سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :4

مگر علم هي ايڏو بي انت آهي،

جو هرڪو انهن مان هتي مبتدي آ.

 

اي لاهوت ۽ لامڪانن کان اڳتي، قلندر، تون ڪائي دنيا ٻي ڏسين ٿو:

نظر ڪر، مقام محبت ڪٿي آ، هُتي ڪائي نوري تجلي پسين ٿو؟

ڏسين ٿو، هو عرشِ معليٰ آ سامهون،

اهوئي ته منهنجو ’محبت نگر‘ آ!

’نياز‘ همايوني

هاءِ، جيجل مارئي!

آد اُٿليو، بود بدليا، پر اياڻي مارئي!

تونه نٿي بڻجي سگهين دل جي ڌياڻي، مارئي!

مان اڃا سمجهان ٿو توکي سا پُراڻي مارئي،

جا عمر جي ڪوٽ ۾ هئي قيدياڻي مارئي:

وقت ٿو توکي رکي هر دم ڏُکاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

توکي هر هڪ دور ۾ بيوس ڪري مَنڍيو ويو،

ماڳ تي پهچڻ کان اڳ ئي راهه ۾ رنڊيو ويو؛

ڪٿ ته چوراڻي مَڏيءَ جيان تنهنجو وڙ ونڊيو ويو،

ڪٿ وري توکي ائين ڦاڪون ڦنڊيو ويو،

ڄڻ ڪري حصا پتيون مڇي وڪاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تون اُها آهين نه، جا سسئي ٿي وڻراهن ۾ مئي؟

تون اُها آهين نه، جا سهڻي ٿي درياهن ۾ مئي؟

تون اُها آهين نه، جا مومل ٿي آڙاهن ۾ مئي؟

تون اُها آهين نه، جا ٻاگِهي ٿي راتاهن ۾ مئي؟

ياد آ مون کي سندءِ ساري ڪهاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

جئن وسائي خانقاهن جي ڏئي کي واءُ اچي،

جئن وڃائن ڪاٽڪو ڀاڳين جو سنجهي ساءُ اچي،

جئن ڏين ننڊ آيلن ٻارن کي کڙڪا ڊاءُ اچي،

جئن کڻن دلبو ڪري ڪنهن جو جواري داءُ اچي،

تو سان اهڙا ڪم ٿيا ڪَوڙين، اياڻي مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

نينهن جا ناريل توتي ڇانوَ گهوريندا ويا،

پرت جا رابيل توکي بوءِ بخشيندا ويا،

ڪي سِڪايل ٿي سِري تو لاءِ گهوريندا ويا،

ڪي پرانهان ٿي ۽ پنهنجو جيءُ جهوريندا ويا،

ڪن ڪري سودو ڪئي تنهنجي پڄاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

اڄ نه سانگي، هئا جي ساهه سيباڻا، اَلا!

لوڪ لوٺئي ۾ رهيا باقي انڌا ڪاڻا، اَلا!

ڪوڏ جي مُلهه ٿا وڪامن لال لاکيڻا، اَلا!

رتّ جا ڍڪ ٿا پيئن وينجهار ماٺيڻا، اَلا،

ڪوبه ناهي جو ٿئي هن ويل ساڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

مست ٿي موهن دڙي سان جاڙ جئن مهراڻ ڪئي،

اهڙي حالت ڪنهن اچي اڄ تنهنجي هستيءَ ساڻ ڪئي؛

تنهنجي لوئيءَ تي اندر- ڪارن ائين ڇڪتاڻ ڪئي،

ڄڻ اچانڪ جلهه گهوڙيسوار تي کٽياڻ ڪئي:

تنهنجي لولي، تنهنجي ٻولي، ڪين اگهاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

سُئي سڳو پنهنجو، پراڻو ٿي ويو کن پل اندر،

ڄڻ ته وئي لُٽجي، اَلا، رن زال ڪا ڪرڳل اندر؛

ايئن نڌڻڪا ٿيا سي، ڄڻ ڪو اجنبي جهنگل اندر،

جان وئي جُٺ ڦٺ ۾، آيو جيئڙو جنجل اندر:

ڄڻ پگهر جي پل ۾ ٿي وئي برف پاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

ڪِرڙ جون مُکڙيون ڪوماڻيون، ۽ ڀَتر جا گُل ويا،

چيٽ جا چانڊول اُڏامي ويا، اَڪن جا ڦُل ويا،

روح راتاهن ۾ آيا، رونقن جا هُل ويا،

ڇيهه پيا ڇاتين اندر، دلڙين کان وسري بُل ويا:

سُور سيڪاٽيو، سُڪو اکڙين جو پاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تو مُحابي هئا مزي ۾ مامرا مهراڻ جا،

ناچ ٿي سڳنڌن ڪيا، ۽ راڳ هئا چانڊاڻ جا،

راتڙين ٿي رنگ لاتا، ڏينهن هئا مانڊاڻ جا،

چوپچو ۽ چهچٽا هئا قرب جي ڇڪتاڻ جا:

کل خوشي هئي ڄڻ ته ڪا ميراث اباڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تون پکي ۾ پدمڻي ۽ لوئيءَ ۾ لالي هئينءَ،

تنهنجا ڳُڻ ڳايا ٿي ڳوٺن، بات ۾ بالي هئينءَ،

روپ هو تنهنجو رتانڻ جيان، سُکن پالي هئينءَ،

لئي جي شڪر جيان مِٺي، ڪوڙاڻ کان خالي هئينءَ:

ٿي رهينءَ سڀ جي نظر ۾ صاحباڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

سرس تنهنجو روپ هو جيڏين اندر جرڦل جيان،

ٽهڪندي ٽلندي وتينءَ ٿي بودليءَ بربل جيان،

هيج تنهنجي ڀانءِ ٿي سڀ کان پئيئي درمل جيان،

هاڻ تنهنجا حال هيڻا ٿيا سڙيل حرمل جيان:

ڪئي سُکن تو سان سويري موڪلاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تنهنجون ساهيڙيون ڀِٽن تي هيون انهيءَ اوصاف ۾،

ڄڻ ته گوپيون مندرن ۾، ڄڻ پريون ڪوه ڪاف ۾؛

تنهنجا جهانگي ايئن ٿي  ڀاسيا ڏيهه جي اطراف ۾،

ڄڻ ته اِندر جي سڀا، معصوم ڄڻ اعراف ۾!

مَٽ نه ماڙيون هيون منهه جي، گهَر ڌياڻي مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تون پواڙيءَ گل جيان ٿي پئي لڳينءَ وڻراهه ۾،

ڇمڪڻي گل جي ڇُڳن وانگيان ٺهينءَ هر ٺاهه ۾؛

جئن وسن جهڙا رهن اِلسيءَ جا گل ڦل گاهه ۾،

تئن مهانڊا تنهنجا سانڀيل هئا سڀن جي ساهه ۾:

تو ۾ تُلسيءَ جون سڳنڌون هيون، سُنهاڻي مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تنهنجي دل درياهه هئي، ۽ تنهنجو من ماڳن ڌڻي،

سادگيءَ ۾ ڀي سونهاري ٿي رهئين ڀاڳن ڌڻي،

تنهنجا هٿ اوٺيئڙن جيان ٿي رهيا واڳن ڌڻي،

تنهنجي در پانڌي هئا سڀ، تون هئينءَ آڳن ڌڻي:

هاڻ تنهنجو سج لهي ويو، ٿي سُمهاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تنهنجي جندڙيءَ سان جياپو هو سڀن جو جُوءِ ۾،

هئا مڙئي ڏکڙن ۾ ۽ سکڙن ۾ سرها روءِ ۾،

هيڪڙائيءَ کان نه ٻاهر و ڪو ’ها‘ ۽ ’هوءِ‘ ۾،

سيبتائي هئي سلامت، شڪل ۾ ڇا خوءِ ۾:

هئي نه آدرڀاء بِن ڪنهن جي تڳاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تو بنا، اي سيبتي، آهي سُڃن جو واءُ سواء،

پيو ڏڪر، ٿي ويو بکن جو ۽ اُڃن جو واءُ سواء،

وسئن وئي، ڀڙڀانگ ٿي ويڙو پُڃڻ جو واءُ سواء،

هانوَ کي کائڻ اچي ٿو هي رُڃن جو واءُ سواء:

هَي، هچارن کان ٿي ويئي ڪاڪ ڪاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تنهنجا اوٺيئڙا اُداس آهن، ۽ بَرَ پَٽڙا اُداس،

راتڙين رم جهم وساري، ٿي ويا ڏينهڙا اُداس،

ويا ڇڏي وندر کي ويلا، رهجي ويا، رُوهڙا اُداس،

ماءُ کان وڇڙي ٿين ٿا بر ۾ جئن ٻڇڙا اُداس:

هاءِ ڀي وئي، هوءِ ڀي وئي، وئي وڪاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

جن پَٽن ۾ پُڃ ڪيئه تن جو وليون ويران ٿيون،

جن جڳهين ۾ جواني آندءِ، سي دهي ميدان ٿيون،

جن ڦُڙين ۾ ڇيڄ کيڏيئه، سي ڦِري طوفان ٿيون،

سينڌ سرمن جو وسيون سُڃ جو وڃي سامان ٿيون:

جوڻ ڦيريو جر، ڦِريو اکرن تي پاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

ٽاڪ مانجهاندي جو جن ٿي چنگ چوريا ڇانوَ ۾،

اڄ نٿا آڻي سگهن چارڻ اُهي سر ڏانوَ ۾؛

لُڙ ۾ ويا لانجها ٿي لاڏا، لوڏ ناهي لانوَ ۾،

وڀّ جا ورڙاٽ آهن، وڍ پون ٿا هانوَ ۾:

باغ ويا ڀڙڀانگ ٿي تو بِن، نماڻي مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

ڪوئلن سان جن ڪڍي ليڪا ٿي نوٽن راند ڪئي،

سينڍ ۾ ڪوهياري ڳائيندي ٿي اَڻتُڻ ماند ڪئي،

بئنسريءَ تي بيت آلاپي ٿي جن دل باند ڪئي،

تن حليمن جي حياتي ڏوجهرن ڪيڪاند ڪئي:

اجنبي ٿيا ساز کان سُر، سالڪاڻي مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

جيءَ ٿا جلندا رهن لوبان جيان تو واسطي،

سُور ٿا وڌندا اچن سرطان جيان تو واسطي،

ڪِيس ٿا اوڏا ٿين ارمان جيان تو واسطي،

بند ٿا ٺهندا وڃن زندان جيان تو واسطي:

بيگناهيءَ جي گنهه ڪئي قيدياڻي مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

سونهن تنهنجي سانوري، ميرو سندءِ سينگار، هوءِ!

ماڳ مانڊاڻا ڇڏيا، وڇڙي ويا سينگار، هوءِ!

دل تي ديپڪ دَوَ ڪيا، ڳائي ڪو ڪيئن ملهار، هوءِ!

شل نه ڪنهن کي ڏينهن ڏيکاري ائين ڏاتار، هوءِ!

تنهنجي سورن جي نٿي ڏسجي پڄاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

جن جو جوڀن آهي اڄڪلهه اوج تي ادرڪ جيان،

جن جا چهرا ٿي ڏين ڏيکاءُ نئين ڪمرڪ جيان،

جن جي هر ڳالهه آهي رنگيلي اُچيءَ اجرڪ جيان،

تن کي توکان ئي ملي سوڀيا اڇيءَ ابرڪ جيان:

تون ائين ٿينءَ، شهر ۾ ڄڻ ڪا جوڳياڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

نيڻ مارُن جا، اَلا، روئي ٿڪا تو کان سواءِ،

کاڄ پيا کِههَ، وِههُ ٿيا پيرون پڪا تو کان سواءِ،

هار ۽ سينگار جي سُڌ ڪانه ڪا تو کان سواءِ،

منهن ٿيا تيلن ڦُليلن بِن جهڪا تو کان سواءِ:

سيڪ آيلَ وڻ جي ڄڻ مُکڙي ڪوماڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تنهنجي ساهيڙين ڇڏي ميندي وساري، ڏينهن ٿيا،

سينڌ تان سِندر سڀاڳين کي اُتاري ڏينهن ٿيا،

راز رمزون ۽ اشارا ويا گذاري، ڏينهن ٿيا،

چئنچلن جي چلولائيءَ کي سُڌاري ڏينهن ٿيا:

کل خوشي وارين ڪچهرين ڪئي پڄاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

جن هندورن ۾ ٿي جهوٽيا لال لاکيڻا ڪڏهن،

جن اڳنڌن ۾ هئا موجن جا مانڊاڻا ڪڏهن،

جن اوطاقن ۾ هئا کنڊ- کير ڏاڏاڻا ڪڏهن،

جن گلابن ۾ ٽِليا ٿي، هاءِ، ٽانڊاڻا ڪڏهن،

تن جا ريٽيا رند ويراني، نماڻي مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

تنهنجي چانگن جو چَڙيون ايئن ٿيون پيون آواز ڏين،

جئن وسوڙيل کي خلائن ما ڪي يادون ساز ڏين؛

تنهنجون ماٺيڻيون ادائون ايئن پيون انداز ڏين،

ڄڻ قلندر جي ملنگن کي ٿا سپنا راز ڏين:

توکي سڏڪن ساڻ ٿا ساريون، اباڻي مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

 

ڪيم ٿي مايوس، او منهنجي مِٽياڻي مارئي،

سون ورني ۽ ڌنارن جي ڌياڻي مارئي،

آءُ ڪندس واهر سندءِ، سر ڏئي، نماڻي مارئي،

بند مان توکي ڇڏائيندس، اباڻي مارئي:

مان وڃي گهر گهر ڪندس تنهنجي ڪهاڻي، مارئي!

هاءِ، جيجل مارئي، راڄن جي راڻي مارئي!

ا. ح. جئسنگهاڻي

اي وطن

خاڪ تنهنجي آ جياپو منهنجي تن من جو سدا؛

دل سندم کي آ سهارو، تنهنجي دامن جو سدا؛

ٿو رهان شائق مان تنهنجي منهنجي مُرڪن جو سدا،

تنهنجي خوشحاليءَ ۽ تنهنجي خوش نصيبن جو سدا؛

مان ٿيس سائل، هجين شل باغ باغن جو سدا؛

شان ۽ شوڪت ۾ ٿين اڳوان ملڪن جو سدا!

 

سونهن تنهنجيءَ تي ٽِڏن ٿا ناز مان اهلِ وطن،

سمنڊ جيئن بيتاب ٿي تنهنجي قدمبوسي ٿا ڪن؛

کير ٿر جا ٿا جبل تنهنجي مٿان ڄڻ ڇَٽُ رهن،

نُور پڻ ٿو نت وسي منجهه، اي وطن، تنهنجي ڀِٽن:

رنگ ۽ ڪو ڍنگ پنهنجو ڳوٺَ ٿا تنهنجا رکن،

نام تاريخن مان ٻُڌجي تنهنجي شهرن جو سدا.

تنهنجي سيني تي رهي ’سِنڌو‘ ٿي سهڻي هارَ جيئن:

گاهي سِيتل ۽ سَرَل آ سرڳ جي هڪ ڌار جيئن،

گاهي دهشت ڌوم بادل جي اٿس گجڪار جيئن،

ٿي سدا دلڪش لڳي هڪ مُنڌ جي سينگار جيئن؛

بازوءَ بند ٿيا واهه تنهنجا، ڇوليون ڇمڪار جيئن،

ڀرت زر جو آ سندءِ کيتن تي سنگڙن جو سدا.

 

مرد موچارا گهڻا سورهيه ٿا پيدا هتي،

شاهه عادل، مير، راجا پڻ ويا نيڪي ڇڏي؛

مارُئيءَ جو مَٽ ڏسان دنيا جي زالن ۾ ڪِٿي!

علم جا گوهر به هئا، ۽ راز جا مالڪ جتي،

اُت سچل ساميءَ جو نالو ياد ٿو سڀ کي رهي،

۽ ٿيو پيدا ڀٽائي، شاههُ شاهن جو سدا.

 

رام ۽ رحمان، سنڌين لئه رهي هڪ ئي ڌڻي:

سِنڌ خود سَنڌي ٺهِي، ميلاپ جو ڪارڻ بڻي؛

ٻُڌ، عرب، هندو ۽ عيسائيءَ کي هڪجهڙي وڻي؛

هيڪڙائيءَ جي نظر دل روح پنهنجي ۾ هڻي،

مَي محبت جي وَنڊي صوفين سدا هت ٿي گهڻي؛

هڪ ٻُڌو آواز ٿي مسجد ۽ مندر جو سدا.

 

ڏِس، مِٺي ڪهڙي نه هر پهلوءَ ۾ ٿي تنهنجي زبان!

حرف هر هڪ ۾ سُرن جي آ ڀريل نت سهڻي تان؛

تير جئن هر هڪ اکر ٿو ڳولي پنهنجو ئي نشان،

وروڪڙ ۾ پڻ نه ٿَس ٻولين اندر ڪوئي سمان:

موڙ سان معنيٰ ڦري، پسر ناهه مطلب ۾ گمان،

ميل اکرن جو رکي ٿي ۽ خيالن جو سدا.

 

هي فقط ارمان ٿو منهنجي رهي دل ۾ سدا،

سنڌ جي تهذيب ڪٿ، ۽ هيءَ رَوِش اڄ جي ڪجا؟

ويس ۽ وستر نمونا پڻ پراوا ڪن ڪيا،

ڪن ڪئي ڌاري زبان خود پنهنجي ٻارن سان روا!

اِسم اردو، فعل سنڌي، پر صفت انگلش ۾ آ،

سنسڪرت عربيءَ سان ڪن گهنجراٽ جملن جو سدا!

 

ڪي سياست ڪوڙ جيءَ ۾ ٿا گهڻو بهرو وٺن،

اصليت پنهنجي ڇڏي ڪي نقل ٻئي ڪنهن جو ٿا ڪن،

ڀاڻُ ڌاڻن ۾ گِڏن، ڪي کير ۾ پاڻي وجهن-

شان تنهنجو ناهه، سنڌي، جو ڪرين اهڙا يتن:

يا ٿي بزدل ڏين ڳلو منجهه ظلم وارن جي هٿن،

امن خاطر تون بڻين قاتل اصولن جو سدا!

 

سنڌ وارا! پنهنجو ورثو سيڪ سچائيءَ سان سنڀار،

دين هڪ انسانيت جو دل ۾ دائم دوست ڌار،

عيش خود غرضيءَ جون واٽون دور هن ۾ تون وسار،

راهه جيوَت ۾ نئين، اي ’سام‘، الفت جي اُڪار؛

آس جو ڏيئو وري هڪ هن انڌاريءَ ۾ تون ٻار،

ڪر عَلم اُوچو جهان ۾ حق پرستن جو سدا!

’سليم‘ ڳاڙهوي

منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

شل هجين سرهئي ۽ سائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي

مان ته توسان دل لڳائي منهنجي مٺڙي سنڌڙي.

تنهنجو اَنّ- پاڻي، هوا، کائي وڏا ٿياسون اسين،

تنهنجي هر شي راس آئي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

تنهنجي پاڻيءَ ۾ پسان ٿو کير، گيهه، مصري مليل،

تنهنجي مانيءَ ۾ مِٺائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

پِرت وارا، وير وارا، سڀ پيا پلجن وڌن،

ڇا ڳڻين ڪنهن جي ڪَچائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

بار سڀ سر تي سهي، سُور ڏک جهوليءَ جهلي،

تو ڪئي سڀ سان ڀلائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

چين، هندستان ۽ انگلنڊ سان منهنجو نه ڪم،

توکان گهٽ ساري خدائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

جن ڏنا سر تو مٿان، اڄ تن کي تنهنجي گود ۾،

مٺڙي مٺڙي ننڊ آئي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

جي وڏي لاچار کان وڇڙي ويا پرديس تي،

ياد هر هر تن جي آئي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

سون چاندي ٿِي اسان لئه تنهنجي ڌرتيءَ جي مِٽي،

تون سُٺي، تو ۾ سُٺائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

سنڌڙي ساڻيههُ سسئيءَ، مارئيءَ، مومل سندو،

پرت جت نوريءَ پُڄائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

سنڌڙي، جت گيت گوجن ٿا سچل ساميءَ سندا،

جت ڀٽائيءَ جي به وائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

اوليائن جي زمين، ساڌن سچارن جي زمين،

جنهن ۾ برڪت ۽ ڀلائي منهنجي مٺڙي سنڌڙي،

سونهن وارن جي زمين ۽ نينهن وارن جي زمين.

جنهن ۾ سهنائي، سچائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

سنڌڙيءَ سان جندڙي جڪڙي جڙي، قربن ڪڙي،

منهنجي رڳ رڳ ۾ سمائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

جي وسارن ٿا وطن کي، حيف تن جي حال تي،

عمر تن جي ٿي اجائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

ماٿري مهراڻ! سئو تنهنجي ساوڪ کي سلام،

گود تنهنجي سرس سائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

سنڌڙي، او سنڌري! شل سک وسين، سَرهي رهين،

شل سُڪر مانين، سَڻائي، منهنجي مٺڙي سنڌڙي!

 

آزاد نظم

سراج

اِندر- سڀا

ڇم ڇم، ڇم ڇم-

خوابن جا جزيرا جاڳي پيا!

لوڪ- ڪٿا جي منظر وانگي،

اِندر- سڀا جي اَکاڙي ۾،

ڪو انتريامي، دل جو ڀيدي،

پوترتا جي رابيلن جي مالها پائي،

سُندرتا جو تلڪ لڳائي،

جيوَن- جوت جلائي،

آيو ’ڄاڻ- پريءَ‘ کي رام ڪرڻ!

- ڪو نينهن ٿي ڇلڪيس نيڻن ۾،

ڪا ڳولا ڀٽڪيس تن من ۾-

موهه- نگر جي ڳولا!

 

اِندر چيو: ”اي پيار جا پنڇي،

”توکي ڪهڙي ڳولا؟

”تون اَن انتريامي،

”۽ تون دل جو ڀيدي،

”توکي ’ڄاڻ‘ جي ڪهڙي ڳولا؟

”موهه- نگر ۾ تنهنجو ڇا؟“

(’ڄاڻ- پري‘ ڪجھ هٻڪي، هٽڪي،

موهه منجهان ڪَر موڙي،

ساهه سنواري، آئي

انترياميءَ جي ڀاڪر ۾!)

انسانن جي دنيا اندر

’ڄاڻ‘ جڏهن کان قيدي بنجي،

’شيشي جي گهرن‘ ۾ آئي آ،

”مرگهه- ترشنا کان ڀٽڪي ڀٽڪي،

”جيون- رڄ ۾

”اَس به ٿڪجي

”آهي پاڻ نهوڙي ويٺي!

”موٽي اهڙو وقت نه ايندو،

”’ڄاڻ‘ جڏن انسانن ۾ ڀي موٽي ايندي؟“

*

(اپسرائن جو ڪورَس)

”دنيا بنبي اِندر- سڀا:

”موهه- پري ۽ ڄاڻ- پري،

”پيار- پري ۽ سونهن- پري،

”داسيون بنجي، ماڻهو- روپيءَ اِندر- سڀا ۾

”اينديون سُک جو سرڳ سنوارڻ،

”جيون- جوت جڳائڻ!...“

شمشير الحيدري

مسرت جي منزل

زمانو نه بيٺو،

ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه بيڍا!

هي منزل جا دوکا، هي دوکن جي منزل،

هي خوش فهميون ۽ غلط فهميون،

هي منزل جي رُخ تي هزارين ئي وڻڪار جا ڪاڪ- محلات،

 

پنهنجي ڪمالات جي دلڪشيءَ سان،

هر هڪ راهرو قافلي کي، ائين ئي، پيا عيش آرام جون دعوتون التجائون سڃيندا!

 

نهايت ئي مسرور آهن نگاهون،

نهايت ئي مشڪوڪ آهن نظارا!-

تصور جي تخليق جا ڪارناما.

هي بيجان پٿر جي مورن ۽ شيرن جي بيروح،

بي پهچ بُتن جون سئو سئو قطارون،

 

هي گمراهين جون گهزارين مزارون،

مڙئي ڪوڙ آهن. (مگر چند آثارَ الزام جي دائرن اِهي سڀ نظارا، ۾ نه آهن.)

اسان کان اڳي ئي، زماني جي راهن تي پنهنجي قدم آزمائي ڪندڙ پيڙروئن جي جولان جي ڌوڙ آهن.

مسرّت جي منزل جي تاريخ بيحد پُراني پُراڻي،

ازل کان ابد جي مسلسل ڪهاڻي!

هي منزل نما سائبانن جا کنڊر،

هر هڪ راهرو قافلي جي نشاني،

شڪسته ۽ ويران:

انهن تي تعجب ڪريو يا نه ڪريو،

اهي سڀ، ائين ئي، اِتي ئي، زماني جي پُرزور

پيرن ۾ پامال ٿيندا!

گهڻي دير ٿي وئي انهن کي تڪيندي،

وري رات ٿي وئي انهن کي تڪيندي:

وري رات آئي، وري صبح ٿيندو،

- ائين ئي انهن رات ۽ ڏينهن جي سلسلن ۾،

زماني جي رفتار جو علم عرفان دٻجي وڃي ٿو!

زماني جي تاريخ تي هڪ نظر،

ٿي بخشي ازل ۽ ابد جو شعور،

مسرّت جي منزل طرف هڪ قدم،

ڏئي ٿو نئين زندگي کي جنم:

سدا لازوال آهي انسان جي عظمتن جو ظهور!

اِها آهي بس زندگيءَ جي حڪايت،

اَٽل آهي بس وقت جي رهگذر تي نظارن جي

تبديلين جي روايت

ته اي همسفر ساٿيو، مهربانو،

مسرت جي منزل جا راهي جوانو!

پُڪاري پئي وقت جي عام نوبت:

نرالن نظارن جي تخليق جا ڪارناما، اوهان جي جهان ’ساز نظرن ۾ مستور آهن؛

خوشيءَ جا خزانا، مسرّت جا هر لمحه تازا ترانا،

اوهان جي سُخن ساز شيرين زبانن جو دستور آهن؛

اوهان جي سدا صاف فڪر و عمل ۾،

حياتيءَ جي فنڪارين جا هزارين ئي شهڪار معيار موجود آهن-

مسرّت جي منزل پُڪاري پئي:

عبث آهي ماحول جي مٽجندڙ منظرن تي قناعت،

اُٿو، ڪوچ ڪريو!

قدم باقدم، وقت جي رهگذر تي،

خوشيءَ جي ترانن جي جهونگار ڪريو،

نرالن نظارن جو اظهار ڪريو!

- ۽ جيڪي طلسمات جي ڪاڪ- محلات ۾ کوئجي ويا،

انهن کي ڇڏي ڏي، ائين ئي، سندن حالتن جي حواليل

ڀلي وائڙن جيان نگاهون ڄمائي،

بنا سُرت، چپ چاپ، بيٺا رهن سائبانن جا بيڪار

کنڊر تڪيندا!

انهن تي تعجب ڪريو يا نه ڪريو،

اهي سڀ، ائين ئي، اِتي ئي، زماني جي پرزور

پيرن ۾ پامال ٿيندا!

زمانو نه بيٺو،

ڪڏهن قافلا زندگيءَ جا نه بيٺا!

لوڪ گيت

رائچند چيلهار

”مروُئو“

]ٿر ۾ شاديءَ وقت هي گيت ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون وڏي چاهه سان ڳائينديون آهن. ’مروُئو‘ هڪڙو خوشبودار ٻوٽو ٿيندو آهي. سنڌيءَ ۾ ان کي ’نازبُو‘ چئبو آهي.[

مروئو مانرو امراڻي ري واڙيئي.

مروئو مانرو ڏاڏاڻي ري سيريئي.

ڪيـٖـهِي ٻائِي رو وايوڙو؟

ڪيـهِي ٻائِي رو سينچيوڙو؟

............ ٻائي رو وايوڙو،

............ ٻائي رو سينچيوڙو.

مانهنجِي جهيڻولي جيڏل! مروئَي ري مَهنڪار!

مروئو ٽوڙي بِيرَي ري موريڙي ٻڌاڙان،

ٻيهنَل ٻائي ري چُڙلي.

- مانهنجي جهيڻولي جيڏل!...

 

مروئو مانرو گوڍي ڏاڙيٖ ڊانکڙو،

پانـٖـي ڦُلي ڦُوٽرو.

- مانهنجي جهيڻولي جيڏل!...

مروئو مانرو موڀي وِيري ري گاسيڙَي،

ٻيهنَل ٻائي ري چوٽلڙي.

- مانهنجي جهيڻولي جيڏل!...

 

مروئو مانرو ٻيهنَل ٻائي ري ڇاتلڙي،

ڀيڻوئي جي ري رهاڻ.

- مانهنجي جهيڻولي جيڏل!...

 

منهنجو مروئو امرڪوٽ جي واڙين ۾،

منهنجي ڏاڏاڻي ملڪ جي گهٽين ۾ جام آهي.

اهو مروئو ڪهڙي ٻائيءَ جو پوکيل آهي؟

ڪهڙيءَ ٻائيءَ جو ان کي پاڻي ڏنل آهي؟

(نالو چئبو)... ٻائيءَ جو پوکيل آهي، ۽

(نالو چئبو)... ٻائيءَ جو پاڻي ڏنل آهي.

منهنجي پياري ساهيڙي، مروئي جي عجيب خوشبوءِ آهي!

 

مروئو پَٽي، ڀاءُ جي پٽڪي ۾ ٻڌايان،

ڀيڻ جي چُوڙن ۾ وجهان.

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

منهنجو مروئو ٿُڙ ۽ ٽارين ۾ گهاٽو آهي،

پَنن ۽ ڦلن سان سهڻو پيو لڳي.

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

منهنجو مروئو وڏي ڀاءُ جي گاشئي ۾ ۽

ڀيڻ جي وارن جي چوٽيءَ ۾ وجهان.

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

منهنجو مروئو ڀيڻ جي ڇاتيءَ تي ۽

ڀيڻوئي جي مجلس ۾ آهي.

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

مروئو مانرو سوپاري جهڙو سُوگٺو،

ني ڦوٽان جهڙو ڦُٽرو.

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

مروئو مانرو ڪيهي ڀيڻوئي ري اوتارَي؟

ڪيهي ڀيڻوئي ري رهاڻ؟

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

مروئو مانرو ... ڀيڻوئي ري اوتاري،

... ڀيڻوئي ري رهاڻ

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

مروئو مانرو ڪيهي بيري ري گاسيڙي؟

ڪيهي بيري ري رهاڻ؟

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

مروئو مانرو ... بيري ري گاسيڙي،

... بيري ري رهاڻ.

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

منهنجو مروئو سوپاريءَ جهڙو وڻندڙ ۽

ڦوٽن جهڙو سهڻو آهي.

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

منهنجو مروئو ڪهڙي ڀيڻوئي جي اوطاق ۾ ۽

ڪهڙي ڀيڻوئي جي مجلس ۾ آهي؟

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

منهنجو مروئو (نالو چئبو)

... ڀيڻوئي جي اوطاق ۾ ۽

(نالو چئبو) ... ڀيڻوئي جي مجلس ۾ آهي.

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

منهنجو مروئو ڪهڙي ڀاءُ جي گاشئي ۾ ۽

ڪهڙي ڀاءُ جي مجلس ۾ آهي؟

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

 

منهنجو مروئو ... ڀاءُ جي گاشئي ۾ ۽

... ڀاءُ جي مجلس ۾ آهي.

- منهنجي پياري ساهيڙي!...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com