سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :22

”مهراڻ“ جا موتي

·  ”انهن کي ڪڏهن به پسندگيءَ جي نظرن سان نٿو ڏٺو وڃي جي تڪبر ڪن ٿا، بي اعتدال رهن ٿا، ۽ بيجا طول ڪلامي ڪن ٿا.“ – قرآن

·     ”ڪنهن به معاملي ۾ حد نه اورانگهيو؛ حد کان وڌي ويندڙ کي پسند نٿو ڪيو وڃي.“ – قرآن

·  ”زمين تي سير سفر ڪريو، ۽ آثار ۽ نشان ملاحظه ڪري ڏسو ته قدرت جي اٽل قانون جي خلاف هلندڙ قومن کي پنهنجي مڪر ۽ فريب، ڪوڙ ۽ بد ديانتيءَ جي ڪهڙي سزا ملي چڪي آهي.“ – قرآن

·     ”الله وٽ محترم ۽ معزز اهو آهي، جو اوهان ۾ وڌيڪ پرهيزگار ۽ نيڪ آهي.“ – قرآن

·     ”دين جو تعلق عقل سان آهي؛ عقل نه آهي ته پوءِ دين آهي ئي ڪونه!“ – حضرت محمدﷺ

·     ”عالم جي ننڊ، جاهل جي عبادت کان افضل آهي.“ – حضرت محمدﷺ

·     ”عالم جي مَس، شهيد جي خون کان فضيلت واري آهي.“ – حضرت محمدﷺ

·  ””زوال پذير قوم جي آثارن ۾ هي به آهن ته ان جا امير ظالم ٿين، عالم لالچي هجن، عابد رياڪار، تاجر سودخور، ۽ عورتون هارسينگار ۾ ڦاٿل.“ – حضرت محمدﷺ

·  ”مسلمان اهو ڪين آهي، جنهن جو پاڙيسري بک ۾ پاهه پيو ٿئي ۽ پاڻ پيٽ ڀري کائي ڍءُ ڪري.“ – حضرت محمدﷺ

·     ”ايمان ان جو ڪامل آهي، جنهن جا اخلاق سهڻا آهن.“ – حضرت علي عليه السلام

·   ”چپ رهڻ کان ڪارائتيون ڳالهيون ڪرڻ بهتر آهن، ۽ بدڪلاميءَ ۽ بڪواس کان چپ رهڻ بهتر آهي.“ – حضرت ابوبڪررضه

·  ”بُرن هم نشينن جي صحبت کان اڪيلائي بهتر آهي؛ ۽ چڱن جي چوياري، تنهائيءَ کان بهتر آهي.“ – حضرت عمررضه

·       ”سا ڇانگ ئي ڇڏ، جن مُهاڙ ناهه ملير ڏي.“ – شاهه لطيفرحه

·     ”اسلام جو مذهبي نصب العين آهي صحتمند معاشري جو قيام.“ – اقبال

·  ”انسان نڪو نسل جو قيد گوارا ڪندو، نه مذهب جو؛ نه کيس دريائن جو وهڪرو موڙي سگهندو، نه پهاڙن جي بلندي، نه طرفن جون حد بنديون، نه جاگرافيءَ جون ليڪون، نه تاريخ جا افسانا، نه فلسفي جون موشگافيون.“ – عبيد الله سنڌي

·     ”اهو يقين، يقين ئي ڪين آهي، جنهنکي ڪنهن شڪ ۽ گمان ڏنگيو نه آهي.“ – ابوالڪلام آزاد

·     ”مذهب کان پوءِ ’زبان‘ ئي آهي، جا قوم جي زندگيءَ جا عناصر محفوظ رکي ٿي.“ – سيد سليمان ندوي

·  ”اها زبان، جا ڪنهن قوم لاءِ ذريعهء تعليم جي حيثيت نه حاصل ڪري سگهي آهي، اها نه زنده رهي سگهندي، ۽ نه ارتقا ڪري سگهندي.“ – سيد سليمان ندوي

·  ”اسان وٽ ’اخلاق‘ جو مفهوم نهايت محدود نه آهي: اخلاق مان اسان جي مراد آهي انسان جي قوتن جي درجيوار ترتيب ۽ مشق، جنهن سان هو شخصي، انساني ۽ قومي قرضن جي ادائگيءَ لاءِ صلاحيت پيدا ڪري سگهي.“ – جمال الدين افغاني

·     ”انصاف جي هڪ گهڙي، سئو سالن جي عبادت کان بهتر آهي.“ – غزالي

·  ”هر مسئلي تي ٻن قسمن جا فيصلا ملندا آهن: هڪڙا چوندا آهن ته غلط ۽ حرام، ۽ ٻيا چوندا آهن درست ۽ جائز؛ پر افسوس جو فتوا ڏيندڙ ائين ڪونه سوچيندا آهن ته اهي پاڻ درست يا غلط، حرام يا حلال!“ – مولانا رومي

·  ”جڏهن هڪ انسان ٻئي انسان سان انسانيت جي سطح تان هيٺ لهي پيش اچي ٿو، تڏهن هڪ اڌ نه پر سوين ماڻهو ايذائجن ٿا.“ – رابرٽ برنس

·     ”ادب هڪ ذهني ميراث آهي، جنهن مان هر نئون نسل فيضياب ٿئي ٿو.“ – جان روز

·  ”نيڪ سلوڪ ڪرڻ ته انساني تقاضا آهي، پر ان جي شهرت نه ڪرڻ انسانيت کان گهڻو مٿي آهي.“ – هينري برٽن

·     ”شاعري دراصل پنهنجي عرفي حيثيت جي خلاف علم بغاوت بلند ڪرڻ کي سڏي سگهجي ٿو.“ – جيمس

·  ”قباي زرفشان ۽ عباي ڪمخواب تي ڦاٽل کدر کي فضيلت حاصل آهي- پر حسن اخلاق جي ڪري.“ – بارٽ ڪيمبل

·  ”باڪمال شخص اهو آهي، جنهن جي دوستن جو دائرو سندس اعليٰ فڪر تائين محدود هجي، ۽ جنهن جي ڪامياب صحبتن کي متاعِ گران بها سمجھيو وڃي.“ – ٿامس ڪيمپن

·  ”جيستائين ٻين جي ڪوتاهين کي نظرانداز ڪرڻ جو حوصلو نه پيدا ٿيو آهي، تيستائين زندگيءَ جي دشوار گذار راهه ۾ قدر رکڻ غلطي آهي.“ – ٿامس ڪيمپن

·  ”جي ماڻهو ٻين جي تعليم ۽ تربيت، اصلاح ۽ سڌاري لاءِ عمر گذاري چڪا آهن، انهن ۾ خود نمائي ۽ خواهه مخواهه جي اصول پرستي پيدا ٿئي ٿي.“ – هينري سيڊل

·  ”باهه کان بچو- اها نهايت قابل قدر نصيحت آهي، پر ان کان ڪئي حصا زياده عزت جي لائق هيءَ نصيحت آهي ته سوچڻ ۽ سمجھڻ کان سواءِ نه ڳالهايو.“ – ولڪار ليٽس

·     ”برڪت وارا آهن اهي، جن اول اول ڪتابن لکڻ جو فن ايجاد ڪيو.“ – ڪارلائل

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

 

-”تنهائيءَ ۽ اڪيلائپ جو زمانو گهڻو اڳي گذري چڪو آهي. اهي ڏينهن به لنگهي ويا آهن، جڏهن لوهه جون تارون سرحدن جون نشان بند هونديون هيون، ۽ هڪ ملڪ کي ٻئي ملڪ کان جدا ۽ علحدو ڪري ڇڏينديون هيون. هينئر ملڪ جي لاءِ اهو لازمي آهي ته اُهو پنهنجين ملڪي سرحدن کان پرتي نهاري، انهن وهڪرن کي سمجهي جن جو مٿس اثر آهي، ۽ ان ڳالهه کي سمجهي ته کيس ڪهڙيءَ طرح ٻين سان گڏجي رهڻ گهرجي. اهو به هر ملڪ لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي چوگرد نظر ڊوڙائي، پنهنجي گهر کي سمجهي، پنهنجي ماحول جو اندازو لڳائي، ۽ فيصلو ڪري ته کيس ڇا ڪرڻو آهي: هن جي زندگيءَ جو ڪهڙو مرڪز آهي، هن جي عمل جو دائرو ڪيستائين آهي، ۽ هن مضطرب ۽ بيقرار دنيا جو ڪهڙو صحيح حل ٿي سگهي ٿو؟

”مان جڏهن پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ وڃي ويٺس ۽ اِن مسئلي تي غور ڪرڻ لڳس، ته پاڻ کان پڇيم: ’اسان جو هن مضطرب دنيا ۾ آخر ڪهرو ڪردار آهي، ۽ اُها ڪهري سِينَ آهي، جنهن ۾ اسان کي پنهنجو پارٽ ادا ڪرڻو آهي؟‘ مون جڏهن پنهنجين حالتن جو جائزو ورتو ته معلوم ٿيو ته اسين مجموعي طرح هڪ اهڙي دائري ۾ آهيون، جيڪو اسان جي سرگرمين جو هڪ اهڙو تماشگاهه آهي، جتي اسان کي جيترو ٿي سگهي، حرڪت ڪندا رهون.

”تقدير ڪڏهن به مذاق نٿي ڪري. واقعات ڪڏهن به اچانڪ رونما نٿا ٿين. دنيا جي نقشي تي اسين ڪڏهن به بيوقوفيءَ سان نظر نٿا ڊوڙائي سگهون. اهو ناممڪن آهي جو اُتي اسين پنهنجي مڪان جو اندازو نه لڳائي سگهون، ۽ پنهنجي عمل کي محل ۽ وقوع جي بنياد تي پرکي نه سگهون...

”تاريخ جا واقعا اهڙن ڪردارن سان ڀريا پيا آهن، جن پنهنجي لاءِ عظيم الشان ڪارناما پيدا ڪري، انهن تي کيڏي، انهن کي ادا ڪيو آهي. ساڳئي وقت، تاريخ ۾ اهڙا پڻ ڪيئي ڪارناما نظر اچن ٿا، جن کي ادا ڪرڻ لاءِ ڪو به ڪردار نه ملي سگهيو آهي. خبر ناهي ته ڇو منهنجي تخيل ۾ هميشه اها ڳالهه رهي آهي ته زمين جي جنهن حصي ۾ اسين گذاري رهيا آهيون، اُتي اهڙا ڪارما بي مقصد ڀٽڪي رهيا آهن، ۽ ڪردار جي تلاش ۾ سرگردان آهن. اهي ڪارناما، زمين جي هن وسيع ٽڪري ۾، جو اسان جي چوگرد پکڙيل اهي، گهڻي ڀٽڪڻ کان پوءِ، هڪ هنڌ اچي ويهي رهيا آهن. اِهي صحرانورد ڪارناما، خراب ۽ خسته حالت ۾، اسان جي سرحدن تي ويهڻ کان پوءِ، اسان کي اشارو ڪري رهيا آهن ته ’تيار ٿي اهو ڪم سرانجام ڪريو، جنهن کي پري ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪوبه ڪونه آهي!‘“

]احسان بدويءَ جي ترجمي ڪيل، جمال عبدالناصر جي ڪتاب ”انقلاب جو فلسفو“ تان ورتل؛ چونڊيندڙ حسن علي ’نذير‘، حيدرآباد، سنڌ.[

-”اڄ ڪيترن جون دليون دنيا جي دُکن دُکائي، داغ داغ ڪري ڇڏيون آهن. ڪيترا نه هِن آسار سنسار جي وهنوار جي بيوفائيءَ کان واقف ٿي، مايوسيءَ جي موت جو شڪار ٿيا آهن! ڪيترا نه ويچارا سفيد پوش آدمي، هن زبردست زماني جي تنگدستي ۽ گردن- مروڙ گردش ڏسي، ڪُڇڻ کان لُڇڻ بهتر سمجھي رهيا آهن! ڪيترن کي نه هن جڳتر جي وهنوار جا وَڍَ پئجي چُڪا آهن! انهن لاءِ مهربانين جو ملم ۽ پريم جي پَٽي درڪار آهي. آهي ڪو اهڙو پرماتما جو پيارو، جيڪو، جن کي اڃا انهيءَ وهنوار- روپي وِهه جو پيالو پيئڻو آهي، تن کي محبت جي مصري کارائڻ لاءِ تيار هجي؟ اهڙن پريمين لاءِ ئي سارو جهان واجهائي رهيو آهي!...

”جيڪڏهن اڄ ڪا ڀڳتي يا شيوا ڪرڻي آهي، ته اُتم درجي جي آهي ئي اُها شيوا، جنهن سان اهڙن جلندڙ جگرن جي ٺارڻ لاءِ حيلو هلايو وڃي. اها ڪا ڏکي ڳالهه به نه آهي. جنهن کي پريم آهي، سو انهيءَ گُهرج کي پوريءَ طرح پورو ڪري سگهي ٿو- رڳو پرتگيا (عهد، عزم) ڪرڻ جي دير آهي.

”ڪنهن دُکايل دل سان مٺڙو ٻولڻ، اُن کان ڄڻ ته اڌ دُک ته اُمالڪ ونڊي وٺڻ آهي. جيڪڏهن هر ڪنهن کي اِها ئي تار لڳي وڃي ته ’جيئن منهنجي دل درد ۾ دانهو ڪري رهي آهي تيئن دنيا ۾ ٻين گهڻن جون دليون به ڪنديون هونديون‘، ۽ ان کي سُک ڏيڻ لاءِ هو ڪيوَل مڌر ٻاڻيءَ (فقط مٺو ڳالهائڻ) کان ڪم وٺي، ته اوس ئي دنيا جو اڌ دُک گهٽجي وڃي. آهي ڪ پريمي، جو اِهو پرچار ڪري؟ آهي ڪو پريمي، جو اِهو پريم پنهنجي پنهنجي پريتم ۾ اُتپن ڪرڻ لاءِ اُپڪار ڪري؟ آهي ڪو اهڙو مهايوگي، جو هيءُ ’مَنک مُڪتي يوگ‘ (انساني نجات جو يوگ) ساڌن ڪري؟...

”اوهان جي هڏ هڏ ۾، رڳ رڳ ۾ دَيالتا (رحم) جو درياهه وهي رهيو آهي. اڄ کان وٺي، اَندر واري جي اڳيان اهڙو اَڏول پرن ڪريون ته هَڏِ ڪنهن سان ڪٺور واڻِي ڪم نه آڻينداسون، ۽ نه ٻيءَ ڪنهن ريت ڪنهن جي دل ڏکوئينداسون. نه رڳو ايترو، پر هر ڪنهن مَنش (ماڻهوءَ) کي همدرديءَ جي هِير هڻي، سندس تتل هِردي (هِيانءُ) کي سِيتل ڪنداسون، ۽ کيس پريم، ديش- پريم (حب الوطني)،  پوتٿر ماتري پريم (مامتا جو پاڪ پيار) جي پينگهي ۾ ويهاري، هِردي روپي هٿن سان لوڏينداسون ۽ ڪوڏينداسون!“

]’سرسوتي ساهتيه گهر’، اجمير، جي ڇپايل ڪتاب ”سالڪن جا سخن“ تان ورتل؛ چونڊيندڙ شام ڪمار، سکر، سنڌ.[

علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

 

پهرين سنڌ ”سنڌي ادبي سنگت“ ڪانفرنس

(6-7 فيبروري، 60ع: بسنت هال، حيدرآباد، سنڌ)

حيدرآباد جي ”سنڌي ادبي سنگت“ جي سهاري سان، حيدرآباد ۾ ڪوٺايل پهرين سنڌ- ڪانفرنس جي مجمل ڪارروائي اسين ’مهراڻ‘ جي اڳئين پرچي ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن موجب، ڪانفرنس ۾ پڙهيل منتخب مقالا، افسانا ۽ شعر هن پرچي ۾ شامل ڪيا اٿئون. ڪانفرنس جا ڪجھ تفصيل ۽ اقتباس هيٺ درج ڪجن ٿا.

پهرئين ڏينهن، 6 فيبروري 60ع، شام جي ڇهين بجي، حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر مسٽر ابونصر، سي. ايس. پي.، ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. افتتاحي نسست جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي، جنهن ۾ سنڌي ادب ۽ ثقافت تي مضمون ۽ مقالا پڙهيا ويا، ۽ سازيندڙن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾ نوجوان مصنفن کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجين تحريرن ۾ ڌارين حوالن ۽ حڪايتن کان احتراز ڪن، ۽ سنڌ جي اصل مزاج ۽ تاريخي پس منظر کي هر وقت نظر ۾ رکن.

ٻئي ڏينهن، 7 فيبروري 60ع، شام ستين بجي، محترم ابن الياس جي صدارت ۾ افسانن جي نشت ٿي، جنهن جي آخر ۾ ’مختصر افساني جي فن‘ جي موضوع تي دلچسپ مذاڪرو ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر اُميد علي سرائي، محمد عثمان ڏيپلائي، تنوير عباسي، مقبول ڀٽي ۽ شمشير الحيدريءَ بهرو ورتو. مذاڪري جو افتتاح مرزا مراد علي ’اختر‘ جي مقالي سان ٿيو، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com