سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :9

’زيب‘ ڀٽي

مَبُو چريو

محلي جا مڙئي ماڻهو مبوءَ کي چريو چوندا هئا. منجھس هئا ئي چرين وار اپار. جانٺو جوان، قهر الود اکيون، منهن تي ڏاڙهيءَ جي ساوڪ، ڪپڙا ميرا ۽ ڇنل، مٿو ۽ منهن، ٻانهون ۽ ٽنگون ڌڌڙ ۾ ڀڀوت- پَنَ جي ٻيڙي وات ۾، دونهان ڪڍندو، اِهو ٿو وڃي! ڪنهن کي گار، ڪنهن کي ڌڪ، ڪنهن کي بُجو- وريو پِلا ڏند ڪڍيو بيٺو ٽهڪڙا ڏيندو! بت سڄي ۾ ڪي ڪنڊا هئس: ڪهڙو به ڪپڙو، هيٺ يا مٿي، هڪ ڏينهن پاتو ناهي ته ٻئي ڏينهن ڦاٽو ناهي- ڏَرَ ڪڍيو ڇڏيندو هونِ. سُوٽ پائڻ تي مبو مست هوندو هو؛ پر پراڻو سراڻو سوٽ ڪٿي ٿو سٽ جهلي، ليڙهون ليڙهون ڪري ڇڏيندو هوس.

ڪم جو سو گامو سچار هو، جيڏانهن وارينس تيڏانهن وري. وارث وسيلو ڪو به ڪو نه هوس. پاڙي پتيءَ مان مانيءَ جي پورت ٿي ويندي هيس. باقي رات جا چار پهر، سو يارهين ٻارهين تائين رولاڪ ٻارن سان ڪچهريون ڪري، چونڪ جي وڏي ٿَلهي تي ٽنگون ٽيڙي سمهي رهندو هو. صبح سويل اُٿي، هڻندو هو گهٽين ۾ گهُتون- پَنَ جي ٻيڙي وات ۾، انجڻ وارا دونهان ڪڍندو پيو سير پسار ڪندو هو سج مٿي چڙهندو هو ته موٽي ايندو هو. چونڪ ۾ سڌو دينوءَ جي دوڪان تي، دينو به هن کي گڏهه وانگر واهيندو هو. سيڌو سامان سڀ هي اڪيلو مڙس ڍوئي دڪان ڀيڙو ڪندو هو؛ پر دينو هن کي مزوريءَ ۾ رڳو گاريون ڏيندو هو، جي هل کل خوشيءَ ۾ وساري ڇڏيندو هو. هو ڪو اهڙو بيغيرت به ڪو نه هو. هڪ دفعي ته پاڙي جي وڏي سيٺ سان سامهون ٿي بيهي رهيو. گاريون ته دل کولي ڏنائينس، پر مُرڳو جنبر کڻي مٿس اُلر ڪري آيو. سيٺ جا ماڻهو مٿس مٽجي ايا، پر پوءِ پاڙي وارن جي چوڻ تي ڇڏي ڏنائونس. چي، ’چرئي کي چور جي چئن گارين لاءِ... اجايو ٿا ککر ۾ کڙو هڻو... ڇڏي ڏيوس، چريو آهي!‘ پوءِ ته سيٺ به پاڻيهي کسڪي ويو.

دينوءَ جي دڪان سان ڪا دل اڙيل هيس. دڪان جي سامهون دينوءَ جي گهر جو در هو. در جي اوٽ ۾ دينوءَ جي ڌيءَ گُلي ليئا پيئي پائيندي هئي. اڃا اڳئين سياري ۾ اندر ويٺي هئي. رنگ جي البت سانوري، ڪپڙا سادا، پر وارن جي سنوار ۾ سوڀياوان، جوانيءَ جي جوت ۽ الهڙپڻ ڏانهن مائل. مبوءَ دينوءَ جي دڪان تي گهڻو گذاريندو هو. آءٌ آفيس کان ايندي ۽ ويندي ڏانهنس نهاريندو هوس، ته هلڪي مشڪ مشڪي چوندو هو- ”آئو، ماستر!“ هو مون کان ماستر سمجهندو هو. آءٌ هن کي چوندو هوس ”آلو، مسٽر مبو!“ ته خوش ٿي ٽهڪ ڏيندو هو.

هڪ دفعي آفيس مان دير سان موٽي رهيو هوس. منهن- اونداهو هو. گهٽيءَ ۾ ڪير به ڪونه هو. دينوءَ جي داڪن اوريان، گهر جي در وٽ، مبوءَ کي گليءَ ڏانهن اشارا ڏيندي ڏٺم. گُلي به در ٻيڪڙيو، وريو کولي؛ سسي ٻاهر ڪڍيو، پئي مبوءَ ڏانهن ناز ادا سان نهارون ڪيائين. سيني جو اُڀار، ساهه کڻن سان هيٺ مٿي پئي ٿيس. مبو ته اصل مست هو! آءٌ به چپ چاپ پاسو ڏيئي هليو ويس- متان سندن معصوم رومان ۾ ڪا رڪاوٽ پوي. هنن کي ه منهنجي مَٽي وڃڻ جو پتو ڪونه پيو. ان ڏينهن کان مون کي مبوءَ منجھ اُهو چريو نظر آيو، جنهن جي جهان کي ڪل ڪانه هئي. هو سڀني جي نظرن ۾ چريو هوندو هو، سواءِ گليءَ جي. هن وٽ گليءَ لاءِ اهو ئي پيار هو، جيڪو عام انسانن وٽ هوندو آهي. مبو چريو هو، گليءَ لاءِ. گليءَ خاطر دينو دڪاندار جون گاريون به هن لاءِ گل هئا. هاڻي هوجڏهن به مون کي ’آئو ماستر‘ ڪري سڏيندو هو، ته مون کي سندس چپن تي اُها مُرڪ معلوم ٿيندي هئي، جيڪا پيار ڪندڙ چهرن ۾ هوندي آهي.

مهينن پٺيان مهينا مَٽي ويا. سياري جي مند منهن مس ڪڍيو هو، ته دينوءَ جي در تي دهلن جو ڌڌڪو ۽ پتاسي مڱڻهار جون بينون وڄنديون ٻُڌيم. پڇا ڪيم،- گليءَ جو وهانءُ هوا مبوءَ کي ڪا اُن ڏينهن خوشي هئي! ٻڌا ٻڌا ٽهڪ پئي ڏنائين. سڄي پاڙي جا ٻار هن جي پويان- ’مبو چريو، مبو چريو‘ چئي پئي ڦيرايائونس. مون ڳچ تائين بيٺي اهو رنگ ڏٺو، پر مبوءَ نظر ئي ڪانه ڪئي. ٻئي پاسي سندس ڌيان ئي ڪونه هو. بي اختيار کِل ۾ ٻُڏو پيو هو- ڄڻڪ ته پتاشي جي شرنا جو آواز ۽ مبوءَ جي کل هڪ ئي راهه تي شرط پُڄائي رهيا هئا!

ان ڏينهن مون کي آفيس ۾ به سڄو وقت مبوءَ جي ٻهڪندڙ شڪل پئي نظر آئي. فائيل ۽ ڪاغذ، سڀ ڄڻ مبوءَ جي کِل کِلي رهيا هئا. مبو- چريو مبو، گُليءَ جو مست مبو- منهنجي ذهن ۾ ٽهڪن جي مسلسل گونجار ڪندو رهيو. ليڪن، ... جڏهن آءٌ آفيس مان اُٿي گهر اچي رهيو هوس، ته مبو دينوءَ جي دڪان تان بي موقعي غائب هو! ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ڏينهن تائين مبو مون کي ڪٿي به نظر نه ايو. گُليءَ ۽ مبوءَ جي هلئي وڃڻ سان، دينوءَ جي دڪان ۽ انهيءَ سڄي چونڪ جي سموري رونق پڻ هلي ويئي هئي. هاڻي ته هئا ٻارڙن جا ميڙا، نه مبوءَ جا ٽهڪڙا ۽ دلچسپيون. آهستي آهستي، مبو سڀني کي وسرندي ويو. آءٌ به هاڻي بي ڌيانو اُتان ايندو ويندو هوس-

هڪ ڏينهن، صبح سويل، آسمان تي ڌنڌ ڇانيل هو، آءٌ گهران لهي اچي دينوءَ جي دڪان وٽان لانگهائو ٿيس: ڀرسان، دينوءَ جي دڪان واري تختي تي ڪو چاتل سڃاتل ماڻهو ليٽيل معلوم ٿيم: ويجهو ٿي ڏٺومانس، حيران ٿي ويس....... اهو ’مبو‘ هو- جيڪو هاڻي انساني صورت ۽ سماج کان بنهه ٻاهر هو!

حميد سنڌي

ڪارو رت

 

اڃا اک ئي مس لڳي هيس، ته در کي کڙڪو ٿيو. اُٿي ئي اُٿي، ته ٻيو ڀيرو روز سان ڪڙو کڙڪيو.

”رُلي مُئا آهن! اچيو آڌيءَ رات جو سُک ڦٽائين!“ پيرو بڙ بڙ ڪندو هنڌ مان اُٿيو.

- ٻه سجاڳ اکيون کيس پويان پويان ڏسڻ لڳيون.

”ابا، ڪهڙو؟“ ٻاهر اڱڻ ۾ ايندي، هن وڏي سڏ پڇيو.

”ميان، جواب ته ڏي! ڪير آهين؟“ هو خار کائيندي ٻاهرئين در ڏانهن وڌيو.

- اندر، ڪوٺيءَ ۾، ڪا نازڪ دل ايندڙ خطري جي احساسن کان زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي.

پيروءَ در کولي ٻاهر ليئو پاتو. ڪنهن سڃاتل شخص جو پاڇو معلوم ٿيس. خوشيءَ وچان بي اختيار ٿي پڇيائين، ”ڪير!.... متان آدو شير...“ هن جي جملي پوري ڪرڻ کان اڳ اُهو شخص اندر گهڙي آيو. پيروءَ هاڻي کيس چڱيءَ طرح سڃاتو، ۽ ڀاڪر پائڻ لاءِ ٻنهي ٻانهن کي کوليندي ڪجھ چوڻ تي هو، ته ايتري ۾ آيل شخص جي هٿن کي تيزيءَ سان حرڪت آئي... هلڪيءَ دانهن سان، پيروءَ جي سري وڃي پرتي پيئي، ۽ ڌڙ اُتي ئي نچندي نچندي ڊهي پيو.

اندران هڪ سنهي چيخ ٿي، ۽ ڪو ڊُڪندو ٻاهر آيو.

”تون ڇو آئي آهين؟ آءٌ پاڻيهي اچان ٿو. ڏس ته، منحوس اڃا پيو ڇڙيون هڻي! تون اندر هل، آءٌ اڃا....... اڙي، جنو، تون ته ڏڪين پيئي!“ هن جنوءَ کي ڀاڪر ۾ جهليندي چيو، ”ڊڄي ويئي آهين؟ ڊپ ڇا جو، آءٌ جو موجود آهيان!“

”شيرو!....... تو هي ڇا ڪيو!“ جنور شيروءَ جي ڪلهي تي اهلي پيئي.

”ٺيڪ ٿيو، هن پوڙهي کي مرڻ ئي کپندو هو. هي سڀ ڪجھ تو لاءِ ئي ته ڪيو اٿم!... هاڻي تون شيروءَ جي زال آهين، شيروءَ وانگي بهادر ٿيءُ. تون هل اندر، آءٌ اچان ٿو. گهٻرائي بلڪل نه...“

شيرو سٽ پائي در ڏانهن وڌيو. ٻاهر آسپاس نظر ڪيائين. رات جي اوندهه ۾، پري تائين پکڙيل ٻنيءَ ۾ گاهه جي ڪارن لڏندڙ لمندڙ پاڇولن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه هو. هن آهستگيءَ سان دروازو بند ڪيو، ۽ موٽي لاش وٽ آيو.

”اڙي، تون اڃا اِتي بيٺي آهين! هتي گهڻو نه بيهه، تنهنجي دل ڪمزور اهي. جنو!... او جنو!... جنت!...“

جنت، لوئيءَ ۾ ويڙهي، ائين خاموش ۽ بيحرڪت ٿي بيٺي هئي، ڄڻ ڪو پٿر جو بي پساهه بوتو هجي. شيروءَ وڌي اچي ٻانهن ۾ ورتس. جنوءَ، ڇرڪي، ڪنڌ کڻي سندس ڪلهي تي رکيو، ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

”چري آهين ڇا، روئين ڇو ٿي؟ توکي ته پاڻ خوش ٿيڻ کپي! هل، اندر هلي آرام ڪر. آءٌ به هلان ٿو...“

شيروءَ کيس ڀاڪر ۾ وٺي اچي اندر کٽ تي ليٽايو. پاڻ سندس سيرانديءَ کان ويهي رهيو. لالٽين جي جهڪي روشنيءَ ۾ کيس جنوءَ جو منهن بلڪل هاريل ۽ نپوڙيل نظر آيو. هوءَ اکيون بند ڪري پيئي هئي، ۽ سندس ساهه زور زور سان کڄي رهيو هو. شيروءَ سوچيو، ’زال ذات آهي، لاش ڏسي ڊني آهي. اسان جي دل ته اهڙي پڪي ٿي ويئي آهي جو حرام ڪو لوڏو اچيس!... جنوءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونه هو... خود جنوءَ به ته ائين ئي ٿي چاهيو!‘

”جنو!“ هن جنوءَ کي ڌونڌاڙيو.

”هون...“

”اُٿي ته ويهه، اڃا گهڻي رات پيئي آهي. مس مس دل جو غبار هلڪو ٿيو آهي. هاڻي اسين هميشه لاءِ هڪٻئي جا ٿي رهنداسين. جيڪو وچ جو ڪنڊو هو، سو به خيرن سان دفع ٿي ويو.“

”وچ جو ڪنڊو ته دفع ٿي ويو، ...... پر.....“ وڌيڪ چوڻ بدران، جنو اکيون کولي شيروءَ جي منهن  تڪڻ لڳي.

”- پر؟... چئه، چئه.“

”مان ڀانيان ٿي، ... شيرو، ... اِهو چڱو نه ٿيو!“ جنوءَ وري اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

”تون اجايا کُٽڪا نه ڪر، جنو، جيڪي ٿيو سو ڏاڍو چڱو ٿيو. پيروءَ مان توکي سک به ڪهڙو هو- هو پنجاهه ورهين جو، تون ٻاويهن ورهين جي- ڪيڏو نه طلم چئبو! ننڍي هوندي کان نالي ٿيل هئاسين: پوءِ آءٌ ملٽريءَ ۾ ويس هليو، پر آخر ته موٽي اچڻو هوم! سچ پڇين، جنت، توکان سواءِ مون کي ڪٿي به آرام ڪونه هو!“

”پر... آءٌ ته هاڻي اها ساڳي...“

”ڏس، جنو، تنهن ڏينهن به تو اِها ڳالهه ڪئي... چيومانءِ ته تون مون لاءِ اُها ئي جنو آهين، اُها ئي جنو آهين! ڪجھ اڳيون ڳالهيون ته ياد ڪر... اڄ ورهين کان پوءِ اهو زمانو وري آيو آهي، جڏهن اسين ڏينهن رات هڪٻئي کان جدا نه ٿيندا هئاسين!-“

جنوءَ جي ذهن تي يادگيرين جا انبار تري آيا: ننڍپڻ جو زمانو، جڏهن ٻئي ڄڻا سڄو سڄو ڏينهن پيا ٻنين جي ڪشادين ساوڪن ۾ ڊوڙون پائيندا هئا؛ ۽ پوءِ جوانيءَ جون اهي يادگار گهڙيون، جن ۾ جنوءَ ۽ شيروءَ هڪٻئي سان قول قرار ڪيا هئا. جنو شيروءَ جي ڪنهن رشتي سان سوٽ ٿيندي هئي. شيرو گهڻو ڪري ٻنيءَ تي رهندو هو.جيتوڻيڪ گهر پري ڪونه هئا، ته به هو اڪثر ڪري راتيون به منهن ۾ گذاريندو هو. ڀلا گهر ڪنهن لاءِ وڃي؟ سڳي پيءُ جو ته گهر ڪونه هوس. شيروءَ جي ماءُ خيران ڀر واري ڳوٺ جي هڪ هاريءَ جي زال هئي، جا پيروءَ جي پيءُ، محمد خان ڪمدار، زميندار جي وزر تي ڀڄائي هئي. شيرو ان وقت ستن ورهين جو هو، ۽ ماڻس کيس به ساڻ کڻي آئي هئي. شيروءَ جي سڳي پيءُ گهڻي ڊڪ ڊوڙ ڪئي، پر مائيءَ خيران جو محمد خان ڪمدار سان اهڙو نينهن لڳي ويو جو کُليءَ ڪورٽ ۾ چئي ڏنائين ته ’مڙس منهنجو هيءُ، ٻيو سڀ ڪوڙ‘. شيروءَ کي نه نئون پيءُ محمد خان وڻيو، ۽ نه وري محمد خان کي ئي شيرو پسند پيو. پيرو، جو محمد خان جي اڳينءَ زال مان هو، تنهن مرئي شيروءَ سان سنگت رکڻ چاهي. جيتوڻيڪ پاڻ ان وقت پنجويهن ورهين جو جوان هو، پر پيروءَ کي الائي ڇو شيروءَ جي ٻالي ڀولي شڪل ڏاڍي وڻندي هئي. پر شيرو اُنهيءَ سان به نه ٺهيو. شيرو ٺهيو ته جنت سان جا پيرو جي سڳي سوٽ هئي ۽ هاڻي شيرو جي به سوٽ ٿي. شيرو ۽ جنت اهڙا ٺهيا، جو جواني اچي ويئي ته به هنن ۾ اها ئي مستي ۽ چلولائي هلندي آئي. ڪڏهن ڪڏهن مزي ۾ اچي، شيرو جنت کي چوندو هو:

”جنو، تون مون سان شادي ڪندينءَ نه؟“

”هون، تو سان؟“ جنو منهن ۾ ڪُوڙو ور وجهي چوندي هئي، ”شڪل ڏٺي اٿئي پنهنجي! اما مون کي چوندي آهي ته ’تون چوڏهينءَ جو چنڊ اهين‘، پوءِ ڀلا تون ڇا آهين جو مون سان شادي ڪندين!“

شيرو ٻانهن کان جهلي و‎ٺي مروٽڻ لڳندو هوس، ته جنوءَ کان ڪِيڪ نڪري وندي هئي: ”اَلا، ڇڏ، منهنجي ٻانهن ٿي وڃي!“

”تون چوڏهينءَ جو چنڊ آهين نه!“ شيرو ٻانهن کي ٿورو وڌيڪ موڙو ڏيندو هو.

”نه نه، تو آهين چوڏهينءَ جو چنڊ، بس! ... اَلا، منهنجي توبهه!“

”ٻڌاءِ، مون سان شادي ڪندينءَ نه؟“

جنو، شرمائجي، منهن کڻي ٻئي پاسي لڪائيندي هئي.

”ڀلا، چنگ ته ٻڌاءِ!“ جنو چوندي هئي. شيرو چنگ وڄائيندو هو، ته جنت جي دل جي تار تار تڙڦي اُٿندي هئي، ۽ هوءَ شيروءَ جي ڪلهي تي ليٽي پوندي هئي. ائين ئي، پيار محبت جون گهڙيون گذاريندي، هو هڪٻئي جي نالي ٿي ويا. شيروءَ جي ماءُ ڏاڍي ڪوشش ورتي؛ جيتوڻيڪ محمد خان ڪمدار راضي نه هو، پر زال جي ڪري چپ رهڻو پيس. جنوءَ کي اهي سڀ ڳالهيون هڪ هڪ ٿي ياد اچي رهيون هيون.

... محمد خان جي نفرت لڪل ڪانه هئي. هو شيروءَ کي آهاني بهاني پيو ڇيڙيندو ۽ ڇڙٻون ڏيندو هو. شيرو اهي سڀ ڳالهيون سهي، ماٺ ۾ پيو وقت گذاريندو هو. هڪڙي ڏينهن، واٽر ڪورس جو پاڻي ٻَڌي موٽيو، ته پويان ٻُنڍو ٽُٽي پيو. پاڻي اڃا گهڻو ڪونه نڪتو هو ته محمد خان اچي اتي نڪتو، جنهن وٺ وٺان ڪري پاڻي ته وري ٻڌرائي ڇڏيو، پر موٽي اچي شيروءَ سان ڏاڍي جٺ ڪيائين؛ ڏاڍو ڇينڀيائينس ۽ ڏاڍو بيعزت ڪيائينس. شيروءَ اُها رات منهه ۾ گذاري. سڄو وقت بيقرار ۽ بي آرام رهيو. انهيءَ رات هن جنوءَ کان وفاداريءَ جو ٻول ورتو هو. جنوءَ کيس گهڻو ئي روڪيو، رُني ۽ رڙي، پر شيرو ڳوٺ ڇڏڻ جو اصل فيصلو ڪري چڪو هو. هن جنوءَ سان جلد موٽڻ جو واعدو ڪيو، ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ ئي ڳوٺ ڇڏي هليو ويو.

... ان کان پوءِ، ساندهه ٽي سال شيروءَ جو پتو ئي ڪونه پيو. انهيءَ وچ ۾ شيروءَ جي سڳي پيءُ کي موقعو ملي ويو، جنهن هڻي محمد خان جا ڳپل لاهي وڌا، ۽ ان سان گڏ خيران کي به ڳڀا ڳڀا ڪري ڪُٺائين- ٻنهين کي ڪارو ڪاري ڪري ماريائين.

... شيروءَ جي فوج ۾ وڃڻ جي خبر جڏهن ڳوٺ ۾ آئي هئي، ته جنو ڏاڍو رُني هئي. کيس خبر هئي ته فوج وارا جنگ ڪندا آهن، ۽ جنگ ۾ ڪيترا ئي ماڻهو مري ويندا آهن. پوءِ جڏهن ڪنهن اچي شيروءَ جي مري وڃڻ جي خبر هُلائي هئي، ۽ ته جنوءَ جا تمام بُرا حال ٿيا هئا. جنوءَ کي اهو وقت چٽيءَ طرح ياد هو، جڏهن مائٽن کيس زبردستيءَ پيروءَ سان پرڻائي ڇڏيو. پيروءَ جي اڳين زال بي اولاد مري ويئي هئي. جنوءَ کي جڏهن به شيرو ياد ايندو هو ته هن جي دل دانهونڪرڻ لڳندي هئي: ۽ وري جڏهن کيس شيروءَ جي مري وڃڻ جو خيال ايندو هو، ته هوءَ بنهه نيم پاڳل بنجي ويندي هئي. ڪيترا ئي ڏينهن هوءَ شيروءَ جا خيال پچائيندي، اندر ئي اندر ۾ لڇندي رهي.

دائمي جدائيءَ جو اونهون ناسور وقت جي مجرب مرهم سان مس مس وڃي ڀريو هو، ته هڪ ڏينهن اوچتو شيرو موٽي آيو- ٽن سالن کان پوءِ! هو جڏهن گهر ۾ قدم رکي رهيو هو ته کيس اها خبر ئي ڪانه هئي ته هو صرف پيروءَ جي ئي گهر ۾ داخل نه ٿي رهيو آهي، پر خود جنوءَ جي چانئٺ پڻ ٽپي چڪو آهي.نماشام جي ويل هئي، جنوءَ کير پئي لاٿو، ته پٺيان شيروءَ اچي کيڪار ڪئي- ”ڀاڄائي، سلام...!“

جنو انهيءَ آواز تي سڄي ڇرڪي وئي. چونري هٿن مان ڇڏائجي وئيس. ٽپ ڏيئي اُٿي، ۽ بت بڻجي بيهي رهي. اهو ته کيس وهم گمان ۾ به ڪونه هو ته ڪو شيرو وري جيئرو ٿي ايندو! شيرو به صفا ٺاپرجي ويو. کيس بلڪل اعتبار ئي نه پئي آيو ته هوءَ جنو ٿي سگهي ٿي. ڪا گهڙي، هو ٻئي هڪٻئي کي ائين چپ چاپ، اکيون ملائي، حيرت سان ڏسندا رهيا، ڄڻ ٻئي هڪٻئي لاءِ اجنبي هئا، ڄن ٻئي هڪٻئي کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

جنوءَ کي چڱيءَ طرح ياد هو.... جڏهن هن شيروءَ کي پنهنجي سموري ماجرا ٻڌائي هئي، ته شيرو بيحد جوش ۾ ڀرجي ويو هو. هو ڳوٺ ڇڏي وڃڻ تي ڏاڍو پشيمان هو. هن جون اکيون ڀرجي آيون هيون، ۽ ڪيتريءَ دير تائين هو فقط جنوءَ جي منهن کي گم سم تڪيندو رهيو- ۽ پوءِ هو يڪايڪ جوش ۾ اچي چوڻ لڳو، ”جنو شيروءَ جي آهي، ۽ شيروءَ جي ٿي رهندي!“ ايتري ۾ پيرو آيو. پهرين هٻڪي بيهي رهيو، ۽ پوءِ وڌي شيروءَ کي ڀاڪر پاتائين. ڏاڍو خوش ٿيو، ڏاڍا ڏک ڏوراپا ڏنائينس، پر شيروءَ رڳو ’هان‘ ۽ ’هون‘ ۾ پئي جواب ڏنس- ڄڻ ته هو پيروءَ کي سڃاڻندو ئي ڪونه هو. پيروءَ ڄاتو، ڀائو پري کان ٿڪجي آيو آهي، سو شيروءَ جي رُک- مُنهانئيءَ جو خيال ڪونه ٿيس. شيرو ته رات ئي ويو ٿي، پر پيروءَ ۽ جنوءَ جي زور ڀرڻ تي ٽڪي پيو. ماني کائي، پيرو هليو ويو پاڻيءَ جي واري تي. شيروءَ ۽ جنوءَ- ٻنهي سڄي رات ڳالهين ڪندي گذاري. ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ جون ڳالهيون، ملٽريءَ جون ڳالهيون، ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جون ڳالهيون، ۽ جنوءَ سان پنهنجي اٿاهه محبت جون ڳالهيون ورجائيندي، شيروءَ آخر جنوءَ کي سندس وفاداريءَ جو انجام ياد ڏياريو. جنو، اضطراب ۽ مجبوريءَ جي گڏيل احساسن ۾ کوئجي، بلڪل چپ چاپ ويٺي اهي ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، ته شيروءَ يڪايڪ پنهنجو خوني ارادو ظاهر ڪيو، جنهن جنوءَ کي بلڪل ڏڪائي ڇڏيو. هن شيروءَ کي ڪيترو ئي سمجهايو، ٻاڏايو، آزي ۽ نيزاري ڪئي، پنهنجيون مجبوريون ٻڌايون، پر شيروءَ سندس هڪ به نه ٻڌي، آخر تائين ائين ئي چوندو رهيو ته ”آءٌ ڪنهن به حالت ۾ توکي حاصل ڪندس،... يا پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيندس!“ جنو ٻنهي حالتن ۾ مجبور هئي. هوءَ فقط روئي سگهي ٿي، خاموش رهي سگهي ٿي. صبح جو شيرو کيس خاموش روئندو ئي ڇڏي، بنا موڪلائڻ جي هليو ويو- ۽ ٽيءَ رات، پيروءَ جي ئي گهر ۾، پيروءَ جي رت جا دُٻا ڇانئجي ويا.

رت جي دُٻن جي خيال ايندي، جنو ڇرڪ ڀري اُٿي.

”ڇو، جنو!“ شيروءَ کي به جنوءَ جي پاسي ۾ ويٺي ننڊ جا جهوٽا اچڻ لڳا هئا. ”تون هاڻي آرام ڪر، جنو، دل تي ڪنهن به خيال کي نه اچڻ ڏي. آءٌ به ٿوري دير اِتي ئي ٿو پنڪي کائي وٺان، ۽ پوءِ ..... ڀلا، توکي ڇا ڪرڻو آهي؟... آءٌ نڪري وڃان، پوءِ تون ’خون! خون!‘ ڪجانءِ- زور سان! ٻيا گهر ڪافي پرڀرو آهن... بردباريءَ کان ڪم وٺج، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو... چڱو، هاڻي آرام ڪر-“ شيرو سنئون ٿي ليٽي پيو. پر جنوءَ کي آرام ڪٿي هو؟ ڪئي خيال، ڪئي وسوسا هن جي ذهن ۾ ايندا ۽ ويندا رهيا. ’هيءُ ڇا ٿي ويو؟‘- هوءَ ڪيتري دير تائين اڄوڪي واقعي بابت سوچيندي، خوف کائيندي ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. طرح طرح جي جذبن جي طوفان ۾، هن ڪنهن وقت پيروءَ جي بيگناهه خون تي ملامت پئي محسوس ڪئي، ته ڪنهن وقت شيروءَ جي محبت مٿس غالب هئي. رات اڌ کان مٿي چڙهي آئي هئي. بيحد بيچينيءَ وچان، هوءَ آهستي آهستي اُٿي ٻاهر اَڱڻ ۾ آئي، جتي تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ پيروءَ جو پٽ ٿتي پيل لاشو بلڪل ڀوائتو منظر پيش ڪري رهيو هو. جنوءَ جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هوءَ ڪا گهڙي بلڪل گم سم هڪ هنڌ بيٺي رهي، ۽ پوءِ هوريان هوريان اڳتي وڌڻ لڳي. لاش جي قريب اچي، هوءَ بيهي رهي. پرتي پيروءَ جي سِسي پيئي. رت جا وهي هليل دُٻا، خشڪ ٿي، هڪ هنڌ ڄمي ويا هئا. چوڌاري چپ چپات لڳي پئي هئي. رات جي سناٽي ۾، گهر جي وڏي ويڪري اڱڻ ۾، اڪيلي جنو ائين خاموش ۽ بيحرڪت بيٺي هئي، ڄڻ ته ڪو آسماني روح عبادت ۾ مصروف هو. جُهڪيل نگاهن سان، هوءَ پٽ تي پيل لاشي کي ائين هڪ تِڪ ڏسندي رهي، ڄڻ ته هن جي سموري سوچ سندس اکين ۾ اچي گڏ ٿي هئي. هوءَ ڏسندي رهي، سوچيندي رهي، آسپاس جي ماحول کان بلڪل بيخبر، سڀني خيالن کان بي نياز، فقط پيروءَ جي باري ۾- پيرو، هن جو خاوند، هن جو سڳو سوٽ، گهر جو مالڪ، جنهن جو جنازو ڌرتيءَ تي ائين بيواهو پيو هو، ڄڻ ته هي گهر سندس گهر نه هو، ڄڻ ته سندس ڪو به عزيز قريب، ڌڻي ڌوڻي هو ئي ڪونه! يڪايڪ جنوءَ کي ائين محسوس ٿيو ته پيرو ساڻس شڪايت ڪري رهيو هو- ’تون ئي ته منهنجي سڀ ڪجھ هئينءَ!... آءٌ، تنهن جو سهاڳ، تنهنجي ئي ڪري ته بيگناهه مارجي ويس!...‘ انهيءَ گهڙيءَ هوءَ پنهنجو پاڻ کي مجرم سمجھڻ لڳي- ’الا، ڌڻي منهنجا، هي مون ڇا ڪري وڌو!... نڪاح ٻَڌي هئيسانس، ائين بيواهو ٿي مُئو!‘ جنوءَ کان هڪ دٻيل اوڇنگار نڪري ويئي. اکين مان لڙڪن جي قطار وهي هلي.همدرديءَ ۽ ڪهڪاءَ جو هي شديد جذبو، دل جي گهراين مان اُڀري، هن جي حواسن تي ڇانئجي ويو- ۽ هوءَ بي اختيار پيروءَ جي بيجان جسم تي ڪري پيئي. سندس سيني ۾ پيار جي هڪ انوکي لهر اُڀري، جا هن پيروءَ لاءِ پهريون ئي دفعو محسوس ڪئي هئي. انتهائي رقت جي حالت ۾، پيروءَ جي ڇاتيءَ سان چنبڙي، هوءَ لڳاتار اونهان سڏڪا ڀريندي ۽ اُسڙڪندي رهي. هڪ گهڙيءَ لاءِ هن چاهيو ته هوءَ زور زور سان دانهون ڪري، چِلائي، فرياد ڪري، پر غم جي شدت کان هن پنهنجو گلو گهُٽبو محسوس ڪيو. اکين جو سمورو پاڻي خشڪ ٿي چڪو هو. بدن بيسُرت، ۽ دماغ ڀاري هو، هٿ ۽ ڪپڙا سڀ رت سان رنڱجي ويا هئا. ڳچ ڳچ دير کان پوءِ، اوچتو هن جي نظر پنهنجن رت ڀريل هٿن تي پيئي، ته هوءَ لرزي ويئي..... ’خون!‘ بي اختيار، منهن کڻي هٿن ۾ لڪايائين. انهيءَ ئي گهڙيءَ، يڪايڪ هن کي خيال آيو- ’خوني منهنجي گهر اندر آهي!... خوني، قاتل- پيروءَ جو قاتل- منهنجي خاوند جو قاتل!... شيرو؟... شيرو؟... خوني، قاتل، منهنجي سهاڳ جو چور!...‘ هن جون نگاهون پيروءَ جي پري تائين پکڙيل رت ڏانهن کڄي ويون، جيڪو تارن جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڪارن وهڪرن جو روپ ڏيکاري رهيو هو، پر جنوءَ کي ان ۾ پنهنجي ڀاڳ سهاڳ جي لالائي نظر اچي رهي هئي. اندر جي اضطراب کان، هوءَ ٽپ ڏيئي اُٿي. هن جي دل وري تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي، جنهن ۾ جذبن جو هڪ بي پناهه طوفان جاري هو: ’شيرو خوني آهي! هن هڪ بيگناهه جي حياتي ورتي آهي...

... منهنجي حياتي تباهه ڪئي آهي....... منهنجو دشمن آهي... منهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي، ڪوبه واسطو ڪونهي، شيروءَ سان منهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي!...‘

خيالن جي بيخريءَ ۾، جنو ڪوٺيءَ جي دروازي تائين پهچي آئي. شيرو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو. جنوءَ کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ڪو ڌاريو ستو پيو هو. ’خوني!... منهنجي گهر ۾؟...‘ اکين ۾ رت ڀرجي آيس. هڪ گهڙيءَ لاءِ هوءَ منجهي بيهي رهي، ۽ پوءِ وڌي شيرو جي قريب آئي. شيرو جو لاپرواهه چهرو هن کي بيحد ڀيانڪ معلوم ٿيو. ڪنهن نامعلوم احساس کان، هن جو سڄو بت ڏڪڻ لڳو. سندس ٿڙڪندڙ ٽنگون خود بخود پوئتي هٽڻ لڳيون، ۽ ڀت تائين پهچي بيهي رهيون. ڀت جي ٽيڪ تي رکيل ڪنهن چيز جي ڇهاءَ سان جنوءَ جي ذهن کي اوچتو جهٽڪو آيو. سندس ڏڪندڙ هٿن کي زوردار حرڪت آئي، .... ۽ ٻيءَ گهڙيءَ سڄيءَ ڪوٺيءَ ۾ شيروءَ جي گرم رت جا ڦوهارا ڦهلجي ويا.

جنوءَ جو مغز چڪرائجي ويو. هوءَ غش ٿي هيٺ ڪِري رهي هئي، ته شيرو ڦٿڪي رهيو هو: جنوءَ کي ائين محسوس ٿيو ته شيروءَ جو وهندڙ رت ڪارو هو- ۽ انهيءَ ڪاري رت ۾ وهنجي، هوءَ پاڻ به سڄي ڪاري ٿي ويئي هئي.

عبدالحق ’عظيم‘

جنڙي

”ڪٿي ويندؤ؟“

”سدا آباد.“ مون چيو.

”سدا آباد!“ ڪنڊڪٽر وائڙو ٿي ويو. پهرين ته هو هڪ ئي نظر ۾ مون کي ننهن کان چوٽيءَ تائين ڏسي ويو، ۽ پوءِ ٽڪيٽ ڏيڻ بنا ئي اڳتي وڌي ويو؛ آءٌ کيس چانديءَ جو رپيو سڃيندي رهجي ويس.

”ابا، اهو ڪهڙو آهي سدا آباد وڃڻ وارو؟“ پويان ڪنهن ٽوڪ سان وڏي سڏ پڇيو.

”هيڏانهن آهي هڪڙو!“ پاسي ۾ ويٺل ٻئي ماڻهوءَ چُنگ ڏني.

هاڻي آءٌ پاڻ وائڙو ٿي ويس. چوڌاري ڏٺم، سڀني جون اکيون مون ڏانهن هيون. سڀئي اچرج سان مون کي ڏسي رهيا هئا- ڄڻ ته مون ’سدا آباد‘ جو نالو وٺي ڪو گناهه ڪيو هو، ڄڻ ته مون ’سدا آباد‘ جو نالو وٺي سڀني کي چيڙايو هو. چئني پاسن جي تيز نگاهن ۾، مون ٿوريءَ دير لاءِ پنهنجو پاڻ کي ائين محسوس ڪيو، ڄڻ آءٌ هڪ پاڳل هوس، جنهن کي اتفاق سان لاريءَ ۾ چڙهي پوڻ جو وجھ ملي ويو هو. ’آخر ڪنڊڪٽر مون کي ٽڪيٽ ڇو نه ڏنو؟... هي سڀ ماڻهو مون کي ڇا ٿا سمجھن؟‘ آءٌ سوچن لڳس، ’سدا آباد، منهنجو ڳوٺ، وطن،... مون کي سدا آباد ئي ته وڃڻو آهي،... پوءِ هي سڀ مون تي عجب ڇو پيا کائين؟...‘

”ابا، تون سدا آباد وڃين ڇو ٿو؟“ هڪڙي پير مرد ڪي قدر تحمل سان مون کان پڇيو.

”سائين، منهنجو ڳوٺ آهي.“

”ڪڏهين ويو آهين ويجهڙائيءَ ۾؟... هونئن تون هينئر ڪٿي رهين؟“

”هينئر ته آءٌ شهر ۾ رهندو آهيان- پهرين پڙهندو هوس، هاڻي نوڪريءَ ۾ آهيان. اسين ٻارهن سال ٿيا ته لڏي اچي شهر ويٺا آهيون، تڏهن کان وري سدا آباد وڃڻ ڪونه ٿيو آهي- اڄ پيو وڃان.“

”تڏهن ٺهيو. هاڻ تون سدا آباد ڇو ٿو وڃين، وڻئي تيڏانهن وڃ؛ پر اُتي اٿئي رڳو ڪاريءَ وارا ڪک! ڪي به ڪين اٿئي. او... اصل ڀڙڀانگ بَيران لڳو پيو آهي؛ ڳوٺ سڄو ڦٽي ويو، ماڻهو ئي ڪونهي!...“

”اڙي، هوءَ جِنڙي جا آهي!“ وچ ۾ ئي، منهنجي پاسي ۾ ويٺل همراهه انڪشاف جي انداز ۾ رڙ ڪئي.

”هائو هائو!... جنڙي ته هينئر به دڳ جهليو بيٺي هوندي!“ ٻئي چيو.

”اها ته سدائين دڳ جهليو بيٺي آهي. لاري ٿي ڏسي... ته اصل ڇتي ٿيو پوي!“ ٽئين چيو.

”لاريءَ تي اچي ٿي!... پر هاڻي ته ڊرائيور به سڃاڻي ويا اٿس، بيهارين ئي ڪونه1“

”وَسَ گهڻيئي ٿي ڪري- هَٿَ لوڏي، واڪا ڪري، مٿو منهن پِٽي، پوءِ پڇاڙيءَ جو لاريءَ پٺيان ڪاهيو پوي... ڳچ پنڌ ٿي ڊوڙي!“

”ٿيا به ڪي ورهيه اٿس- اها ئي کيتي اٿس، شروع شروع ۾ ٻه ٽي دفعا ڪو لاريءَوارن کي رحم اچي ويو، ته چڙهي آئي مٿي. هڪڙي هڪڙي پاسينگر کي منهن ۾ غور سان چتائي چتائي، نهاريو، وريو ڪنڌ لوڏي! اکيون جي ڦاڙي ٿي، ماڻهوءَ کي ڊپ وٺيو وڃي! پوءِ ته پاڻمرادو آهستي آهستي لهيو وڃي. ڪِيهون ٿي ڪري ڇا! لاريءَ مان لهيو، وٺيو جو اوڇنگار ڏئي ته ماڻهوءَ کي رحم اچيو وڃي!... پوءِ، ڌڻي ڄاڻي، مطلب ته الائي ڇا اٿس. هاڻي ته لاري بيهي ڪانه، پر جنڙيءَ انهيءَ دڳ تي ڀيرو ڪڏهن ڪونه گُسايو!“

سڄي لاريءَ ۾ چڱو خاصو بحث شروع ٿي ويو.جنهن کي جيڪا معلومات هئي، سا پيش ڪرڻ لڳو. مُنهنجي پاسي واري همراهه وري هڪ انڪشاف ڪيو:

”چون ٿا ته اها جنڙي ماڻهوءَ کي ماريو کايو ڇڏي!“

”ٻه سال کن ٿيا ته اسان به ٻڌو هو ته هڪڙي ڇوڪري کي ماري، ان جي چمڙي لاهي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيائين؛ پوءِ ڏهن ڏينهن تائين پئي ان جو گوشت کاڌائين!...“ اڇي ڏاڙهيءَ واري اها ڳالهه اهڙي اعتماد سان ڪئي، ڄڻ ته اهي ڏهه ڏينهن هو پاڻ جنڙيءَ سان گڏ گوشت کائڻ ۾ شريڪ هو.

ٻيو چوڻ لڳو: ”اها ته ٻن سالن جي ڳالهه ٿي، پر اڃا تازو هڪڙو ٻن مهينن جو قصو ٿو ٻڌايان... هن ڏائڻ رن جو ته پاڇو به بڇڙو آهي! اسان جي ڳوٺ جي هڪڙي همراهه کي اُڦٽ ماري وڌائين- هِي بُت هوس، ڪنڌار جوان... لاري ڇُٽي وئيس، رات وڳڙو هو، پنڌ ئي پنڌ اچي ڪو انهيءَ بڇڙيءَ سدا آباد کان لنگهيو... رات ئي اُها، چيلهه صفا وٺجي رهيس،... صبح جو همراهه ڄڻ هو ئي ڪونه!“

ماڻهو سڀ مِٿِ ٿي ويا. آءٌ به ذري گهٽ دهلجي ويس. لاريءَ جي سڀني ماڻهن کي جنڙيءَ جي خبر هئي؛ ۽ سڀني ماڻهن کي جنڙيءَ جون عجيب غريب ڳالهيون معلوم هيون. هو سڀ هڪٻئي کي پنهنجون پنهنجون ٻُڌل ڳالهيون ٻڌائي رهيا هئا. ڪي جنڙيءَ جي ڀوائتيءَ شڪل جو بيان ڪري رهيا هئا، ته ڪي هن جي آدمخوريءَ ۽ نحوست جي عجيب واقعن کي ورجائي رهيا هئا. منهنجي دل به اهي خوف جون ڳالهيون ٻڌي گهٻرائي رهي هئي.

ڪنهن وقت جيڪڏهن منهنجي طرف ڪنهن اُڇاتري نظر ٿي ڪئي، ته آءٌ عجيب ٻڏ- تر جي حالت ۾ مبتلا ٿي ويس ٿي- ڄڻ ته هو اکين ئي اکين ۾ ائين چوندو هجي، ’ٻُڌين پيو سدا آباد جون ڳالهيون؟ اُتي جنڙي ٿي رهي، جيڪا ماڻهن کي کايو کپايو ڇڏي!‘ جنڙيءَ جو ڀيانڪ تصور، منهنجي ذهن ۾ طرح طرح جا اندازا اختيار ڪري رهيو هو. ڪنهن وقت آءٌ جنڙيءَ جي ڊيڄاريندڙ شڪل ڏسندي بيهوش ٿي رهيو هوس، ته ڪنهن وقت جنڙيءَ جو ڪارو ڪارو پاڇو منهنجي مٿي تي لهرائي رهيو هو، ۽ آءٌ بيماريءَ جي بستري تي پويان پساهه کڻي رهيو هوس؛ ۽ ڪنهن وقت وري پنهنجو پاڻ کي بلڪل مري ويل ڏسي رهيو هوس- منهنجي چمڙي مٿي وڻ تي ٽنگيل هئي، ۽ جنڙي منهنجو ماس ۽ هڏا کائي رهي هئي!

لاري پنهنجي پوريءَ رفتار سان هلي رهي هئي. سدا آباد جيئن پوءِ تيئن ويجهي پوندي ٿي ويئي، ۽ آءٌ اڃا اهو فيصلو نه ڪري سگهيو هوس ته مون کي ڇا ڪرڻو هو- سدا آباد لهي پوندس، اڳتي هليو ويندس، يا ڪٿي وچ تي ئي ترسي پوندس؟ سدا آباد کان سواءِ، ٻيو مون کي وڃڻو به ڪيڏانهن هو؟ ورهين کان پوءِ پنهنجي وطن جي واٽ تان ائين ئي موٽ کائڻ جو خيال به منهنجي لاءِ ڏاڍو مشڪل هو. دريءَ کان ٻاهر، پري پري تائين خلائن ۾ نهاريندي، آءٌ پنهنجيءَ سوچ ۾ بلڪل محو ٿي رهيو هوس، ته جنهن پير مرد مون سان پهرين سوال- جواب ڪيو هو، ۽ جيڪو هيترو وقت خاموشيءَ سان فڪرمند بنيو ويٺو هو، تنهن مون کي مخاطب ٿي چيو:

”ابا، هاڻ سدا آباد جون خبرون تو سڀ ٻڌيون؛ منهنجو ڳوٺ ويجهو آهي، رات جا چار پهر هلي اتي گذار، پوءِ صبح جو خيرن سان موٽي اچج... هروڀرو ڇو ٿو جزا ۾ هٿ وجهين؟ ٻئي ڪندي به، اُتي آهي ڪجھ ئي ڪونه، هروڀرو وڃي هلاک ٿيندين. توکي سدا آباد ڏسڻي آهي، سا اِتان لاريءَ مان ئي ڏسي ڇڏج...“

”چاچا، ڀلي سدا آباد به اچي.“ مون ائين ئي، اڻ فيصل انداز ۾ جواب ڏنو.

”تنهنجي مرضي، بابا، مون ته توکي چڱي چئي آهي.“ پير مرد ائين ماٺ ٿي ويو.

”همراهه جي مرضي مڙئي اڃا به سدا آباد تي آهي!“ اڇيءَ ڏاڙهيءَ واري ٽوڪ هنئي.

”هيتريون ڳالهيون، هيتيون مُهاڙيون، تڏهن به ڀائو کي سدا اباد ضرورو وڃڻو آهي! ميان، ڪي ڏاهو ٿي، ڇو ٿو پنهنجو سر وڃائين!“ هاڻي ڪنڊڪٽر به مون کي سمجهائڻ لڳو هو.

”ڀلي ته سدا آباد جي سڪ به لهيس. هي اڄڪلهه جا جوان انهن ڳالهين کي مڃيندا ئي ڪونه!“ اڇيءَ ڏاڙهيءَ واري ٻي چوٽ ڪئي: ”ابا، تون وڃ، ڀلي وڃ،... سدا آباد تنهنجو ڳوٺ آهي نه، اُتي ڏاڍا باغ بنگلا لڳا پيا آهن،... ويچاري جنڙي تو لاءِ طعام تيار ڪري ويٺي هوندي!“

”اڙي پر چاچا، اوهان ڇو اچي ويچاري کي اجايو تنگ ڪيو آهي؟ هر ڪو پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي.“ اڳينءَ سيٽ تان هڪڙي سنهڙي جوان چاچي کي وچ ۾ روڪيو: ”آخر هي به انسان آهي، حياتي سڀ ڪنهن کي مِٺي آهي، جيڪڏهن ڄاڻي ٻُجهي وڃي پاڻ کي هائيءَ ۾ هڻندو ته سندس مرضي!... جنڙيءَ جون ڳالهيون ته اوهان به سڀ ڪري ڪري دنگ ڪيون- پنهنجن ڪنن سان ويٺي ٻُڌائين- هاڻ مڃي نه مڃي، ڌڻي وس وارو اهي. جنڙيءَ کان اڳ ۾ هن جو ساهه ته اوهين پيا ڪڍو!“

”ڀائي، نيت مراد سندس، ڪنهن جي قبر ۾ ٿورو ئي پئبو، ڇڏي ڏيوس!“ ڪنڊڪٽر چيو. ڪنڊڪٽر پويان اهڙي لفظ اهڙي انداز ۾ چيا جو مون ائين محسوس ڪيو ته هاڻي مون کي روڪڻ لاءِ شايد ڪوبه زور ڪونه ڀريندو- ۽ سچ پچ ته ان کان پوءِ سڀ خاموش ٿي ويا. ’هاڻي ته مون کي سدا آباد تي ضرور لهڻو پوندو!‘ ائين سوچيندي ئي گهڙيءَ لاءِ ته منهنجو بُت ڄڻ ساهه ڇڏي ويو. هونئن ته جنن ڀوتن تي منهنجو ويساهه بلڪل ڪونهي، پر ڳالهيون سڀني اهڙيون پئي ڪيون جو آءٌ سچ پچ ته ضرورت کان زياده ڊڄي رهيو هوس.

هاڻي سدا آباد کي ڪو ميل- ڏيڍ پنڌ وڃي رهيو هو. دل ۾ ڪئين دليل پيدا ٿيڻ لڳا. ذهن بلڪل تيزيءَ سان ايندڙ گهڙين لاءِ سوچڻ لڳي ويو: ’آخر هي ماڻهو جنڙيءَ جا ورهين کان واقف آهن، آخر ڪا ته ڳالهه هوندي!... ڀلا، جڏهن سدا اباد جوڳوٺ ئي ڦٽي ويو آهي ته پوءِ اُتي وڃڻ جو ضرور ئي ڪهڙو؟...... پر هاڻي واپس به ڪيڏانهن وڃبو؟....... آخر هن لاريءَ مان ته لهڻو ئي آهي!... ۽ جيڪڏهن جنڙيءَ مون کي ڏسي ورتو ته پوءِ...؟ پوءِ...؟ مون کي ماري ڇڏيندي!...... ڇو ماريندي؟ ڪيئن ماريندي؟...... جيڪڏهن ان ۾ ايڏي طاقت آهي ته پوءِ لاريءَ کي ڇو نٿي ڪيرائي ڇڏي؟ تڏهن هن جي پاڇي پوڻ سان ماڻهو ڪيئن ٿا مريو وڃن؟ تڏهن ڀلا هي سڀ ماڻهو ڪوڙ ٿا ڳالهائين ڇا؟... پر اهي سڀ ماڻهو ڪو جنڙيءَ سان روبرو ڳالهائي به آيا آهن ڇا؟ يا وري جنڙي پاڻ هنن کي اچي اِهي سڀ ڳالهيون ٻُڌائي ويئي آهي؟... ماڻهن کي هونئن به تيليءَ مان ٿنڀ بنائڻ جي عادت ٿيندي آهي... هي ته سادا سودا ڳوٺاڻا ماڻهو اهن، جيڪي ٻُڌن تنهن تي ويساهه ڪن... تڏهن ته هي دوا بدران تعويذ ڪرائين، تڏهن ته هنن کان هرڪو ڦُريو کايو وڃي، تڏهن ته هي بکيا ۽ بيحال آهن!... ڪجھ ڪونهي، ڪجھ ڪونهي، جنڙيءَ ٻنڙيءَ جو خيال سڀ فضول آهي!... هوندي، مون کي ڇا ڪندي؟ آءٌ ته پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو آهيان، سدا آباد!‘ يڪايڪ پنهنجي وطن جي پياس جو جذبو ڦاٽ کائي اُڀري آيو- ’ڪيئن به هجي، آءٌ اوڏانهن ضرور ويندس!‘ بنا ڪنهن وڌيڪ ويچار جي، مون سدا آباد تي لهي پوڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو؛ ۽ دل کي طرح طرح جا ڏڍ ڏيئي، ان لاءِ تيار ڪري رهيو هوس ته جيئن ئي سدا آباد جي سرزمين ايندي، آءٌ هڪدم لاريءَ مان لهي پوندس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com