سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :10

لاري هاڻ سدا آباد کان صرف سڏ پنڌ تي هئي. پري کان سدا آباد جا ويران نظارا نظر اچي رهيا هئا. وڏا وڏا سريل جا وڻ، جن جون ڦَريون اسين ننڍي هوندي پيرن سان ٻَڌي ڇم- ڇم ڪري نچندا هئاسين. سُڪي سڙي ويا هئا. جتي اڳ ٻنين ۽ باغن جي ساوڪ ۽ هُٻڪار هئي؛ اهي غيرآباد زمينون ڄڻ صدين کان پاڻيءَ جون پياسيون معلوم ٿي رهيون هيون. ڪابه اَڏاوت ثابت ڪانه هئي، سِرَ سِرَ کان الڳ هئي- سواءِ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ڊهندڙ ڀتين جي، جيڪي لهندڙ سج جي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ پري کان فقط پاڇولن جي ڏيکاري ڏيئي رهيون هيون. البت هڪڙي چار ديواري سا قائم هئي، جيڪا پنهنجي ويرانيءَ ۽ زبونيءَ جي زبان سان هن ڳوٺ جي اڳئين اوج تي نوحه خواني ڪري رهي هئي. چوڌاري ننڍن وڏن دڙن جو هڪ وڏو سلسلوڦهليل هو، ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جي موجودگيءَ جا آثار ئي نظر نه ٿي آيا.

”اوجها، ويٺي آهي رَنَ ڏائڻ!“ ڊرائيور جي اوچتيءَ رڙ سان منهنجا وار اُڀا ٿي ويا. خوف جي هڪ مبهم احساس، دل کي ٿوريءَ دير لاءِ وري به وسوسي ۾ وجهي ڇڏيو. دريءَ کان ٻاهر ليئو پاتم. هڪ ابترحال عورت، ٻانهون لوڏيندي، جهومندي، لاريءَ جو رخ رکيو پئي آئي. لاري شرڙاٽ ڪندي سندس اڳيان نڪري وئي، ۽ هوءَ پويان ڊوڙندي، واڪا ڪندي، چڱي پنڌ تائين هلي آئي.

”ڀائو، ڇا خيال آهي،... لهندؤ يا....؟“ ڪنڊيڪٽر پڇيو.

”ها“.

منهنجي انهيءَ جواب تي سڀ حيران ٿي رهيا هئا. سڀئي مون کي عجيب عجيب نظرن سان ڏسي رهيا هئا. ڪن جي اکين ۾ بي انتها همدردي هئي، ته ڪي مون کي انتهائي قسم جو احمق سمجھي رهيا هئا؛ ليڪن منهنجي همت انهن سڀني کي ڪجهه ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. لاري ڳچ پنڌ اڳتي هلي بيهي رهي. آءٌ هيٺ لهي رهيو هوس ته اندران ڪو چئي رهيو هو: ”ٻيلي، مڃين نٿو، باقي ڏسجئين ويٺو، ڏاڍو هلاک ٿيندين!“ پر هاڻي لاري هلڻ لڳي هئي، ۽ مون کي ڌُوڙ جي بادلن ۾ لٽيندي، جلد ئي گهڻو پري نڪري ويئي.

جڏهن رستو لاريءَ جي لَٽَ کان صاف ٿي ويو، ته مون پوئتي هلڻ شروع ڪيو. سدا آباد جي سر زمين تي پهچي، ٿوريءَ دير لاءِ دل کي هڪ خاص قسم جي خوشي محسوس ٿيڻ لڳي؛ ليڪن جيئن ئي مون کي پنهنجي مڪمل تنهائيءَ جو احساس ٿيو، ته قدم خود بخود رڪجڻ لڳا. آسپاس جي ماحول تي نظر ڦيرايم، پهر به ڪانه هئي. نماشام جو وقت هو، ۽ هوا تمام ڇوٽ پئي هلي، پر منهنجي پيشاني پگهر سان تر ٿي رهي هئي. اوچتو ئي، هوا ۾ رڙين ۽ دانهن جا تيز پڙلاءَ گونجي ويا، ۽ رستي جي موڙ کان جنڙي ايندي نظر آئي. منهنجو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو. جيڪو قدم جتي، سو تتي سُڪ ٿي ويو. ’ها ها ها ها ...!‘ جنڙيءَ مون کي ڏسي ورتو هو. هوءَ اُتان ئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي، مون ڏانهن ڪاهيندي آئي. ٿورو پرتي پهچي هوءَ بيهي رهي، ۽ عجيب عجيب نظرن سان مون ڏانهن نهارڻ لڳي- ڄڻ ته کيس منهنجي موجودگيءَ جو يقين ئي نه پئي آيو. پوءِ هوءَ تيزيءَ سان مون ڏانهن وڌڻ لڳي، ۽ تهان ئي وڏا ۽ هيبتناڪ ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيائين. هن جي خطرناڪ قسم جي ٽهڪن ۽ انتهائي ڀوائتيءَ شڪل منهنجا حوصلا توائي ڪري ڇڏيا. آءٌ جتي هوس، اُتي ئي ڄمي رهيس. هوءَ بنهه ويجهي پهچي آئي، ۽ منهنجي اڳيان اچي، بلڪل عجيب طرح سان ٺينگ ٽپا ڏيڻ ۽ جهمريون هڻڻ لڳي. اڌيڙ عمر جي ضعيف عورت، منهن ۽ بت ڀڀوت، اکيون ڦوٽاريل، وار کنڊريل جن ۾ چيڙ ۽ مٽي جا ٻڪ ڪپڙا ليڙون ليڙون جن مان سندس عرياني پئي ظاهر ٿي، پيرن تي گاري جا تهه- بلڪل جنڙيءَ جهڙي ڏيکاري ڏيئي رهي هئي! نچندي ۽ جهمريون هڻندي، هن منهنجي چوڌاري ڦِرڻ شروع ڪري ڏنو. جهيڻي جهيڻي آواز ۾ ڪجھ جهونگاريندي رهي، ڦِرندي رهي........ شام جا پاڇولا، ڦهلجندي ڦهلجندي، رات جي اونداهيءَ ۾ تبديل ٿي رهيا هئا، پر هوءَ اڃا تائين پنهنجو رقص ڪري رهي هئي؛ ۽ آءٌ اڃا تائين هڪ محدود دائري ۾ قيدي بنيو بيٺو هوس. سمجھ ۾ ئي نه پئي ايم ته ڇا ڪريان. ٽنگون بنهه ڪاٺ، هوش حواس گم، همت ڪم ڏئي نه عقل- جنڙي جي گهيري ۾، پندپڻ بنيو، بيوس بيٺو رهيس. ڳچ دير کان پوءِ هن وري ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا- ’ها ها ها ها ها!......... ها ها ها ها ها!......... ها ها ها ها ها!.........‘ ۽ منهنجي منهن ۾ غور سان ڏسندي، ڪڙاڪيدار آواز ۾ چوڻ لڳي، ”منهنجي پٺيان اچ!“ هوءَ اڳيان، آءٌ پويان- ڄڻ ته جلاد ڦاهيءَ چاڙهڻ وٺيو پئي ويم!

سنهن سوڙهن پيچرن مان، ڪنڊا ۽ ڪرڙ لتاڙيندي، هوءَ اچي انهيءَ چار ديواريءَ وٽ بيٺي، جنهن کي مون لاريءَ مان پري کان ڏٺو هو، ۽ جنهن کي کٻڙن ۽ ڪانڊيرن جا جهڳٽا گهيريو بيٺا هئا. هن هڪ پاسي کان ڍنگر هٽايو، ۽ اندر هلڻ لڳي. اندر پهچي، پٽ تي پيل هڪ تڏي تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين، جنهن جون تندون ڪي باقي وڃي بچيون هيون. مون چُپڙي ڪري حڪم جي تعميل ڪئي، ۽ پوءِ هوءَ ساڳيءَ طرح جهومندي ۽ ٽهڪ ڏيندي پاسي واريءَ ڪوٺيءَ ۾ هلي ويئي.

منهن- اونداهي اچي ٿي هئي. اندر ڪافي اوندهه هئي، پر ڀتين جي ڀڳل پاسن کان ڪي قدر ٻاهر جو سوجهرو اچي رهيو هو. اڪيلو ئي اڪيلو، ههڙيءَ مصيبت جي حالت ۾ پنهنجي موت جون گهڙيون شمار ڪندي، مون کي پنهنجا ڀائر ۽ ڀينرون، ماءُ ۽ پيءُ ياد اچي ويا. گذريل زندگيءَ جا واقعا فلمي پردي جي سينرين جيان اکين آڏو اُڀري آيا. عزيزن دوستن سان گذاريل گهڙيون، پيار ۽ خوشيءَ جون انيڪ يادگيريون، سڀ مون کي ان وقت بيحد بيقرار بنائي رهيون هيون. لاريءَ جي سموريءَ سرگذشت کي ياد ڪري، آءٌ پنهنجي نصيب تي جنسي روئڻ لڳس. مون کي اُهي آخري لفظ به ياد اچي رهيا هئا: ”ٻيلي، مڃين نٿو، باقي ڏسجئين ويٺو، ڏاڍو هلاک ٿيندين!“... مون کي پنهنجي موت جو ايترو يقين ٿي ويو هو، جو هاڻي آءٌ هتان ڀڄي نڪرڻ جي همت نه ٿي ساري سگهيس؛ چپ چاپ، اهو انتظار ڪري رهيو هوس ته جنڙي ڪهڙيءَ طرح ٿي اچي منهنجا پساهه پورا ڪري، ۽ منهنجيءَ چمڙيءَ کي ماس کان الڳ ڪري!

ائين ئي، اوچتو هن منهن ڪڍيو. هڪڙي هٿ ۾ پتل جو ڪَسيل لوٽو، ۽ ٻئي هٿ ۾ مانيءَ جو ٽُڪر کڻي اچي اڳيان بيٺي؛ ۽ خلاف توقع، پيار ڀرئي لهجي ۾ چيائين، ”توکي بک لڳي هوندي!“ وري چيائين، ”تون ٿڪجي پيو هوندين!“ پاڻي ۽ ماني منهنجي اڳيان ڇڏيندي، هوءَ وري به ڪوٺيءَ ۾ هلي ويئي. بک ڪهڙي ڪمبخت کي هئي- اها ته ڪڏهوڪو مري چڪي هئي. نڙي البت سُڪي ويئي هئي؛ هٻڪندي هٻڪندي، پاڻيءَ جو لوٽو پي ڇڏيم. هوءَ وري هڪ ڦاٽل رلهي کڻي آئي، جنهن جو ڪو به پلئُه سڄو ڪو نه هو؛ ان کي ٻيڻو ڪري پت تي وڇايائين. ”هِتان سولو ٿي ويهه“- ائين چئي، هوءَ پاڻ به منهنجي سامهون ويهي رهي. پر هاڻي مون ڏٺو ته هوءَ ڪپڙن کي ڇنڊي ٺاهي، هٿ- منهن تي پاڻي وجهي، وار سنوا ڪري، چڱي موچاري، ڏسڻ جهڙي ٿي آئي هئي: ۽ سندس چهري تي گنڀيرتا ۽ نمرتا جا آثار نمايا هئا.

چنڊ مٿي چڙهي آيو هو، ۽ اُن جا ڪرڻا، ڀت جي پاسيري ڏارَ مان گذرندا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ اچي ٿي پٽ تي پيا. هوءَ منهنجي سامهون ويٺي، مون کي تکين تکين نظرن سان گهوري رهي هئي. مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته منهنجي ڪهڙي حالت ٿيڻ واري هئي. اوچتو ئي اوچتو، هن کي الائي ڇا ٿي ويو- ”ها ها ها ها! ... ها ها ها ها! ... ها ها ها ها! ...“ هوءَ وري زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳي.

”آءٌ سمجهان ٿي، تون ڊنو آهين!... ها ها! ... ها ها ها! ... ها ها ها ها.... تون ڊنو آهين. اڙي چريا ماءُ کان ٿو ڊڄين! ها ها ها.... تون ڊڄين ٿو، ... موهن! توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ ... لڪشمي هجي ها ته ڪڏهن نه ڊڄي ها! ... ها ها ها ها! ... توهين سڀ مون کي اڪيلي ڇڏي هليا ويا،... پر مون اوهان کي ڪڏهن ڪونه وساريو! ڪڏهن ڪونه وساريو!... ”ها ها ها ها! ... ها ها ها ها! ... ها ها ها ها! ...“ هوءَ الائي ڇا چئي رهي هئي. سندس زوردار ٽهڪن سان سڄي سدا آباد گونجي رهي هئي. مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڪائنات، چنڊ ۽ ستارا، ڌرتي ۽ آسمان- سڀ لرزي رهيا هئا، ۽ هن جي ٽهڪن جي گونج سڄيءَ دنيا ۾ پهچي رهي هئي.

هاڻ هوءَ وري گنڀير ٿي وئي، ۽ ڪجھ سوچيندي سوچيندي ڪوٺيءَ ۾ هلي وئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻاهر آئي، ته هٿن ۾ ڪرشن ڀڳوان جي مورتي، هڪ ڪٽوري، لوبان ۽ ڪجھ اگربتيون کڻي آئي. مورتيءَ کي ڀِت سان بيهاري، واس کِوائي، بيحد قرب ڀرئي لهجي ۾ مون کي چوڻ لڳي: ”موهن، اچ، پرارٿنا ڪريون!“ آءٌ پرارٿنا لاءِ اُٿي پاسي ۾ ٿي ويٺس. هوءَ هوريان هوريان جهومي رهي هئي، ۽ ڪجھ آلاپي رهي هئي. ڪجھ دير کان پوءِ مون ڏانهنس نهاريو. مون کي هينئر هن جي اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي چمڪ نظر آئي- ائين پئي ڀانيو، ڄڻ ته کيس اها من جي شانتي ملي ويئي هئي، جنهن لاءِ هو ورهين کان وٺي تلاش ۾ هئي. آهستي آهستي، هن پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. گهڻيءَ گهڻيءَ دير تائين، بلڪل خاموش ۽ بيحرڪت بني، هوءَ اندر جو آنند ماڻيندي رهي؛......... ۽ پوءِ، اوچتو ئي، يڪايڪ هوءَ مورتي جي اڳيان ڪِري پيئي. هوءَ تمام جهيڻي آواز ۾ چئي رهي هئي: ”موهن!..... موهن! تون هاڻي موٽي وڃ... مون کي آرام ڪرڻ ڏي... لڪشميءَ کي ڀاڪر پائج... ۽... ۽-“ هوءَ وڌيڪ ڪجھ نه چئي سگهي. سندس ساهه گھُٽجي رهيو هو. هن آخري مرتبو پنهنجين ٻُڏندڙ نگاهن سان مون ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ وري اکيون پوري ڇڏيون... نگاهون نه هيون، مامتا جي محبتن ۽ حسرتن جو اٿاهه ساگر هو، جنهن جي هڪ هڪ ڇوليءَ ۾ آرزوئن جا هزارين افسانا سمايل هئا! مون کي ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هيءَ منهنجي ماءُ هئي، جيڪا سدا آباد جي هن سُڃ ۾ فقط منهنجي ئي انتظار جي سهاري جِي رهي هئي! منهنجين اکين ۾ عقيدت جا ڳوڙها تري آيا، ۽ هن جي ڪنڌ کي آهستي آهستي کڻي پنهنجي گوڏي تي رکيم. پوءِ، گهڻي ادب ۽ احترام سان، مون هن جي چِتا جوڙي، ۽ تمام حب ۽ اخلاص سان هن جي پاڪ روح لاءِ دعائون گهرندو رهيس.

چند لهي رهيو هو، ۽ صبح جي سهائي آهستي آهستي اُسري رهي هئي، ته آءٌ ڪِريا ڪرم جي ڪم مان فارغ ٿي چڪو هوس. ان وقت مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سدا آباد منهنجي ’ماتر ڀومي‘ آهي، جنهن ۾ منهنجي مقدس ماءٌ جو روح سدائين لاءِ آرامي آهي-

ثميره زرين

وڏيري

 

جڏهن رحموءَ پهريون دفعو هن کي مار ڏني، تڏهن هن جي شاديءَ کي هفتو کن مس ٿيو هو. هن جي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا هئا. اُهي سندس ڪاري رنگ ڪري ڏسڻ ۾ ته گهٽ ٿي آيا، پر منجهن سور ته هو!

پهرين هوءَ ماءُ جي مارن تي هري ويئي هئي. ننڍي هوندي، بک ۾ پاهه ٿي جڏهن هوءَ اڪيلي گهر ۾ روئڻ لڳندي هئي، ۽ بيشمار مکيون اچي هن کي وڪوڙي وينديون هيون، تڏهن، ڪم تان موٽي، کيس روئندو ڏسي، پرچائڻ بجاءِ، ماڻس ٻه چار ٻُهارا ڦهڪائي ڪڍندي هيس- ”نڀاڳي رن، مغز کائي چٽ ڪيو اٿئي، ڪم تي نه وڃان ته پيٽ ڪيئن پالينديس!“ ٻن هٿن کائڻ کان پوءِ هوءَ ائين هڪدم چپ ٿي ويندي هئي، ڄڻ ماڻس کيس ڪو چاڪليٽ ڏيئي ڇڏيو هجي!

سندس ننڍپڻ ائين گذريو. جڏهن ڪجھ وڏي ٿي، ته پاڻ به ماءُ سان گڏ ٻهارو کڻي گهر گهر صفائي ڪرڻ لڳي. هن جي عمر جون ڇوڪريون ڪم ڪرڻ کان پوءِ نچنديون ٽپنديون هيون، پر هيءَ چپ چاپ ويٺي الائي ڪهڙا ڪُنا گهڙيندي هئي. پهرينءَ تاريخ تي ٻيون سڀ ڇوڪريون مائرن کان روئي زور ڪري چوڙين لاءِ ڪجھ پئسا وٺنديون هيون، پر هن جو پاروٿن کاڌن ڪو ايڏو ته من ڀري ڇڏيو هو جو کيس ڪا به طلب ڪانه ٿيندي هئي. ماڻس ان تي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي: چي، ”منهنجي ڌيءَ جهڙي سدوري ڇوڪري ڪا دنيا ۾ مشڪل هوندي!“

ڀنگين جي برادريءَ ۾ جڏهن به ڪا شادي ٿيندي هئي، ته هن جي ماءُ کي پنهنجي ڌيءُ جي بدصورتي ڏسي ذري گهٽ روئڻ اچي ويندو هو. هوءَ پاڻ به، ٽِينَ جي دٻي مان ڀڳل آئيني جو ٽُڪر ڪڍي، گهڙيءَ گهڙيءَ پنهنجو منهن پيئي ڏسندي هئي: پر هن جو زرديءَ مائل ڪارو رنگ، لاغر جسم، ننڍو قد، ۽ ننڍڙيون ڪارن مرچن جهڙيون اکيون کيس ڪابه اميد نه ڏياري سگهنديون هيون. نيٺ، مس مس جڏهن رحموءَ جي مائٽن هن لاءِ چورايو، ته هن جي ماءُ مٿان ڄڻ موت جو پاڇو هٽي ويو.

نشو ته هونئن ذري گهٽ سڀئي ڀنگي ڪندا هئا، پر رحمو ان ڳالهه ۾ سڀني جو سردار هو. پنهنجو سڄو پگهار چرس تي وڃائي در در ڀٽڪندو هو، پر انهيءَ ڳالهه به هن جي ماءُ جي دل نه لوڏي هئي.برادريءَ جا سڀ ڇوڪرا شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌبا ڏسي، هن کي رحمو ٻڏل ٻيڙيءَ جي ڪک مئل.سانڍڻ لائق نظر آيو. ڪهڙو به هو، پر نازيءَ جو مڙس ته سڏبو! نشئي هو ته ڇا؟- ۽ نازي وري ڪهڙي هئي جو هوءَ کيس اڃا ڪنهن اميد تي ويهاري!

رحمو سول اسپتال ۾ نوڪري ڪندو هو. پنهنجو ننڍڙو ڪوارٽر هوس. جڏهن نازي رحموءَ جي گهر آئي، ته هن پنهنجون ٻئي ٻانهون ڪاچ جي چوڙين سان ڀري ڇڏيون هيون، ۽ ڳاڙهي رنگ جا نوان ڪپڙا پاتا هئا. ماڻس خوشبوءَ وارو تيل وارن ۾ ايڏو ته وڌو هوس، جو سندس پيشاني بلڪل ڏامر جيان چلڪڻ لڳي هئي.

هوءَ پنهنجين ننڍڙين اکين سان رحموءَ جي هر هلت اُمنگن ڀريءَ دل سان جاچيندي هئي؛ پر، چار ڏينهن چاهه جا، رحمو وري پنهنجي نشي پتي کي لڳي ويو. هڪ ڏينهن، ڪنهن ڳالهه تان بگڙي، کيس ايڏي ته سخت مار ڏنائين جو هن جي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا- ۽ نازيءَ جا سمورا اُمنگ اُنهن نيرن نشانن هيٺيان دٻجي مري ويا.

پهرين هوءَ ماءُ جي مارن تي هري وئي، ۽ پوءِ رحموءَ جي روز روز جي مارن کيس هيري ڇڏيو. هاڻي ته مار به کاڌي ۽ هوا وانگر سندس زندگيءَ جي ضرورتن ۾ شامل ٿي ويئي هئي. جي ڪڏهن کيس ڏينهن لنگهي مار نه ملندي هئي، ته کيس ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سندس زندگيءَ مان ڪا اهم چيز خارج ٿي وئي هجي.

هن ڏٺو هو ته ڪڏهن رحمو جي نشي ۾ ڀينرن کي گاريون ڏيئي کانئن پيسا گهرندو هو. وڏي، جيڪا شڪل جي ڪجھ چڱي هئي، اها وڌيڪ پيسا آڻيندي هئي. پوءِ رحمو ديسي شراب جي بوتل وٺي، سڄي رات پيئندو به هو ۽ بڪندو به هو. انهن سڀني ڳالهين هن جي دل ۾ نه نفرت پيدا ڪئي، نه ڏک؛ ۽ نه وري کيس ڪا حيرت ئي ٿي.

نازيءَ کي به ڪوشش سان سِول ۾ نوڪري ملي ويئي- اوڻيتاليهه رپيا پگهار. اسپتال ۾ گهمندي ڦرندي، هن کي اُتان جون چڱيون خبرون پئجي ويون. کيس خبر پيئي ته خيرو ڊريسر وڏيءَ هلنديءَ وارو آهي؛ جنهن کي وڻيس، اُن جي بدلي ڪرائي ڇڏي. جڏهن رحموءَ جون ڀينر شادي ڪري ويون، ۽ کيس ٻه ٻار به ٿيا، تڏهن کيس نشي لاءِ پيسا پورا ئي نه پوندا هئا. هو نازيءَ کي مار ته اڪثر ڏيندو ئي رهندو هو، پر هڪ ڏينهن پيسن گهرندي هن کيس ايڏي ته مار ڏني جو هوءَ رتو رت ٿي پئي. ٻئي ڏينهن هوءَ خيري وٽ ويئي، ۽ کانئس ڪجھ قرض گهريائين. خيري جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. هن کيسي هٿ ۾ وجهندي، آهستي کيس ڪجھ چيو. پهرين ته هوءَ گهڙي کن خاموش رهي، ۽ پوءِ خيري جي هٿن مان پنج رپيا وٺي هلي ويئي.

چانڊوڪيون راتيون هيون. هوءَ پنهنجي ڪواٽر ٻاهران کٽ تي ستي پئي هئي. رحمو نشو پيئڻ ويو هو. رات اَڌ کي سڻائي ٿي هئي، پر هن کي ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو. پيشگي رقم رحمو ڳارڻ ويو هو؛ هينئر جڏهن پيسا به ڪتب اچي ويا، ته کيس اُن جو عيوض ته ڏيڻو ئي هو. پري، هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪواٽر ٻاهران ننڊ ۾ بيخبر ستو پيو هو. ماٺ ميٺ لڳي پئي هئي. رکي رکي چوڪيدار جو آواز- هوشيار، خبردار- پئي گونجيو، ۽ چوڪيدار جي آواز تي آئي ننڊ هن جي اکين مان اڏامي پئي وئي. اوچتو هن جي ذهن ۾ هڪ ڳالهه آئي. هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي ويٺي. جڏهن چوڪيدار گهمندو ڦرندو هن جي ويجهو ايو، ته هن آهستي کيس سڏيو: ”او چاچا، هيڏي ته اچ.“ جيئن ئي هو سندس ويجهو آيو، ته هن تيزيءَ سان اُٿي کيس پنهنجين ٻانهن ۾ جهلي ورتو، ۽ زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي- ”چور! چور!... بدمعاش!... پڪڙيو!“ پوڙهو چوڪيدار هڪو ٻڪو ٿي ويو؛ سمجھ ۾ نٿي آيس ته هيءُ ڇا ٿي رهيو هو. هن جي اکين مان ننڊ جا گهيرٽ ائين اڏامي ويا، جيئن آئيني جي شعائن تي ڪانوَ ڀڄي ويندا آهن. رڙين تي ماڻهو مڙي آيا. سڀ هن کي لعنت ملامت ڪرڻ لڳا. هن جو ڪنڌ شرمساريءَ کان جهڪي ويو. نازيءَ جو آواز هن جي ڪنن ۾ انجڻ جي گڙگڙاهٽ جيان گونجي رهيو هو. هن گهڻو ئي چيو، پر ڪنهن کي به سندس ڳالهه تي يقين نه آيو.جڏهن هن جو پٽ نوازو گوڙ تي اُٿي آيو، ته کيس پنهنجي جوان پٽ سان اکين ملائڻ جي همت نه ٿي سگهي. نوازو حيران هو ته ڪهڙي طرح پنهنجي پيءُ کان سوال پڇي. ”ابا، خدا واحد شاهد آهي-“ پوڙهي ستون اٺون دفعو وري ساڳي ڳالهه ڪري ٻڌائي، سنهن قسم کنيا، پر نازيءَ جي گوڙ تي ڪنهن به مٿس يقين نه آندو. ڀلا، زال ذات اهڙو ڪوڙ ڪيئن ڳالهائيندي؟

ٻئي ڏينهن وڏي صاحب وٽ قصو بيان ٿيو؛ ۽ هن اهڙي بدچال چوڪيدار کي نوڪريءَ کان برطرف ڪري ڇڏيو. جون جي گرم ٻن پهرن ۾، روئندو، ڪواٽر خالي ڪري، هو ٻئي ڪٿ قسمت آزمائي ڪرڻ هليو ويو. ان وقت خيري مُڇن تي هٿ ڦيريندي گلوءَ کي چيو: ”ڪِني آڱر وڍي ڀلي! هر ڪنهن وٽ نياڻيون آهن-“

نئين صاحب جي اچڻ کان پوءِ، پهرين ته نازيءَ کي بنگلي تي ڪم ڪندي ڪجھ تڪليف ٿي، پر پوءِ نيٺ هري ويئي. هوءَ بنگلي جو سارو ڪم خاموشيءَ سان ڪري هلي ويندي هئي، ۽ ڪيترو به وڌيڪ ڪم کيس ملندو هو ته هن جي پيشانيءَ تي شڪن به ڪانه ايندي هئي. ٻين ڪم وارين زالن وانگر، هوءَ ڪڏهن به هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪڍي نه ويهندي هئي؛ کيس پنهنجي ڪم سان ڪم هوندو هو؛ ان ڪري هوءَ مالڪياڻيءَ کي ڏاڍو پسند اچي ويئي. سال کن ٿي ويو، پر مالڪياڻيءَ هن جي جاءِ تي ٻئي ڪنهن کي نه آندو هو.

ڪم ڪري جڏهن هوءَ ٿڪجي پوندي هئي، تڏهن خميسي سان ويهي اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪندي هئي. ائين ڪندي، سندس سارو ٿڪ اڏامي ويندو هو. خميسو بنگلي تي بورچيءَ اڳيان ڪم ڪندو هو. شڪل جو اهڙو هو، جنهن کي رات جو ڪو ٻار ڏسي ته هوند ڊڄي وڃي. نازي آهستي آهستي سندس زندگيءَ ۾ ايئن سمائجي ويئي، جيئن ننڊ ٿڪل انسان جي پلڪن ۾ اچي ان جي آرام جو باعث بڻبي آهي. هو روز هن لاءِ ٻيڙيون وغيره بچائي رکندو هو. جڏهن منجهند جو هڪ- ڏيڍ وڄي ويندو هو ۽ نازي اڃا بنگلي اندر ڏسبي هئي، تڏهن خميسي کي خيال ايندو هو ته هيءَ ڪهڙي نه ايماندار ۽ محنتي عورت آهي! ڀٽڪندي ڀٽڪندي، ٻه قبيح پَيڪرن ۾ ڦاٿل روح، هڪٻئي جي ويجهو آيا هئا، جن کي ٻيا سڀ حقارت سان ڏسندا هئا، جن ننڍپڻ کان وٺي ماڻهن جون ڇڙٻون سَٺيون هيون: اُهي جڏهن گڏ ويهي پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا هئا تڏهن کين ائين محسوس ٿيندو هو ته جيڪو ڏکن ڀريو ماضي هو گذاري آيا آهن، نه اُهو ئي ڪا اهميت جهڙي چيز هئي، ۽ نه مستقبل، جيڪو هنن لاءِ پنهنجي جهول ۾ الائي ڇا کڻي اچي رهيو هو هنن لاءِ حال اهڙو ته مسرت ڀريو، اهڙو ته حسين هو، جو هنن انهيءَ کان پري ڪجھ ڏسڻ ئي نه پئي چاهيو.

خميسو، جيڪو نازيءَ کان وڌ بدصورت هو، تنهن ڪڏهن به هن جي حسين هجڻ جي تمنا نه ڪئي هئي: انهيءَ ڳالهه نازيءَ جي دل ۾ بي انت خود اعتمادي ڀري ڇڏي. صاف سادن ڪپڙن ۾، ڦٽيءَ ڏنل وارن سان، جڏهن هوءَ عجب بيفڪريءَ سان ٻهارو ڪلهي تي کڻي هلندي هئي، تڏهن ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو سپاهي جنگ جي محاذ تي ويندو هجي. سندس اِنهيءَ لوڏ تي کيس اسپتال جي ملازمن وٽان لقب مليو هو- ”وڏيري“. جڏهن پٽيوالا کيس ائين ويندي ڏسندا هئا،ته هڪٻئي کي مرڪي چوندا هئا: ”آها، وڏيريءَ جي چال ته ڏس!“

هوءَ بنگلي جي ويجهو پهچي وئي، پر سندس خيالن جو سلسلو اڃا به هلندو پئي ايو. گذريل هفتي کان جڏهن صاحب خميسي جي اڍنگائين کان تنگ ٿي، کيس ڪڍي، اُن جي جاءِ تي فضلوءَ کي رکيو هو، تڏهن کان هن جي ڪم مان دلچسپي ئي نڪري ويئي هئي. اُنهيءَ بنگلي ۾، جتي هوءَ پهرن جا پهر لڳائي ڇڏيندي هئي، هينئر ڪم ڪندي سندس دل ئي ڪانه ٿيندي هئي. کيس ائين ويڳاڻو ڏسي، مالڪياڻي چوندي هئي: ”ڇو، نازي، خوش ته آهين؟ طبيعت ٺيڪ نه هجيئي ته هلي وڃ؛ باقي ڪم پاڻيهي فضلو ڪندو.“

”نه، بيگم صاحب،“ ائينچئي، هوءَ وري ڪم کي لڳي ويندي هئي- پر سڄو وقت سندس روح ڪٿ ٻئي هنڌ پيو وسندو هو. هن خميسي جي ڪمي فضلوءَ مان مٽائڻ پئي چاهي؛ پر فضلوءَ جي هلت هن جي تن بدن ۾ چوچڙي لڳائي ڇڏي هئي. هن جي ننڍڙين ڪارين اکين ۾ سوچ سمايل هو ته هوءَ کانئس ڪيئن وير وٺي.

وارڊ بواءِ ۽ پٽيوالن کان وٺي ڪمپائونڊرن تائين- سڀني لاءِ هوءَ چانهه جي گرم ڪوپ جيان هئي، جنهن کي حاصل ڪري سندن دماغي ڪلفتون دور ٿي وينديون هيون؛ پر خميسو انهن سڀني کان اڳتي هو. خميسو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بدصورت هو، جيڪو سڀني کان وڌيڪ بيوقوف هو، اُهو نازيءَ لاءِ دنيا جي پهرين ۽ آخرين مسرت هو.

اُن ڏينهن، صبح سوير، هوءَ بنگلي جي ويجهو پهتي هن ڏٺو، فضلو باغ مان گلدستا کڻي بنگلي اندر پئي ويو. هن هيڏانهن ڏٺو. مالهي واهه تان پاڻي ڀرڻ ويو هو. ڀنگي پري اسپتال جي صفائي ڪري رهيا هئا. هوءَ نخري سان ٻهارو لوڏيندي هن جي ويجھو هلي آئي، ۽ پنهنجين ننڍڙين اکين ۾ مستي ڀري فضلوءَ کي چيائين:

”فضلو، ٻيڙي ته پيار!“

فضلوءَ منهن ورائي، ڪرڙيءَ اک سان کيس ڏٺو، ۽ چڙ مان چيائينس، ”مغز خراب ٿيو اٿئي ڇا1 هل هل، ڪانهي ٻيڙي!“ پو3 هو تڪڙو تڪڙو بنگلي اندر هليو ويو. نازيءَ کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪا بندوق جي گولي هن جي وارن کي ڇهندي اڳتي هلي وئي. فضلوءَ جي اِنهيءَ بيرخيءَ، اُها خود اعتمادي، جيڪا خميسي جي پيار هنن جي دل ۾ پيدا ڪئي هئي، برف جيان ڳاري ڇڏي.

هوءَ چڙ ڀريءَ سوچ ۾ بنگلي جو ڪم ختم ڪري نڪتي، ته کيس مالڪياڻيءَ کان مانيءَ وٺڻ به وسري ويئي. زناني وارڊ وٽان لنگهندي، هن ڏٺو ته خيرو دوا جي شيشي کڻي ڊاڪٽر سان گڏ وڃي رهيو هو. هوءَهن جي ڀرسان لنگهي وئي، پر خيري ڊاڪٽر جي خوف کان ڏانهنس نهاريو به ڪونه. هونئن ته هوءَ سندس اِنهن چالاڪين تي خوش ٿيندي هئي، پر اڄ هن کي ڄڻ باهه وٺي ويئي. هن دل ئي دل ۾ کيس گار ڏيئي ڪڍي- ”سڀ سوئر جا ڦر آهن!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com