڙ بنائڻ، مون ته سمجهيو هو ته ويهين صديءَ ۾ ممڪن ئي ڪونهي. ان کان سواءِ، اسلام چئن شادين جي جيڪا آزادي ڏني، سان ان وقت، جڏهن انسان اڃا وحشي هو؛ ۽ اها وحشت ايتريءَ ته خطرناڪ حد تائين پکڙيل هئي جو ان کي يڪلخت ۽ هڪدم ٻنجو ڏيڻ ممڪن ئي ڪونه هو، ان ڪري چئن جي انگ جو سهارو ورتو ويو. اڄ زمانو اهو ڪونهي؛ اڄ انسان وحشي نه رهيو آهي. تعليم ۽ تمدن ايتري ترقي ڪئي آهي، جو انسان جي سماجي بهبوديءَ لاءِ گهرو امن لاءِ هڪ کان وڌيڪ شاديءَ کي غلط، بلڪ نهايت نقصانڪار ٺهرائي چڪو آهي!“

شفيق زور سان تاڙيون وڄائيندي چيو، ”واه واه، ادي، تو اڄ ته حميد جا وڻ ئي وڄائي ڇڏيا. پر آءٌ توکي يقين ٿو ڏياريان ته انو ڪنهن به صورت ۾ ٻي شادي يا ٽي شادي ڪونه ڪندو!“ زيبي شرمائجي ويئي،  مهمانن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.

حميد ڪجھ پاڻ سنڀاليندي چيو: ”اسان جي سماج ۾ اڃا اهي قدر پيدا نه ٿيا آهن جو ٻي شادي نقصانڪار ثابت ٿئي. اسان جي سماج ۾ شاديون اڃا تائين مائٽن جي مرضيءَ تي ٿين ٿيون؛ بَدي جي لعنت اڃا تائين موجود آهي؛ ننڍپڻ جا مڱڻا ۽ ننڍپڻ جون شاديون اڃا تائين ماڻهن ۾ مروج آهن؛ ڪي شاديون ته اڃا تائين خريد- فروخت جي طريقي تي ٿين ٿيون؛ بلڪ، ان کان به وڌيڪ ڇوڪرين کي ڪنواري ويهاري ڇڏڻ جي لعنت موجود آهي: انهن بي جوڙ شادين ۾ مردن جي زندگي حرام ٿي وڃي ٿي، ۽ لازمي طرح هو پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ اهو حق رکي ٿو ته پنهنجي لاءِ ڪو نئون ساٿي تلاش ڪري!“

”۽ زالن لاءِ اهي بي جوڙ شاديون ڄڻ ته نعمت آهن! جيڪڏهن مردن جي زندگي حرام ٿئي ٿي، ته زالن جي زندگي جهنم بنجي وڃي ٿي. زال ذات اڃا تائين اسان جي سماج ۾ ڪمزور آهي. هيءُ سماج، اوهان مردن جو ٺاهيل، اوهان مردن جي اشاري تي هلي رهيو آهي. جيڪڏهن اوهين زال ۽ مرد جا حق برابر تسليم ڪريو ٿا، ته پوءِ اوهان کي زال ذات کي اهو حق ڏيڻو پوندو ته هيءَ به پنهنجي بي جوڙ شادي جي جهنم کان بچڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ جو نئون ساٿي تلاش ڪري!“ زيبي جوش ۾ ڳالهائيندي چوڻ لڳي.

”اسلام ته زال کي طلاق، يا مڙس جي موت کان پوءِ ٻي شادي ڪرڻ جو حق اڳي ئي ڏنو آهي-“ حميد ٿورو کلندي چيو.

”اوهين وري به اسلام کي وچ ۾ آڻن لڳا. آءٌ چوان ٿي ته مرد کي جو هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ته پوءِ زال کي هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ مڙسن ڪرڻ جي اجازت ڇو نه ٿي ڏني وڃي؟ ڇو انهيءَ کي ناجائز تعلق (Adultery) سان تعبير ڪيو وڃي ٿو؟ پوءِ مرد لاءِ به هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ کي ائين سمجهڻ گهرجي!“

سڀني زالن زور سان تاڙيون وڄائي، زبييءَ کي داد ڏيڻ شروع ڪيو، جنهن جي منهن تي جوش کان سرخي لڙي آئي هئي. شفيق وري به کلندي چيو: ”ڏاڍو مزو ٿيندو- هڪ طرف مڙس پنهنجي نئين ڪنوار لاءَ سرگس وٺي نڪري، ۽ ٻئي طرف سندس زال نئين گهوٽ جي سرگس لاءِ منتظر هجي!“

مهمان وري به اچي کل ۾ ڇُٽڪيا. جڏهن کل جو زور ڪجھ گهٽيو، تڏهن شفيق اٿيو، ۽ چوڻ لڳو، ”اڄ الائي ڇو منهنجي موڊ تقرير ڪرڻ تي اچي ٿي آهي. جيڪڏهن اجازت ڏيو ته آءٌ به ٻه لفظ چوان. آءٌ سمجهان ٿو ته ڀيڻ زيبيءَ جو اهو چوڻ درست آهي ته انساني حقن جي برابريءَ ۾ مذهب کي آڙ بنائڻ نهايت پراڻي ۽ پاروٿي ڳالهه ٿي چڪي آهي. انساني سماج اڄ ايتري ترقي ڪري چڪو آهي، جو گهرو زندگيءَ کي ڪنهن عقلمنديءَ جي اصولن تي آڻن خلاف ڪو به مذهبي اصول آڏو بيهي نه سگهندو. مذهب کي محض روحاني ترقيءَ لاءِ مخصوص رکيو وڃي ته مناسب آهي؛ باقي انسان جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ کي علم ۽ عقل جي اصولن تي بيهارڻ گهرجي.“

هن جي ڳالهائڻ ۾ ڪو اهڙو تاثير هو جو مهمان ائين سمجهڻ لڳا، ڄڻ ته هو ڪنهن نهايت ئي پاڪيزه هنڌ تي ڪنهن مفڪر جي گفتگو ٻڌي رهيا هئا.

پاڻيءَ جو ڍڪ ڀري، هن وري چوڻ شروع ڪيو: ”ڀيڻ زيبيءَ جو هيءُ چوڻ به بلڪ صحيح آهي ته هيءُ سماج اسان مردن جي اشاري تي نچي رهيو آهي. انسان جي زندگيءَ ۾ شروع کان مرد عورت سان ظلم ڪندو آيو آهي. وحشي انسان هن کي غلامن وانگر استعمال ڪيو. هن کي نڀاڳ جي نشاني، نيڪيءَ جي دشمن سمجهي، گهر جي چوديواريءَ ۾ قيد ڪيو. هن کي بديءَ جي قوتن ’منا‘ جو مجسمو سمجهي اڇوت بنايو. طرح طرح جا بدسوڻ، وسوسا، وهم، taboos ۽ ڀرم هن سان منسوب ڪري، ساڻس جانورن وارو سلوڪ ڪيو ويو. يونانين هن کي تعليم کان محروم ڪيو، رومين هن کي سياسي حقن کان محروم ڪيو، هندن هن کي داسي بنايو، ڪرستانن هن کي ’ڏائڻ‘ جو لقب ڏيئي زنده جلائڻ شروع ڪيو، ۽ مسلمانن هن کي پردي جي تنبوءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو: مطلب ته انسان هر مرحلي تي عورت کي جسماني طرح يا ذهني طرح سان سنگسار پئي ڪيو آهي!“

ڪجھ وقت خاموشيءَ سان مهمانن جو جائزو وٺي هو چوڻ لڳو: ”پر اهي سڀ انساني ارتقا جا مرحلا هئا، جن تي هينئر روئڻ بيڪار آهي. البت، زالن کان وڌيڪ اسان مردن تي اهو فرض آهي ته انهن پراڻن گناهن کي ورجائڻ ۽ دهرائڻ کان باز اچون: عورت کي سندس صحيح حيثيت ڏيئي، کيس اهي ئي حق ڏياريون، جيڪي اسين پاڻ ماڻي رهيا آهيون. تاريخ ۾ انسان ان طرف به ڪنهن نه ڪنهن طرح قدم کڻندو آيو آهي. اسلام عورت کي ملڪيت جا حق ڏيئي، انسانذات جي وڏي رهبري ڪئي آهي. اڄ موجوده انسان، تعليم ۽ عقل جي رهبريءَ ۾، ڪيترن هنڌن تي عورت کي مرد جي برابر حق ڏيئي چڪو آهي. اسين تعليم يافته آهيون... اچو ته اسين به ان ڏس ۾ ڪو قدم کڻون؛ ۽ زندگي جا اهي نوان قدر اختيار ڪريون، جيڪي سڌريل ملڪ اختيار ڪري چڪا آهن. اسين پڙهيل ماڻهو صحيح رستو اختيار ڪنداسون، تڏهن ئي تعليم کان بيخبر ماڻهن کي صحيح رستي اختيار ڪرڻ لاءِ اَڀاري سگهنداسون.... حميد، ڀائو، منهنجو اشارو شخصي طرح تو ڏانهن بلڪل ڪونهي. تون ته هونئن ئي هڪڙو مخصوص قدم کڻي چڪو آهي. ان تي اسان کي ڪو به افسوس ڪونهي- نه ته ڀاڄائيءَ جهڙي دلچسپ شخصيت اڄ هن محفل ۾ ڪانه هجي ها!“

شفيق کي ايتري سنجيدگيءَ سان، ايڏي ڊگهي دل لڀائيندڙ تقرير ڪندي، دوستن پهريون دفعو ڏٺو هو. هو سڀ نهايت خاموشيءَ سان هن کي ٻڌندا رهيا. هو پنهنجي لفظن جي جادوءَ سان سڀني کي مسحور ڪندو ويو- ۽ جڏهن هو ويهي رهيو، تڏهن اهو جادو ٽُٽو، ۽ سڀني خوب زور سان تاڙيون وڄايون. ماني ته سڀ گهڻو اڳ کائي چڪا هئا. انوءَ ۽ زيبيءَ مهمانن کي وري ڊرائنگ روم ۾ هلي ويهڻ لاءِ عرض ڪيو. مهمان هري هري ٿي ڊرائنگ روم ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. سندن چهرن تي اهڙي ڪيفيت هئي، ڄڻ ته شفيق هنن کي ڪا وسريل ڳالهه ياد ڏياري ڇڏي هئي، ۽ هو دل ۾ ڪو به سبق دهرائيندا ٿي ويا.

(3)

ڊرائنگ روم ۾ مهمان ننڍيون ٽوليون ٺاهي، اوڀاريون- لهواريون ڪرڻ ويهي رهيا. سڀني کان وڏو ٽولو شفيق ۽ شميءَ جي چوڌاري جمع ٿيل هو. شفيق، انوءَ ۽ زيبيءَ کي خوب تنگ ڪري رهيو هو. پروين چپ چاپ اٿي، وڃي ريڊيو گرام تي رڪارڊ چاڙهي آئي. اوچتو سڀ خاموش ٿي ويا. رڪارڊ هو ”ايڊي ڪلورٽ“ جو ‘Love is a many splendoured thing.’ ”ايڊي“ جو روح، ’ٽرمپيٽ‘ ساز ۾ وراڪا ڏيندو، موسيقيءَ جو طلسم ڦهلائيندو ويو. سوز جو جادو ذهنن کي وڪوڙيندو ويو. لفظ نئين معنيٰ اختيار ڪندا ويا. مرد پنهنجين زالن کي نئين پيار ۽ نئين نينهن سان ڏسڻ لڳا. درد جو آواز دلين ۾ پيوست ٿيندو ويو، ۽ غير محسوس طريقي سان محفل تي هڪ عجيب گمشدگيءَ جو احساس ڇانئجڻ لڳو. ڪيڏو نه سوز هو ’ايڊيءَ‘ جي ساز ۾!

ان کان پوءِ ’مصريءَ‘ جي الغوزي تي ’راڻو‘ وڄڻ لڳو. ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته درد جي رات وهامندي پئي ويئي. مومل، راڻي جي انتظار جو درد الغوزي جي تانَ ۾ کڻي، ماڻهن جي دلين ۾ گهڙندي ٿي ويئي... ۽ ڄڻ ته سمورين دلين ۾ ’شاهه        ‘ جو سمورو سوز سمائجندو ٿي ويو-

’راڻو رات نه آئيو، ويئي ويل ٽري!‘

شفيق شميءَ ڏانهن نهاريو. شمي ٻاهر واري ڪمري جي پاڇولي ۾ ’راڻو‘ ٻڌڻ ۾ محو هئي- ۽ اها محويت اهڙي هئي، جنهن کي ڏسي، شفيق کي الائجي ڇو پنهنجي دل ٻڏندي نظر آئي. ٻاهران ايندي، ’راڻو‘ ٻڌي، شمي اتي ئي روشنيءَ جي پاڇولي ۾ بيهي رهي هئي. شفيق پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺي هن جي محويت کي ڏسي رهيو هو. کيس هوءَ بيحد حسين معلوم ٿي رهي هئي. پاڇولي جي ڌنڌلڪي ۾ هن جي شخصيت عجيب پراسرار محسوس ٿي رهي هئي. سندس سڊول سڊول جسم، پاڇولن ۾ ڪنهن سنگتراش جو شاهڪار معلوم ٿي رهيو هو. روشنيءَ ۽ اوندهه جو امتزاج سندس ڳچيءَ ۽ ڳلن تي ائين نچي رهيو هو ڄڻ ته روشنيءَ جو روح اوندهه مان اجاگر ٿيڻ لاءِ سونهن جو سهارو وٺندو ٿي ويو. هو ڄڻ ته هن کي خواب ۾ ڏسي رهيو هو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته شمي سندس هٿن مان کسڪي وڃي رهي هئي- دور، ڪنهن اڄاتل دنيا ۾، ڪنهن خواب جي دنيا ۾! هن کي ائين محسوس ٿيو ته شمي روئي رهي هئي. سندس اوجل اوجل اکيون ڳوڙهن جي بار ۾ ڍڪبيون ٿي وئيون. ڪاريون ڪاريون ڊگهيون ڊگهيون پنبڻيون، ڳوڙهن کي پي ڇڏڻ جي ڪوشش ۾ ٿڙڪڻ لڳيون هيون.

رڪارڊ پورو ٿيو ته هو اٿي ٻاهر آيو. شميءَ جي ڪلهي کان ٻانهن ورائي پڇيائين، ”ڇو جاني؟“

”هان!.......“ شميءَ کان سڏڪو نڪري ويو. ”نه نه، ..... ڪجھ به ڪونهي! ائين ئي، اندر سگريٽ جي دونهين سان اکين ۾ ڪجهه ايذاء ٿيڻ لڳو، سو ٻاهر هلي آيس.“

مهمان به هاڻ هلڻ لاءِ آتا هئا. محفل کي پروين هڪ عجيب سوز ڏيئي ڇڏيو هو. انو ۽ زيبي پروين کي منع به نٿي ڪري سگهيا. شايد هن شفيق سان وير پاڙڻ ٿي گهريو! هڪ هڪ ٿي مهمان موڪلائڻ لڳا. مبارڪ ڏيڻ ۾ گهڙيءَ لاءِ وري به سڀني جي چهرن تي مرڪ ڇانئجي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com