سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :10

 

مرزا غازي بيگ ڦوهه جوانيءَ ۾ سن 1612/1021 ۾ وفات ڪري ويو. شراب جي گهڻائي يا حد کان وڌيڪ عيش عشرت  ڪري وقت کان اڳي لاڻو ڪري ويو هو. (91) پر گهڻين تاريخن لکيو آهي ته سندس اميرن مان ڪنهن کيس زهر ڏنو هو. طاهر نسياني جي قطعه تاريخ مان پوئين سبب ڏانهن اشارو ملي ٿو.” برکشيدند کن ودادند زهر- قتلش “ کائنس انتقام وٺڻ خاطر کيس زهر ڏئي ڇڏيو.(92) زهر ڏيڻ جو شڪ خسرو چرڪس جي پٽ ڀائيخان ۾ ڪيو ويو. هو جيڪو پڻ ان وقت جهانگير جي درٻار سان لاڳاپيل هو.

مرزا غازي بيگ جي وفات کان پوءِ سنڌ، سنڌين جي هٿن مان نڪري مڪمل طور مغل حڪمرانيءَ جي ماتحت اچي وئي ۽ ان کان پوءِ دهليءَ طرفان مختلف گورنر مقرر ٿيندا آيا، پر ان هوندي به ترخان ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي اقتدار واسطي جتن ڪندا هئا. مڪلي نامي ۾ مرزا غازي بيگ جي اٺ ڪنڊي مقبري جو ذڪر ڪونه آهي، پر هينري ڪزنس پڪين سرن جي تعمير جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. اندرئين پاسي کان ڪاشيءَ جي سرن جو نهايت بهترين ڪم ٿيل ڏسجي ٿو.(93) شايد مڪلي نامي جي مصنف کي هيءَ سادي ۽ بنا ڪنهن نقش ونگار جي تعمير ڪانه وڻي هوندي، تنهن ڪري هن انهيءَ قبر ۽ ٻين اهم اڏاوتن جو پڻ ذڪر ڪونه ڪيو آهي، جن جو واسطو سترهينءَ صديءَ جي شروعات سا آهي. هي سنڌ جي تاريخ جو نهايت اهم دور آهي، تنهنڪري انهيءَ دور سان لاڳاپيل ٻن ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ نهايت لازمي آهي، جن مان هڪ آحي خسرو خان چرڪس ۽ ٻيو آهي عيسيٰ خان ٻيو، جنهن جو مقبرو ساري مڪليءَ جي سونهن آهي.

خسرو خان چنگيز جي اولاد مان هو. هو سندن حڪومت جي شروعات کان وٺي هنن جي خدمت ڪندو رهيو هو. (94) مرزا عيسيٰ پهرئين کيس آفتابچي مقرر ڪيو هو. ۽ مرزا باقي جي دور تائين ساڳئي عهدي تي بحال ٿيندو آيو هو. ان کان پوءِ مرزا جاني بيگ کيس ٻيا فرض به سونپيا هئا ۽ مرزا غازي جو اتاليق به مقرر ڪيو هئائينس. جڏهن عبدالرحيم خان خاخان مرزا جاني بيگ کي اڪبر جي درٻار ڏانهن وٺي ويو ته هي به ساڻس گڏ هو. جيستائين مرزا جاني بيگ مغل درٻار وٽ نظربند رهيو (1592/1001 کان 1608/1017) ٺٽي جو سارو ڪاروبار سندس هٿ هيٺ هو. جڏهن مرزا غازي سنه 1601/1010 ۾ هن پراڻي ملازم خلاف ٿي بيٺو ته هن کي مرزا منجهان خطرو محسوس ٿيڻ لڳو، پر هو سندس سڀني سازشن کان بچي ويو هو. البت سن 1608/1017 ۾ دهلي سرڪار غبن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس ملازمت مان ڪڍي ڇڏيو. جهانگير جاچ پڙتال واسطي هندو خان کي ٺٽي روانو ڪيو. ٻئي طرف مرزا غازي بيگ خسرو خان چرڪس کي قنڌار سڏائي ورتو. سنه 1611/1017 هي ٺٽي روانو ڪيو. ٻئي طرف مرزا غازي بيگ خسرو خان چرڪس کي قنڌار سڏائي ورتو. سنه 1020/1611 ۾ هي ٺٽي موٽي آيو. نيٺ هن جي جاءِ تي مرزا رستم قنڌار کي رکيو ويو. رستم قنڌاريءَ کي ان ڪري موڪليو ويو هو جو مرزا غازي بيگ جي وفات کان پوءِ خسرو خان چرڪس ترخان گهراڻي جي عبدالعي نالي هڪ ماڻهوءَ کي گورنري جي مسند تي ويهاريو هو ۽ اها ڳالهه جهانگير جي مرضيءَ خلاف هئي، تنهن ڪري هن پهريائين عبدالرزاق خان بخشي کي انهيءَ مقصد سان ٺٽي روانو ڪيو ته جيئن خسرو خان چرڪس ۽ عبدالعي کي گرفتار ڪري درٻار وٺي وڃي اچي، جتي مرزا عيسيٰ ترخان ٻيو پنهنجي لاءِ گورنري جي عهدي جي انتظار ۾ ويٺو هو. عبدالرزاق 22 ربع الاول 1613/1022 ۾ لاهور پهتو. سندس ان ڪاميابيءَ ڪري کيس مظفر خان جو خطاب مليو هو. ٻنهي سنڌي اڳواڻن کي قيد ۾ رکيو ويو، پر نورجهان جي سفارش تي مرزا عبدالعطي کي آزاد ڪيو ويو. هن سن 1629/1039 ۾ وفات ڪئي کيس مڪلي تي سندس ڏاڏي باقي جي چوديواري اندر دفن ڪيو ويو. خسرو خان جي باقي زندگي جو پتو ڪونه پئجي سگهيو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته هن قيدخاني ۾ وفات ڪئي. مير علي شير قانع جو بيان آهي ته هو ايران ڏانهن ڀڄي ويو هو. سيد حسام الدين جي تحقيق موجب ته هن امير سن 1619/1028 ۾ اجمير ۾ وفات ڪئي هئي ۽ خواجه معين الدين چشتيءَ جي روضي ڀرسان هڪ مقبري ۾ دفن آهي.

خسرو چرڪس هڪ متقي پرهيزگار ۽ سخي هو. چيو وڃي ٿو ته هن عوامي ڀلائيءَ واسطي 360 جايون جوڙايون هيون. جن ۾ مسجدون، بزرگن جا مقبرا، پُليون ۽ مسافرخانا وغيره شامل آهن. تاريخي حقيقت موجب هن جي غيرارادي طور هڪ پاڙيسري عورت تي نظر پئجي وئي هئي، جيڪا پنهنجي کڏ تي اگهاڙي وهنجي رهي هئي. ان ڏوهه ۾ هن پنهنجون اکيون ڪڍڻ پئي چاهيون، پر پوءِ اهڙي گناهه جي ازالي واسطي عوامي ڀلائيءَ جون ڪيتريون ئي جڳهيون ٺهرايون هيون. پر بدقسمتيءَ سان انهن مان اڄ هڪ به سلامت نه آهي. ٺٽي شهر ۾ مسجدون دابگير اڃا به موجود آهي. هينري ڪزنس ۽ پوءِ اي. ايڇ. داني جي بيان موجب سندس تعمير جو سال 1588/997 آهي. جيڪو مسجد جي محراب تي لکيل آهي. مذڪوره مسجد ٺٽي شهر جي اوڀر پاسي واقع چيو ويندو آهي. ته خسرو خان جي محلات به شهر جي انهيءَ علائقي ۾ واقع هئي، (96 ) قانع جي مڪلي نامي لکڻ (1767/ 1181) کان پهريائين اها ڊهي ناس ٿي چڪي هئي. ڪيترين صدين تائين هي مسجد نماز پڙهڻ لاءِ ڪم ايندي رهي. مشهور نقشبندي عالم ۽ مبلغ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (وفات 1761/1175) هن مسجد ۾ جمعه جو خطبو پڙهندو هو. ان کان پوءِ سندس پٽ عبداللطيف ۽ سندس پوٽو محمد ابراهيم مولوي ڏنو به ساڳيءَ ريت جمعه جو خطبو پڙهندا آيا. ان کان پوءِ خسرو عبدالله شاهه جو مقبرو ۽ پنهنجي لاءِ مزار پڻ تعمير ڪرائي هئائين، جيڪا پير حسام الدين ست چڙهڻي طور سڃاتي آهي، جنهن تي مٿي اچڻ واسطي ست چاڙهيون ٺهيل هونديون هيون. هاڻي حالت اها آهي جو ان جڳهه سان قانع جو هيءُ شعر مشڪل سان ٺهڪي ايندو:

در اين جا فرض باشد باده خوردن

          ز دل زنـــــگ تکدرهـــــــا ستــــردن     (97)

خسرو واري دور ۾ نه رڳو تاريخي عمارتون جڙي راس ٿيون هيون. پر سنڌ جي تاريخ جون ڪيتريون ئي تصنيفون لکجي تيار ٿيون هيون. سيد عبدالقادر پٽ سيد محمد هاشم حديقة الاولياء لکيو هو، جيڪو سنڌ جي بزرگن جي احوال تي مشتمل آهي. انهيءَ تصنيف جي آڌار تي مڪلي نامي ۾ ڪن ماڻهن جي ڏنل زندگي جي احوال جي تصديق ٿي وڃي ٿي. اها تصنيف خسرو خان ڏانهن منسوب ٿيل آهي. هن مصنف جي پوٽي، محمد طاهر نسيانيءَ وفات 1639/1050 (98) خسروءَ جي وفات کان پوءِ تاريخ طاهري لکي جيڪا هن 1621/1030 ۾ لکي پوري ڪئي هئي. سنڌ جو هي مشهور مورخ به مڪلي تي دفن ٿيل آهي.(99) 

خسرو خان جي تقريباً ساري ڄمار ٺٽي سان لاڳاپيل رهي آهي. انهيءَ زماني ۾ سندس دوست عيسيٰ خان ۽ ٻئي (ڪن واقعن مان هن کي سندس دوست ثابت ڪري سگهجي ٿو) جي زنادگيءَ ۾ هڪ انقلابي ڦيرو ڏسجي ٿو. (100) مذڪوره شخص عيسيٰ ترخان پهرئين جو پوٽو هو. سندس پيءُ جو نالو جان بابا هو، جنهن کي سندس ڀاءُ سنه (1570/978 ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو. مرزا جان بابا سميجن مان شادي ڪئي هئي. هيءَ ذات سما خاندان جي هڪ ڇاڙهه آهي. هنن سترهين صديءَ دوران سيوهڻ ۽ هالا جي وچ واري علائقي ۾ بغاوتون شروع ڪيون هيون. مرزا جان بابا جي قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ سندس ماءُ مرزا عيسيٰ کي وڃي پنهنجن ماماڻن ۾ لڪايو هو.

عيسيٰ ترخان ٻئي جي ڄمڻ جي تاريخ لاءِ يقين سان ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي. ڪيترن مورخن لکيو آهي ته هن سئو ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هيءُ 1554/961 ڌاران ڄائو هوندو پر سيد حسام الدين راشدي جو چوڻ آهي ته هن مٿان جئين ته سندس ڏاڏي جو نالو آهي، تنهن ڪري هو ضرور مرزا عيسيٰ ترخان پهرئين جي وفات کان پوءِ ڄائو هوندو يعني 1566/974 کان اڳي. (101)

مرزا باقي 1585/993 ۾ آپگهات ڪيو هو. مرزا عيسيٰ ٻيو ان واقعي کان پوءِ ٺٽي آيو هو ۽ مرزا جاني بيگ جي سئوٽ سان شادي ڪئي هئائين، جيڪا مرزا پاينده خان جي ڀائٽي هئي. هن عرصي دواران هن ڪو اهم ڪردار ادا ڪيو ڪونه ٿو ڏسجي. سندس نالو سياسي پسمنظر تي ان وقت نظر اچي ٿو، جڏهن جهونڙن اميرن سن1601/1010 ۾ بغاوت ڪئي هئي. ان وقت هن خسرو چرڪس جي ڌيان تي اها ڳالهه آندي هئي ته مرزا غازي بيگ کيس ڪونه ٿو چاهي. ان کان ٻئي سال نصرپور جي گورنر ابو القاسم بيگلار بغاوت ڪئي هئي. ۽ سزا طور کيس انڌو ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ ٿوري وقت لاءِ ناناڻي موٽي ويو. بعد ۾ سنڌ ڇڏي وڃي اڪبر جي درٻار ۾ ملازمت اختيار ڪئي هئائين. جهانگير جي تخت تي ويهڻ کان پوءِ کيس مختلف عهدن تي مقرر ڪيو ويو ٿو ڏسجي. ته پهريائين کيس دکن موڪليو ويو هو، پر ان بابت يقين سان ڪجهه به چئي ڪونه ٿو سگهجي. مرزا غآزي جي وفات کان پوءِ خسرو چرڪس بغاوت ڪري عبدالعي ترخان کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو، اها ڳالهه جهانگير جي مرضيءَ خلاف هئي، تنهن ڪري ٻنهي کي گرفتار ڪري جڏهن شاهي درٻار ۾ آندو ويو هو، ان موقعي تي مرزا عيسيٰ ترخان به درٻار ۾ موجود هو. سندس دلي خواهش هئي ته کيس پنهنجي جنم ڀومي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو وڃي. ان وقت کيس هڪ هزاري منصب تي پنج سوارن جو منهدار مقرر ڪيو هو. اباڻي صوبي ۾ پنهنجي مائٽن وٽ پهچي خسرو چرڪس ۽ عبدالعي جيان بغاوت نه ڪري ويهي. سنڌ هڪ اهم صوبو هو، پر هن وقت جڏهن صفوي گهراڻيءَ ۽ دهلي جا تعلقات خراب هئا، ان وقت صفوي قنڌار تي قبضي ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو هو، جيڪو سنڌءَ ماٿري ڏانهن وڌڻ جو مکيه گهٽ آهي. ان وقت جي صورتحال مطابق سنڌ اڃا به وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي هئي.

ان وقت جي وايومنڊل کي آڏو رکي، جهانگير مرزا رستم قنڌار کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪيلو. جڏهن ته مرزا عيسيٰ کي اتر گجرات جي راڌڻ پور ۾ جاگير ڏني وئي هئي، جيڪا ڪڇ کان گهڻو پري ڪانه هئي. ان کان پوءِ هن گجرات ۾ نهايت مصروف زندگي گذاري.

مرزا رستم جو تخلص فدائي هو. هو سنڌ جو هڪ بهترين گورنر هو. ايران جو صفوي حڪمران سندس ويجهو مائٽ هو ۽ رشتي ۾ شاهه اسماعيل صفوي پهرئين جو پڙ پوٽو ۽ سلطان حسين مرزا جو پٽ هو، جيڪو قنڌار جو والي هو (وفات1576/984) سندس پيءُ جو نالو مرزا بهرام هو. مرزا رستم ڪن سياسي سبين ڪري ايران ڇڏي 1592/1001 ۾ هندستان پهتو هو. ان کان ٻه سال پوءِ سندس وڏو ڀاءُ مظفر حسين ايران کي الوداع چئي هندستان پهتو هو. جلد ئي هن مغل خاندان ۾ اهم حيثيت حاصل ڪري ورتي هئي ۽ پنهنجون ڌيئرون به شاهي گهراڻي ۾ پرڻائي ڏنيون هئائين. جهانگير دور ۾ نڪتل سندس تصوير مان معلوم ٿئي ٿو ته هو عمر ۾ ڪرڙوڍ هو. نراڙ سوڙهو، اکيون کليل هئس. (102) پر جهانگير جي توقع جي خلاف هو ناڪام ثابت ٿيو هو، تنهن ڪري سنه 1614/1023 ۾ کيس ٺٽي کان واپس گهرايو ويو ۽ اجمير ۾ اچي جهانگير جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. (103) سنڌ جا ماڻهو سندس قهر ۽ ڪلور کان ڊڄي پنهنجي وطن کان الوداع ڪري هندستان جي ڪنهن قرب واري ڪنڊ ۾ وڃي وسرامي ٿيا هئا. مرزا رستم جي جاءِ تي شمشير خان ازبڪ کي ٺٽي روانو ڪيو ويو. سنه 1616/1025 ۾ عبدالرزاق مظفر خان کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو ويو، جيڪو هن کان پهريائين بخشي جي عهدي تي فائز هو. هي ٺٽي ۾ پنج سال رهيو هو، هن پنهنجي دور ۾ مسجد خضر تعمير ڪرائي هئي. جنهن جي محراب ۾ سندس نالو لکيل آهي. (104)

مرزا عيسيٰ پري کان حالتن جو جائزو وٺي رهيو هو. سنه1615/1024 ۾ کيس ٻي جاگير سنڀال ۾ ملي هئي، جيڪا مرادآباد کان ٽيويهه ميل ڏکڻ اولهه طرف هئي. هن جهانگير جي درٻار ۾ اجمير ۾ حاضري ڀري. ان وقت شهنشاهه طرفان 1550 ذاتي منصب ۽ 800 سپاهين جي مهندار جي عهدي تي ترقي ملي. ان کان سواءِ خلعت فاخره سان گڏ هڪ هاٿي پڻ ڏنو ويو هو. هن کي وري به دکن روانو ڪيو ويو. پر سندس ڪهڙي حيثيت ۾ مقرري ڪئي وئي؟ تنهن جي ڪابه خبر ڪانه آهي. سنه 1622/1030 ۾ جهانگيرجي درٻار ۾ موجود ڏسجي ٿو. ان وقت درٻار لاهور ۾ هئي. کيس ٻين اميرن جيان، خان جهان جي اچڻ تائين ملتان ۾ ترسڻ لاءِ چيو ويو هو، ڇا ڪاڻ ته خبرون اچي رهيون هيون ته شاهه عباس صفوي قنڌار تي گهل چاڙهڻ جا سانڀاها ڪري رهيو هو. مرزا عيسيٰ اڃا به ملتان ۾ اوسيئڙي ۾ ويٺو هو شهزادي خرم ان سمي بغاوت ڪئي هئي، جيڪو بعد ۾ شاهجهان جي لقب سان دهليءَ جي تخت تي ويٺو هو. عبدالرحيم خان جي پڇاڙي هئي، پر اهو به ساڻس ٻٽ ٿي بيٺو هو. سنه 1032 جمادي الاول  بمطابق مارچ 1623ع دهلي جون شاهي فوجون ۽ باغي شهزادي جو لشڪر جڏهن اچي پاڻ سامهون ٿيو ته مرزا عيسيٰ ملتان ڇڏي اچي جهانگير جي درٻار پهتو ۽ کائنس اجازت وٺي پنهنجي جاگير راڌڻ پور هليو ويو. انهيءَ سمي شهزادي خرم شاهجهان  اچي ٺٽي پهتو. اهو علائقو محرم 1035/ نومبر 1625 ۾ سندس ڀاءُ شهريار کي جاگير جي حصي طور ڏنو ويو هو. ان شهر جو انتظام شريف الملڪ يڪچشم جي حوالي هو، جنهن شهزادي خرم کيس غير شريف ڪري سڏيو آهي ۽ لکيو آهي ته شريف الملڪ مغل شهنشاهي جو شيطان صفت ماڻهو هو. (105) پر ٺٽي جي هڪ مولانا، ملا دماغيءَ کيس جمعه نماز پڙهڻ واسطي مسجد ۾ وڃڻ جي موڪل ڏني هئي.

ان کان پوءِ شهزادي خرم شاهجهان ٺٽي کان ٿيندو گجرات پهتو. مرزا عيسيٰ سياڻو هو. هو پاڻ وٽس ڪونه ويو، پر اٺ ڏاگها، گهوڙا ٻيهڙا، پئسو ڏوڪڙ ۽ ضروت واريون شيون ڏانهس موڪلي ڏنيون هئائين. جلد ئي پوءِ سنه 1627 ۾ جهانگير وفات ڪري ويو. ان وقت شاهجهان دکن جي هڪ قلعي ۾ موجود هو. اها خبر ٻڌڻ شرط گجرات رستي دهليءَ ڏانهن وڌڻ لڳو. احمدآباد پهچڻ وقت ساڻس ڪيترائي امير ۽ نواب اچي مليا هئا. هڪ تاريخ جي بيان موجب مرزا عيسيٰ ترخان ٻيو، اهو پهريون امير هو، جنهن سڀني اميرن کان اڳ ۾ وڃي هن شهنشاهه جو سلام ڀريو هو.  (106) هن شاهجهان سان ڏکئي وقت ۾ نهايت ئي سهڻو سلوڪ ڪيو هو، جنهن سهڻا نتيجا جلدئي ظاهر ٿيڻ وارا هئا. سن 1037 ربيع الاول مطابق 1627 ڊسمبر ۾ هو جڏهن احمد آباد ۾ هو ته چار هزاري منصب ۽ 2500 گهوڙيسوارن جي مهندار جي حيثيت ڏني وئي هئي ۽ کيس ٺٽي جو گورنر پڻ مقرر ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ کيس روڪ رقم به ڏني وئي هئي ۽ نوبت وڃائڻ جي موڪل ملي. کيس جلد ئي حڪم مليو ته هو ٺٽي پهچي هو اتان جي شريف الملڪ کي وڃي گرفتار ڪري. الائي ڪهڙي مصلحت ڪري ٽن مهينن جي مختصر مدت اندر پهرين تاريخ  ربيع الاول  سنه 1037 مطابق مارچ 1628ع ۾ ان شاهي فرمان کي منسوخ ڪيو ويو. ۽ سندس جاءِ تي خواجه باقي خان کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪري روانو ڪيو ويو، جيڪو ٺٽي پهچڻ کان اڳ رستو ۾ اڳئين جهان جو رستو وٺي وڃي پنهنجي خالق حقيقي سا مليو. ان کان پوءِ مرزا حسام الدين مرتضيٰ خان کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو، جيڪو ٻن سالن کان پوءِ وفات ڪري ويو. مرزا عيسيٰ کي پنهنجي اباڻي شهر ٺٽي ۾ ربيع الاول 1038/نومبر 1628 تائين اٺ مهينا کن رهڻ ڏنو ويو. هن ان مختصر عرصي ۾ مڪلي تي پنهنجي پيءُ جي مقبري جو بنياد رکيو. نومبر 1628 ۾ شاهجهان کيس مٿرا جي جاگير حوالي ڪئي ۽ آگري ۾ شاهي درٻار جو سلام ڀريو. ٻن سالن کان پوءِ جمادي الاول 1041/ ڊسمبر 1630 ۾ ٻين اميرن سان مرزا عيسيٰ کي به بغاوت کي منهن ڏيڻ واسطي دولت آباد روانو ڪيو ويو هو. ٻئي سال کيس ايلچپور جي جاگير ڏني وئي. ان سان چار گزاري منصب سان ٽي هزار گهوڙيسوار جو مهندار هجڻ جو کيس خطاب مليو هو. ان سان گڏ کيس سونن سنجن سان هڪ گهوڙو به انعام طور مليو.

ان کان پنج سال پوءِ صفر 11/1045 آگسٽ 1635 ۾ کيس سورٺ جهونا ڳڙهه جو گورنر، پنجهزاري منصب ۽ چار هزار سوار جي مهنداري ملي. هن جلد ئي شاهجان ڏانهن چوڏهن خوبصورت ڪڇي گهوڙا روانا ڪيا، جنهن ڪري شهنشاهه مٿس گهڻو راضي ٿيو. ان کان پوءِ محرم 1050/ مئي 1640 ۾ شاهي درٻار ڏانهن ٻيا به ڪڇي خوبصورت گهوڙا روانا ڪيا. ان کان هڪ سال اڳ هزاري منصب ۽ پنج هزار سوار جو سپهه سالا وارو خطاب ڏنو ويو هو.

مرزا عيسيٰ ٻيو ان وقت وڏيءَ ڄمار جو هو. پر سندس بخت جو ستارو اڃا به بلندين ڏانهن سفر ڪري رهيو هو. محرم 1052/ اپريل 1642 مير محمد باقر (اعظم خان) گجرات جي بدانتظامي جي الزام هيٺ برطرف ڪيو ويو. هي جهانگير جي سالي آصف خان جي گهر ۾ پليو. سندس ڌيءَ جي شاهجهان جي پٽ شاهه شجاع سان سنه 1639/1049 ۾ شادي ٿي هئي. 21 محرم 1052/22 اپريل 1642 ۾ مرزا عيسيٰ کي 2500 سوارن جي اضافي سان ميرباقر جي جاءِ تي گورنر مقرر ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته هو خدادا انتظامي صلاحيتن ڪري گهڻو مشهور هو. ان کان پوءِ جهونا ڳڙهه واري سندس جاگير سندس پٽ مرزا عنايت الله کي ڏني وئي هئي، گجرات ۾ مرزا عيسيٰ جو ڪردار نمايان رهيو. ڇاڪاڻ ته هن اتي وڃي ڍل جو هڪ جدا نظام رائج ڪيو ۽ محصول جي ادائگي جنس ۾ ڏيڻ قبول ڪيو ويو. هڪ مهيني گذرڻ کان پوءِ شاهي طنبيلي مان هڪ خاص هاٿي ڏانهس انعام طور موڪليو ويو. هڪ سال بعد ربيع الثاني 1054/ جون 1644 ۾ خلعت فاحزه سان گڏ پنج هزار سوارن سان ”دواسپ سي اسپ“ جي منصب سان پڻ کيس نوازيو ويو.

مرزا عيسيٰ ٻيو چئن سالن تائين گجرات جو گورنر رهيو. ان کان پوءِ 1056/1645 ۾ شهزادي عالمگير کي گجرات جو گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ مرزا عيسيٰ کي پنهنجي پراڻي جاگير سورٺ حوالي ڪئي وئي. هن اتي پهچي جهونا ڳڙهه مشهور قلعي جي مرمت ڪرائي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪم ڪيا هئائين.

معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت سندس عمراسي ۽ نوي سالن جي وچ تي هوندي هئي ۽ مورخ اچرج سان هن حقيقت کي قلمبند ڪيو آهي ته سندس ٻڌڻ ڏسڻ واري صلاحيت تيز هئي. سندس هاضمو ۽ مرداني طاقت به ويهن ورهين واري رينهن مڙس جهڙي هئي. (107) محرم 1062/ ڊسمبر 1651 ۾ هن مشهور ۽ تجربيڪار سنڌي عملدار کي شاهي درٻار ۾ طلب ڪيو ويو. هو رستي ۾ هو جو سندس حياتي جو ماڻ ڀرجي آيو. سندس مئٿ آڻي مڪلي تي سندس تيار ڪرايل مشهور مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. مرزا عيسيٰ ترخان جو ٻيو شاعري ۽ راڳ جو ڪوڏيو هو. ترخان گهراڻي جو هر ماڻهو انهيءَ صفت سان نوازيل هو. منجهس پنهنجي خاندان واريون سڀئي ڳاليهون موجود هيون. شراب ڪباب جو به ڪوڏيو هو. سندس گهرو حياتي بابت ڪا ڄاڻ ڪانه آهي. هن جي پهرين شادي پنهنجي سئوٽ سان ٿي هئي. معلوم ٿئي ٿو ته هن ٻيون به ڪيتريون ئي شاديون ڪيون هيون. وفات وقت هن پنج پٽ ڇڏيا هئا. سندس وڏي پٽ جو نالو عنايت الله هو. جنهن 1658/1648 ۾ وفات ڪئي هئي. هي شايد هن ڪٽنب جو پهريون شخص هو. جيڪو مڪلي ۾ دفن ٿيو. سندس ٻئي پٽ جو نالو مرزا صالح هو، جنهن کي پهريائين مرزا عنايت الله جيان سورٺ جو جاگيردار مقرر ڪيو ويو هو. هو 1065/1654 ۾ نوڪريءَ کان رٽائر ٿيو ۽ سيد مير محمد شيرازي ولد سيد جلال کي ترخان گهراڻي جي تاريخ لکڻ لاءِ گذارش ڪئي. اهڙي ريت تاريخ ترخان نامه لکجي تيار ٿي. (108) کيس 1066/1655 ۾ سيوهڻ جو فوجدار مقرر ڪيو ويو هو. دارا جي سنڌ مان ڀاڄ مهل هن هڪ قسم جو منجهيل ڪردار ادا ڪيو هو. مرزا عيسيٰ ٻئي رانڪ جو ڪم 1037/28-1627 ڌاران شروع ٿيو هو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، جنهن جي جڙي راس ٿيڻ ۾ ارڙهن ورهيه لڳي ويا. ان جي ڀرسان سندس پيءُ مرزا جان بابا جو مقبرو آهي، جيڪو هڪ پاڻيءَ جي تلاءَ مٿان جڙيل ڏسبو مڪليءَ جي لاهنديءَ وٽ هندن جو مندر آهي، جيڪي ڪنهن خاص ڏڻ تي هتي اچي گڏ ٿيندا هئا. مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ لکيو آهي ته، ”مڪليءَ تي مرزا عيسيٰ ترخان ٻئي جو مقبرو دنيا جي سڀني اڏاوتن کان اوچو آهي،“ (109) مڪلي نامه ۾ سندس لفظ هن ريت آهن: [طرفه نشيمي کہ ادراک حيرت زده بو قلموني صفت بنايان اوست، وانديشہ محو برجسته کاري، معماران ويست (110

هن جي مقبري ۾ ڪم آندل پٿر ڪاٺياواڙ مان آندو ويو هو. پير حسام الدين راشدي هن ڳالهه ۾ به شڪ جو اظهار ڪيو آهي ته ڄاري جهالر جي ٽڪ جو ڪم پڻ گجرات ۾ مڪمل ڪري هيڏانهن سنڌ آندو ويو هو، پر پروفيسر اي. ايڇ دانيءَ سندس هن خيال سان اختلاف ڪيو آهي. (111) اها هڪ مشهور حقيقت آهي ته پٿر جي اڪر ۾ گجراتي ماهر آهن. سنڌ جا پٿر جي ٽڪائي جا ماهر به اصلي گجرات سان تعلق رکن ٿا. خاص طور عورتن جي مقبرن جي تعمير ۾ سونهن ۽ سنجٽ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو آهي. هينري ڪزنس پڻ اهڙي خيال جو اظهار ڪيو آهي. ڪنهن زماني ۾ هن رانڪ ڀرسان هڪ وڏو تلاءُ هوندو هو. هن اڏاوت ويجهو جيڪا ساوڪ ۽ رونق هئي. تنهن جو قانع کليءَ دل سان ذڪر ڪيو آهي . ٺٽي جا خوش مزاج ماڻهو هن من موهن ماڳ تي اچي گڏ ٿيندا هئا، ڪڏهن ته هتي مشاعرن جون محفلون به مچي وينديون هيون. جتي شاعر پنهنجو نئون جوڙيل ڪلام اچي سامعين آڏو پيش ڪندا هئا، ڇا ڪاڻ ته انهيءَ سونهري سمي دوران ٺٽي ۾ شاعرن جي ڪمي ڪانه هئي،

جن مان ڪي غزل گو، ڪي مزاحيه ، ڪي مذهبي ته ڪي وري حمد و ثنا سان لاڳاپيل صنف ۾ طبع آزمائي ڪندا هئا. ڪي وري اهڙا به شاعر هئا، جيڪي عيسيٰ ترخان جي مقبري جي سونهن ڏسي سينگار جي ساراهه ۾ شاعري ڪندا هئا. قانع چوي ٿو ته.” جڏهن ڪو هن مقبري تي نظر وجهندو هو ته ان جي سونهن ڏسي دنگ رهجي ويندو هو. ظهير ٺٽويءَ پنهنجي جذبن جو اظهار هن ريت ڪيو آهي:

رانکه ميرزا عيسيٰ اندر کوه مڪلي، طرفه جاست

دربهــــــاران گوئيا، ســــــــر چشمہ نـــــــور خــــــداشت  (112)

هاڻي مڪليءَ جي سڀني عمارتن کان وڌيڪ خوبصورت مرزا عيسيٰ ترخان جو مقبرو آهي، توڙي جو اڄ اتي اڳئين زماني وارا رنگ برنگي گل ٻوٽا، ساوڪ ۽ رونق ڪانه آهي. هن تعمير ناتي اهو به پتو پوي ٿو ته ترڪيءَ سنڌي نسل جو هي نواب سياسي طور هڪ مدبر ۽ داناءُ شخص هو، جنهن هن نادر قسم جي اڏاوت جي سرپرستي ڪئي. ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي عمارتون آهن، جيڪي تاريخي طور هن صوبي جي مختلف سياسي ثقافتي سوچ جي نمائندگي ڪن ٿيون. انهن مان ڪن  جو تعلق سترهين صديءَ جي پهرئين اڌ سان آهي، جيڪي مغل دور جي گورنرن جون تعمير ڪرايل آهن. مير ابو البقا نواب امير خان جو شمار به ٺٽي جي مذهب گورنرن مان ٿيندو آهي. (112) هي ربيع الاول 1039/نومبر 1629 ۾ هتي گورنر ٿي آيو هو. هن ان هنڌ هڪ جڳهه تعمير ڪرائي هئي، جنهن جي اوڀر ۾ ٿورو وقت پوءِ جامع مسجد تعمير ڪئي وئي. هي پڙهيل ڪڙهيل خاندان هو. سندس پٽ شهود، پريخانئه سليمان نالي هڪ عمدي عشقيه مثنوي فارسيءَ ۾ لکي هئي. (114) سندس ڀاءُ يوسف ميرڪ سن 1044/1634 ۾ مظهر شاهجهاني نالي هڪ مشهور تاريخ لکي هئي هن ڪتاب ۾ مغل انتظاميه جي ڪمزوري جو هڪ ڀوائني روپ جو اظهار نظر اچي ٿو، جنهن جو مطالعو سياست ۽ اقتصاديات جي شاگردن لاءِ نهايت ضروري آهي.(115) ديوان شرفا خان، نواب امير خان جو وزير هو. هن مڪليءَ تي هڪ سادو پر وسيع مقبرو تعمير ڪرايو هو. جيڪو ڀرواري عيسيٰ ترخان ٻئي جي مقبري سان ڪنهن حد تائين هڪ جهڙائي رکي ٿو. (116)

شاهجهان جي شروعاتي دور ۾ سنڌ پر امن رهي. هن شهنشاهه جي حڪم سان ٺٽي جي مشهور جامع مسجد جڙي راس ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته جڏهن هن پيءُ خلاف بغاوت ڪئي هئي. ۽ ٺٽي آيو هو. ته شريف الملڪ هن لاءِ ٺٽي جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. ايتري پابندي هوندي به هڪ ملا کيس پنهنجي پراڻي مسجد ۾ جمعه نماز پڙهڻ جي موڪل ڏني هئي. هي مسجد 1644-1647 جي وچ واري عرصي ۾ جڙي راس ٿي هئي مذڪوره مسجد ۾ ڪاشيءَ سرن جو باڪمال استعمال نظر ايندو. هي مغل دور جي سنڌ جي سڀني کان وڌيڪ خوبصورت مسجد آهي. ڪاشيءَ جون اهڙيون خوبصورت سرون هالا ۾ تيار ڪيون وينديون هيون. خاص طور لنگهه واري هال ۾ تاري جهڙي چٽ واري سر جو نازڪ ۽ نفيس ڪم آهي. جيڪو دل کي ڇڪي وٺي ٿو ۽ اهو تخلص ۽ تعميراتي فن جي لحاظ کان مڪمل ۽ شاندار آهي. (117)

انهيءَ دور ۾ ٺٽو عالمن ۽ اڪابرن جو شهر هو. هر مستشرق کي هي خبر آهي ته فارسي ۽ عربي جون پهريون ڊڪشنريون هتان جي عالم عبدالرشيد تاليف ڪيون هيون. جن کي فرهنگ رشيدي سڏيو ويندو هو. (118) مشهور عالم مخدوم رحمت الله ٺٽوي (وفات 1037/1662) بيضاوي جي تفسير جو ماهر هو. ان کان علاوه مولانا رومي جي مثنوي تي به کيس سند طور تسليم ڪيو ويندو هو. اورنگزيب جڏهن ٺٽي جو گورنر هو ته کيس دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايو هئائين. (119)

ان کان علاوه ٺٽو هر قسم جي تجارت جو اهم مرڪز هو، پر اعليٰ معياري ڪپڙي، نير ۽ قلمي شوري جي پيداوار ۾ به مشهور هوندو هو. سنه 1614ع ۾ سر رابرٽ شرلي هتان جو بندرگاهه اچي ڏٺو، جتي تمام گهڻي تجارتي ڏيتي ليتي ٿي رهي هئي. ويهارو سال پوءِ سنه 1614ع ۾ برطانيا جو پهريون واپاري وفد ٺٽي پهتو هو. انهيءَ زماني روزانو هڪ نه هڪ ولايتي ماڻهو وڻجارڪي ويس ۾ هتي ضرور ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڪڏهن ڪو ولايتي ماڻهو شهر ۾ رهي به پوندو هو. هيءُ اهوئي ماڳ آهي، جتي يهودي- فارسي نسل جو ماڻهو سرمد جيڪو مسلمان ٿيو هو هڪ هندو سهڻي ڇوڪري هٿان دل ڦرائي ويٺو هو. (120) هو هتان جي ماڻهن کي دل ڏئي ويهڻ وارو ڪو پهريون ماڻهو ڪونه هو. (121) عشق جي اهڙي چپيت لڳس جو دنيا جا سڀئي لڳ لاڳاپا لاهي مجذوب ٿي ويو. نيٺ دهليءَ هليو ويو ۽  اتي وڃي دارا شڪوه جي صحبت اختيار ڪيائين. هن ماڻهوءَ جي صوفي رنگ جي عجيب غريب رباعين ۽ سندس اگهاڙي گهمڻ ڪري هتان جا ڪٽر قسم جا مسلمان ڏاڍا پريشان ٿي ويا. دارا جي قتل کان ٻه سال پوِ سنه 1661 ۾ هن مجذوب قسم جي ماڻهوءَ کي به اورنگزيب قتل ڪرائي ڇڏيو. 

ٺٽي ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو ڏاڍي مٺ محبت سان رهندا هئا جن کي ملڪي ٽڪريءَ تي پڻ مختلف رنگن ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. قانع پنهنجي پسند جي مقبرن ۽ مزارن تي ويندو هو، باقي ٻين کي نظر انداز ڪري ڇڏيندو هو. جيڪي هڪ ڪلاونت مورخ کي ضرور پاڻ ڏانهن ڇڪيندا هوندا. ڪتاب مڪلي نامي ۾ مرزا جاني، بيگ وري مرزا باقي بيگ جي پڪين سرن جي ٺهيل مقبرن جو احوال ڏنو اٿس، جيڪي ڪا شيءَ جي سهڻين سرن سان سينگاريل آهن ۽ نه وري ديوان شرفا خان جي بي رونق ۽ سادي مقبري کي جاءِ ڏني اٿائين. سندس نقطه نگاه ۾ فقطه ڪن درويشن جون مزارون وڌيڪ اهم هيون جن مان ڪيتريون هاڻي ڊهي ناس ٿي ويون آهن.

تاريخن مان اهڙا بيان ملندا ته هندو ۽ مسلمان پنهنجا وڏا ڏِڻ گڏجي ملهائيندا هئا ۽ بنا ڪنهن مذهبي متڀيد جي هن ٽڪريءَ جي سونهن ۽ سوڀيا مان هڪ جهڙو لطف اندوز ٿيندا هئا. انهن مان ڪيترا هندو، مسلمان صوفين جا مريد هوندا هئا . اهڙان صوفين جا مقبرا هندن ۽ مسلمانن جي ملڻ جا ٿاڪ هوندا هئا. قانع ۽ سندس دوستن اهڙن صوفي سنتن جي احوال کي ڪن قصن ڪهاڻين سان ملائي پيش ڪيو آهي. انهن جاين مان ڪي اڄ به اهڙيون دلچسپ آهن، جهڙيون ارڙهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ هونديون هيون.

انهن مان هڪ مقبرو شيخ جيئي پٽ شيخ نعمت الله جو به هو. سندس تعلق ملتان جي شيخ بهاوالدين زڪريا (وفات 666/1267) جي گهراڻي سان هو. (122) ”شيخ جيئو مڪليءَ جو ڏيئو“ چيو ويندو هو. اتر هندستان جي چشتي طريقن جي فقيرن نصيرالدين کي به دهليءَ جو چراغ سڏيو ويندو هو. هر ماهه پهرئين سومر تي سندس مزار تي ميلو لڳندو هو. برٽن هن بابت هڪ عجيب غريب قصو لکيو آهي ته شيخ بهاوالدين زڪريا جي مريدن کيس پنهنجو مرشد سمجهي ڪهي ڇڏيو. انهيءَ نقطه نظر کان ته سندس گوشت کائڻ ڪري هو به درويش ٿي ويندا. اتفاق سان اهو رڌل ٻوڙ کين نصيب ڪونه ٿيو، پر ستن مهاڻن کي هٿ لڳي ويو، جيڪي سنڌ جي مستقل بابت الڳ الڳ پيشنگوئيون ڪندا ويا. چيو ويندو آهي ته جڏهن انهن جا ست ئي سر ڄام تماچي جي آڏو آندا ويا ته انهن اهڙيون ته پيشنگوئيون کيس ٻڌايون جيڪي سنڌو ماٿريءَ جي مستقبل بابت هيون. (123)

هن قصي ۾ ست واقعا آهن. جيڪي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين ڦهليل آهن. پر اوليائن جي قصن ۾ اهڙو فرق ڪا به حيثيت ڪونه ٿو رکي. قانع جي ڏينهن ۾ شيخ جئي جي مزار ذڪر ۽ سماع ڪري گهڻي مشهور هوندي هئي. سندس بيان هن ريت آهي:

صفائ صحن او با دشت خضرا

نمي سنجد بيک پلہ تمنا

فضايش نور راز آنسان کند فاش

که نبود مهر را نوري چو خفاش

کسي گهر سايد آنجا جبهہ گاهي

بريزد نورش از رخ تا بماهي

چراغش رابشب ازماه روغن

”چراغ مڪلي“ است نامش باين فن

اگر سايل براين دررخ بسايد

مــــــرادش پيش از نيــــست بر آيــــــد   (124)

شب برات جي موقعي تي اهڙيون محفلون وڌيڪ رنگين ٿي وينديون هيون. اها رات شعبان جي چوڏهين هوندي هئي. عام ماڻهون جو عقيدو آهي ته انهيءَ رات ماڻهوءَ جو مقدر نئين ريت جڙندو آهي. وچين دور ۾ هندستان ۾ انهيءَ موقعي تي باهه جا شعلا ۽ روشنيون ڪري اهو ڏڻ ملهايو ويندو هو. شيخ جيئي کان ٿورو وٿر ڪو پير آساٿ (وفات 990/1582) جو مقبرو آهي، جنهن جي مرزا جي شمع تي جبرئيل پتنگ ٿي ايندو آهي. (125) ٻنهي مقبرن جي وچ تي هڪ وڏو تلاءُ آهي، جيڪو پير آسات پاڻ جوڙي تيار ڪيو هو. جڏهن مينهن پوندا هئا ته اوسي پاسي جو سارو پاڻي اچي تلاءُ ۾ گڏ ٿيندو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ بهشت جو ڪو چشمو، ڄڻ تسنيم ۽ ڪوثر پاڻ ۾ ملي ويا آهن. (126) خسرو چرڪس جي مقبري ڀرسان شاه پريان جو آستان آهي، جتي هر خميس تي عورتون اينديون آهن. جو انهن سهڻين عورتن جي خوبصورتيءَ کي پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪري سگهي، جيڪي هن زيارتگاهه جي چوڌاري مردن جي دلين تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ اچي گڏ  ٿينديون آهن.

رود آنجا کسي کورا  هوائيت

شهيد عشق را خوش کــربلائيت    (127)

ٺٽي جي رهاڪن جي گهمڻ واسطي ٻيو خوبصورت ماڳ عيد گاهه هوندو هو. جيڪو اڄ ڪلهه پري بلڪل اڪيلو ۽ ٽڪريءَ جي مرڪزي حصي کا گهڻو ڏور، نقشبندي قبرستان جي ڏکڻ- اوڀر پاسي آهي. هيءَ عمارت مغل گورنر يوسف خان تا شقندي  سنه 1043/1633 ۾ تعمير ڪرائي هئي. جنهن. جي مرمت جو ڪم سنه 1281/1864 ۾ مرزا اللهي بخش ڪرايو هو. هن کان ميل کن ڏکڻ“ ميڪر“ جو ماڳ آهي، جنهن کي بهشت جو ٽڪر سڏيو ويندو هو. ڪنهن زماني م هتي پاڻيءَ جو تلاءُ هوندو هو. جنهن ڪري وڻراهه ۽ باغ هوندا هئا. انهن ڊگهن وڻن جون چوٽيون آسمان سان لڳنديون هيون. سندن ڇانو ان ٻاجهاري جي ٻاجهه ۽ ديا جهڙي ٿڌي هئي، جن جي اوچائي کي ڏسي بهشت جي دروازي تي بيٺل سدره وڻ حسد کان پاڻ پَٽيندو هو. (128) ماڻهو هتي هوا کائڻ گهمڻ ۽ تفريه لاءِ به ايندا هئا. پر هاڻي نه پاڻيءَ جو تلاءُ آهي ۽ نه وري وڏن وڻن جومن موهن ڏيک، جتي ڪنهن سمي ٺٽي جا خوشين ۾ مگن ماڻهو دل وندرائڻ خاطر هليا ايندا هئا.

هتي شعين جو من پسند ماڳ جلوه گاهه امامين “ به هوندو هو. (129) ڪڏهن اتي هڪ ميدان هوندو هو. ان ماڳ جي تقدس جو پتو هڪ ڌنار کي پيو هو. سندس رڍون جڏهن ٿاڪ تي پهچنديون هيون. تڏهن کيس محسوس ٿيندو هو. ته هي ٿاڪ جو ادب ۽ احترام ڪري رهيون آهن. هن اها ڳالهه وڃي ٺٽي جي هڪ مذهبي اڳواڻ ميان ملوڪ شاهه کي ٻڌائي. ان کان پوءِ کيس معلوم ٿيو ته اتي اللهي روشنيءَ جو جلوو آهي، ڇا ڪاڻ ته ڪڏهن هن جاءِ تي حضرت علي جا ٻئي فرزند امام حسن ۽ حسين رضه آيا هئا. جيڪڏهن اها حقيقت آهي. ته اهو واقعو سما دور جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيو هوندو، بعد ۾ هن جاءِ جي چوڌاري چوديواري تعمير ڪئي وئي. ۽ پٿر تي نظر ايندڙ پيرن جا نشان پڻ هتي رکيا ويا. جن لاءِ چيو ويندو هو ته اهي پيغمبر صلي الله عليه اوليه وسلم جا آهن يا حضرت علي رضه جا. هن ماڳ جو نواب سيف الله خان تمام گهڻو احترام ڪندو هو، جيڪو شيعو هو ۽ 1137/1725 کان 1142/1729 تائين ٺٽي جو گورنر هو. جنهن هن مقدس ماڳ جي سن 1140/1727 ۾ مرمت به ڪرائي هئي. وفات بعد کيس ان چوديواري اندر دفن ڪيو ويو. جنهن جي چوڌاري سندس عزيزن، قريبن جا مقبرا نظر ايندا. انهن سڀني ماڻهون پاڻ کي هتي انهيءَ ڪري دفن ڪرايو ته جيئن هن مقدس ماڳ جي طفيل من خدا مٿن رحمتون نازل ڪري. ٺٽي جا شاعر ۽ ترڪي مشهور شخصيتون پڻ هتي دفن ٿيل آهن، جن مان هڪ آغا ڪريم اصفهاني (وفات 1155/1724) (130) به آهي. هڪ ننڍڙي مسجد ۽ ڀرسان تلاءُ اڄ به باقي آهن. مسجد تي مائل (قانع جي پٽ) مشهور شاعر جو قانع تاريخ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن مان 1211/1796 جو سال نڪري ٿو. (131) 

هندستان جي ٻين شهرن جيان ٺٽي ۾ پڻ شيعن جي گهڻائي هوندي هئي.

مغل دور ۾ سندن تعداد اڃا به وڌيو هو، ڇاڪاڻه ته صفوي گهراڻي جي حڪومت دوران ايران کان ڪيترا عالم ۽ شاعر هتي اچي آباد ٿيا هئا. ان کان علاوه سنڌ ۾ مهدودي فرق جو پڻ گهڻو اثر هو. سما گهراڻي جي آخري مشهور حڪمران ڄام نظام الدين جو وزير دريا خان (132) به سيد ميران محمد مهدي جونپوري جو مريد هو. جنهن کي گجرات ۾ هن دعويٰ تي سزا ڏني وئي هئي ته هو مهدي آخر زمان آهي. (133) ڇاڪاڻه ته مهدي جونپوري ڪجهه عرصو گجرات ۾ رهيو هو، جنهن کي سلطان محمود بيگڙي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان کان پوءِ ڪجهه عرصو ٺٽي ۾ به رهيو هو. بعد ۾ افغانستان هليو ويو، جتي هن سنه 1505ع ۾ وفات ڪئي . سندس فڪر ذڪر رستي اندر کي اجرو ڪرڻ هو. سندس فرقي سنڌ ۽ هند جي گهڻن ئي مشهور ماڻهن کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو هو. بدايوني جي تاريخ مان پڻ محمد مهدي جونپوري ۽ سندس مريدن جو چڱيءَ ريت پتو پئجي سگهي ٿو. (134) دريا خان ميران محمد جونپوريءَ جي فڪر کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪو انهيءَ زماني ۾ سنڌ اندر پير پختا ڪري چڪو هو. چيو ويندو آهي. ته پير آسات، جنهن جو ذڪر مٿي اچي ويو آهي، سو به ان فڪر جو پوئلڳ هو ان کان سواءِ ٻيو هڪ سنڌي مشهور ماڻهو قاضي قادن آهي، جيڪو پڻ هن مسلڪ سان لاڳاپيل هو ۽ انهيءَ زماني ۾ سيوهڻ جو قاضي هو. هي سنڌ جو وڏو ۽ پهريون صوفي شاعر آهي. (135) لاهور وارو ميا مير سنڌي پڻ ڏهوٽو هو، جيڪو تصوف جي مسلڪ ۽ دارا شڪوه جو مرشد هو. (136) مڪليءَ تي مهدوي فرقي جي ماڻهن جو هڪ الڳ قبرستان پڻ هوندو هو، جنهن جو مير قانع هنن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي:

[نمک خوانِ کنعان ملاحت، وفضاي صحن رشک افلاکش، قافله آباد مصر نزاهت] (137) اهو ڪنعان ملاحت رضوي سيدن مان سيد يوسف پهريون ماڻهو هو، جنهن سورهين صديءَ جي وچ ڌاران هيءُ مسلڪ قبول ڪيو هو. هن گهراڻي مان پوءِ واري زماني سان لاڳاپيل ڪيترا مصنف ۽ ٻيون مشهور شخصيتون پيدا ٿيون. مهدي رضوي ساداتن جو قبرستان عيد گاهه کان ڏکڻ اوڀر پاسي واقع آهي، هينئر اوڏاهين وڃڻ لاءِ ڪو به رستو ڪونه آهي. مقبرن جي چوڌاري ڏنل چوديواري ڊهي ناس ٿي وئي آهي. پر ان زماني جي تلاءُ جا ڪجهه اهڃاڻ آهن. جنهن لاءِ مير قانع هن ريت لکيو آهي:

[اگر زاغ شب براين کوءَ آشيان بندد، از طراوت باري هاي هوايش رنگ طوطي يابد (مڪلي نامه ص 89)] چوديواري کان ٻاهران محراب سان هڪ ٿلهو آهي، جتي ماڻهو شب برات ۽ شب معراج جي موقعي تي اچي گڏ ٿيندا هئا. ۽ پاڻ سان مٺايون کڻي ايندا هئا. سيد محمد يوسف پنهنجي هڪ مريد سان گڏ ڌار جاءِ تي دفن ٿيل آهي. ڪلهوڙا دور ۾ هن مهدي فرقي جي قبرستان کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي. ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ به انهيءَ فڪر سان لاڳاپا هئا. آدم خان ڪلهوڙي کي به سن 1558 م اهڙيءَ دعوي ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو هو، انهيءَ سبب ڪري ڪلهوڙن جي ٺٽي واري نواب سلطان ساميهو Sameho کي هن ايراضيءَ ۾ دفن ڪيو ويو هو. سترهينءَ صديءَ جي ٻئي اڌ دوران ٺٽي جو زوال شروع ٿي چڪو هو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته مغل گورنرن ٺٽي ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني هئي. ٻيو سبب اهو هو ته سنڌو رخ بدلائي هن شهر کان گهڻي وٿيءَ تي وهڻ لڳو هو. سن 1652ع ۾ مغل حڪومت ٺٽي ۾ ضربخانو قائم ڪيو هو. (138) انهيءَ زماني ۾ ٺٽي جي آدمشماري ٻه لک اسي هزار هئي. تجارتي آمدرفت واسطي هتي چاليهارو هزار اڏاڻا ۽ ويهه هزار ٻيا هنر مند ۽ ڪاريگر هئا. جيڪي واپارين کان سواءِ هئا. (139) جيڪڏهن اسان چاليهه هزار ٻيڙين کي وڌاءُ سمجهون، پر چاليهن ٻيڙين جو تجارتي مال سان ڀرجي روزانو روانو ٿيڻ به وڏي ڳالهه سمجهڻ کپي ته 1700ع ڌاران ٺٽو تمام وڏو بندر هو. شاهه عبداللطيف جي رسالي جي سر سامونڊي بندر جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جتي هي شاعر هن ڳالهه جو اشارو ڏئي ٿو. ته وڻجارا سري لنڪا ۽ عدن تائين ويندا هئا. ۽ پاڻ سان گڏ موتي، گرم مصالحه ۽ قيمتي پٿر آڻيندا هئا. سن 1699ع ڪئپٽن اسڪاٽ هئملٽن هن شهر ۾ آيو هو. سندس بيان آهي ته ٺٽي ۾ چارسو مدرسا هئا. سندس معلومات موجب هن کان ٽي سال اڳ پليگ جي بيماري پئي هئي. جنهن ۾ اسي هزار ماڻهو مري ويا هئا. جن ۾ وڏو تعداد ڪورين جو هو. (140) دستاويزي ثابتيون آهن ته ٺٽي ۾ سن 59-1658،1683 ۽ / 1711 1123 ۾ پليگ ۽ ڏڪار ڪاهي پيو هو.” شوقي“ نالي هڪ ماڻهو ٺٽي جي بازار جو ناظم هو. جنهن جي لکيل قطعه تاريخ مان پتو پوي ٿو ته انهيءَ سال هن شهر ۾ پليگ واري مها مري پئي هئي. (141) انگريزن به سن 1636ع ۾ هتي واپاري ڪوٺي کولي هئي، جيڪا سن 1775 تائين هلي. انهيءَ زماني ۾ شاهه بندر وٽ سنڌءَ جي ڇوڙ ۾ لٽ ويهي ويو هو. جنهن ڪري جهاز رانيءَ ۾ سخت مشڪلات پيدا ٿي پئي هئي. ان کان سواءِ برطانيا ۽ ان ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٺٽي ۾ تيار ٿيندر مال جي کپت گهٽجي وئي هئي.

اورنگزيب سن 1707 ۾ وفات ڪئي. انهيءَ سمي جو ٺٽي جو رهيو کهيو شان مان به گهٽجي ويو هو. سن 1707 کان پوءِ مغل زوال جي شروعات ٿي چڪي هئي. انهيءَ سان گڏ اتر سنڌ ۾ ٻه گهراڻا ڪلهوڙا ۽ دائود پوٽا اڳتي اڀرڻ لڳا هئا. نظر اچي ٿو ته سن 1700ع ڌاران ڪلهوڙن مان هڪ ماڻهو دهلي طرفان سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ماڻهو مشرقي طبقي سان ايتري ملڪ جوا قتدار کسي وٺي ٿو جيتري ملڪ جي انتظام رکڻ جي وٽس صلاحيت آهي ۽ کيس پڪ آهي ته دهلي تمام پري آهي، تنهن ڪري هو جيڪي ڪجهه به چاهيندو سو ڪري سگهندو.( 142) اهڙيءَ ريت هنن 1737ع ڌاران هڪ ڪجهه وقتي آزاد حڪومت قائم ڪري ورتي، مٿن 1739ع ۾ پهريون حملو نادرشاهه ڪيو، جيڪو ان وقت دهليءَ کي ڀينگ ڪري واپس ايران وڃي رهيو هو، ميان نور محمد ڪلهوڙ و ڀڄي وڃي عمرڪوٽ ۾ لڪو . ويهه لک روپيا سالياني خراج ۽ پنج لک روپيا تاوان ڀري ڏين کان پوءِ کيس معافي ملي. ديوان گدومل سندس وزير هو. جيڪو ڏاڍو سياڻو هو. هن سنڌ جي درويشن ۽ فقيرن جي قبرن جي مقدس مٽي هڪ ٿيلهي ۾ وجهي کيس سوغات ڪري ڏني. ته به ايران جي حڪمران ميان نور محمد خان کي رتيءَ جي برابر ڇڏ ڇوٽ ڪانه ڪئي. (143) نادرشاهه 1747ع ۾ وفات ڪري ويو. ايران جي ساري فوج جو سپهه سالار احمد شاهه ابدالي ٿيو. ميان نورمحمد خراج ڏيڻ ۾ گوٿ ناٿ ڪرڻ لڳو، احمد شاهه تاديبي ڪاروائي واسطي 1757ع ۾ پنهنجي فوج رواني ڪئي. جنهن ڪلهوڙن کي شڪست ڏني. ان کان ستت ئي پوءِ ميان نور محمد جيسلمير ۾ وفات ڪري ويو. سندس ٽنهي پٽن ۾ گادي جي مسئلي تان ويڙهاند شروع ٿي وئي. سندس گهراڻو ڦيٽاڙيءَ ۽ ملڪ وڳوڙن جي ور چڙهي ويو. نيٺ سن 1783ع ۾ سندس حڪومت ٽالپرن بلوچن جي هٿ هيٺ اچي ويئي جيڪي سندن مريد ۽ مددگار هئا.

ڪلهوڙن جي ساري دور ۾ ٺٽو سياسي زوال جو شڪار رهيو هو. هن شهر جي هڪ بندر طور ڪابه اهميت ڪانه رهي هئي. پر هڪ ثقافتي مرڪز جي نقطه نظر کان کيس اڃا به اهميت حاصل هئي. هتي فارسي جا ڪيترائي اسڪول هئا، جتي ٻارن کي تعليم ڏني ويندي هئي. (144) عرفيءَ جو مشڪل ترين قصيدو به هتي مدرسن ۾ پڙهايو ويندو هو (145) فارسي شاعري اڳئين کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي. غني ٺٽوي (وفات 1135/1723 ) مرزا بيدل سان گڏ پڙهيو هو. جيڪو فارسي جي هندستاني مشڪل اسلوب جو وڏو شاعر هو.(146) ملا عبدالحڪيم ”عطا پٽ محمد افضال حضرت علي ۽ امامن جي شان ۾ ٽيهه هزار شعر چيا، (147) محمد معين جيڪو مخدوم ٺاري جي نالي سان مشهور آهي. (1161/1748- 1096/1683) سو به هڪ مشهور صوفي ٿي گذريو آهي. جنهن اسلام ۽ تصوف جي مسئلن تي ڪيئي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري عربيءَ ۾ آهن. سندس گهر ۾ ابن عربي جو مشهور ڪتاب فصوص الحڪم Fusus- L- Hikam پڙهيو ويندو هو. سندس سهيوڳي ٻيا عالم مولانا رومي جي مثنوي سمجهائڻ جا ماهر هئا. مير نجم الدين عزلت رضوي بخاري عربي ۾ هڪ عجيب غريب ڪتاب لکيو هو ۽ نقشبندي جي طوطي نام کي فارسي نظم ۾ ترجمو ڪيو هو. ((148) ٻئي شاعر صابر، حسين واعظ ڪاشفي جي روضة الشهداء کي نثر مان نظم جي صورت ۾ آندو هو ۽ ان مان هڪ لک شعر جوڙيا هئا. (149) ان ئي زماني ۾ محمد محسن (1163/1750 – 1121/1709) ڪربلا جي شهيدن تي مرثيا لکيا. هو قطعه تاريخ لکڻ ۾ ڏاڍو ماهر هوندو هو. کيس مهيني ۾ رڳو پندرهن روپيا وظيفو ملندو هو ۽ انهيءَ مان گذارو ڪري ويندو هو. (150) انهيءَ زماني ۾ نقشبندي طيرقي جو احمد سرهندي (وفات1654) جي ڏينهن ۾ اتر هندستان م پکڙجي چڪو هو. ٺٽي ۾ به پهچي ويو هو. انهيءَ پئولڳ انهيءَ جتن ۽ جاکوڙ ۾ لڳا رهيا ته مسلمان اسلام جي صحيح اصولن کان با خبر رهن. مڪلي تي انهيءَ دور ۾ بزرگن جي مقبرن ته محفل سرود ۽ صوفي راڳ جون محفلون متل هونديون هيون. هن فرقي جي ڪوشش هوندي هئي ته اهڙيون ڳالهيون هڪدم بند ٿيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته سندس خيال موجب اهي اسلامي اصولن جي خلاف آهن. نقشبندي فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جو ماڳ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هو، جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ناصحانه نوعيت جي شاعري جي شروعات ڪئي. (151) هي پهريون ڀيرو هو جو هتان جي ٻوليءَ ۾ لوڪ شاعري ۽ صوفي شاعري سان گڏ رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم جي زندگي ۽ ان جي معجزن کي نظم جي صورت ۾ لکيو ٿي ويو ۽ مسلمانن کي ان ڳالهه کان واقف ڪيو ٿي ويو ته صحيح مومن جو ڪهڙو فرض آهي؟ (152) هي اهو ئي زمانو هو. جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڀٽ تي تنبوري جي تنوار تي صوفي مسلڪ جو راڳ الاپي رهيو هو. مخدومحمد هاشم جي تبليغ جي اثر کان هر مهيني ۾ ڪو نه ڪو هندو مسلمان ٿي ويندو هو. مخدوم محمد هاشم پهرئين صديءَ جي اڌ ۾ قرآن شريف جو پهريون سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو. ان سان گڏ هن عالم قرآن ڪريم جي آخري تفسير پڻ لکيو هو. سنڌيءَ ٻوليءَ جي هيءَ پهرئين تصنيف هئي، جيڪا ڇپي هئي. برٽن جي بيان مطابق (153) هن کان پهريان به اهو رواج هوندو هو. ته جڏهن ڪو ٻار پهرئين ڏينهن مدرسي ۾ پڙهڻ ويندو هو. ته کيس اهو ڪتاب ڏنو ويندو هو. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته مخدوم محمد هاشم ۽ سندس دوستن سنڌي نثر پڻ لکڻ جي شروعات ڪئي. صدي کن پوءِ ان کي هڪ نئين نموني سان اڳتي وڌايو ويو.

مڪلي نامي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف مير علي شير قانع اهڙيءَ اوسر کي ڏسندو رهيو. سندس سڀئي تصنيفون ٺٽي جي عالمي شان جون آخري نشانيون آهن. سندس وفات کان ٿورو پوءِ سندس شهر جي تجارتي ۽ سياسي اهميت بلڪل ختم ٿي چڪي هئي. ٽالپرن سنڌ جي راجڌاني حيدرآباد کي بڻايو هو، جنهن جو بنياد 1768 ۾ رکيو وي هو. سنڌوءَ جو ڇوڙ لٽ پوڻ ڪري سوڙهو ٿي ويو هو، جنهن جو ذڪر ٽئورنيئر 1690ع ۾ پڻ ڪيو هو. ان کان سواءِ سڌوءَ جي رخ ۾ پڻ ڪيتريون ئي تبديليون اچي ويون هيون، جنهن هن شاندار شهر لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون هيون.

جيمس برنس سن 1827ع ۾ هتي آيو هو. ان وقت ٺٽي جي آدمشماري گهٽجي هزارن تي پهتي هئي. (154) اِي- بي ايسٽوِڪ هن کان ٻارهن سال پوءِ هتي آيو هو، جنهن هن شهر جي زبون حاليءَ جو ذڪر ڪيو آهي، چوي ٿو ته سندس حالت مايوس ڪن آهي“ هن ٺٽي ڀرسان جنهن مقبري جي منظرنگاري ڪئي آهي، سو لڳي ٿو ته عيسيٰ ترخان جي ٻئي جي رانڪ هئي. سندس بيان آهي ته مذڪوره اڏاوت کان سواءِ هي شهر ڀڙڀانگ لڳو پيو هو، جيڪو ماضيءَ جو هڪ نهايت شاندار شهر هوندو هو. سندس اندازي مطابق هن شهر جي ڪل آدمشماري ڏهه هزار هئي. جيڪا برنس جي ٻارنهن سال اڳ ٻڌايل آدمشماري جو چوٿون حصو وڃي بچي هئي. (155)

بوسٽنس 1843 واري ٽالپرن جي شڪست کان پوءِ سنڌ آيو هو. ۽ انگريز انتظاميه ۾ شريڪ ٿيو هو. هو ٺٽي بابت ٻڌائي ٿو، ته“ هو مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي. سندس آدمشماري جيڪا ڪڏهن اسي هزار هئي، هاڻي ان جو ڏهون حصو به ڪونه بچيو آهي.“ (156) 1876ع جي لکيل هڪ گزيٽيئر جو بيان آهي ته هن جي موسم ڏاڍي خطرناڪ آهي ۽ بخار جو سدائين خطرو رهي ٿو. وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ٺٽو سڀني مصيبتن جو مجموعو آهي.  ان وقت قانع وفات ڪئي صدي به ڪانه گذري هئي. جو هن مڪلي جو سونهن سوڀيا ۽ شان شوڪت جي ساراهه جا ڌڪ ڀريا آهن. مناسب اهو لڳي ٿو ته پوئين نسل جي دکدائڪ بيانن بدران سندس ڪتاب مڪلي نامي مان ڪو اقتباس ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته معلوم ٿئي ٿو ته سندس ثقافتن جي عاشقن مڪلي کي وري اهميت ڏيڻ شروع ڪئي. پير حسام الدين راشدي ۽ پنهنجي دفن ٿيڻ لاءِ پڻ هن ماڳ جي چونڊ ڪئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com