سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :11

سانجھيءَ جو هوءَ گاسليٽ وٺي ڦاٽڪ وٽان لنگهي رهي هئي، ته گلو کيس گڏجي ويو. هميشه موجب، پنهنجا پِيلا ڏند ڪڍي گلوءَ کيس چيو: ”اچ، وڏيري، ڪا خبر چار ڪر-“ ۽ ڪئنچيءَ وارو سگريٽ کيسي مان ڪڍي کيس ڏنائين: ”اچ، وٺي موج ڪر-“ نازيءَ، زخمي شيرڻيءَ جيان کيس ڏسندي، سگريٽ مروڙي کڻي هيٺ ڦٽو ڪيو، ۽ تڪڙي تڪڙي هلي ويئي. گلو اهڙو ته وائڙو ٿي ويو، ڄڻ رات جو چنڊ بجاءِ سج اڀرندو ڏٺو هئائين.

هن خميسي کي پنهنجي نور جو قسم کڻي يقين ڏياريو هو ته ”جي هن اسپتال ۾ نوڪري نه وٺي ڏيانءِ، ته مُئي پڄاڻا به شڪل نه ڏسجانءِ!“ جوش ۾ اچي هن خميسي کي ٻول ته ڏنو هو، پر هينئر هوءَ ڪري ته ڇا ڪري؟ ٻه هفتا لنگهي ويا، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. هڪ ڏينهن هوءَ ڪم ختم ڪري گهر پئي ويئي، ته رستي ۾ خميسو ملي ويس. کيس مايوسيءَ مان ڏک ڏوراپا ڏنائين، ۽ چيائين: ”تون مون کي اجايا دلاسا ٿي ڏين. هاڻي آءٌ هيءُ شهر ڇڏي هليو ويندس، من ڪٿي نصيب لڳي وڃي!“ خميسو پوءِ ڪاوڙ ۾ گهڻو ئي ڳالهائيندو رهيو، ۽ نازي گم سم کيس ڏسندي رهي. جڏهن خميسو اٿي هليو ويو،ته هن کيس روڪيو به ڪونه گهر وڃي، هوءَ پنهنجيءَ ڇنل کٽ تي ليٽي پيئي. منجھند جو رحمو گهر آيو، ته چلهه ۾ باهه نه ڏسي ۽ نازيءَ کي بالم جيان کت تي ستل ڏسي جوش ۾ ڀرجي ويو. کڻندي ئي ڪاٺي، کيس مارڻ شروع ڪيائين. ڏاڍي پڃ ڪڍيائينس. ڪٽي ڪٽي ٿڪجي پيو، تڏهن اطمينان سان ويهي ٻيڙي پيئڻ لڳو. خلاف معمول، هن دفعي مار کائيندي، نازيءَ هت به آڏو ڪونه ڏنو، نڪي واتان ٻڙڪ ئي ٻوليائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ، خاموشيءَ سان اٿي ماني تيار ڪرڻ کي لڳي ويئي. جڏهن رحمو کائي ڍءُ ڪري ٻاهر هليو ويو، تڏهن، کن پل سوچي، ’ڊي. ڊي. ٽي.‘ پائونڊر جي چپٽي ڀري، پاڻيءَ ۾ ملائي، پي وئي.

سندس حالت ابتر ٿي وئي، پر جلد ئي پتو پئجي ويو، ۽ وقت سر سندس علاج ڪيو ويو. جڏهن خميسي کي خبر پيئي، ته هو سندس جانباز محبت جو اهڙو قائل ٿي ويو جو نازيءَ کي چيائين، ”منهنجو توسان سر لڳي! ايڏي ڪاوڙ ڪبي آهي ڇا! جي مري ويندينءَ ته به تنهنجو مجاور ٿي گذاريندس، پر ٻيءَ ڏانهن اک کڻي نه نهاريندس!“

نازيءَ زهر ڇو کاڌو، اُن جي ته خود هن جي ملائڪن کي به خبر ڪانه هئي، پر ان جو اثر اهو ٿيو جو خميسي الڳ پنهنجو پرديس وڃڻ ملتوي ڪيو، ته رحموءَ الڳ سندس خوشامد ڪئي. اسپتال جي لوهي پلنگ تي ليٽي، پنهنجي هن بي ساخته لغزش جو سٺو نتيجو ڏسي، هوءَ دل ئي دل ۾ مرڪندي رهي- ليڪن، مرڪندي مرڪندي، جڏهن به فضلوءَ جي شڪل هن جي ذهن آڏو آئي ٿي، ته کيس هڪ عجيب اذيت جو احساس ٿيڻ لڳو ٿي.

رحمو اڪثر ساڻس وڙهندو هو؛ ان ڪري سڄيءَ اسپتال ۾ ائين مشهور ٿي ويو ته هن مڙس جي جڳهڙي کان تنگ ٿي زهر کاڌو هو. هڪ خسيس ڀنگياڻيءَ لاءِ ايتري سوچ ويچار جي ڪنهن کي ضرورت هئي؟ ٻه ڏينهن نوڪرن ۾ سندس ذڪر هلي، وسري به ويو.

هفتو کن بستري تي رهي، نازي وري پنهنجي اڳينءَ ڪرت کي لڳي ويئي. اُنهن ڏينهن ۾ خميسي ۽ ٻين ملازمن جي خوشامد هن جي دل ۾ بيحد خوشي آڻي ڇڏي هئي. هوءَ پنهنجي اهميت محسوس ڪرڻ لڳي، ۽ سوچڻ لڳي، ۽ سوچڻ لڳي ته هاڻي هوءَ ڪڏهن به مرڻ جي خواهش ڪانه ڪندي.

آچر جو ڏينهن هو. صبح جو نازي بنگلي تي آئي، ته صاحب جن کي ٻاهر وڃڻ جي تيارين ۾ ڏٺائين. ٿوريءَ دير کان پوءِ سڀ ٻاهر هليا ويا. هوءَ به جلد صفائي ڪري، گهر هلي ويئي. شام جو هوءَ وري بنگلي تي آئي. کانئس وسري ويو ته بنگلو بند آهي. فضلو بورچيخاني جي در وٽ بيٺو هو. نازيءَ کي ايندو ڏسي چيائين:

”ڇو آئي آهين؟“

”صفائي ڪرڻ.“ نازيءَ تُنديءَ مان جواب ڏنو.

”بنگلو بند آهي. سڀاڻي اچجانءِ.“

نازيءَ وڃڻ لاءِ وک وڌائي ته فضلوءَ کي ڪجھ ياد اچي ويو. اڳتي وڌي، کيس ٻانهه کان پڪڙيندي چيائين: ”ٻڌ ته، نازي، تو زهر ڇو کاڌو هو؟“

نازيءَ جي رڳ رڳ ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي. هن جون ننڍڙيون اکيون چمڪڻ لڳيون. هوءَ ماٺ بيٺي رهي، ڪو جواب نه ڏنائين. اوچتو ئي، سندس ذهن ۾ هڪ خيال آيو. بجليءَ جهڙي تيزيءَ سان، ٻئي هٿ ٻُهاري ۾ وجهي، هڪٻئي پويان، فضلوءَ جيمٿي تي ڦهڪائي ڪڍيائين. سَرَ جون تيليون هن جي هٿن ۽ ٻانهن ۾ چڀي ويون، ۽ گوڙ تي آسپاس جا ماڻهو مڙي آيا.

ڪرشن چندر

سنڌيڪار: محمد علي ڏيپلائي

گُلدان

’برگانزا‘ جي خفيه گُتي مان جڏهن آءٌ ۽ منهنجو ٻُچي ڏاڙهيءَ وارو چترڪار دوست، ’ڪمتي‘، پِي ٻاهر نڪتاسون، ته اسان ٻنهي جي پيرن کي اِسپرنگ لڳي چڪا هئا. ڪمٽي جا قدم مون کان البت وڌيڪ ٿڙي رهيا هئا. هو هڪ مست ٻڪر جيان نشي ۾ جهولندو پئي هليو، ۽ سندس سنهي ٻُچي ڏاڙهي به هوا ۾ اُڏامي رهي هئي. جيتوڻيڪ ڪمٽي اڄ ئي هن گُتي ۾ پهريون دفعو مون کي گڏيو هو، پر ملڻ سان ئي ڪجھ اهڙي کُلي انداز ۾، ڪجهه اهڙي وڻندڙ بڪبئي انداز ۾ مليو، جو آءٌ منجھانئس ڪڪ ٿيندي به سندس قائل ٿي ويس. اهو ته معلوم نه ٿي سگهيو ته هو چترڪار ڪهڙو هو، پر سندس ڳالهين مان ايترو سو معلوم ٿيو ته ماڻهو مڙئي دلچسپ آهي، ۽ ڳالهير ۽ بڪبئي هوندي به دلچسپ آهي. اڄڪلهه جي مشيني دور ۾ ته انسان ايتريقدر رُکا، غير دلچسپ ۽ ساڳئي ساڳئي نموني جا ملن ٿا، جو ڄڻ هڪڙي ئي ٺپي ۽ قالب مان نڪتا آهن- نوٽن وانگر، رڳو مهانڊن جو نمبر بدليل هوندو اٿن. ان ڪري، مون مناسب سمجهيو ته آءٌ ڪمٽي کي سندس گهر تائين پڄائي اچان. پر جڏهن مون اها ڳالهه هن سان ڪئي، ته چڙي پيو: ”اڙي، وڃ ڙي، ڀُٽو! تون ڇا ٿو سمجهجين؟ آءٌ اڪيلو پنهنجي گهر نٿو وڃي سگهان ڇا؟؛“ ايترو چئي، مون کان هٽي، هو پوئين پاسي ڏانهن ڊوڙڻ لڳو- ڄڻ ته منهنجيءَ صورت کان به بيزار ٿي چڪو هجي. مون ڊوڙ پائي وڃي جهليومانس، ۽ ٻنهي ڪلهن کان ڌونڌاڙيندي چيومانس، ”خبر اٿئي، ميان، هينئر رات جا ٻه وڳا آهن. رستي ۾ هنڌ هنڌ تي پوليس- جيپ ملندءِ. مون کي تنهنجو ڊپ ڪونهي، ڊپ اهو اٿم ته اُهي متان تنهنجي هيءَ خوبصورت بُشرٽ نه لاهي وٺن!“

’برگانزا‘ جي گُتي ۾ پهرين پهرين ڪمٽي جي بشرٽ ئي مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو هو. ڏاڍي سهڻي بشرٽ هئي! ڪپڙو ته بلڪل رواجي، ٿلهو ۽ کهرو هو، پر اُن تي چترڪار پنهنجي هٿ سان ويهي چِٽ گُل ڪڍيا هئا. ٻنهي ڪالرن تي هڪ هڪ سِرڻ جي شڪل چٽيل هئي. جڏهن مون کانئس ان لاءِ پڇيو، ته جواب ڏنائين: ”ڇاڪاڻ ته اسان غريب انسانن جي قسمت ۾ اهو ئي لکيل آهي.“ ڇاتيءَ واري هنڌ تي هڪ اَڌ- اُگهاڙيءَ عورت جي تصوير هئي- ڇو ته ڪمٽي جي خيال ۾ هر مرد جي دل ۾ (جيڪڏهن هو مرد آهي ته) اها ئي هڪ تصوير هوندي آهي. ٻنهي کيسن جي ٻاهران وري نوٽن جي مقدس شڪل ٺاهي هئائين- جنهن لاءِ کانئس وڌيڪ پڇڻ، مون به اجايو وقت وڃائڻ ٿي سمجهيو. گهري سائي رنگ جي اها بشرٽ پائي، جڏهن ڪمٽي شام جو گهمڻ نڪرندو هو، ته هر ڪنهن ماڻهوءَ جي نظر ان ڏانهن کڄي ويندي هئي. سچ پچ ته سڄي شهر ۾ ٻئي ڪنهن وٽ به اهڙي نادر بشرٽ ڪانه هوندي. منهنجي ڏاڍي دل ٿي ته ڪمٽي جي بدن تان اها بشرٽ لاهي وٺان، پر پهرينءَ ئي گڏجاڻيءَ ۾ هن سان اهڙي قسم جي حرڪت ڪرڻ جي همت ڪانه ٿيم.

ڪمٽي کي پنهنجيءَ بشرٽ تي ڏاڍو ناز هو. هو بيحد پنهنجائپ مان اُن ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو: ”ڇو، پوليس وارا منهنجي بشرٽ ڇو لاهي وٺندا؟“

مون سندس ڇاتيءَ تي هٿ رکندي چيو، ”هن کي پائي، تون اگهاڙپ جو اشتهار پيو لڳين!“

”ته پوءِ ڀلا هو مون بدران ايلورا ۽ کاجو راءِ جي مندرن کي ڇو نٿا گرفتار ڪن؟“

ڪمٽي چر وچان منهنجن هٿن کي پنهنجن ڪُلهن تان ڇنڊيندي، منهن بڇڙو ڪري، هڪڙي پاسي بيهي رهيو. مون هن سان وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، ۽ آهستي آهستي ساڻس هلڻ لڳس. اتفاق سان هڪڙي خالي ٽيڪسي آهستي آهستي وڃي رهي هئي، ڪمٽي هڪدم هٿ جو اشارو ڪري ان کي بيهاريو. اسين ٻئي خاموشيءَ سان ان ۾ ويهي رهياسين. ڪمٽي جهومندي چيو: ”ڪماٽي پوره، نائون نمبر گهٽي، ستون نمبر چالي!“

”چڱو، سائين!“ ٽيڪسيءَ واري پنجابيءَ به لهرائيندي چيو، ۽ ٽيڪسي تيز ڪري ڇڏيائين. هو به ڪو پِيتل هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ٽيڪسي رستي تان هٽائي، ٽرام جي پٽي تي هلائڻ لڳو؛ ۽ تار، ٽيليفون، بجليءَ ۽ ٽرام جا کنڀا هڪٻئي ۾ ائين گِڙمِڙ ٿين لڳا جو مون رڙ ڪري چيومانس، ”ٽيڪسي روڪ!“ ٽيڪسيءَ واري ڪجھ جهونگاريندي، زور سان بريڪ لڳايو. ٽيڪسي، پينگهي وانگر جهولندي، هڪدم بيهي رهي. ٽيڪسيءَ وارو مجسم سوال بنيو مون ڏانهن نهارڻ لڳو- ۽ ڪمٽي به. مون پڇيومانس؛ ”تون ٽيڪسي ڇا تي هلائي رهيو آهين؟“

”رستي تي!“

”پر هيءُ ته ٽرام جو پٽو آهي!“

”پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو به رستو ئي آهي. ۽ هن وقت آءٌ ٽرام جي پٽي تي ڇا، پر هوا تي به ٽيڪسي هلائي سگهان ٿو!“

”انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي،“ مون سنجيدگيءَ سان سندس تائيند ڪندي چيو، ”پر اسان کي ٽِڪسيءَ جو رستي تي هلڻ ئي پسند آهي؛ ان ڪري...“ آءٌ چپ ٿي ويس.

ٽيڪسيءَ واري پنجابيءَ کي منهنجي بزدليءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي؛ پر ماڻهو هو شريف، انهيءَ ڪري سور پي ويو. هن ٽيڪسيءَ کي ٽرام جي پٽي کان هٽائي ورتو، ۽ هيٺ رستي تي هلائڻ لڳو- بيحد تيز انداز ۾.

”آهستي هلاءِ!“

”آهستي هلائڻ واري جي ماءُ کي-“ ٽيڪسيءَ واري چپن ۾ ڀُڻ- ڀُڻ ڪندي چيو. هن ٽيڪسيءَ جي رفتار اڃا به وڌائي ڇڏي، ۽ زور زور سان ڳائڻ لڳو:

’اسان تينون نهين ڇڊنا، بهاوين وري دي قيد اي بولي!‘

(اسين توکي نه ڇڏينداسين، ڀلي ته هڪ سال جي ٽيپ اچي وڃي!)

انهيءَ گيت جي ٻولن ٻڌڻ کان پوءِ ڪجھ وڌيڪ چوڻ اجايو هو. مون دل ئي دل ۾ پنهنجي وصيت ڪئي، ۽ اُن نظاري جو تصور ڪرڻ لڳس، جڏهن منهنجي زال سرڪاري مُرده خاني ۾ منهنجو لاش ڏسندي، ۽ ڇاتي ڪٽيندي چوندي: ’هاءِ ڙي منهنجا اياڻا خاوند! تو حياتيءَ ۾ پنهنجو ويمو به ڪونه ڪرايو!‘

اتفاق وري اهڙو ٿيو جو رستي ۾ ڪابه پوليس- جيپ ڪانه ملي. ’هاذان فضل ربي‘ ۽ ’خدا حافظ‘ واري ڪا لاري به ڪانه ملي. گوشت- مارڪيٽ جي ٽرڪ، يا سرڪاري ڊيڙيءَ جو کير کڻن وارو گاڏو به ڪونه مليو. ۽ اسين ٿوريءَ دير ۾ ڪماٽي پوره جي نائين نمبر گهٽي جي ستين نمبر چاليءَ جي ٻاهران پهچي وياسين.

ٽيڪسيءَ واري مِيٽر کڻندي چيو: ”ٻه رپيا چوڏهن آنا!“ ڪمٽي پنهنجيءَ بشرٽ جي ٻنهي کيسن ۾ واري واري سان هٿ وڌو- جن تي ڪرنسي نوٽن جون شڪليون بنيل هيون- پر اندران ڪو نوٽ ته ڇا، هڪ آني جو ريزو به ڪونه نڪتو. نيٺ مون ٻه رپيا چوڏهن آنا ڏيئي جان ڇڏائي. پر ڪمٽي منهنجي ٿوري مڃڻ بدران مون ڏانهن گهور ڪري ڏسڻ لڳو ۽ چيائين، ”تون هتي ڇو لهي پئين، پنهنجي گهر ڇو نه وئين؟“

”انهيءَ لاءِ، جو آءٌ تنهنجون ٺاهيل تصويرون ڏسڻ ٿو گهران.“

”رات جي ٻين بجي؟ وڃ، مسٽر، پنهنجي گهر جو رستو وٺ، مون کي ننڊ پيئي اچي!“

ائين چئي، ڪمٽي پنهنجي چاليءَ ڏانهن مڙيو، پر مُڙندي ئي فُٽپاٿ جي ڪنڊ سان آتڙجي ڪري پيو. مون يڪدم اڳتي وڌي کيس اُٿاريو، ۽ سندس ڪمر ۾ هٿ وجهي، کيس ٽيڪ ڏيندو، چاليءَ جي چرڙاٽ ڪندڙ ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳس. ٽينءَ منزل جي الهنديءَ ڪنڊ تي هن جو ڪمرو هو. مون ڪمٽي جي کيسي ۾ هٿ وجهي ڪمري جي چاٻي ڳولي ڪڍي، ۽تالو کوليو. ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي ڪمٽي چيو: ”کاٻي پاسي ڀت ۾ بجليءَ جو سُئچ آهي.“ مون سئچ هيٺ ڪري سوجهرو ڪيو، ته ڏٺم ته سڄو ڪمرو تصويرن سان ڀريو پيو هو. مختلف سائيزن جون تصويرون ڀتين تي ٽنگيل هيون، ته ڪي وري ڪُنڊن ۾ مٿيون پيئون هيون. پٽ تي پيل تصويرون، عجيب بيوسيءَ جي عالم ۾ ڇت ڏانهن ڏسي رهيون هيون. بلب جي روشني ڪمزور هئي، انهيءَ ڪري اُهو مون کي هوا ۾ لٽڪيل هڪ اوٻاريل زرد بيدو پئي معلوم ٿيو.

يڪايڪ مون کي احساس ٿيو ته آءٌ انهن تصويرن کي نه ڏسي رهيو آهيان، بلڪ اهي تصويرون مون کي ڏسي رهيون آهن ته هيءُ ڪير ڌاريو ماڻهو آهي جيڪو اسان جي وچ ۾ هليو آيو آهي. ڪمٽي جي تصويرن جا رنگ ڏاڍا گهرا ۽ ڦٽڪندڙ هئا: لهرائيندڙ، درديلا رنگ- اهڙا رنگ، جيڪي بيمار ڳڻتين جا ڳاريل ٿي لڳا اهڙا رنگ جيڪي پڙپڙيا ۽ بڪبڪيا پئي لڳا رنگ جن طعنا ٿي هنيا، جيڪي زندگيءَ جي سڻڀي تهه اندر کهريون ۽ تڪليف ڏيندڙ حقيقتون ڏيکاري رهيا هئا، ۽ هڪڙي ٽوڪ ڀرئي انداز سان ڏسڻ وارن تي کلي رهيا هئا. مون کي ڪمٽي جون ٺاهيل تصويرون اصل ڪونه وڻيون. مون کي ته پاڻياٺن رنگن جو هلڪو هلڪو ميلاپ پسند آهي، جنهن ۾ هڪڙو رنگ غير محسوس طريقي سان شان ٻئي رنگ جي مٿاڇري ۾ رچي مچي وڃي ٿو؛ جنهن ۾ وڻَ عورتن وانگر حسين هوندا آهن، ۽ عورتون وڻن وانگر ميويدار؛ جنهن ۾ مردن جا جسم بنسريءَ جي نغمن جيان لچڪيدار لڳن ٿا، ۽ بنسريءَ جا نغما ڪنول جي گلن جيان ڍنڍ جي پاڻيءَ تي لهرائيندا معلوم ٿين ٿا.

”ڪيئن ٿو ڀانئين منهنجون تصويرون؟“

مون مُڙي کيس ڏٺو. ڪمٽي ڪمري جي وچ ۾ هڪڙي ڪرسيءَ تي آرام سان ويٺو هو، ۽ پيرن سان فرش تي ٺڪ- ٺڪ ڪري رهيو هو. سندس اڌ پوريل اکين ۾ هڪ عجيب ذهين چمڪ هئي- ذهين، ۽ طنز ڀريل. مون هڪ نظر هن تي ڪئي، هڪ نظر چئني پاسن پکڙيل تصويرن تي گهمائي، ۽ بلڪل بيڊپائيءَ سان چيم:

”تون چترڪار نه آهين، مسخرو آهين!“

”انهيءَ ۾ ڪهڙو شڪ آهي!“ ڪمٽي تمام سنجيدگيءَ سان چيو: ”آءٌ چترڪار پوءِ آهيان، ڪارٽون ساز پهرين آهيان. آءٌ هفتيوار اخبار ’دنڪر‘ لاءِ ڪارٽون ٺاهيندو آهيان. ۽ وانداڪائيءَ جي وقت ۾ مصوري ڪندو آهيان. هن دنيا ۾ اها ڳالهه ڪيڏي نه عجيب آهي جو جنهن ڪم مان انسان کي ماني ملي ٿي، ان ڪم سان هن کي محبت نٿي ٿئي! مون کي گهڻو ڪري اُنهن ماڻهن جي خلاف ڪارٽون ٺاهڻ لاءِ چيو ويندو آهي، جن جي آءٌ دل سان عزت ڪندو آهيان. ان ڪري، اهڙن ماڻهن جا ڪارٽون ٺاهيندي ٺاهيندي، مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ آءٌ پنهنجي منهن تي ٿُڪي رهيو آهيان- ۽ جڏهن سالن جا سال اهڙيءَ طرح ٿُڪيندي گذري وڃن، ته انسان جو مهانڊو ئي ميسارجي ويندو آهي!“ ڪمٽي غور سان منهنجي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. پوءِ مون ڏانهن آڱر کڻي چوڻ لڳو: ”هاڻي جيڪڏهن تون ڪنهن گهٽيءَ، بازار، يا ڪنهن وڏي ميڙ مان لنگهين، تڏهن مهانڊن کي غور سان ڏسج: توکي اُنهن ۾ انسانن جا منهن گهٽ، ۽ ٿُڪدان گهڻا ڏسڻ ۾ ايندا!“

مون گهٻرائجي پنهنجي منهن تي هٿ ڦيريو؛ پوءِ يڪدم هٿ هٽائي ڇڏيم، ۽ پاڻ کي سنڀاليندي چيم: ”توکي جيڪڏهن پنهنجي ڪم کان ايڏي نفرت آهي ته پوءِ انهيءَ کي ڇڏي ڪو ٻيو ڪم ڇو نٿو ڪرين؟“

ڪمٽي پنهنجي هڪ آڱر مون ڏانهن کنئي، ۽ چوڻ لڳو: ”نه، تو غلط سمجهيو. مون کي ڪارٽون ٺاهڻ کان نفرت نه آهي، پر جڏهن مون کي پنهنجي مرضيءَ خلاف ڪارٽون ٺاهڻ لاءِ چيو ويندو آهي، ان وقت مون کي پنهنجي ڪم کان نفرت ٿيڻ لڳندي آهي.“

ڪمٽي چپ ٿي ويو. اوچتو اُداس ٿي چوڻ لڳو: ”ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيندو آهيان ته مون کي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ کپي، جنهن ۾ مون کي سوچڻو نه پوي- جهڙوڪ بازار ۾ ٻهاري ڏيڻ جو ڪم.“

”ان ۾ به سوچڻ جي ضرورت آهي،“ مون چيو، ”ماڻهو جيڪڏهن سليقي سان ٻهاري نه ڏيندو، ته هر واٽ ويندڙ جي منهن کي ڪارٽون بنائي سگهي ٿو!“

ڪمٽي منهنجي مزاح کي نظر انداز ڪندي، سخت ڏکويل حالت ۾ چيو: ”پوءِ ڀلا آءٌ ڇا ڪريان؟ آءٌ گوبيءَ جو پَنُ ٿي وڃان، يا بصر جي کَلَ؟“

هاڻي آءٌ ڪجھ سنجيدو ٿي ويس. چيومانس، ”حد کان وڌيڪ قنوطيت جو ماريل انسان نڪو گوبيءَ جو پن ٿي سگهي ٿو، ۽ نه بصر جي کَل!“

”پوءِ آءٌ ڇا ڪريان؟“ ڪمٽي جوش جي حالت ۾ پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي بيهي رهيو. هاڻ هن جي منهن تي نشي جو رنگ ڪونه هو؛ اُهو ئي گهرو ڦَٿڪندڙ رنگ هو، جيڪو سندس تصويرن جو هو. اُن وقت مون کي هو پاڻ به هڪ تصوير معلوم ٿي رهيو هو. هن ڪاوڙ ۾ اچي چيو: ”هن غلط ڪار دنيا ۾ مون جهڙو انسان پنهنجي ڍنگ جو ڪم ڪٿان ڳولي؟ پنهنجي تخليق جي درد کي، پنهنجي خواب جي پُٽ کي، پنهنجي جذبي جي معراج کي، ڪٿان حاصل ڪري؟“

”ان جون مختلف واٽون آهن“، مون طنز ڪندي چيو، ”پر اُنهن مان ڪابه واٽ برگانزا جي گُتي مان ڪانه ٿي لنگهي!“ آءٌ کلڻ لڳس.

”کِل نه!“ هن جوش ۾ اچي رڙ ڪئي. ”جڏهن هڪڙيءَ گندي، ٿَڪائيندڙ ۽ غليظ ماحول سان ڀريل مِل مان نڪري، هڪ مزدور، گهر بدران سڌو تاڙي خاني جو رُخ ٿو وٺي، ته اُن جي تاڙيءَ پيئڻ تي نه کِل! جڏهن هڪڙو خانگي فرم ۾ سوا سئو پگهار کڻن وارو پوڙهو منشي، ڏهن ڪلاڪن تائين آنا ۽ پايون جوڙ ڪندي ڪندي، ٿڪجي، آفيس کان ٻاهر ٿو نڪري، تڏهن سام جي ڳاڙهاڻ ختم ٿي چڪي هوندي آهي ۽ رات جا پاچا پکڙجي رهيا هوندا آهن: انهيءَ ماڻهوءَ ورهين کان شام جي لالاڻ نه ڏٺي آهي، گُلن کي ٽڙندي نه ڏٺو آهي، مُرڪندڙ مُکڙين تي ماڪ پوندي نه ڏٺي آهي، وسندڙ اکڙين مان ٽپڪندڙ حسرتن کي نه ڏٺو آهي: پوءِ اُهو انسان، جيڪڏهن گهر جي بدران ڪنهن رنڊيءَ جي ڪوٺي تي هليو وڃي، ته اُن جي عقل جو ماتم نه ڪر! دنيا جو ڪو به درد، ڪنهن تي کِلڻ يا روئڻ سان گهٽ ٿيو آهي؟“

ڪمٽي چپ ٿي ويو. اُوچتو، پنهنجي احساس جي شدت کان گهٻرائجي، هو وري ڪرسيءَ تي ويهي رهيو؛ ۽ آهستي آهستي چوڻ لڳو: ”جڏهن هڪ بيڪار نوجوان سارو ڏينهن آفيسن، فرمن، ڪارخانن ۽ دڪانن جا چڪر هڻي، مايوس ۽ مجبور ٿي، پنهنجيءَ گندي چاليءَ جي غليظ ڪمري ۾ پاڻ جهڙن بيڪار ساٿين سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ شطرنج ٿو ڪُڏي، تڏهن اُن کي سست ۽ بيڪار ۽ نڪمو نه سمجهه! ڏس، هو ڪهڙيءَ نفرت سان ’شهه‘ کي مات ٿو ڏي!... هر انسان، هر موقعي تي پنهنجي عقل ۽ سمجھ ۽ ماحول مطابق هڪ رستو چونڊي ٿو-“

”انهيءَ رستي تي هلي، انسان هميشه ڀٽڪيو آهي.“ مون کيس ڏاڍي پيار سان چيو: ”پر هن وقت اهو بحث بيڪار ناهي؟ تون اهو ٻڌاءِ ته تو پنهنجي لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪيو آهي؟“

ڪمٽي، ٻارن وانگر، شرير ۽ فاتحانه لهجي ۾ مون کي رازداريءَ جي نموني ۾ چيو؛ ”مون؟ مون پنهنجي چهري اندر هڪڙو ٻيو چهرو لڪايو آهي. دنيا جي رستي تي هلندي هلندي، ڪڏهن هڪ انسان جا ٻه انسان ٿي پوندا آهن؛ ۽ اڄڪلهه ته هر انسان پنهنجيءَ کَلَ ۾ هڪ ٻِٽي شخصيت لڪايو وتي- هڪڙي انسانَ اندر هڪڙو ٻيو انسان. هڪڙو انسان ته منهنجي اندر اُهو آهي، جيڪو پنهنجي مرضيءَ خلاف ڪارٽون ٺاهي ٿو- ڪڙهي ٿو، ڪِنجهي ٿو، پچي ۽ پوسري ٿو، پر ’دنڪر‘ اخبار جي مالڪ جي مرضيءَ تي هلڻ لاءِ مجبور آهي. ٻيو انسان اهو آهي جيڪو چترڪار آهي ۽ صرف پنهنجي مرضي سان ڪم ڪري ٿو. هو صرف اها تصوير ٺاهي ٿو، جنهن لاءِ صرف هن جي روح کيس مجبور ڪيو هجي.“

”ڇا، تون روح تي اعتقاد رکين ٿو؟“ مون پڇيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com