سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :18

 

”قبرن،  مقبرن ۽ سَماڌين جو زمانو گذري ويو. هاڻي زمانو آهي عظيم هستين جي حياتيءَ، تجربن،  سکيا،  شعر ۽ ڪتابن ڇپائڻ جو. اُهائي قوم زنده رهندي،  جا هر سال گهڻي ۾ گهڻا ۽ سُٺا ڪتاب ڇپائي.“

- علامه آءِ. آءِ. قاضي

 

 

ڪهاڻيون

 

 

 

”سڀ کان پهرين ۽ بنيادي چيز هيءَ آهي ته انسان جي زندگيءَ لاءِ جيڪي ضروري چيزون آهن،  سي هن کي حاصل هجن،  نه ته پوءِ هن ۽ هڪ خسيس ۾ خسيس ڪيڙي ماڪوڙي جي زندگيءَ ۾ ڪو به فرق ڪونهي- ۽ جڏهن سندس انسانيت کانئس کسجي ويئي،  تڏهن منجهائنس انساني ڪمن جي امد رکڻ به اجائي آهي. پوءِ جيڪڏهن هو وڙهي ٿو،  قانونن کي ٽوڙي ٿو،  حدون ٽپي ٿو،  انساني رت مان هٿ رڱي ٿو ۽ شيطانن وانگر شور ۽ هنگامو مچائي ٿو،  ته اوهين هن تي الزام ڇو ٿا رکو؟ اهو ڪهڙو انصاف آهي،  جو مڇيءَ کي پاڻيءَ کان ٻاهر آڻيو،  ۽ پوءِ جڏهن هوءَ ڦٿڪي،  ۽ ڦٿڪي اوهان کي پنهنجن ڇلهرن ۽ ڪنڊن سان زخمي ڪري،  تڏهن ان تي غصو ڪريو ۽ ان کي ڏوهاري بنايو؟ هي ڪهڙو اصول  آهي،  جو اڏامندڙ پکيءَ کي هوا کان محروم ڪري پڃري ۾ بند ڪريو،  ۽ جڏهن هو هن محروميءَ تي چريو ٿي پنهنجو مٿو هيڏانهن هوڏانهن ٽڪرائيندو ڦري،  تڏهن ان کي گهنگار سڏيو؟

”انسان جنهن ساهواري جو نالو آهي،  ان لاءِ جيتري ضرورت هوا ۽ پاڻيءَ جي آهي،  اوتري اٽي،  لٽي ۽ اجهي جي به آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهين  هن کي اهي چيزون نٿا ڏيو ته پوءِ ڪيئن ٿا اميد رکو،  ته هو شرافت ۽ انسانيت جو پتلو ٿي رهندو،  گناهه کان ڊڄندو ۽ نافرمانيءَ کان ڪنبندو؟“ – ابو سعيد بزمي

 

* * *

 

انيس انصاري

You too Brutus…!

 

هو ”محبت“ جي جين (Gene) ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن اهو جين ٻوٽن ۾ داخل ڪيو ويندو ته اُهي به پنهنجي محبت جو اظهار ڪنهن واضع نموني ڪري سگهندا. جين کي ٻوٽن ۾ داخل ڪرڻ هڪ محنت طلب عمل هو. هُو ان ڪري پنهنجي دستوري ڪم کان غافل ٿي ويو،  ايتريقدر جو جيڪا کيس اسائينمينٽ (Assignment) مليل هئي ۽ جا سندس آئندا زندگيءَ تي به اثر انداز ٿي پئي سگهي،  تنهن کي پڻ اُن اڌورو ڇڏي ڏنو. سندس گائيڊ کيس وقت بوقت ياد پئي ڏياريو ته وقت سر ٿيسز (Thesis)  پوري نه ڪرڻ سبب سندس جپان مان Ph. D. ڪرڻ جون اميدون خاڪ ٿي سگهن پيون. تنهن هوندي به هو پنهنجيءَ ڌن ۾ لڳو رهيو.

 جنهن ڪم کي هن پنهنجي سر تي کنيو هو،  سو نهايت پيچيدو هو. ان جي پورائي جون سهوليتون کيس ان لئبارٽريءَ ۾ حاصل پئي ٿي سگهيون جنهن ۾ ان وقت ڪم ڪري، رهيو هو. هو محبت جي جين ته حاصل ڪري سگهيو،  پر سندس ذهن ۾ ئي نه پئي آيو ته ڪهڙي نموني ان کي استعمال ۾ آڻي. محبت جي جين کي هو ڪنهن جانور ۾ داخل ڪرڻ ڊڄي رهيو هو،  ان لاءِ جو ان جي رد عمل جي کيس ڄاڻ ڪا نه هئي.

پي. ايڇ. ڊي.  ڪرڻ لاءِ کيس مليل وقت ختم ٿي چڪو هو. يونيورسٽيءَ جي موڪليل خطن  جو کائنس ڏنل جواب به ڪافي ڪا نه سمجهيو ويو،  انڪري سندس ملڪ جي حڪومت ۾ جپاني حڪومت کي  ان کي ملندڙ اسڪالرشپ بند ڪرڻي پيئي. سندس موڪل  جي ميعاد ختم ٿيڻ تي به هو پنهنجي يونيورسٽي ۾ اچي پنهنجي جاءِ تي دخلڪار نه ٿيو،  انڪري يونيورسٽيءَ کي مٿس سخت قدم کڻڻو پيو.ان دوران هن جپان جي مشهور سائنس ميگزن ۾ پنهنجو نظريو پيش ڪيو. ان نظريي جي موافقت ۽ مخالفت ۾ ڪافي ليک لکيا ويا. آخر حڪومت جپان سندس نظريي کي حقيقي روپ ڏيڻ خاطر ان کي لئبارٽريءَ ۾ ٻه سال وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ سندس ماهانه به مقرر ڪيو.

حميد والدين جو اڪيلو اولاد هو. سندس والد سيٺ عبدالمجيد شهر جي مشهور واپارين مان هڪ هو. سندس زمينن،  ڪارخانن ۽ جائداد مان ايندڙ آمدني ايتري ته هئي جو حميد کي نه ڪنهن نوڪري ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ نه ڪنهن ٻئي ڌنڌي ڪرڻ جي پر حميد جي ننڍپڻ کان وٺي سائنس ۾ دلچسپي هئي ۽ هو ان ڏس ۾ نالو ڪڍڻ گهري پيو. Ph.D  ڪرڻ جي سلسلي ۾ جپان ۾ پهتو ته مليل ڪم جي بجاءِ هو پنهنجي نظريي تي ڪم ڪرڻ لڳو،  جنهن ڪري هو وقت سر Ph.D ڪري نه سگهيو.

ڪافي سلان تائين حميد پنهنجي نظريي تي ڪم ڪندو رهيو. هُن محبت جا جين جا جدا ٻوٽن ۾ وڌا پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. هن فارمولا ۾ ڪجهه تبديلي آندي ۽ هڪ گلاب جي ٻوٽي ۾ محبت جا جين وڌا.

ان ڏينهن هو ڪجهه وڌيڪ نااميد نظر پئي آيو. گذريل رات سندس والده ٽيليفون تي ڳوٺ واپس اچڻ لاءِ چيو هو. حميد کي هاڻي گهر جي سڪ ستائڻ لڳي. والد ۽ والده کانسواءِ کيس پنهنجي ڀيڻ شيرين ياد اچي رهي هئي،  جنهن کي ننڍو گُڏيءَ جيترو گهر ڇڏي آيو هو. سوچڻ لڳو ته هوءَ هاڻي ڪافي وڏي ٿي چڪي هوندي. هو بي خيالو لئبارٽريءَ مان نڪري باغ ۾ ٽهلڻ لڳو. گهمندي گهمندي هو ان ٻوٽي وٽان اچي لنگهيو،  جنهن ۾ هن محبت جا جين وڌا هئا. هن جي نظر اوڏانهن کڄي ويئي. ڏٺائين ته ان ۾ هڪ وڏو گل لڳل هو. گل ڏاڍو خوش رنگ هو. گل جي رنگت ڏسي هو ڪجهه وقت ان کي ڏسندو رهيو. هو سوچڻ لڳو تيئنءَ گل جو منهن ڏانهنس ٿيڻ لڳو. هو قدم واپس ورائي ٻوٽي جي اڳيان اچي بيٺو ته گل جو منهن به ڏانهنس ٿيو. هن گل کي جو گهوري نهاريو ته ڏٺائين ته گلاب جون پتيون ڪڏهن هلڪو سڪڙجي ٿي ويون ۽ ڪڏهن ڦهلجي. گويا گل خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيو هو.

”يوريڪا“ (Eureka)،  حميد هڪ وڏي رڙ ڪئي.

يوريڪا جو ٻيهر آواز ٻڌي اوشِي مارو،  جا ساڳي لئبارٽريءَ ۾ ڪم ڪندي هئي،  تنهن ٻاهر جهاتي پاتي،  هن ڏٺو ته حميد گوڏا کوڙي گل کي تڪي رهيو هو.

هوءَ ٻاهر نڪري آئي. اوشيءَ کي ڏسندي ئي حميد رڙ ڪري چيو،  ”اوشي! ڏس،  هي گل مون سان پيار ٿو ڪري.“

اوشيءَ جي اکين ۾ افسوس جي جهلڪ ۽ چپن تي بي يقينيءَ جي مسڪراهٽ هئي. پڇيائين،  ”ڪيئن؟“

حميد چيس: ڏس! جنهن طرف مان ويندس،  گل جو منهن به ان طرف ٿيندو.”

اوشي تعجب ۾ پئجي ويئي،  جڏهن هن ائين ٿيندي ڏٺو. اوشي حميد کي پاسي ڪري پاڻ گل جي اڳيان وڃي بيٺي. پاڻ هيڏي هوڏي ڦرڻ لڳي،  پر گل ڏانهنس منهن نه پئي ڦيرايو. حميد جي سامهون اچڻ بعد گل وري اڳي وانگر ڏانهنس ڏسڻ لڳو.

اوشيءَ جي ٻڌائڻ تي سائنسدانن لئبارٽريءَ مان ٻاهر جيڪي ڪجهه اچي ڏٺو،  تنهن کين حيران ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن بعد حميد جي آرٽيڪل ”محبت جي جين جو ٻوٽن تي اثر“ فوٽن سميت جپان جي مشهور ۽ گهڻي سرڪيوليشن واري روزانه اخبار ”نپن ڊيلي“ (Nippon Daily) ۾ ڇپي. اها ڳالهه جپان جي ٻين اخبارن به کنئي.

ڪافي ڏينهن لئبارٽريءَ جي ٻاهران اخباري رپورٽرن،  فوٽو گرافرن،  ريڊيو جي نمائندن ۽ ٽيليويزن جي ڪئمرامين جو ميڙ متل هو،  جي حميد جو انٽرويو،  فوٽو ۽ گل جا جدا جدا فوٽو ڪڍڻ لاءِ منتظر هئا.

حميد جو نالو دنيا ۾ مشهرو ٿي ويو. سائنس جي تجربن تي رکيل وڏي ۾ وڏو ايوارڊ  ان سال حميد کي مليو ۽ کيس جپان سرڪار ٽي سال اسڪالر شپ ڏيئي ان ڏس ۾ وڌيڪ تجربي ڪرڻ لاءِ ساڳئي لئبارٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني.

پاڪستان ۾ به حميد جي شهرت پهچي چڪي هئي. سيٺ عبدالمجيد اخبار اچي زال جي هٿ ۾ ڏني ۽ چيائين،  ”ڏس! پٽ جا ڪارناما،  سڄي دنيا ۾ مشهرو ٿي چڪو آهي،  تنهنجو پٽ!“

حميد جي ڪافي ڪوشش جي باوجود گلاب کان سواءِ ٻئي ڪنهن به ٻوٽي محبت جي جين کي قبول ڪين ڪيو. حميد اهو به محسوس ڪيو ته گلاب جي ٻوٽي جنهن ۾ جين داخل پئي ڪيو ويو،  تنهن ۾ رڳو هڪ گل پئي لڳو- چهچ ڳاڙهو ۽ وڏو.

حميد اوشي مارو جي هٿان گلاب جي هڪ ٻئي ٻوٽي ۾ محبت جا جين وجهرايا.

گل ڦٽڻ بعد اوشي مارو سان ئي محبت ڪرڻ لڳو ۽ نه حميد سان،  البت محبت جي جين اوشي مارو جي دل ۾ حميد لاءِ دلچسپي پيدا ڪئي جا باوجود مصروف رهڻ جي به حميد محسوس ڪئي.

اوشيءَ لاءِ پاڪستان نئون ملڪ هو،  جنهن ۾ هوءَ حميد سان لانئون لهڻ آئي هئي. هتي عام ماڻهن جي سُستي،  ڪم ۾ سست رفتاري ۽ بيڪار وقت وڃائڻ تي ٿي.

شاديءَ جي ريتن رسمن کي ڏسي هوءَ حيران ٿي ويئي،  وڌيڪ حيران هوءَ هتان جي ماڻهن جي سستي،  ڪم ۾ سست رفتاري ۽ بيڪار وقت وڃائڻ تي ٿي.

شاديءَ جي ريتن رسمن کي ڏسي هوءَ حيران ۽ انهن مان گذرندي پريشان ٿي ويئي. اهي سڀ نمائش ۽ اميري ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪيون پئي ويون.

اوشيءَ تي سڀني ڳالهين کان زياده دهل جي آواز ۽ سنهن سُرن ۾ سَهرن اثر ڪيو. پازيب پاتل پيرن جڏهن جهمر وڌي تنهن ته اوشيءَ کي وڌيڪ وائڙو ڪيو.

شادي ٿي گذري،  ڪجهه ڏينهن رهي جوڙو نڪري ويو ملڪ جي سير تي،  سنڌو نديءَ جو پيٽ ڏسي اوشيءَ جون اکيون پٽجي ويون.

گلگت،  ڪاغان،  نيلم وغيره جي سونهن ۽ قدرتي حسن کيس ڏاڍو وڻيو. پر اتان جي ماڻهن جي غريبيءَ مٿس گهرو اثر ڪيو. بلند پهاڙ،  ڊگها وڻ،  جهرمر ڪندڙ جهرڻا،  خوبصورت پکي پکڻ،  گل ٻوٽا،  ڀاڄين ۽ ميون جا ڪئين قسم ڏسي هوءَ سوچڻ لڳي ته پاڪستان ۾ قدرت پنهنجي حسن جو اظهار هر هنڌ ۽ هر خطي ۾ اڪيچار نموني ڪيو آهي.

حميد لاءِ پاڪستان ۾ چار مهينا گهارڻ ڪٺن ڪم هو. هن پنهنجي نظريي کي وڌائڻ پئي گهريو. هن چاهيو پئي ته محبت جا جين ڪنهن جانور ۾ داخل ڪري ان جو رد عمل ڏسي،  پر هو ساڳئي وقت ڊڳو به پئي ته سندس تجربي جو نظريو برو به نڪري سگهيو پئي ٿي.

ڏکويل دل سان مائٽن کان موڪلائي،  گهوٽ ڪنوار جپان اچي پهتا،  جتي روز مره جي ڪمن ۾ لڳي ويا.

جپاني فرم ”ڪيامي“ هڪ مشيني روبٽ ٺاهيو،  جنهن جو نالو ”يوشي“ رکيو. سندس ظاهري صورت عورتن جهڙي هئي. هن روبٽ جي خصوصيت اها هئي جو منجهس ٿوري انداز ۾ بري ڀلي سمجهڻ جي سوچ به رکيل هئي. هن روبٽ جو خوب وڪرو ٿيو،  جو ڪن گهرن ۾ اوچتي باهه لڳڻ جي ڄاڻ هڪدم الارم جي ذريعي ڏني هئائون. ان کان سواءِ هڪ گهر ۾ بانبڙا پائيندڙ ٻار کي هڪ روبٽ ڏاڪڻ تان ڪرڻ  کان بچايو هو. هن روبٽ ۾ جو پروگرام رکيو ويو هو،  ان ۾ مکيه گهرو ڪم ڪار هئا. جهڙوڪ: وقت تي چلهو جلائڻ ۽ بند ڪرڻ،  ويڪيوم ڪلينر سان گهر جي صفائي ڪرڻ، چيزن کي اُنهن جي جاءِ تي رکڻ وغيره،  سندس بجليءَ جي اک ڪافي فعال هئي. ٽوڪيو جي عالمي ميلي ۾ يوشيءَ جي ڪارڪردگي ڏسي حميد ۽ اوشي ان کي خريد ڪيو.

هڪ ڏينهن حميد ۽ اوشي ٿڪجي ٽٽجي گهر پهتا،  حميد ڪافي پيئڻ جو خيال ڏيکاريو. اوشي بورچي خاني ۾ وڃڻ لڳي ته يوشي بانهن کولي سندس رستو روڪي ڇڏيو. هن زوريءَ وڃڻ جو خيال ڏياکريو ته روبٽ جي خطري واري ڳاڙهي اک ٻري پيئي ۽ انتهائي خطري جو الارم وڄڻ لڳو.

حميد بورچي خاني ڏانهن ڀڳو. پريان ئي گئس جي بوءِ محسوس ڪندي،  ان اوشيءَ کي پري هٽڻ جو چيو ۽ پاڻ وڃي گئس جو مين بند ڪيائين. بورچي خاني جي هڪ چلهي مان گئس ليڪ ٿي  رهي هئي. ڪمري جا در دريو کوليا ويا. روبٽ جي ڳاڙهي اک تبديل ٿي سائي ٿي ته انهن سمجهيو ته خطرو ٽري ويو.

يوشيءَ ۾ جا محدود سمجهه رکي ويئي هئي،  تنهن ۾ مالڪن جي خوشي ۽ ناراضگي محسوس ڪرڻ جي صلاحيت هئي. ڪم ڪندي جي يوشيءَ کي شاباس ڏني ويندي هئي،  ته هوءَ ڪم کي زياده هوشياري  ۽ * جلدائيءَ سان پورو ڪندي هئي.

اڌ رات جو اوشي ننڊ ۾ محو هئي،  خيالن جي هجوم جي ڪر حميد کي اڃا ننڊ ڪا نه آئي هئي. ڪنهن اوچتي خيال اچڻ ڪري،  حميد هنڌ مان ٽپو ڏيئي لٿو،  جنهن تي اوشِءَ جي اک کلي ويئي.

”ننڊ نٿي اچيو ڇا؟“ اوشيءَ پڇيس.

”اوشي! جيڪڏهن يوشيءَ جي پروگرام ۾ محبت جا جين داخل ڪجن ته؟“

يوشيءَ جي ٺاهيندڙ جيپاني فرم ڪيامي سان حميد اهڙو ذڪر ڇيڙيو،  اتان جي سائنسدانن کيس ٻڌايو ته اهو ممڪن نه هو ته ڪمپيوٽر ۾ محبت جا جين وجهي سگهجن. البت ڪمپيوٽر پروگرامنگ ۾ محبت داخل ڪري سگهجي ٿي،  پر اهو به ذري گهٽ ناممڪن هو.

حميد جي طبيعت ۾ چئلينج قبول ڪرڻ جي صلاحيت هئي. ان ڪيامي ڪمپنيءَ ۾ پروگرامنگ سکڻ جي پيشڪش ڪئي،  جا قبول ڪئي ويئي.

حميد کي ڪمپيوٽر بابت ڪجهه ڄاڻ اڳي ئي هئي،  وڌيڪ هو ان ڏس ۾ محنت ڪرڻ لڳو. آخر هو ڪمپيوٽر ڊسڪ ۾ محبت جو جذبو داخل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

تجرباتي ڊسڪ ان يوشيءَ ۾ داخل ڪئي ويئي. ان بعد اهو ڏسڻ ۾ پئي آيو ته جتي يوشيءَ حميد جا حڪم خوشي  ۽ جلدائيءَ سان پئي ادا ڪيا،  اتي اوشيءَ جا ڪم بي دليءَ سان ڪرڻ لڳي هئي.

حميد اوشيءَ کي گهر ۾ اوشي ڊيئر يا اوشِ ڊآرلنگ چوندو هو. هڪ ڏينهن يوشيءَ لاءِ به ان جي زبان مان ڊارلنگ لفظ نڪري ويو. ان بعد محسوس ڪيو ويو ته جڏهن يوشيءَ کي حميد ڊارلنگ چئي ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ چوندو هو ته هوءَ ڪم مستعديءَ سان پورو ڪندي هئي.

اوشيءَ جي دل ۾ يوشيءَ لاءِ حيرت ۽ ڪنهن حد تائين حسد جو جذبو ڀڙڪي اٿيو.

هڪ ڏينهن ميوي ڪٽڻ جي خيال سان اوشي ڇري کڻڻ لاءِ بورچي خاني ۾ گهڙي،  حميد جنهن صوفي تي ويٺو هو تنهن جي پٺ بورچي خاني جي دروازي ڏانهن هئي. اوشي جيئن ڇري کڻي دروازي مان قدم ٻاهر رکيو ته يوشيءَ ۾ انتهائي خطري جو سائرن زور زور سان وڄڻ لڳو ۽ سندس اکين جي روشني خطري جي پيلي ۽ ڳاڙهي رنگ ۾ واري واري سان تبديل ٿيڻ لڳي،  حميد ٽپ  ڏيئي صوفي تان اُٿيو. اوشيءَ جي هٿ ۾ ڇري ڏسي کلي ويٺو. سندس هٿ مان ڇُري وٺي يوشيءَ کي چيائين،  ”هيءَ ڇري فروٽ ڪٽڻ لاءِ هئي.“   سائرن بند ٿي ويو ۽ رنگين روشني وسامي ويئي.

هڪ ڏينهن يوشي ويڪيوم سان صفائي ڪري رهي هئي. اوشي ۽ حميد صوفي تي ويٺا هئا. حميد ٻانهن ورائي اوشيءَ کي ڀاڪر ۾ ڪيو. ڪمري ۾ زلزلو اچي ويو. ويڪيوم زور زور سان ڌڙ ڌڙ ڪرڻ لڳو. يوشي ويڪيوم جو منهن اوشيءَ ڏانهن ڪري ايگزهاسسٽ بٽڻ کي زور ڏنو. ويڪيوم جو هيٺيون حصو کلي ويو ۽ سمورو گند وڃي اوشيءَ جي مٿان پيو.

”بدتميز!“ اوشيءَ جي وات مان لفظ نڪتا.

يوشيءَ جي بجليءَ واري اک ڳاڙهي ٿي ويئي،  جا انتهائي نفرت ۽  ڪاوڙ جي نشاني هئي. حميد يوشيءَ جي ڪاوڙ گهٽائڻ لاءِ ”يوشي ڊآرلنگ“  لفظ جو استعمال به ڪيو،  پر روبٽ ان جو ڪو به اثر نه ورتو لاچار حميد يوشيءَ ۾ لڳل Inert بٽڻ کي زور ڏنو. يوشي جي چرپر ۽ سوچ بند ٿي ويئي.

حميد سوچڻ لڳو ته هن ته يوشيءَ ۾ رڳو محبت جو پروگرام وڌو هئو. هي نفرت ۽  حسد ان ۾ آيو ڪٿان؟ حميد سموري رپورٽ ٻارهن پنن تي ٽائيپ ڪري ڪيامي ڪمپنيءَ کي پيش ڪئي. ڊائريڪٽرن جي ميٽنگ ۾ رپورٽ تي نوٽ لکيو ويو: ”تجربو ناڪامياب“ ! پروگرام ڪڍڻ وقت حميد محسوس ڪيو ته يوشي اجهاميل بجليءَ جي اکين سان کيس چئي رهي هئي. ”تون پڻ...........“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com