سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2/ 1960ع

 

صفحو :19

وئتپتي ڪوش

جھمٽمل نارو مل وسڻائيءَ جو

جيڪي مفيد ۽ معياري ڪتاب دوباره ڇاپي ھيٺ نھ اچي سگھيا آھن- يا جن جي ڪتابي صورت ۾ اشاعت جو ڪو ترت ذريعو نظر نٿو اچي- تن کي ڪنھن نھ ڪنھن طرح زنده رکيو وڃي- تھ جيئن اسان جا اديب ۽ طلبا- اھڙن ڪتابن کي ھن دور جي ادبي ۽ فني ترقيءَ جي روشنيءَ ۾ پڙھي- پنھنجيءَ ٻوليءَ جو ارتقا کي ڏسن ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪن: انھيءَ مقصد سان- سنڌي علم ادب ۾ بنيادي حيثيت رکندڙ ڪنھن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ جي سماھي رسالي ”مھراڻ“ جي ھر پرچي ۾ نئين سر شايع ڪرڻ جي رٿ ھيٺ- انھيءَ سلسلي جي ھيءُ ٻيو نمبر ڪتاب- ”وئتپتي ڪوش“- مسٽر جھمٽمل نارومل وسڻائيءَ جو جوڙيل- ”مھراڻ“ جي ١-٢/١٩٦٠ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو ويو ھو. ڪتاب جي اھميت ۽ افاديت کي ڏسندي- ھاڻي ان کي الڳ ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي.

فاضل مصنفت سنڌي ٻوليءَ جي ترڪيب ۽ تشڪيل متعلق ھڪ اھم علمي باب کي بحث ھيٺ آندو آھي. سنڌي زبان جي تاريخ  ۽ ھندستاني لسانيت جي ڄاڻن جو اھو متفقھ فيصلو آھي تھ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو ذخيرو- ۽ صرف- نحو جا مصطلحات سنسڪرت سان گھڻي ڀاڱي تعلق رکن ٿا. ھن ڪتاب ۾ ”مشتقات“ متعلق بحث ڪندي- انھن سنڌي لفظن جا سنسڪرت وارا اصل ۽ مولشبد ڏنا ويا آھن- جن مان اھي لفظ ڦٽي نڪتا آھن.

ھن علمي بحث جي پڙھڻ ۽ پرجھڻ سان نھ فقط ٻوليءَ جي اصل ماخذات جي خبر پوي ٿي- پر ان سان گڏ انھن جي صوتي اثرات- صرفي ۽ نحوي بدل سدل- اعرابن جي مٽ سٽ- ۽ اچار ۽ ورجيسن جي صحيح استعمال ۽ غلط استعمال جي بھ خبر پئجي سگھي ٿي. سنسڪرت جي مولشبدن مان ڪھڙا صوتي ۽ صرفي- نحوي اثرن ھيٺ لفظ نڪتا آھن- انھن جا حرف ۽ صوتي انداز ڪيئن بدليا آھن- ۽ ھينئر سنڌي ٻوليءَ ۾ انھن جا صحيح اچار ڪھڙا آھن- اھي سڀ علمي ۽ گرامر سان تعلق رکندر مسئلا ”مشتقات“ جي فن مان حل ٿي سگھن ٿا.

ھن مختصر ۽ جامع ڪتاب کي تيار ڪرڻ ۾ فاضل مصنف کي پنج سال ساندھھ سنسڪرت گرامرن ۽ ڪوشن جي ورق گرداني ڪرڻي پئي آھي- ان مان صاف ظاھر آھي تھ ڪيتري نھ اخلاص ۽ محنت سان ھن علمي ڪم کي تڪميل تي پھچايو ويو آھي.

منڍ ۾ ”اپسرگ“- جي گھڻو ڪري ڌاتن سان لڳندا آھن- ۽ ”اگريگ“- جي اسمن- صفتن ۽ ظرفن سان لڳن ٿا- بيان ڪيل آھن.

اصل ڪتاب ۾ مولشبد ديوناگري لپيءَ ۾ لکيا ويا آھن- پر انھن جا اچار عربي- سنڌي الف- بي ۾ ڏنا ويا آھن- ڇا لاءِ تھ ديوناگري رسم الخط سنڌ ۾ مروج ڪونھ ھو- ھن ڇاپي ۾ اصل ديوناگري شبد بھ نھ ڏنا ويا آھن- فقط اچار موجودھ سنڌيءَ ۾ ڏنا ويا آھن- ڇا لاءِ تھ ھن وقت ديوناگري ٽائيپ موجود ڪانھ آھي.

ھن ڪتاب جا ھن کان اڳ ٻھ ڇاپا ڇپجي چڪا آھن. پويون ايڊيشن- ڪل صفحا ١٢٣- ڊيمي سائيز- مجلد- مرھٽا پريس- ڪراچي- ١٩٠٤ع ۾ گورنمينٽ سينٽرل بوڪ ڊيپوءَ پاران شايع ٿيو. اميد تھ پڙھندڙ ھن عملي ۽ ادبي شاھڪار جي ٽنين ڀيري اشاعت تي خوش ٿيندا- ۽ ان کي غور سان مطالع فرمائيندا.

ممڪن آھي تھ ھن طريقي سان- ھن کان پوءِ- عربي ۽ فارسي مشتقات متعلق ڪي اھل ذوق ميدان ۾ اچن. سچ پچ- ٻولين جي اڀياس ۽ تقابل سان ئي ٻوليءَ جي صحت جا اصول وابستھ آھن.

منڍ

(مصنف جو لکيل)

آءٌ ڀانيان ٿو تھ گھڻو ڪري سڀ ماڻھو قبول ڪندا تھ اِشتقاقن جي ڪتاب جو گھڻو احتياج آھي. نھ رڳو سنڌي ۽ انگريزي مڪتبن جي درجن ۾ اشتقاق امتحان جو ڀاڱو آھن- ۽ تنھنڪري ڇوڪرن کان پڇڻ گھرجن- پر عام پڙھندڙن کي بھ گھڻو فائدو ڪندا- ڇوجو جڏھن خبر پيئي تھ فلاڻو لفظ فلاڻيءَ ٻوليءَ ۽ فلاڻي مول مان نڪتو آھي- تڏھن سڌ لکڻ ۽ سڌ پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ جي واٽ اچي ويندي- ۽ سڌ ارٿ جي بھ خبر پوندي. ڪيترن لفظن جو غلط لکڻ ۽ غلط اچار مون گھڻا ڀيرا ڏٺو ۽ ٻڌو آھي. اھڙيءَ حالت ۾- ۽ اھڙي ڪتاب جي اڻھوندائيءَ ۾- ھن ڪتاب جي تيار ڪرڻ جو آءٌ ٻيو ڪھڙو سبب ڏيان؟ ان جو احتياج ئي سبب ڪافي آھي.

توڙي ھن ننڍڙي ڪتاب جي ٺاھڻ ۾ پنج ورھيھ لڳي ويا آھن- تھ بھ مون کي ڀؤ آھي تھ منجھس گھڻيئي چڪون آھن- ڇوجو انھيءَ قسم جي ھيءَ پھرين ڪوشش آھي- تنھنڪري وينتي آھي تھ پڙھندڙ صاحب مھرباني ڪري مون کي انھن جي سڌ ڏيندا- جو اھي سڌاري شڪر گذار رھندس.

ھن ڪتاب جون ھيٺيون خاص ڳالھيون ياد ڪرڻ گھرجن:

١. سڀ نڪتل لفظ سندن مولشبدن سان گڏ ڏنل آھن.

٢. جيئن تھ ديوناگري آئيويٽا سنڌ جي ٿورن ماڻھن کي ايندي آھي- تنھنڪري سڀڪنھن سنسڪرت مولشبد جو اچار عربي- سنڌي الف- ب ۾ ٻن ڏنگين ليڪن () جي اندر ڏنو ويو آھي(1).

٣. اچار کان پوءِ ھڪ سنئين ليڪ (-) ڏيئي مطلب لکيو ويو آھي- سو بھ ڏنگين ليڪن جي اندر آھي.

٤. گھڻي جاءِ بچائڻ لاءِ سڀني مولشبدن جو ارٿ نھ ڏنو ويو آھي: اِھو ڪم اتي ڪيو ويو آھي- جتي مولشبد جو مطلب اھو ساڳيو آھي- جو ان مان نڪتل لفظ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ آھي- ۽ نڪتل لفظ جو گھڻو ڪري ساڳيو روپ ۽ ساڳيو اچار آھي: جيئن تھ ”سيون“ مولشبد جي معنيٰ آھي ”سبڻ“- اِھا ڏنگين ليڪن جي اندر نھ ڏني ويئي آھي- رڳو مولشبد جو اڍار لکيل آھي- ۽ ”سبڻ“ لفظ نڪتلن لفظن جي اڳ ۾ رکيو ويو آھي- جتي ھو ٻھ ڪم ٿو ڪري- مولشبدن جو ارٿ ٿو ڏيکاري- ۽ نڪتل لفظ بھ آھي.

٥. جتي (-) اھڙي ليڪ گھڻا ڀيرا ڏنل آھي- اتي سمجھڻ گھرجي تھ مولشبد جا گھڻا ارٿ آھن.

٦. سڀڪو مولشبد سنسڪرت ڌاتو نھ آھي- مگر ٻئي ڀاڱي ۾ جيڪي مولشبد آھن- سي سڀ سنسڪرت وئتپتن (نڪتل) شبد آھن.

٧. اپسرگن ۽ اگريگن جون يادداشتون اڳيان شامل آھن- جي پڻ گھڻو ڪمائتيون ٿينديون.

اپسرگن جي يادداشت

اتِ = حد کان ٻاھر (جيئن- اتِيسار- اتِي لوڀ)

اڌ = مٿي (جيئن- اڌڪار )

ان = پٺيان (جيئن- انومان- انڀو)

اپ = خراب- گھٽ (جيئن- اپجس- اپمان)

اڀ = مٿي- ويجھو (جيئن- اڀمان- اڀياس)

او = گھٽ- ھيٺ (جيئن- اوٺار- اوگڻ)

آ = ابَتو (جيئن- اگم- اگمڻ)

ات = مٿي (جيئن- اتٿڻ)

اپ = چڱو- گھڻو (جيئن- اپڪار- اپديس)

نھ = گھٽ- ٻاھر (جيئن- نماڻو- ندان)

نر =

نس = ٻاھر- سواءِ (جيئن- نڪرڻ- نرکڻ- نشڦل)

نھ =

پر = چوڌاري (جيئن- پرکڻ- پرڪرما- پرڻو)

پر = اڳني- گھڻو (جيئن- پرڪاش- پرتاب)

پرتِ= ابتو- ھڪٻئي سان (جيئن- پرتي بنبُ- پرتگيا)

و = جدا- پري- گھٽ (جيئن- و نجوڳ- وڪار)

سم = گڏ- ساڻ (جيئن- سنجوڳ- سنٻنڌي- سميت)

اگريگن جي يادداشت

ا = نھ (جيئن- (اٻوجھھ- اڪٿ)

ان = (اڻ: ڪڏھن ڪڏھن) نھ (جيئن- ان مافيو- اڻ چڱو- اڻ ڄاڻ)

ڪ = خراب (جيئن- ڪپٽ- ڪڌو)

در = گھٽ- مشڪل- خراب (جيئن- ڏٻرو- دربل- ڏڪار)

نا = نھ- سواءِ (جيئن- ناچڱو- ناجوڙ)

نر = نھ- سواءِ (جيئن- نرآڪار- نرآھار- نرجل)

پر َم = اوچو- مکيھ (جيئن- پرمھنس- پرمانند- پرماتما)

س = ساڻ (جيئن- سڦل- سڀاڳو)

س = (سا: ڪڏھن ڪڏھن) چڱو (جيئن- سپٽ- سڪرت- ساپرس)

ڀاڱو پھريون

ڌاتو

ا

·                   انڪ (ڳڻڻ- نشاني ڪرڻ) = انگڻ- انگ- انگارڻ- انگڙو.

·                   اٽ (اوچو ڪرڻ) = اڏڻ- اڏائڻ- اڏاوت- اڏتِ- اڏپ- ھٽڙي.

آ

·                   آپ (حاصل ڪرڻ) = پائڻ- پِرائڻ- پِڙپڻ- پراپت- پراپتي- وياپي- سرو وياپي- وياپڪ- سماپت- سماپتي.

اِي

·                   اِيڪش (ڏسڻ)= ويکڻ- پرکڻ- پريکيا- پريڇا- پارکو- پرک- پارکا- پرکائڻ- پرکائي.

او

·                   اويھ = اڻڻ- اڻائڻ- اڻتِ- اڻات- اڻپ- اڻاوت- اڻاڻي- اوڄ- اڄڻ- اڻڻي- اوٽڻ- اوٽي.

·                   اورڻ (ڍڪڻ) = اوڍڻ- اوڍڻي- اوڇڻ- اوپرڻو.

ڪ

·                   ڪڊ (ڏکجڻ) = ڪڙڻ- ڪڙائڻ. (بن ڀرجڻ) اڪڙجڻ- اڪڙڻ- اڪڙ- اڪڙائڻ.

·                   ڪٿ = ڪٿڻ- ڪٿ- ڪٿا- ڪھڻ- ڪٿنا- ڪھٿي- ڪٿائڻ- ڪھاني- ڪھت- ڪاٿو- ڪٿڪ- ڪھات- اڪٿ- اڪھ- اڻ ڪٿ- اڳ ڪٿي.

·                   ڪنپ = ڪنبڻ- ڪنبائڻ- ڦرڪڻ- ڦرڪڻي- ڪنبڻي.

·                   ڪش (آزمائڻ) = ڪسڻ- ڪس- ڪسوٽي- ڪس. (ڏک رسائڻ) ڪس- ڪشٽ.

·                   ڪاش (چمڪڻ) = پرڪاس- پرڪاس- پرڪاسڪ- اڪاس- اڪاسي.

·                   ڪيل (بند ڪرڻ) = ڪيلڻ- کوڙڻ- کوڙائڻ- اکيلڻ- اکيل- اکلڻ- اکڙڻ- اکيڙڻ- اکوڙڻ- اکلجڻ.

·                   ڪ = ڪوڪڻ- ڪوڪارڻ- ڪوڪار- ڪوڪ- ڪوڪٽ- ڪوڪرو- ڪوڪو- ڪوڪو.

·                   ڪنچ = گھنجڻ- گھنجائڻ- گھنج- ڪوئڻ- گھنجر- سنڪوڄ.

·                   ڪٽ = ڪٽڻ- ڪٽائڻ- ڪٽجڻ- ڪٽاڻي- ڪٽڻي- ڪٽ- ڪٽ- ڪٽ- ڪٽِي- ڪٽڪو- ڪٽو- ڪٽھڙو.

·                   ڪڊ = ڪڏڻ- ڪڏائڻ- ڪوڏائڻ- ڪوڏيو- ڪڏڻو- ڪڏ- ڪوڏ- ڪوڏڻ. (ايذاءُ سھڻ) ڪڙڻ- ڪڙائڻ- ڪڙھڻ.

·                   ڪر = ڪرڻ- ڪرڻي- ڪرني- ڪارڻ- ڪارڻي- نشڪارڻ- ڪرائڻ- ڪجڻ- ڪرم- ڪرمشٽ- ڪرمشٽي- ڪم- نڪمائي- نکمڻائي- نکمڻو- نڪمو- ڪامورو- ڪامورپ- ڪامورپڻو- سڪرم- سڪرمي- ڪڪرم- ڪڪرمي- ستڪار- ڪرتِ- ڪرتب- ڪتب- ڪتبائتو- ڪارج- ڪاج- ڪرتوت- ڪر- ڪر- جيڪر- ڪري- ڪمي- ڪمائي- ڪمئت- ڪماڻي- ڪمائڻ- ڪمارائڻ- ڪمائتو- ڪرڙيو- سڪارڻ- ڪرتا- ڪرتار- ڪلتار- نمڪرم- نشڪرم- ڪرريا- ڪرياوان- سڪرمڪ- اڪرمڪ- پرڪار- پرڪرڻ- اڌڪار- اڌڪاري- اڪار- نرآڪار- اپڪار- اپڪاري- وڪار- وڪاري- اڪاج- آڪرتي- ڪارڪ- وياڪرڻ- وياڪرڻي- پراپڪاري- پر اپڪار- سنسڪار- سنسڪرت.

·                   ڪرش = ڪڍڻ- ڪڍائڻ- ڪڍاڻي- ڪڍ- ڪاڍ- ڪاڍارو- ڪاڍو- کيڙڻ- کيڙ- کيڙائڻ- کيڙاڻي.

·                   ڪر = کڙڻ- وکڙڻ- وکيڙڻ.

·                   ڪرم (ھلڻ)= نڪرڻ- نڪرائڻ- نيڪال- نيڪالي- پرڪرما- سنگرانت- سنڪرانت- وک- وکر- پراڪرم.

·                   ڪري (خريد ڪرڻ) = آڪرو- آڪرائي- آڪراڻ- آڪر- وڪڻڻ- وڪڻائڻ- وڪرو- وڪاڻو- وڪجڻ- وڪري- ويڪو- ويڪائو- وڪامڻ.

·                   ڪرش (سڏڻ)= پڪارڻ- پڪار- پڪاري.

·                   ڪوٿ = ڪڙھڻ- ڪاڙھڻ- ڪڙھي- ڪاڙھو- ڪاڙھائتو.

ڪش

·                   ڪشم (سھڻ)= کنوڻ- کمڻ- کميا- ڇميا- کمياوان- کانڌ- کانڌيرو- کانڌائتو.

·                   ڪشل (صفا ڪرڻ) اڇلائڻ- اگھارڻ.

·                   ڪش (گھٽجڻ- زوال ڪرڻ) = کي- کيڻ- کپڻ کاپو- کپائڻ- کپت- کپائو- کاپائو- کھڻ- کھجڻ- کوھڻ- کھائڻ- ڇِئو- ڇِھو.

·                   ڪشڀ (لوڏڻ)= جھٻڻ- جھٻ- کوڀ- ڇوڀ- ڇھو- ڇوھو- ڇوھ- ڇھائي- ڇوھيڪار.

ک

·                   کڪکھ = کلڻ- کل- کلارو- کلائتو- کلر- کلڪو- کلکل- کلڻو- کلائيندڙ- کلڻ- کلڻائي- کل کاٻري.

·                   کنڊ (ڀڃڻ) = کنڊڻ- کنڊ- کڻ- کن- کڙو- کنڊت- کنڊو- کنڊئو- کني- اکنڊ.

·                   کن = کوٽڻ- کوٽائڻ- کوٽاڻي- کوٽڻي- کوٽارائڻ- کاٽ- کاٽِي- کاٽو- کاٽئر- کامڙيو- کاھي- کاڏي- کائي- کامو- کاڻ- کاڻي.

·                   کاد = کائڻ- کئڻ- کاڄ- کاڌو- کاڌ- کاڄڻ- کارائڻ- کانو- کاڄو- کاڄرو- کاراڻي- کائو- اکاڄ- کياءُ- کاڻانڊو.

·                   کر = کرڙڻ- کرڙ- کرکرو- کرنڊ- کرکتو.

·                   کيا (بيان ڪرڻ) = اکڻ- اکاڻي- واکاڻ- واکاڻڻ- اوکاڻ- اوکائڻ- ساکي.

 

گ

·                   گڊ = ڳڙڻ- ڳاڙڻ- ڳاڙ- ڳاڙو- ڳاڙئون- ڳڙو- ڳڙي- ڳاڙائڻ- ڳاڙاڻي- گڏون.

·                   گڻ = ڳڻڻ- ڳڻائڻ- ڳڻتي- ڳڻپ- ڳاڃڻ- ڳڻتِ- ڳڻاڻي- ڳاڻو- اڻ ڳاڻو- ڳاڃ.

·                   گم (وڃڻ) = گمن- ڳمڻ- اگمڻ- اگم- گم- اگم- سماگم- گئون- گنوائڻ- سنگم- نگم- گتِ- اوگتِ- اوگتيو- اڳت- نيڳت- سنگت- سنگتي- اڀياڳت.

·                   گرج = ڳجڻ- گرجڻ- گاج- گرجنا- گجگوڙ- گجڪار.

·                   گرھھ- ڳالھائڻ- گار.

·                   گل- ڳرڻ- ڳرڻ- ڳرڻي- ڳرڻو- اڻ ڳرو- ڳارڻ- ڳاراڻي- ڳرو- ڳارو- گار- گارڙو- ڳار- وڳرڻ- پگھر- پگھرڻ- پگھرائڻ- پگھرجڻ- پگھارو- وڳرڻ.

·                   گنج = گنجارڻ.

·                   گر = ڳرڻ- ڳرڪڻ- ڳرڪائن- ڳئڻ- ڳيٽ- ڳٽي- اوڳارڻ- ڳت- اوڳارو- اوڳو- اوڳار- اوڪڻ- اوڪ- اوڪارو- اوڪارڻ- اوڳڻ- اوڳر- اوڳرائي.

·                   گي = ڳارائڻ- ڳائڻ- گانو- ڳانوڻ- گانوڻ- گيت- گويو- گائڪ- ڳائڻو- ڳائڻي- گيتا- گايتري.

·                   گرنٿ = ڳنڍڻ- ڳنڍ- ڳنڍاڻي- ڳنڍائڻ- ڳنڍجڻ- ڳنڍڻي- ڳنڍڙي- ڳنڍ- ڳٺڙي- ڳنڍو- ڳانڍر- ڳنڍر- ڳٽيو- گرنٿ- گرنٿڪار.

·                   گرس (پڪڙڻ) = گراسڻ.

·                   گرھھ = ڳنھڻ- ڳڙھڻ- گراڪ- پڳھ- گراھڪ- گاھڪ- ڳينھو- ڳيڙھو- ڳيھڻ- ڳيڙھڻ- اڳارڻ- اڳار- اوڳر- اپڳڙھھ- اڳارو- اڳرڻ- اوڳاھي- اوڳاھيو- گرھجڻ- گرھھ- انوگرھھ- سنگھا- پڪڙڻ- گرھڻ- پڪڙائڻ- پڪڙجڻ- ٻيگھي.

·                   گليش = ڳولڻ- ڳولائڻ- ڳولا- ڳول- ڳولو- ڳورڻ- ڳور- ڳولائو.

گھھ

·                   گھٽ = گھڙڻ- گھڙاڻي- گھڙائڻ- گھڙجڻ- گھاٽ- گھڙاڻي- گھاڙيٽو- گھڙتِ- اڻ گھڙيو- سگھڙ- سگھڙائي- اگھڙ- اگھاڙ- اگھاڙو- اگھاڙڻ- اگھڙڻ- اگھٽ- بِگڙڻ- بگاڙڻ- بِگاڙ- بِگڙجڻ- بگاڙجڻ.

·                   گھورڻ = گھمڻ- گھمائڻ- گھمرو- گھمري- گھورڙيو- گھورارو- گھور- گھوم- گھومو- گھيرڻ- گھيرو- گھيڙو- گھير- گھيرٽ- جھمري.

·                   گھرش = گھڻ- گھرڙڻ- گھرڙو- گسڻ- گاس- گھڪو- گھڻي- گاٺِ- گشو- گسڪڻ- گيسي- گيسر- گيسرڻ- گس- گسڻ- گيسو- گيسک- ارسي.

·                   گھرا = سنگھڻ- سنگھھ- سنگھر- سنگھو- سنگھو- سنگھارو- سڻڪڻ- سڻڪ- سڻڪاٽ.

چ

·                   چڪش (کائڻ) = چکڻ- چکو- چکي- چاکي.

·                   چٽ (مارڻ) = چٽ- چٽِي- چٽو. (ڀڃڻ) ڇڙھڻ- ڇڙائڻ- ڇڙاڻي- ڇڙائي- ڇڙھھ- اڇر. (جدا ٿيڻ) ڇڙھو- ڇڙھائي.

·                   چنڊ = چِڙڻ- چڙڻو- چيڙاڪ- چڙائڻ- چيڙائڻ- ڇِڙڻ- ڇِڙڪيو- چيڙ- ڇيڙڻ- ڇيڙ- ڇيڙڻ- وچڙڻ.

·                   چر = چرڻ- چارڻ- چرڻي- چرھو- چاراڻي- چارو- چارپ-ل ڏچر- سچو- چرائي. (ھلڻ) چارو- چرڻ- چرن- چرنو- چرڻي- اچار ُ- اچار- اچاري- پچر- پچار- پچارڻ- اچارڻ- سماچار- اچارڻ- اچار- ويچار- ويچارڻ- ويچاري- اويچاري- اچارج- اڳ- ويچار.

·                   چرٻ = چٻڻ- چٻاڙڻ- چٻائڻ- چاٻو- چٻڪو- چاٻ- چٻڻو.

·                   چل = چلڻ- چلائڻ- چال- چلت- چلٽِ- چالاڻو- چالو- چالو- چلاڻ- چالاڻ- چالي- چلي- چل- چلاڪو- چلاءُ- چلتو- چلتو- چلائو- چِلو- چِلولو- چِلو لائي- چل- اچل- چچلو- چچلائي- چچل- چلائمان- چاچلو- چاچلائي- نھچل نشحل.

·                   چش (کائڻ) = چشي- چس- چسائڻ- چسائتو- چسڪائڻ- چسڪڻ- چسڪو- چش- چشڪو.

·                   چٽ (قاصد يا نوڪر ٿيڻ) = چِٺِي- چٺو- چٺياڻو- چيلو.

·                   چِت (خيال ڪرڻ) = چِت- چيتو- چيتڻ- چتائڻ- چتار- چتارڻ- ھڪچيتائي- چِتونا- چتوڻ- چنتا- چنتاوان- ٻِچِتو- چيتن- اچاچيت- اچيت- چيتائتو- ٻِچتائي- چيت- سچيت- سچيتائي- ھڪ چِتو.

·                   چِتر = چِٽڻ- چٽ- چٽ- چٽائڻ- چٽاڻي- چِٽِڻي- چِٽي- چٽڙو- چٽو- چٽائي- اڻ چٽو- اڻ چٽائي- چٽا- چِٽڪ- چھچٽو- چِيٽو.

·                   چِل = چڙڻ- چوڙڻ- چڙڻي- چوڙ- چوڙئو.

·                   چچيھ = چئڻ- چئڪو- چڪو- چِڪائڻ- چِڪڻ- نچوئڻ- نچوڙڻ.

·                   چٽ (ڪپڻ) = چٽڪو- چٽڪي.

·                   چپ (ماٺ ڪرڻ)= چپ- چپ چپاٽ.

·                   چنب = چمڻ- چمي- چم- چمڪ.

·                   چر = چورائڻ- چوري- چوراٽيو- چور- چوراڻو- چورائو- چورڪو.

·                   چوش- چوسڻ- چھڻ- چوس- چوش- چوپڻ- چوپو- چوپڻي- چوپائڻ.

·                   چرت (ٻارڻ) = چِرنگ- چڻنگ- چڻنگاري- چوچڙي- چوچڙو- چوچوڙي.

ڇ

·                   ڇد (ڍڪڻ) = ڇتِ- ڇِتِ- ڇڄھري- ڇو- ڇنو- ڇن- ڇاتي- ڇپر- ڇاڄو- پڇٽي.

·                   ڇِد = ڇِنڻ- ڇنائڻ- ڇڄڻ- ڇناڻي- ڇنڻي- ڇڄڻو- ڇيدڻ- ڇيد- ڇيھ- ڇيڻي- ڇيھون- ڇنال- ڇيت- ڇِترو- ڇتري- پڇڻ.

·                   ڇٽ = ڇٽڻ- ڇٽائڻ- ڇٽائو- ڇٽي- ڇٽڪڻ- ڇڙڻ- ڇوڙڻ- ڇوڙائڻ- ڇڙت- ڇوٽ- ڇوٽِ- ڇوٽي- ڇوٽائو- ڇوڙ- وڇوٽي- ڇوٽڪو.

·                   ڇپ = ڇپڻ- ڇپائڻ- ڇوپ- ڇوت- ڇھڻ- ڇھائڻ- اڇتو.

ج

·                   جت = جڙڻ- جڙ- جڙائي- جڙاءُ- جڙائڻ- جڙاڻي- جڙائو- جڙائتو- جڙت- جڙائيندو- جڙت- جڙتو- جڙڻي- جڙيو- جڙتي.

·                   جن = ڄڻڻ ڄڻائڻ- ڄمڻ- جنم- ڄاپڻ- ڄم- ڄمار- ڄم- ڄائو- جنمي- جانڪ- جن- جنني- جنو- ڄڻو.

·                   جپ = جپڻ- جپائڻ- جپ- جاپ.

·                   جاگر- جاڳڻ- جاڳ- جاڳائڻ- جاڳتو- جاڳو- سجاڳ- سجاڳائي- سجاڳي- سجاگو- سجاگ- سجاڳو- سجاکائي- جاڳرتو- جاڳرت.

·                   جھ = جِيتن- جيت- جي- اجيت- جيتائتو.

·                   جِيو = جئڻ- جيءُ- جيو- جيوڪا- اجِوڪا- جئرو- جئراڻ- جيوڻ- جياپو- جيوت- جيارڻ.

·                   جڊ = جڙڻ- جوڙڻ- جوڙائڻ- جوڙ- جوڙ- جوڙائي- جوڙائيندو- جڙتو- جڙتائو- جوڙجڪ- جوڙائتو- جوڙتو- جوڙڻي- اڻ جڙندڙ- اڻ جوڙ- ناجوڙ- ناجوڙي.

·                   جول = جلڻ- جلڻي- جلائڻ- جرڻ- ڄر- جِر- جِراٽ- جلاوت- ڄراٽڻ- پڄرڻ- پڄارڻ- پڄرائڻ- پڄارو. (چمڪڻ) اجارڻ- اجرڻ- اجالو- اجل- اجارو- اوجل- اوجلائي- اجلڻ- اجرو- اوجارڻ- اجرائي اوجار- اوجاري- اوجر- اوجلائي- جوالا.

گيھ

·                   گيا = ڄاڻڻ- ڄاڻ- ڄاڻ- ڄاڻارو- ڄاڻاڻي- ڄاڻائڻ- ڄاڻائو- ڄاڻوئي- ڄاڻو- اڄاڻ- اڄاڻائي- اڻ ڄاڻ- اڻ ڄاڻائي- اڄاڻپ- ڄاڻپ- اڻ ڄاتو- سڄاڻ- سڄاڻ- سڄاڻائي- سياڻو- سياڻائي- سياڻپ- اياڻو- اِياڻائي- اِياڻپ- ساڃارو- سڃاڻڻ- سڃاڻپ- سڃاڻائڻ- سڃاڻ- سڃاپڻ- اوڃاڻ- اوڃھھ- ساڃھھ- ساڃاھھ- ساڱاھھ- ساڱھھ- سڱائڻ- گيان- وگيان- گياني- اگيان- اگياني- گيان وان- گيات- گياتا- اگيات- گياتاوان- کيانوان- اچانڪ- اگيا- اڻ- اگياوان- اوگيا- پرتگيا- سنگيا- نياپو- ناتو- نيات- نياتي.

جھھ

·                   جھم (کائڻ) = جھمڻ- جھمائڻ.

ٽ

·                   ٽل (چرڻ) = ٽرڻ- ٽارڻ- ٽار- ٽالو- ٽارو- اٽل- اٽر.

·                   ٽِپ = ٽپڻ- ٽپائڻ- ٽپ- ٽپو- ٽِپ ٽِپ- ٽپڻو- ٽاپون- ٽپڪو- ٽپال- ٽپالي.

ڊ

·                   ڊي = اڏامڻ- اڏاري- اڏائڻ- اڏائو- اڏرڻ- اڏامڪي.

ڍ

·                   ڍنڍ = ڍونڍڻ- ڍونڍ.

ت

·                   تڍ (ھڻڻ) = تڙڻ- تڙائڻ- تاڙ- تاڙي- تاڙو- تڙ- تاڙنا.

·                   تن = تاڻڻ- تاڻ- تاڻ- تاني- تاڃي- تاڻو- تڻڻ- تاڻ- تانر- سنتان.

·                   تپ = تپڻ- تپائڻ- تپ- تپاولي- تپت- تئڻ- تئي- تئو- تئو- تتِي- تائڻ- تپجڻ- اتت- تتو- تاءُ- تائڙي- تاپجن- پرتاپ- پرتاپي- تاؤڙي- تاپيلو- تاپيلي- تپڻي- اتابو- ستابو- سنتاپ- ستائڻ- پڇتائڻ- پڇتاءُ- تپسيا- تپسي.

·                   ترڪ (خيال ڪرڻ) = تڪڻ- تڪ- ترڪ- تاڪائو.

·                   تل = تورڻ- ترڻ- تورو- تولو- تورائڻ- تورڻي- توراڻي- تور- تراڙو- تري- تل- اتول- اتور- اتل- ٽلڻ- اٽل.

·                   تش (خوش ٿيڻ) = تسڻ- ٽٺو- تسائڻ- تسمان- سنتوش- سنتوک- سنتوکي- سنتوکڻ- توھھ- تھائڻ.

·                   ترپ (راضي ڪرڻ) = ترپڻ- ترپت- ٽِپِٽِ- ڍاپڻ- ڍائڻ- ڍءُ- ڍائجڻ- ڍئڻ- ڍئجڻ- ڍائو.

·                   ترش (اڃ لڳڻ) = ترشنا- تاس- تِرکا- تاسجڻ- تسيو- تراس- ٽِھ- ٽِھائجڻ- تراسجڻ- تِرھ- تسو- تسڻ- تسڪيو.

·                   تر = ترڻ- تارڻ- ترڻي- تارو- ترھو- تاروئڙو- تارؤن تار- تارڻ ھار- تاري- اوتار- اوتاري- اتارڻ- اتار- اتارڻ- اترڻ- اتارو- اتارائڻ- اتاراڻي- اوتارو- اتار- نيتارو- نستارو- اوترڻ- ناتاري- ترڳڻ- ستارڻ- ستارڻ.

·                   تيج (ڇڏڻ) = تجڻ- تياڳ- تياڳي.

·                   ترس (ڊڄڻ) = ٽھڻ- ٽھڙ- ٽھڙائي- ٽاھھ- ٽھائڻ- ٽھڻو- ٽاھڙ- ٽاھڻ- ٽھڻائي- تراس.

·                   ترا (نگاھھ ڪرڻ) = تاتڻ- تاتِ- تاتِي- ٽيٽ- ٽيٽڻ.

·                   ٽرٽ = ٽٽڻ- ٽوڙڻ- ٽوٽ- ٽوڙائي- ٽوٽو- ٽوٽڪو- ٽوڙو- ٽوٽپائي- ٽوڙ- ٽوڙ- ٽوٽي- اٽٽ- اڻ ٽٽ- اڻ ٽوڙ- اٽڻ.

د

·                   دنش = ڏنگڻ- ڏنگ- ڏنگجڻ- ڏنگڻو- ڏنگائڻ- ڏنگڻي- ڏنگر- ڏنگور- ڏنگيدار- ڏاڙھڻ- ڏاڙھائڻ.

·                   دم = دٻڻ- دٻائڻ- دٻ- دٻ- دٻاءُ- دٻالٽ- ڌٻجڻ- دٻڪ.

·                   دھھ (ساڙڻ) = ڏھڻ- داھھ- ڏھڻ- داھھ- ڏاءُ ڏاگھھ- ڏجھڻ- دگڌ- ڏاجھھ- ڏاڌ.

·                   دا = ڏيڻ- ڏيارڻ- ڏيارائڻ- ڏاتار- داتا- داتار- ڏاتر- ڏاتاري- ڏاتِ- داتِ- ڏيتي- ڏن- ڏاڻ- دان- داتو- ڏاتي- ڏان- ڏئڻو- ڏئڻاڻي- ڏئڻات- دار- ڏئڻي- ڏاجو- ڏاج- ڏاجيلو.

·                   دش = ڏسڻ- ڏس- ڏسائڻ- ڏسڻ- ڏسائنو- ڏاھھ- ڏائي- اپديس- اپديسي- اپديسڻ- اديس- اديسي- اڏيس- اڏيسي.

·                   دل (لڏڻ) = ڏلڻ- ڏولڻ- ڏولي- چؤڏول- ڏولائو- ھندو رو- اڏول- ھنڊول- جھولڻ- جھولڻو- جھولي- جھولائڻ.

·                   دھھ = ڏھڻ- ڏڌ- ڏھائڻ- ڏھڻي- ڏڀڻ- ڏوھو- ڏوڌي- ڏوڌو- ڏوڌڪو- ڏوڌ- ڏوڌپو- ڏوڀ- ڏھائو.

·                   در (عزت ڪرڻ) = ادر- نردار. (ڊڄڻ) ڏرڻ- ڏرائڻ- ڏر- اڊڪو- ڊاءُ- اڊو- ڊڄ- ڊڄڻ- ڊيڄو- ڊڄڻو- ڊيڄارڻ- ڊڄڻائي.

·                   درش = ڏسڻ- درشٽي- درشٽ- درسن- درسني- درس- ڏسجڻ- ڏسڻو- ڏيٺ- ڏيک- ڏسندو- ڏيکو- ڏيکاري- ڏيکارڻ- ديک- ڏيکڻ- ڏيک- ديکا ديکي- ڏيکائتو- ڏيکار- ڏٺ- اڻ ڏٺو- ادرس- ارسي- اھري. (مٽجي ”پشيھ“ ٿيندو آھي) پسڻ- پسائڻ- اپس- پھائڻ- پھڻ.

·                   در = ڏرن- ڏرڻي- ڏرائڻ- ڏارڻ- ڏراڻي- ڏاراڻي- ڏار- ڏار- ڏار- ٽار- ٽاري- ٽارو- ڏارو- ڏريو- ڏر- ڏر- ڏرو- ڏري- ڏرڙ- ڏرجڻ- ڏرڙجڻ- ڏڏر- ڏڏرڻ- ڊرڙ- در- دري- اڊڙڻ- اڊيڙڻ- اڊوڙڻ- اڊيڙ.

ڌ

·                   ڌاو = ڌانوڻ- ڌئڻ- ڌانئڻ- ڌوئجڻ- ڌئارڻ- ڌئارڻي- ڌئپ- ڌوپ- ڌوپڻ- ڌوٻي- ڌوٻِڪو- اڻ ڏوتو- ڌوتي- ڏوتيو.

·                   ڌو = ڌڏڻ- ڌڏڪو- ڌڏڪڻ- ڌڏڪائڻ- ڌوڏڻ- ڌوڏ- ڌوڏ- ڌوڏو- ڌڻڻ- ڌوڻڻ- ڌڻو- ڌئو- ڌٻڻ- ڌٻڻ- ڌوڻ- ڌونڌاڙ- ڌونڌارڻ- ڌونڌال- ڌونڌالڻ- اڻ ڌڏ.

·                   ڌر = ڌرڻ- ڌارڻ- ڌارڻ- ڌراوت- ڌراڻي- ڌرائڻ- ڌرڻو- ڌارڻي- ڌارڻا- ڌر- ڌرتِ- اڌار- اڌر- اڌاري- نراڌار- نڌر- نڌرائي- اڌر ُ- سڌر- سڌرائي- اڌرائي- اڌر- ڊٺو- ڊٺائي- ڊيٺ- ڊيٺائي- ڌرتي- ڌرن- ڌار- ڌارا- ڍارڻ- ڍار- ڍرڻ- ڌاريائي- چؤڌاري- ڌار- ڌاريون.

·                   ڌي = ڌائڻ- ڌاپڻ.

·                   ڌما = ڌنوڻ- ڌنوڻي- ڌنوڻ- اڌمڻ- ڌمڌما.

·                   ڌونس = ڊھڻ- ڊاھڻ- ڊھجڻ- ڊاھھ- ڊاٺ- ڊاھھ پاھھ.

ن

·                   ند (آواز ڪرڻ) = ناد- نادي- ناڏ. (خوش ٿيڻ) آنند- آنندي- انند.

·                   نم = نمڻ- ننون- نانئڻ- نمسڪار- نوت- نوائڻ- نمائڻ- نئڙڻ- نئڙت- لنوڻ- پرڻام- نوڙڻ- وينتي.

·                   نند = نندڻ- نندا.

·                   ني = نئڻ- نيت- نيتائتو- انيت- ڪنيت- ڪنيتيو- نائڪ- نائڪي- آڻڻ- آنڻ- اڻائڻ- اڻاڻي- پرڻو- پرنجڻ- پرڻڻ- پرڻائڻ- پرڻيل- اڻائو- اڻائي- سڻائو- سڻائي- نيڻ- نئن- نيتر.

·                   نر (واٽ ڏپکارڻ)= نرتِ- نرتائتو.

·                   نرت = نچڻ- نچائڻ- ناچ- ناچو- نچارائڻ- نوچي.

پ

·                   پچ = پچڻ- پچائڻ- پچارائڻ- پاچ- پچ- پچاءُ- پچڪو- پاچڪ- پاچو- پڪو- پڪائي- پڪ- پڪي- پڪاوٽ- پرپڪ- ڪچو- ڪچاڻ- ڪچائي- ڪچاوٽ.

·                   پت = پٽڻ- پٽائڻ- پٽجڻ- پٽاڻي- اپٽڻ- اپٽاڙ- اپٽاڙڻ- اپتِ- پٽِي- پاڙ- سپاڙو. (ورھائڻ) پٽ- پاٽوندڙ.

·                   پٺ = پڙھڻ- پاڙھڻ- پڙھائڻ- پڙھڻي- پڙھو- پڙھاڻي- پاڙھڻي- پاٺ- پڙھيو- اڻ پڙھيو- پٺِٽ- پاٺي- اڻ پڙھيل.

·                   پت (ڪرڻ)= پوڻ- پائڻ- پتت- پاتڪ- پاتڪي- پاتال- پاتار.

·                   پش = ڦسڻ- ڦاسڻ- پاسائڻ- ڦاسي- ڦاھو- ڦاھي- ڦاسڻي- ڦاسر- ڦسائڻ- ڦاسجڻ.

·                   پا = پئڻ- پئڻي- پيارڻ- پياڪ- پان- پيڄ- پيڄو- پيڄاڻو- پيڄائتو- انوپان.

·                   پار = پارڻ- پاڙڻ- پڙڻ- پاڙ جھاڙ.

·                   پال = پالڻ- پالنا- پالڪ- پالڻو- پاڙڻ- پاري- پرڻ.

·                   پِنج- پڃڻ- پڃائڻ- پڃارو- پڃاڻي- پڃڻي- پڃجڻ.

·                   پِش = پيھڻ- پيھائڻ- پيھاڻي- پِيھڻي- پيھارائڻ- پيسڻ- پيسجڻ- پيٺي- بيسڻ- پيسڻي.

·                   پيڊ = پيڙڻ- پيڙائڻ- پيڙاڻي- پِيڙجڻ- پيڙڻي- پيڙاڪو- پيڙ- پيڙا- ڀيڙ- پڀڙڻ- ڀيڙاڻي- ڀيڙجڻ- ڀيڙائڻ- ڀيڙو- نپيڙڻ- پِيڊ.

·                   پٽ = ٻوٽڻ- ٻوٽجڻ- ٻٽ- ٻٽِجڻ- ٻٽ- پورڻ- پورائڻ.

·                   پوج = پوڄڻ- پوڄا- پوڄاري- پوڄارو- پوڄڪ- پوڄ.

·                   پوش = پوکڻ- پوکائڻ- پوکاڻي- پوکي- پوک.

·                   پرچ = بيڇڻ- پيچائڻ.

·                   پِري (پيار ڪرڻ) = پيار- پيارو- پرين- پِر- پريت- پريتوان- سپرين- پِي- پريتم- پريمي- پريتمو- پري.

·                   پر چڇ = پڇڻ- پڇا- پڇائڻ- پڇ- اڻ پڇو- پڇ پڇ- پرس.

ڦ

·                   ڦل = ڦرڻ- ڦلڻ- ڦل- سڦل- سڦلو- ڦر- ڦرائڻ- ڦلائڻ- ڦرھي- ڦرجڻ- ڦلجڻ- نشڦل- اڦل- ڦلائتو- ڦلاءُ- ڦاري- ڦريائون- ڦرٽ. (چيرڻ) ڦاڙڻ- ڦار- ڦار- ڦري- ڦاڙ- ڦاڙائڻ- ڦاڙاڻي- ڦر- ڦرھو- ڦرھي- ڦڙڪو.

·                   ڦل = ڦلڻ- ڦلارجڻ- ڦل- ڦلارڻ- ڦلو- ڦلڙي- ڦلاري- ڦلاو نتي- ڦلي- ٽِڦلو.

ب

·                   بَنڌ = ٻڌڻ- ٻنڌڻ- ٻڌائڻ- ٻنڌ- ٻنڌاڻي- ٻڌجڻ- ٻڌرائڻ- ٻنڌيج- ٻڌل- ٻڌي- ٻنڌ- ٻانڌي- ٻانڌڻو- ٻانڌو- ٻجھڻ- ٻجھائڻ- ٻجھاءُ- ٻنڌڻ- ٻانڌاڻي- اڌوٻڌ- سنٻنڌ- سنٻنڌي- واجھھ.

·                   بُڌ (ڄاڻڻ) = ٻڌڻ- ٻڌائڻ- ٻنڌائڻ- ٻجھڻ- ٻڌ- ٻڌوان- ٻوڌ- پرٻوڌ- پرٻوڌڻ- پرٻوڌي- ٻڌڻ- ٻوڌيو- اٻوجھھ- سٻوجھھ- اٻوجھائي.

·                   بُل = ٻڏڻ- ٻوڙڻ- ٻوڙٻڙان- ٻوڙان- ٻوڙ- ٻڏائڻ- ٻوڙاڻي- ٻڙائڻ- ٻوڏ.

·                   بُرو = ٻولڻ- ٻولي- ٻول- ٻول- ٻولئو- ٻلائڻ- ٻولائڻ- ٻولڙيو- چوٻولو- ٻھ ٻوليو.

ڀ

·                   ڀڪش (کائڻ) = بَک- بَڇ- بَڇن.

·                   ڀج (پوڄڻ) = ڀڄن- ڀڄني- ڀڄنيڪ- ڀڳت- ڀڳتِ- ڀڳتي- ڀڳتاڻو. (ٽوڙڻ) ڀڃڻ- ڀڃائڻ- ڀڃڻو- ڀاڃو- ڀاڃوڪر- ڀاڃ- ڀڃاڻي- ڀڃڪڙي- ڀڃ- ڀڃ- ڀنگ- ڀڳو- ڀڳي- ڀاڱو- ڀاڱيتو- ڀاڱيرو- ڀانگو- ڀنجو- ڀاڄِي- ڀاڳھھ- وڀگتي. (کائڻ) ڀت- ڀتو- ڀاتي- ڀاڄي. (جدا ٿيڻ) ڀڄڻ- ڀڄائڻ- ڀاڄ- ڀاڄڙ- ڀاڃڙ- ڀاڄو- ڀڄ- ڀڄڻو- ڀاڄوگر.

·                   ڀٽ = ڀاڙڻ- ڀاڙو- ڀاڙئت- ڀڙوي- ڀاڙي- ڀاڙ- ڀڙوو- ڀڙوت- ڀاڙيو- ڀيٽو- ڀڙوائي- ڀڙئت.

·                   ڀا (چمڪڻ) = ڀِڀاس- پرڀات- پرڀاتي- باکڻ- باک- بَکڻ- ڀڀٽ- ڀڀڪڻ- ڀينڀرڪو.

·                   ڀاش (ڳالھائڻ) = ڀاشا- باکڻ- باکئو.

·                   ڀاس (ڏسڻ ۾ اچڻ) = ڀاسڻ- ڀاس- اڀاس.

·                   ڀڪش = بِيکڻ- بيک- بِکيا- بيکاري- بڇا- بِکاري- بکئڪ.

·                   ڀِد (ڀڃڻ) = ڀيدڻ- ڀيد- اڀيدي- ڀيدي- اڀيد- ڀيؤ- اڀيو- ڀتِ- ڀِن- ڀِيت- ڀيت- ڀيتي- ڀانتِ- ڀاءِ.

·                   ڀج (ماڻڻ) = ڀوڳڻ- ڀوڳي- ڀوڳ- ڀوڳو- ڀوڳائڻ- سڀوڳو- اڀوڳو- اڀوڳائي- ڀوڳھڙو- ٻت- ڀوڄن- ڀوڳ.

·                   ڀر = ڀرڻ- ڀر- ڀر- ڀر- ڀرت- ڀرٿاڻ- ڀرٿو- ڀرٿي- ڀرپ- ڀرپور- ڀرجڻ- ڀرائڻ- ڀراڻي- ڀرڻي- اڀرو- سڀرو- اڀرائي- سڀرائي- ڀريو. (پالڻ) سنڀارڻ- سنڀار- سڀالڻ- سنڀال- سانڀ- سانڀڻ.

·                   ڀرج = ڀڃڻ- ڀڃائڻ- ڀڃاڻي- ڀڄڻ- ڀڃڻي- ڀڳڙو- ڀوڳڙي- ڀڳي- ڀوڳھڙو.

·                   ڀرم (ڦرڻ)= ڀلڻ- ڀنوڻ- ڀرانت- ڀير- ڀيرو- ڀيرڻ- ڀوڻ- ڀرڻڻ- ڀرمڻ- ڀومن- ڀونري- ڀئڻ- ڀمڻ- ڀرمڻ- ڀونري- ڀئڻ- ڀمڻ- ڀرر- ڀررائڻ- ڀرڪو- ڀِٽڪڻ- ڀانئٽي- ڀور- ڀونڀوري- اوبڻ- اوبرو- اوبِڻي- ڦراٽي- ڦرتو- ڦررائڻ- ڦرڻ- ڦرڻو- ڦرڻي- ڦرتي- ڦير- ڦيرو- ڦراٽي- ڦيرائتو- ڦيرائڻ- ڦيرڻو- ڦيرئون- ڦيري- ڦرموٽي- چوڦير- چوڦيرو. (ڀلجڻ) ڀِرمڻ- ڀرمائڻ- ڀرمجڻ- ڀرمو- ڀل- ڀلڻ- ڀلجڻ- اڀل- ڀولو- ڀلائڻ- ڀلائتو- ڀلائو- ڀولائو- ڀولر- ڀورو- ڀورڙو.

م

·                   مچ = مچڻ- مچائڻ- مچلو- مچلائڻ- مچلائي- ماچِ- مچ.

·                   منڊ (سينگارڻ) = منڊڻ- مانڊاڻ- مانڊ- مانڊاڻو- مانڊاڻ- منڊپ- منڊل- منڊلي- منھن- منھنڙو- مڏي- ماڙي- ٻِماڙ- پنجماڙ. (ويڙھڻ) مڙھڻ- مڙھائڻ- مڙھاڻي- مڙھھ- مڙھڻي- منھڙو. (ڀڄڻ) منڊو- منڊ- منڊائڻ- منڊ- منڊائي- منڊڪ.

·                   منتر (صلاح ڏيڻ) = منتر- منتري- منڊڻ- منڊ- مانڊي- منت. (ڪوٺڻ) نينڊ.

·                   مٿ (ولوڙڻ) = مٿڻ- منڌ- مانڌاڻي- مانڌاڻو- منڌئڙو- مٿ- منڌي- مکڻ.

·                   من = مڃڻ- منڻ- مڃائڻ- منوتِ- مڃتِ- مڃائتو- منائڻ- منوتي- منن- ماڃو- مان- مانائتو- ان مانيو- ماڻ- ماڻ- نماڻو- نماڻائي- بي مانو- اڻ مڃو- اڀمان. (سمجھڻ) من- من- مان- منو- منشا- مانسي- ماڻھو- ايڪمنائي- منک- مانک- ماڻھپائي- ماڻھپو- ماڙھو- ماڻھڪو- مانکو- ايڪمنو.

·                   ما = مئڻ- موائڻ- مئپ- ماپڻ- مئجڻ- ماڻ- ماپو- ماپ- ماڻي- ميچو- ميچڻ- موڻ- مپ- آڻ ميو- متِ- امت- متي- انومان- انوماني- پرماڻ- پرماڻي- پرماڻيڪ.

·                   مل = ملڻ- مڙڻ- مڙيائي- مڙوئي- مليل- ملائڻ- ملڻو- ملڻائي- ميڙڻ- ميلڻ- ميلي- ميڙو- ميلو- ميرو- ميرائي- ميڙاڪو- ميڙ- ميلاپ- ميلاپي- ميلائتو- اڻ ميل- اڻ ميلي- اميري- ميڙائڻ.

·                   مش = منھائڻ- منھن- ميچ.

·                   منچ (آزاد ڪرڻ) = منجڻ- موکڻ- موک- مڪتِ- مڳت- موڇاڻي- موڪش- مڪتو- موڪ- موڪل- موڪلڻ- موڪلائڻ- موڪلاڻي- موڪرو- موڪر- موڪرائي- موڪراڻ- موچن.

·                   مت = مڙڻ- موڙڻ- مڙڻو- موڙو- موڙائڻ.

·                   مڊ (ھيٺ لھڻ) = موڙو- موڙي- موڙائي. (ڪوڙڻ) منڻ- مونو- منڊڻ.

·                   مش = مسڻ- مسائڻ.

·                   مھ (بيھوش ٿيڻ) = موھڻ- موھھ- موھت- موھڻو- موھن- موھجڻ- موڳو- موڳائي- موڳائڻ- موڍ- مڌو- موڙھڻ- موڙھل- موڙھھ- منجھڻ- منجھائڻ- مونجھارو- مونجھھ.

·                   موتر = مٽڻ- مٽاڙو- مٽائڻ- مٽمٽ.

·                   مول = مورڻ- مورجڻ.

·                   مر = مرڻ- مري- مارڻ- مارائڻ- مارجڻ- مرتو- مرڻو- ماري- موت- مار- مار- مارڪو- مرڻينگ- مرڻي- امر- امرت- انبرت.

·                   مرگ = مڱڻ- مڱڻھار- منگڻ- مڱڻو- مڱ- منگتو- مڱائڻ- مڱجڻ- مڱيتو- مڱيو.

·                   مرج (صفا ڪرڻ) = مانجڻ- منجڻ- ملڻ- مھٽڻ- مھٽ- مھٽ سھٽ- مھٽو- ميٽڻ- مٽڻ- ميٽائڻ- مٽائڻ- مٽجڻ- ميسارڻ- ميٽائڻ- مٽائڻ- مٽجڻ- ميسارڻ- ملاڻي- ملائڻ- ملڻي.

·                   مرد (ھڻڻ)= منڻ- منڻ- مناڙ- مناڙڻ- (گھڻ) = ملڻ- مرڻ- مرائڻ.

·                   مي = مٽڻ- مٽائڻ- مٽجڻ- مٽ- مٽا- مٽڻ.

يھ

·                   يم (ٻڌڻ) = ڄمڻ- ڄمائڻ- ڄاپڻ- ڄارائڻ- ڄاول- سنجم- سنجمي- سنجائتو- سنجيتو- اڄم- اڄمي- ادم- ادمائتو- اوڄم- اڄمائتو.


(1)  اندر ڇپيل مواد ۾- اصل ڪتاب ۾ ديوناگوي لپيءَ ۾ ڏنل مولشبدن جي جاءِ تي- سڀڪنھن سنسڪرت مولشبد جو عربي- سنڌي الف- ب ۾- آيل اچار ڏنگين کان ٻاھر رکيو ويو آھي- ۽ ان جو ارٿ يا مطلب ڏنگين ليڪن ۾ قائم رکيو ويو آھي. ناشر

(1)  اپسرگ گھڻو ڪري رڳو ڌاتن سان لڳندا آھن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com