سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :17

 

غلام رباني آگرو

ســـــــنڌ

تاريخي پس منظر ۾

ماڻهوءَ جي مٽيءَ  سان محبت قدرتي ڳالهه آهي.

اسان وٽ عام چوڻي آهي ته ”وطن جي حب اڌ ايمان آهي.“ پيغمبر اسلام جن ڏانهن هڪ روايت منسوب آهي،  ته پاڻ سڳورا جڏهن مڪي مان هجرت ڪري،  مديني وڃي رهيا هئا،  تڏهن اڌ رات جي اونداهيءَ ۾ مڪي تي نگاهه وڌائون،  ۽ فرمايائون ته ”اي مڪي جا شهر! تون مون کي سڄي جهان جي شهرن کان پيارو آهين،  پر تنهنجا رهاڪو مون کي رهڻ نٿا ڏين.“

ڏانهُنِ ٻي به هڪ روايت منسوب آهي.

حضرت اصيل الغفاريءَ جو چوڻ آهي ته مان کانئن پوءِ مڪي مان هجرت ڪري،  مديني آيس ته بيبي عائشه پڇيو: ”اصل،  مڪو ڪيئن هو؟“

مون عرض ڪيو ته،  ”مڪي جون واديون شيشي وانگر صاف ۽ شفاف هيون،  وڻن ۾ چيٽ جا گئونچ ڦٽي رهيا هئا ۽ جبل سرسبز ۽ خوشبودار گاهه سان ڍڪجي ويا هئا.“

حضور صلعم جن اهو ٻُڌو،  ته مڪي کي سڪ سان ساري،  سندن اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.·

*      *      *      *

هندن جي مذهبي لٽريچر ۾ رامائن تمام مقدس (پوتر) ڪتاب آهي. منجهس سرِي رامچندر جو احوال ڏنل آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ،  سنڌ ۾،  هندن جي پنچائتي اسڪولن جي لئبررين ۾،  شاگردن لاءِ رکيل هوندو هو. مون پڙهيو هو. منجهس هڪ هنڌ لکيل هو ته ”جڏهن رام رانوڻ کي شڪست ڏئي،  سيتا کي ڇڏائي،  لڇمڻ ۽ هنومان سان گڏ،  وماڻ ۾ چڙهي،  واپس وطن موٽيو،  ته پري کان پنهنجي آبائي شهر ايوڌيا جا وڻ ڏسي،  ننڍي ڀاءُ کي سڪ سان چيائين ته ”لڇمڻَ،  اسان جي رشين ۽ منين،  سُرڳ (hEAVEN) جي ڏاڍي ساراهه ڪئي آهي،  پر،  سچ پڇين ته ايوڌيا مون کي سرڳ کان به پياري آهي.“

*      *      *      *

بلاشبه،  وطن هر انسان کي پيارو آهي. پنهنجي آبائي شهر سان محبت،  پيغمبرن ۽ ڀلارن شخصن جي سنت ۽ روايت آهي. غوث بهاوء الدين ملتانيءَ پنهنجي هڪ فارسي شعر ۾ چيو آهي:

اسان جو ملتان،  جنت الفردوس جي برابر آهي،

سنڀالي پير رک،  جو ملتان جي مٽيءَ تي ملائڪ به سجدو ڪن ٿا.

سو،  جيڪڏهن مان ائين چوان يا ٻيو ڪو شخص ائين چوي ته سنڌ سان محبت،  منهنجي دين ۽ ايمان جو حصو آهي،  ته ان ۾ حيرت ٿيڻ نه کپي. دراصل،  قدرت،  مٽيءَ سان محبت،  هر ساهواري جي خمير ۾ وڌي آهي،  تڏهن ته سائبيريا مان،  سرديءَ جي مند ۾،  هزارن ڪوهن جو سفر ڪري،  هر سال،  سنڌ ۾،  منڇر تي ايندڙ بدڪون،  سرديءَ جي مند پوري ٿيڻ شرط واپس سائبيريا موٽي وينديون آهن.

حافظ شيرازيءَ،  پنهنجي آبائي شهر کي ڪهڙي نه سٺي دعا ڪئي آهي:

خوشا شيراز،  وضعش بيمثالش،

خدا وندا،  نگهدار از زوالش.

ڀلاري ڀٽائيءَ جي آيت آهي ته:

سڄڻُ ۽ ساڻيههُ،  ڪنهن اڻاسيءَ· وسري

*      *      *      *

سنڌ،  هن سڄي ڌرتي تي،  اها خوش نصيب سر زمين آهي،  جتي انساني تهذيب جا گل ۽ گوءنچ،  هزارين ورهيه اڳ ڦُٽا هئا. انساني تهذيب  جو قافلو اِتان ئي ڪوچ ڪري ويو هو. مغربي ماهرن انهيءَ حقيقت جو اعتراف هنن لفظن ۾ ڪيو:

“…Of  all the early civilizations, those of Ancient Egypt and Mesopotamia have always attracted the most attention. Naturally, this is largely due to their proximity to the early centres of archaeological research in Europe, but also to the fact that there was little to prevent these civilizations from being heralded as the true craddle of our own western civilization.”

HANS. J. NISSEN

Early Civilization in the Near and Middle East.

FORGOTTEN CITIES ON THE INDUS.

مغربي ماهرن جي تحقيق موجب،  انساني تهذيب جي شروعات ”پوکيءَ راهي“ سان ٿي،  سندن چوڻ آهي ته کين پوک جا پهريان پهريان نشان فلسطين ۾ مليا آهن،  جيڪي نو هزار ورهيه قديم آهن،  انهيءَ کان پوءِ پوک جا نشان وري کين دجلي درياءَ جي ماٿريءَ ۾ مليا آهن، جيڪي اَٺ هزار ۽ پنج سو سال پراڻا آهن. انهيءَ کانپوءِ ”سميري تهذيب“ جي شروعات ٿئي ٿي.

سميري تهذيب جو بنياد ”عبيد“ نالي هڪ قوم جي ماڻهن وڌو،  هنن ڏکڻ عراق ۾،  دجلي ۽ فرات ندين جي پاڻيءَ جي دُٻن تي،  زرعي زمينون آباد ڪيون ۽ ڳوٺ ٻڌا،  عبيد قوم جي زباني روايتن ۾،  جيڪي پوءِ تحريري طور محفوظ ٿيون،  ” طوفان نوح“ جهڙيءَ هڪ وڏيءَ ٻوڏ جو ذڪر آهي،  جيڪا ممڪن آهي ته دجلي ۽ فرات ندين ۾ ڪنهن اوچتيءَ وڏيءَ اٿل جي ڪري آئي هجي. ٻوڏ سان گڏ،  قهري طوفان به لڳو هجي ۽ خوفناڪ برسات پڻ پيئي هجي،  ڇو ته ڪن ڪتابن ۾ ”طوفان نوح“ بابت ائين لکيل آهي ته ”زمين تي هيٺ،  سمنڊ وانگر پاڻي پئي اٿليو،  ته مٿان وري،  آسمان مان،  ڏينهن جا ڏينهن،  لڳاتار مينهن پئي وسيو.“

ليڪن،  ”طوفان نوح“ بابت عام تصور اهو آهي ته ڄڻ سڄي دنيا ان ۾ غرق ٿي ويئي هئي. اهو تصور رڳو اسلامي لٽريچر تائين محدود ڪونهي،  دنيا جي ڪيترين ئي قومن ۾،  مثلن هندن جي قديم ڌرمي (مذهبي) لٽريچر ۾ به انهيءَ ”طوفان،  ٻوڏ ۽ ٻيڙي“ وارو ساڳيو تصور آهي. ڀانئجي ٿو ته اهو واقعو سميري تهذيب توڙي موهن جي دڙي واريءَ تهذيب کان گهڻو اڳي ٿيو هو. ڊاڪٽر جيٽلي موهن جي دڙي جي ٻوليءَ تي پنهنجي ڪتاب· ۾ لکيو آهي ته:

منهنجي سرڳواسي پِتا،  پنڊت ڪِشنچند جيٽلي 1985ع ۾،  پوني ۾ رهندي،  ٻه ننڍا ڪتاب موهن جي دڙي جي لِپيءَ ۽ سنڌي لِپيءَ (هٽ واڻِڪن اکرن) تي شايع ڪيا هئا.

هُن قديم ڀارت جي ٻولين ۽ لِپين جو اونهو اڀياس ڪيو هو،  موهن جي دڙي جي لِپيءَ جي ڀيٽ،  وچ-ايشيا ۽ ٻين مُلڪن جي پراچين سڀيتائن (قديم تهذيبن) جي لِکاوٽن سان به ڪئي هئائين.

موهن جي دڙي جي لِپيءَ ۾،  مڇيءَ جي نِشانيءَ جو استعمال گهڻين ئي مُهُرن جي لِکاوٽن ۾ نظر اچي ٿو. اِنهيءَ کي ڪيترن عالِمن وينجن جو آواز ڏيکاريندڙ حرف ڪري ليکيو آهي. منهنجي پتا،  پنڊت ڪِشنچند جيٽلي،  مڇيءَ جهڙيءَ اِن نشانيءَ کي ”اَ“ سُر جو عيوضي مڃيو آهي،  جنهن لاءِ هُن ڪافي وزندار دليل پيش ڪيا آهن.

منهنجي پتا لکيو آهي ته پرليه واري ٻوڏِ ٿيڻ ڪري،  وڏي پيماني تي تباهي ٿيڻ ۽ اُن کان پوءِ وري نئين سِري سان سرشٽيءَ جي رچنا ٿيڻ واري ڪٿا،  سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل ”پُراڻن“ (قديم ڪلچر جي ڪتابن) ۾ مشهور آهي. ساڳيءَ طرح جون ڪٿائون (ڳالهيون) دنيا جي ٻين آڳاٽين سڀيتائن (قديم تهذيبن) جي اِتهاس (ڪلچر) ۾ به مِلن ٿيون.

ڀارت جي ڪٿا موجب،  وشڻو ڀڳوان،  مِتسيه اَوَتار يعني مڇيءَ جو روپ ڌاري،  سِتيه ورت دروڙيشور کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي،  ٻوڏ کان بچايو هو ۽ اهڙيءَ طرح هُن جي مدد سان سنسار کي وري آباد ۽ سر سبز بڻايو هو. اُهو سَتيه ورت،  ٻئي جنم ۾ وئيوَ سوَت مَنوءَ جي نالي سان مشهور ٿيو.

موهن جي دڙي مان مليل مُهرن تي مڇيءَ جي نشاني،  وِشڻو ڀڳوان جي مَتسيه اَوتار طرف اِشارو آهي. سنسڪرت جي هڪ پراچين شبدڪوش (Dictionary) ۾ صاف لکيل آهي ته ”اَ“ حرف وِشڻوءَ جو روپ آهي. انهيءَ ڪري مُهرن جي مڇيءَ جي نشانيءَ کي ”اَ“ سُر جي عيوضي نشاني جا آواز به مقرر ڪري چار سئو کن مُهرن جون پڙهڻيون ڏنيون آهن.“

*      *      *      *

طوفان نوح بابت هندستان جي هيءُ ڪٿا (روايت) تمام قديم آهي،  پر،  هن دور ۾،  آثار قديمہ وارن جيڪا تحقيق ڪئي آهي تنهن مان معلوم ٿيو آهي ته،  جڏهن ٻوڏ جو پاڻي لٿو،  ته دجلي ۽ فرات ندين جي نشيبي علائقن ۾،  اتر طرف کان هڪ نئينءَ قوم جا ماڻهو اچي آباد ٿيا. هنن ماڻهن ٻوڏ ۽ طوفان مان بچي ويل عبيد قوم جي ماڻهن سان گڏجي،  نئين سر،  تهذِبي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ ڳوٺ  ٻَڌا. ڪنڀار ڪو ڪم ڄاڻندا هئا ۽ ڌاتوءَ جي استعمال کان به واقف هئا. سو،  مٽيءَ جا ٿانو ۽ پُتلا به ٺاهڻ لڳا. رفتي رفتي،  آسپاس جي ٻين قومن سان گڏجي،  ٿنڀا ٺاهي،  جايون ٺاهن سکيا،  عبادتگاهون تعمير ڪيائون.· اڳتي هلي لکڻ جو هنر ايجاد ڪيائون. – انهيءَ تهذيب کي هاڻي دنيا جي سڀ کان آڳاٽي ”سميري تهذيب“ سڏن ٿا.

سميري تهذيب،  پنهنجي آسپاس وارن علائقن کان متاثر ڪيو،  جنهن جا اثر هزارن سالن گذرڻ جي باوجود اڃا به چٽا بيٺا آهن،  مغربي ماهر،  انهن جو هڪ مثال هيءُ به ڏين ٿا،  ته سميرين لکڻ جو هنر ايجاد ڪيو،  ته  مصر ۽ چين جي رهاڪن پڻ لکڻ جو هنر ايجاد ڪيو. ليڪن،  سنڌو تهذيب جي رهاڪن جيڪو لکڻ جو هنر ايجاد ڪيو،  انهيءَ جو نالو شايد ان ڪري ڪو نه ٿا کڻن،  جو موهن جي دڙي واري ٻولي اڃا ڪو به ماهر،  ڪو به ادارو،  ۽ ڪو به ملڪ پڙهي ڪو نه سگهيو آهي.

تاهم،  ماهرن تازين دريافتن ۾ اها خاطري ڪئي آهي،  ته سميري تهذيب وارن توڙي بابل جي تهذيب وارن جا قديم سنڌو تهذيب سان لڳ لاڳاپا هئا. موهن جي دڙي جي تهذيب عام طور ساڍا چار هزار ورهيه پراڻي سڏبي آهي. پر اسان جي علائقي ۾ مُهر ڳڙهه جي کوٽائيءَ کان پوءِ نئينءَ دريافت ٿيل تهذيب جي ماهرن جي چوڻ موجب هاڻي اها به هزار سال وڌيڪ پراڻي آهي. مهر ڳڙهه،  سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي آهي. سو سميري تهذيب  ۽ سنڌو تهذيب ۾ سٻنڌ پيدا ڪرڻ جو باعث بڻيو هوندو ان جو مطلب اهو ٿيو ته موهن جي دڙي جي تهذيب ڪا گهڻي آڳاٽي آهي! ڪن ماهرن جو ته اهو به رايو آهي ته اها مصر ۽ بابل جي تهذيب کان به وڌيڪ ترقي يافته هئي. هو ان جو مثال موهن جي دڙي جي اڏاوت مان پيش ڪن ٿا،  ٿه ان زماني ۾ شهر جون گهٽيون هاڻوڪن ماڊرن شهرن وانگر هڪٻئي کي ڪٽينديون هيون،  رستا سدا هئا.- پڪ سريون جايون هيون. ننڍڙا حجرا ڪونه هيا.پر،  وڏا ۽ ويڪرا شاهي گهر هئا. منجهن صاف پاڻيءَ جي لاءِ  کهيون ۽ کوهه ٺهيل هئا. ميري پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ گهرن ۾ پڪيون ناليون ۽ گهٽين ۾ ڪَسيون ٺهيل هيون هر گهر ۾ غسلخانو هو. جنهن جو مطلب هو. ته ماڻهون صفائيءَ ۽ سٺائيءَ  ۽ صحت جو وڏو خيال رکندا هئا.

سٺي صحت ۽ صفائي،  سونهن جي نساني آهي سونَهن،  سُرت ۽ نِيڪي انسانذات جا ابدي آدرش آهن صوفين جو چوڻ آهي ته:

“THE PURPOSE OF CREATION OF MAN IS TO BEAUTIFY THIS UNIVERSE,”

سيرت نبويءَ تي اوائلي عربي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته بهشت مان نڪرڻ کان پوءِ آدم جو نزول هندستان ۾ سلونَ ۾ ٿيو هو.،  آثار قديمہ وارن جي هاڻي تازه ترين دريافت اها آهي ته هندستان ۾ گنگا – جمنا دو آبي ۾ به انساني تهذيب جو قافلو،  سنڌو ماٿري مان ويو هو

انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته اسلامي عهد جي شروعاتي دور ۾ عربستان ۾ عام تصور اهو هو ته آدم ذات جي اولين آشيانو هندستان – پاڪستان ۽ سلون هو،  ۽ آثار قديمہ جي تازيءَ تحقيق وري اهو ثابت ڪيو آهي ته انهيءَ علائقي ۾ به انساني تهذيب جو قافلو سنڌ مان ويو هو. اها ڳالهه پڻ اوئلي – سنڌو تهذيب جي عظمت ڏان اشارو ڪري ٿي.

*      *      *      *

اوائلي سنڌ جو تاريخي احوال جن عالمن ۽ محقق لکيو آهي،  تن ۾ هڪ اهم نالو. ايڇ ٽي. لئمبرڪ آهي،  هو سنڌ ۾ انگريزن جي ايامڪاريءَ ۾ انڊين سول سروس جو عملدار هو. پنهنجي ڪتاب “SINDH- BEFORE THE MUSLIM CONQUEST” ۾،  سنڌ جي تاريخ جو آغاز،  جئدرٿ جي احوال سان ڪيو اٿن،  جيڪو سندس لکڻ موجب،  سنڌ جو راجا هو ۽ مهاڀارت واريءَ پهرينءَ لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو. ڪاڪي ڀيرومل جو رايو آهي ته جئدرٿ ملتان جو راجا هو. کيس ” سئو ويرُ“ به سڏيندا هئا،  سنڌ ان زماني ۾ ملتان جي هٿ هيٺ هئي،  هو ڪورون جي پاسي هو ۽ مهاڀارت جي لڙائيءَ ۾  شريڪ ٿيو هو. جئدرٿ سنڌ جو راجا هو يا ملتان جو،  اها ڳالهه الڳ آهي. اصل ڳالهه هي آهي. ته مهاڀارت جي لڙائي حضرت عيسيٰ جي ڄم کان اڳ تقريبن تيرهن سو ورهيه اڳ لڳي هئي. اهڙي صورت ۾،  سوال اٿي ٿو ته لئمبرڪ موهن جي دڙي کي سنڌ جي تاريخ جو نقطه آغاز قرار ڇونه ڏنو آهي؟ اهو ته مهاڀارت کان گهڻو آڳاٽو آهي!

عام سمجهه جي ڳالهه آهي ته ”موهن جي دڙي“ واري تهذيب فقطه هڪ شهر تائين محدود ڪانه هوندي! وڏي وسيع تهذيب هئي. ايڏيءَ تهذيب جي تاريخ به ته اوڏي ئي وڏي هوندي! درياءَ جي هڪ طرف موهن جي دڙي جهڙو عاليشان شهر هوندو،  ته ٻئي پاسي به ته ڪي نه ڪي شهر ضرور هوندا. آثار قديمہ جي ماهر،  ڊاڪٽر رفيق مغل،  چولستان واري علائقي ۾،  هڙپا جي همعصر اڍائي سو ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن جا نشان ڳولي لڌا آهن. انهن مان گهڻا تڻا هاڪڙي درياءَ تي آباد هئا. سنڌ کي سنڌو درياءُ سيراب ڪندو هو. اتي به ته ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون وسنديون هونديون! ڪي موهن جي دڙي جون همعصر هونديون،  ته ڪي ان کان به آڳاٽيون هونديون،  مثلاً: آمري،  ڪي وري موهن جي دڙي کان پوءِ جون هونديون،  مثلاً؛ جهڪر جي دڙي واري وسندي،  موهن جي دڙي جي انهن همعصر وسندين تي وانهو اڀياس  (IN-DEPETH STUDY) اڃا ڪو نه ٿيو آهي، سنڌ ۾ ڪي پڙهيل ماڻهو ته موهن جي دڙي کي ئي سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو حصو ڪو نه ٿا مڃين،  سندن خيال آهي،  ته موهن جي دڙي جو شهر،  ان جون بازارون،  گهر،  محل ۽ ماڙيون مسلمانن ٿوروئي ٺاهيا هئا؟

جيڪڏهن اصول اهو اڳيان رکبو،  ته پوءِ سوال اٿندو،  ته حضور صلعم جن جي هجرت وقت،  مڪي شهر جا گهر،  گهٽيون،  چونڪ ۽ بازارون،  ڪافرن ۽ بت پرستن ٺاهيون هيون،  يا مسلمانن؟

ابو لهب جي گهر ۾ مسلمانن جي خلاف ورهين جا ورهيه سازشون سٽيون وينديون هيون،  قرآن شريف ۾ ابو لهب جي سخت مذمت ڪيل آهي،  پر،  حضور صلعم جن،  مڪي جي فتح کان پوءِ به ابو لهب جي گهر کي مسمار ڪرڻ جو حڪم ڪو نه ڏنو. بلڪه،  ڪنهن به ڪافر جي گهر کي ڊاهڻ جو حڪم ڪو نه ڏنو.

ڪعبة الله جي تعمير به حضرت ابراهيم واري ڪا نه هئي. بت پرستيءَ واري دور جي هئي. ليڪن،  پاڻ سڳورن فقط ڪعبي شريف ۾ رکيل بتن کي هٽايو. اڏاوت ۾ ڪا به ڦير ڦار ڪا نه ڪئي.

”طبقات ابن سعد: اخبار النبي صلعم“ سيرت مبارڪ جي موضوع تي مستد ڪتاب آهي. ان جو مصنف محمد بن سعد· لکي ٿو ته:

”بيبي عائشه رضه جو چوڻ آهي ته،  رسول الله جن فرمايو ته،  ”عائشه،  تنهنجي قوم ڪعبي جي عمارت ۾ ڪَمِي ڪئي.“ جيڪڏهن هو شرڪ کي ڇڏي،  هاڻي،  هاڻي،  نوان مسلمان نه ٿيا هجن ها،  ته جو ڪجهه هنن ڪعبي جي اڏاوت ۾ ڇڏي ڏنو آهي،  سو جيڪر مان پٿر سان ٺاهي،  (يعني پڪيءَ طرح ٺاهي) راس ڪيان ها. (پر،  ممڪن آهي ته) مون کان پوءِ،  تنهنجي قوم،  انهيءَ کي (ڪعبي کي) ٺاهي. سو،  اڄ کان مان تو کي اهو سڀ ڪجهه ڏيکاري ڇڏيان،  جيڪو هنن کان (اڏاوت ۾) رهجي ويو آهي.“

”بيبي عائشه رضه جو چوڻ آهي ته انهيءَ کانپوءِ،  حضورصلعم جن کيس ”حجر“ وٽ،  ستن گزن جي برابر اها ايراضي ڏيکاري،  جيڪا واقعي خالي رهجي وئي هئي.“

*      *      *      *

قرآن ڪريم ۾ فرعوئن جي به مذمت ڪيل آهي. ”فرعون“ مصر ملڪ جي بادشاهن جو لقب هو. اها تهذيب لڳ ڀڳ پنج هزار ورهيه پراڻي سڏجي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب وارن سان انهن قديم مصرين جا لڳ لاڳاپا هئا.

فرعون پنهنجيءَ بادشاهيءَ ۾،  هر شيءَ جا مالڪ هوندا هئا. ملڪ ۾ رهندڙ سمورا مرد،  زالون ۽ ٻار سندن رعيت هئا،  پر غلامن واري حيثيت رکندا هئا. فرعوئن جي مرڻ تي مٿن جيڪي مقبرا ٺهندا هئا،  سي هاڻي دنيا جي ”عجائبات“ ۾ شمار ٿين ٿا. ”اهرام“ سڏجن ٿا. موجود زماني جي مسلمانن حڪومتن،  فرعوئن جي اهرامن کي سيلانين ۽ سياحن جي سير  ۽ * تفريح جو مرڪز بنايو آهي. اسوان بند جي تعمير کان پوءِ جڏهن فرعوئن جا ڪي مقبرا نيل نديءَ جي سيلاب ڪري خطري ۾ آيا،  ته  مصري حڪومت،  لکين ڊالر خرچ ڪري،  انهن کي بچائي ورتو. مصر جي عام سلمانن ان تي ڪو به اعتراض ڪو نه ڪيو. انهن کي پنهنجيءَ قومي تاريخ جو هڪ حصو سمجهيائون.

دنيا جي سڀ کان قديم اسلامي يونيورسٽي ”الظهر“ مصر ۾ آهي. وقت بوقت اهم اسلامي مسئلن تي فتوائون ڏيندي رهندي آهي. پر،  ”الاظهر“ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر،  علامہ سيد طنطاويءَ کي به فرعوئن جي اهرامن کي بچائڻ ۾ ڪو عيب نظر ڪو نه آيو. هو مصر ملڪ جو مفتي به آهي.

اسلامي روايت موجب،  مئل  ماڻهن جي مٿان ڪي به پرشڪوه قبرون ۽ مقبر تعمير ڪرڻ چڱي ڳالهه ڪا نه آهي. تازو،  سعودي عرب جو فرمانروا،  شاهه فيصل وفات ڪري ويو،  ته کيس نهايت خاموشِءَ سان اهڙي هنڌ دفن ڪيو ويو،  جيڪو هاڻي ڪو گهڻو مشهور نه آهي. ليڪن،  هندستان جي هڪ مغل بادشاهه جي راڻي مري ويئي،  ته انهيءَ زماني ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري،  مٿس اهڙو ته عاليشان مقبرو تعمير ڪرايائين،  جو صدين گذرڻ کانپوءِ به سڄيءَ دنيا ۾ ”اسلامي فنِ تعمير“ جو عظيم ترين شاهڪار سمجهيو وڃي ٿو. ليڪن،  هندستان ۽ پاڪستان جي ڪنهن به ديني عالمَ،  ”تاج محل“ جي تعمير کي ”غير اسلامي ڪارنامو“ قرار ڪو نه ڏنو آهي.

دنيا جي هڪ تاريخن ويسَ ان کي ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو ته ”سموريءَ دنيا جي انسانن کي ٻن حصن ۾ روهائي سگهجي ٿو: هڪڙا اُهي خوشنصيب آهن،  جن موهن جو دڙو ڏٺو آهي ۽ ٻيا اُهي،  جن ڪو نه ڏٺو آهي.“

*      *      *      *

دنيا ۾ روشن خيال ماڻهن جي هر هنڌ ڪمي آهي،  اسان وٽ به آهي. سو،  جيڪڏهن ڪي پڙهيل لکيل ماڻهو موهن جي دڙي کي پنهنجي مخصوص نقطه نگاهه کان سنڌ جي تهذيب جو حصو نه مڃن،   ته ان ۾ حيرت ٿيڻ نه گهرجي. عام ماڻهو ته ٺهيو،  سنڌ ۾ ڪي محقق جهڪر جي دڙي کي ”جهڪر جو دڙو“ لکن ٿا،  چانهوءَ جي دري کي ”چانهوءَ جو دڙو“ لکن ٿا،  ڪاهوءَ جي دڙي کي ”ڪاهوءَ جو دڙو“،  جڏير جي دڙي کي ”جڏير جو دڙو“ ۽ لوهم جي دڙي کي ”لوهم جو دڙو“ لکن ٿا،  پر موهن جي دڙي کي ”مُئن جي دڙو“ لکن ٿا. کين  خبر آهي ته اهي سڀ دڙا مُئن ماڻهن جا اڳوڻا ڦٽل شهر آهن ۽ سنڌ جي اوائلي تهذيب جا آثار ۽ عظمت جا نشان آهن،  هنن ڦٽل شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هڪڙا اڳي ٺهيا هوندا،  ته ٻيا پوءِ،  پوين اڳين جي جاءِ ورتي هوندي. تاريخ جو قافلو ائين ئي هلندو آيو آهي ۽ انساني تهذيب جو ڦهلاءُ به ائين ئي ٿيو آهي.

ميرن جي حڪومت ۾ سنڌ جي گادي حيدرآباد هئي. ڪراچي سنڌ جو مرڪزي شهر ڪو نه هو. چون ٿا ته مهاڻن جي هڪ وسندي هئي. پر،  انگريزن جي دور رس نگاهن ان ۾ سٺي سامونڊي بندر جون نشانيون ڏٺيون. سو،  ان کي پنهنجيءَ حڪومت ۾ زور وٺايائون. هاڻي،  ڪراچيءَ جو شمار دنيا جي وڏن شهرن ۾ ٿئي ٿو. حيدرآباد جي ان جي اڳيان ڪهڙي حيثيت آهي! پر،  ڪراچيءَ کي اهو عروج حاصل ڪرڻ ۾ جديد زماني جي سمورين سهوليتن جي باوجود،  هڪ سو سالن جو عرصو لڳي ويو.

موهن جي دڙي جو شهر،  اڏاوت جي لحاظ کان،  اهڙيءَ ته ڪمال ڪاريگريءَ سان رٿيو ويو هو،  جو مغربي ماهرن جو عقل حيران آهي،  موهن جي دڙي تي سياحن جي ڪتاب ۾ جيڪي تاثرات درج آهن، سي اچرج جهڙا آهن. خاص طرح دنيا جي هاڪاري تاريخنويس، ٽوئن بيءَ جا تاثرات پڙهڻ وٽان آهن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اهڙو عاليشان شهر اڏڻ ۾ سنڌو- تهذيب کي گهڻين صدين جو سفر ڪرڻو پيو هوندو؟

*      *      *      *

ڏاهن جو چوڻ آهي ته انساني تهذيب جي اوسر ۾ ٻن ڳالهين وڏي ۾ وڏو رول ادا ڪيو آهي: هڪ زبان ۽ ٻيو مذهب،  موهن جي دڙي جي رهاڪن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪمال ڪيو.

ڊي ڊي ڪوسمبي ”قديم هندستان“ تي اٿارٽيءَ جي حيثيت رکي ٿو. “ANCIENT INDIA” نالي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو اٿس ته ”موهن جي دڙي“ جي ماڻهن جي ايڪي ۽ اتحاد جو سبب ڪا بادشاهي طاقت (Force) ڪا نه هئي. مذهب (RELEGION) هو.“

موهن جي دڙي جي رهاڪن جو مذهب (ڌرم) ڪهڙو هو؟ اهو سوال اڃا تائين صاف ٿي نه سگهيو آهي. ايڇ ٽي لئمبرڪ،  پنهنجي ڪتاب “SINDH-BEFORE THE MUSLIM CONQUEST” ۾ موهن جي دڙي جي کوٽاين مان لڌل ٻن مجسمن: (مجسمو يعني پُتلو)  بابت لکي ٿو ته: ”گهاٽيءَ ڏاڙهيءَ واري مرد جي مجسمي کي ڇاتيءَ تائين چوغو پيل آهي،  جنهن تي چِٽَ آهن.“

لئمبرڪ کي اها خبر هوندي ته سنڌ ۾ مردن توڙي زالن ۾ بت کي چادر ويڙهڻ جو عام رواج آهي. پوءِ چوغي جو خيال کيس ڇو آيو؟ بهرحال،  چوغو يا چادر،  ٻنهي مان جيڪو به هجي،  مٿس جيڪي چِٽَ آهن،  سي ماڻهوءَ جو ڌيان اجرڪ جي چِٽن ڏانهن ڇِڪن ٿا،  انهيءَ ماجرا تي،  هڪ آمريڪي عالم،  پنهنجي ڪتاب ۾ راءِ ڏني آهي ته ”موهن جي دڙي ۾ مرد جي بُت تي ويڙهيل چادر جو چِٽُ،  اسان کي نصرپور جي کيس ۾ به نظر اچي ٿو ۽ ڪجهه صدين گذرڻ کانپوءِ وري ساڳيو چِٽُ چوڪنڊيءَ جي قبرن جي چٽساليءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.“

هنر ۽ ڪاريگري ايجاد ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي. پر،  اها ڪاريگري چڱو ڪو زمانو هلندي رهندي آهي. سٿري ختم ڪا نه ٿيندي آهي. ڪهڙي خبر،  ته انهن اڳوڻن چٽن جو هنر،  صدين جون صديون سنڌ ۾ رائج رهيو هجي! زماني جي گذرڻ سان،  ٿوريءَ گهڻيءَ ڦير ڦار سان،  اجرڪ ۾ استعمال ٿيو هجي. بقول جويو صاحب،  ”موهن جي دڙي واري ڍڳي گاڏي به ته اڃا سنڌ ۾ رائج آهي.“

لئمبرڪ لکيو آهي ته ”جيئن ڊاڪٽر مئڪي جو خيال آهي،  ته جيڪڏهن چوغي پاتل مجسمو (پُتلو) ڪنهن ”ديوتا“ (Demy God) جي نمائندگي ڪري ٿو،  ته پوءِ اهو اندازو لڳائڻ درست ٿيندو،  ته انهيءَ مجسمي جي شڪل شبيهه،  سنڌي سماج جي ڪنهن انتهائي اوچي طبقي جي ماڻهن منجهان ڪنهن شخص جي شڪل،  صورت ۽ وصفن سان مشآبهه ٺاهي ويئي هجي،  جيڪو مجسمہ ساز فنڪار جو چڱيءَ  طرح ڏٺل وائٺل هوندو.“

لئمبرڪ جو خيال آهي ته اهو رعبدار مجسمو،  پنهنجي ظاهري ٿڏي مزاج ۽ بردباريءَ سببان،  موهن جي دڙي جي رهاڪو سنڌين جي PRIEST –KING (” پروهت-بادشاهه“) جي شبيهه جو نمونو آهي. ڪنهن ”ديوتا“ (DEMY GOD) جي يا وري ڪنهن مقدس هستيءَ،  يا ڪنهن اهڙي بادشاهه جي نمائندگي ضرور ڪري ٿو،  جيڪو پنهنجيءَ بادشاهيءَ لاءِ ”خدائي حق“ (DIVINE RIGHT OF KINGS) جو قائل هو.“

لئمبرڪ جي هن دليل بازيءَ مان منطقي نتيجو اهو نڪري ٿو ته موهن جي دڙي جا رهاڪو لامذهب ماڻهو ڪو نه هئا. هو خدا جي تصور ۾ اعتقاد رکندا هئا. هِتِ اها ڳالهه ذهن ۾ هئڻ گهرجي ته خدا جو تصور زماني جي بدلجڻ سان گڏ بدلبو رهيو آهي. خود اسان جي زماني ۾ به ساڳيو ڪو نه آهي: مسلمانن جو هڪڙو آهي،  ته عيسائين جو ٻيو ۽ يهودين جو اڃا به ٽيون آهي.

ابو الڪلام آزاد،  اسان جي دور ۾،  برصغير جي مسلمان مذهبي اڪابرن ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو. ڪيترائي پڙهيل لکيل ۽ ڏاها ماڻهو،  سندس علم،  اخلاق ۽ ڪردار جي بلنديءَ کان متاثر ٿي،  کيس ”امام الهُند“ ڪوٺيندا آهن. سندس لکيل مذهبي ڪتابن ۾ ”ترجمان القرآن“ جي وڏي اهميت آهي. اهڙيءَ طرح،  سندس ادبي ڪتابن  ۾ وري ”غبار خاطر“ جي وڏي شهرت آهي. منجهس خدا جي تصور بابت به مضمون خطن جي صورت ۾ لکيا اٿس. هندستان جي هاڪاري عالم،  مالڪ رام جي راءِ موجب،  “دنيا جو سڀ کان اهم مشڪل ۽ پيچيده موضوع ”خدا جو تصور“ آهي. تاهم مولانا آزاد ان بابت پنهنجو نقطهء نگاهه نهايت ٻاجھاريءَ ٻوليءَ ۽ دلنشين انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هڪ هنڌ تي لکي ٿو ته:

”آسٽريليا جي وحشي قبيلن کان وٺي،  تاريخي عهد جي متمدن انسان تائين، ڪو به دور خدا جي تصور خالي ڪو نه رهيو آهي،  رگ ويد جي فڪري مواد اُڻڻ جو ڪم تڏهن شروع ٿيو،  جڏهن اڃا تاريخ جو صبح به چٽو ڪو نه ٿيو هو. حتين ۽ اعلامين جڏهن پنهنجين عبادت گاهن جا نقش و نگار ٺاهيا هئا،  تڏهن انساني تمدن جي ننڍپڻ اڃا اکيون مس کوليون هيون،  مصرين حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان هزارين ورهيه اڳ پنهنجي خدا کي طرح طرح جي نالن سان سڏڙا ڪيا هئا. ڪالڊيا جي ڪاريگرن،  مٽي جي پڪل سِرن تي حمد ۽ ثنا جا اهي گيت لکيا هئا،  جي اڳين قومن کان کين ورثي ۾ مليا هئا.·

هزارين ورهيه اڳ،  ”خدا جي تصور“ بابت،  ابو الڪلام آزاد جي هن تشريح کان پوءِ،   ڪو ڪندُ –ذهن شخص ئي موهن جي دڙي جي رهاڪن کي ”لامذهب“ سمجهندو. هونئن به قرآن مجيد،  خداوند ڪريم کي ”رب المسلمين“ ته ڪو نه ڪوٺيو آهي،  ”رب العالمين“ ڪوٺيو آهي. اسلامي تعليم موجب،  قدرت هر قوم ڏانهن هادي ۽ رهبر موڪليا آهن،  اهڙيءَ صورت ۾ اها سوچ سراسر غلط ٿيندي،  ته قدرت جي ايڏيءَ فياضيءَ کان پوءِ به  سِنڌ،  ربَ جي رحمت کان محروم رهي هوندي!

*      *      *      *

هاڻي،  ڊي ڊي. ڪوسمبي جي مٿينءَ راءِ کي وري پڙهجي ته: ”موهن جي دڙي جي رهاڪن جي سماج ۾ ايڪي ۽ اتحاد جو سبب ”بادشاهي جي طاقت“ (FORCE)  ڪا نه هئي،  مذهب هو.“

ڊي. ڊي. ڪوسمبيءَ جهڙي جڳ مشهرو عالم جي هيءَ راءِ نه فقط لئمبرڪ جي انومان کي تقويت ڏئي ٿي،  پر اها موهن جي دڙي جي رهواسين جي ”عقيدي“ جي آرسي آهي. هُنن،  انهيءَ زماني ۾،  هڪ طرف مذهب ڏانهن مثبت رويو اختيار ڪيو ته ٻئي طرف انساني تهذيب جي نشو و نما ۾ اهم رول ادا ڪندڙ ٻئي عنصر يعني ”ٻوليءَ“ کي زور وٺائڻ ۾ ڪمال حاصل ڪيو. سميري،  مصري ۽ چيني اوائلي تهذيبن جو بنياد وجهندڙ ماڻهن وانگر،  پاڻ به لکڻ جو هنر ايجاد ڪيائون. حافظ شيرازيءَ جي هيءَ سٽ مٿن ڪيڏي نه صحيح ۽ صادق آهي:

ثبت است بر،  جريده عالم دوامِ ما

(اسان هن جهان جي تختي تي هميشه لاءِ مُهر هڻي ڇڏي آهي.)

*      *      *      *

 

”دنيا جي جن عظيم انسانن،  دنيا کي جهالت ۽ وحشت جي اٿاهه اوندهه مان ڪڍي،  علم ۽ تهذيب جي روشنيءَ ۾ آندو آهي،  جنِ هستين دنيا کي ذلت جي هائيءَ مان ڪڍي عظمت جي آسمان تي رسايو آهي- اُهي ئي باعزم انسان آهن،  جن جون اکيون حقيقت شناس آهن: جي ڪائنات ۽ دنيا کي انهيءَ ئي رنگ ۾ ڏسن ٿا،  جنهن ۾ کيس ”ڪامل ڪاريگر“ پيدا ڪيو آهي. هنن کي هر هنڌ انهيءَ ڪامل حسن جو سج جلوو ڪندڙ نظر ٿو اچي،  جنهن جا ڪرڻا روشنيءَ ۽ نُور،  خوشيءَ ۽ اميد جو پيغام آنين ٿا. هو اُنهن ماڻهن وانگر نه آهن،  جن کي هر هنڌ بدصورتيءَ ۽ بُرائيءَ کان سواءِ ڪجهه نظر ئي نٿو اچي،  بلڪ هو خوشيءَ ۽ اطمينان کان چمڪندڙ نُوراني چهرا آهن،  جن تي نظر پوندي ئي هر ٿڪل ٽٽل ۽ پرشان حال واٽهڙوءَ کي خوشي ۽ تسڪين حاصل ٿئي ٿي! انهن جي مقابلي ۾،  هزارين اهڙا زاهد خشڪ آهن،  جي هميشه ٻيءَ دنيا جي ڊپ ۽ عذاب کان  ڊيڄاري،  هن دنيا جي مهاڄار مان نڪرڻ جون صلاحون پيا ڏيندا،  پر کانئن هن زندگيءَ لاءِ ايترو به نٿو پُڄي،  جو پنهنجي مُرڪ سان ڪنهن ڪومايل چهري کي شاداب بنائين،  ڪنهن ٽٽل دل کي همت ڏياري،  اميد ۽ آس جو رستو ڏيکارين!“

- ڊاڪٽر مارٽن


·  سيرت طيبه: پروفيسر غلام رباني عزيز، مڪتبه نبويه لاهور، بحواله سيرت طيبه: ابن هشام.

·  ”اڻاسي“ معنيٰ ته اهڙو شخص جنهن کي ڪوبه لحاظ نه هجي.

·  ”ٻوليءَ جو رشتو ۽ لکاوٽ:“ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، D-127، وويڪ وهار، دهلي، صفحو 94 ۽ 95.

·  ان جو مطلب ته خدا (مافوق الفطرت هستيءَ) جو تصور سندن ذهنن ۾ هو.

·  طبقات ابن سعد، از محمد بن سعد (متوفي: 230هه)، اردو ترجمو: نفيس ايڪيڊمي، ڪراچي.

·  ڪالڊيا قديم بابل جو نالو آهي. تورات ۾ ان جو ذڪر آهي. شروع ۾ ڏکڻ عراق ۾ فرات ۽ دجلي  دريائن جي وچ واري علائقي جو نالو هو. پر،  پوءِ وقت جي گذرڻ سان عراق جي وڏي حصي کي ڪالڊيا ڪوٺيندا هئا،  جنهن جي گاديءَ جو هنڌ “UR” (اُرُ) هو. حضرت ابراهيم اتان جو ويٺل هو. جتي هڪ قوم جو نالو هو،  جا حضرت عيسيٰ کان هزار ورهيهه اڳ شام ملڪ تي حڪمران هئي. اعلامي قديم ايران جو هڪ صوبو هو،  جنهن جي گاديءَ جو هنڌ صوصه هو. اتان جي رهاڪن ۽ بابل جي رهاڪن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. هاڻي،  اوائلي تهذيبن جا ماهر صوصه کي دنيا جي قديم ترين شهرن ۾ شمار ڪن ٿا. رگ ويدن هندن جو هڪ قديم ترين مذهبي (ڌرمي) ڪتاب آهي،  جنهن ۾ موهن جي دڙي جي رهاڪن جا حوالا ملن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com