سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :13

 

نقش ناياب منگي

”راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند اسپتال“ شڪارپور

(هڪ تعارف)

اوڌوداس تارا چند

شڪارپور شهر جي مکيه اسٽيشن روڊ تي،  گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر1 جي بلڪل سامهون ”راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال“ ۾ دُکي انسانيت جي خدمت اڄ به جاري آهي. شهر جي داني دياوانن ۽ شيواڌاري ڌنوانن جي اڻٿڪ ۽ مسلسل ڪوششن سان ان جي پيڙهه جو پٿر 30 اپريل 1933ع تي سکر ضلعي جي ڪليڪٽر مسٽر ايڇ. ٽي سورلي رکيو،  ۽ جڏهن جڙي راس ٿي ته ان جي افتتاح جي رسم تڏهوڪي بمبئي پرڳڻي جي گورنر لارڊ برابورن (Lord Brabourne) 2 فيبروري 1935ع تي ادا ڪئي،  اُنهيءَ رسم جي موقعي تي اسپتال جي سڀا پاران انگريزيءَ ۾ ڇپيل هڪ سپاسنامو پيش ڪيو ويو،  جنهن ۾ نه رڳو لاٽ صاحب جي آمد تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو پر اسپتال جي شروعاتي رٿا کان وٺي ان جي راس ٿيڻ تائين سموري وارتا بيان ڪئي وئي،  ان وقت جو اهو سپاسنامو اڄ هڪ مڪمل تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. اهڙي تاريخي دستاويز کي پڙهندڙن ۽ تحقيق جي شاگردن آڏو ترجمي ۽ واڌاري سان پيش ڪري رهيو آهيان ته جيئن معلومات جو اهو املهه خزانو محفوظ ٿي وڃي ۽ ماضي جي حوالي سان مستقبل تائين اهڙن قارئين کي ڪم اچي،  جيڪي خلق جي خدمت ۽ رفاهِ عامه جي شاندار ڪارنامن کان روشني حاصل ڪرڻ گهرن ٿا.

شڪارپور جي تاريخ ۾ سن 1935ع ۾ اهو ڀاڳ ڀريو سال آهي جنهن ۾ جڳ مشهور ”راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال“ جڙي راس ٿي ۽ ان جي افتتاح لاءِ بمبئي پرڳڻي جو تڏهوڪو گورنر لارڊ برابورن تشريف فرما ٿيو.

تڏهن شڪارپور شهر جو ڪهڙو رنگ،  روپ ۽ ڏيک ويک هو  ۽ شهر واسين ڪهڙي شانائتي ۽ پروقار نموني ۾ لارڊ برابورن جو آڌرڀاءُ ڪيو،  ان جو رڳو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو،  اها تقريب ڪٿي منعقد ٿي ۽ ڪيترو وقت هلي ان ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪهڙين نامور شخصيتن ۽ مندوبين شرڪت ڪئي،  يا اسپتال جي سڀا پاران اهو سپاسنامو ڪنهن پيش ڪيو،  سپاسنامي جي جواب ۾ ڪهڙي موٽ ملي،  اهو سڀ ڪجهه تحقيق طلب آهي،  البته سپاسنامي جي متن مان ان جو پڌرو پتو پوي ٿو ته اها هڪ اهم ۽ يادگار تقريب هئي. سپاسنامي کي اسپتال جي تعميري مرحلي جي پوري ڄاڻ مهيا ڪرڻ لاءِ هر پهلو کان ڏسبو ته اهو جامع ڏسڻ ۾ ايندو ۽ ان جو لب ولهجو ان دور جي مدبرانه سوچ جو آئينه دار يا عڪاس نظر ايندو،  سپاسنامي جي هرهڪ سٽ مان ڏاهپ،  ڏانو ۽ خلوص بکندو محسوس ٿئي ٿو،  جنهن جي جهلڪ اڄ به اسپتال جي هرهڪ سِرَ مان نڪرندي محسوس ٿئي ٿي،  سپاسنامي جي متن جو ترجمو اِجهو هن ريت آهي:

مانوارا لارڊ برابورن،

جي.سي.آءِ.اِي،  ايم.سي،

گورنر بمبئي پرڳڻو،

شال،  سائينجن سدائين مهربان رهن!

گورنر صاحب جو افتتاحي اجلاس ۾ پهچڻ

اسين ”راءُ بهادر اوڌُو داس تاراچند اسپتال“ ڪاميٽي جا ميمبران ۽ چيئرمين پنهنجي دل جي گهراين مان سائين جن کي هن نئين اسپتال ۾ آجياڻو پيش ڪريون ٿا،  ڪنهن سمي هيءُ شهر واپار جي لحاظ کان سنڌ ۽ بلوچستان جو مکيه دروازو هو،  افغانستان ۾ اسان جا واپاري پنهنجي ڪرت سبب ڀليءَ ڀت ڄاتا سڃاتا ويندا هئا،  نه رڳو ايترو،  پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾،  خاص طور تي بخارا،  روس،  ترڪستان،  ايران،  چين،  تبت،  جاپان ۽ آفريڪا ۾ واپار ڪندا هئا،  (1) چند سال اڳ روس ۾ بولشيوزم (2) انتهاپسندي سبب،  اسان جا پاڙيسي ملڪ ۽ اسان جو واپاري طبقو حد کان وڌيڪ متاثر ٿيو ۽ ڌنڌي ۾ لڳاتار غيرمعمولي ڏيوالي کي جهڪائي وڌو.

اصل ۾ هيءُ شهر،  ضلعي شڪارپور جو ضلعي هيڊڪوارٽر هو (3)،  پر پوءِ سکي کي ضلعي جو درجو ڏئي هتان جا سڀئي دفتر هڪ ٻئي پٺيان اوڏانهن منتقل ڪيا ويا(4).

شهر شڪارپور ۽ تعلقي جي طبي سهائتا،  سرڪاري ملازمن خواهه قيدين ۽ پوليس عملدارن جي دوا درمل لاءِ شڪارپور ۾ سرڪاري وڏي اسپتال جو هجڻ تمام ضروري آهي. هڪ ننڍو دواخانو وڪٽوريا ڊسپينسري (5) جي نالي سان ميونسپالٽي پاران جاري ڪيو ويو،  جنهن جي سنڀال ۽ مريضن جي کاڌي خوراڪ تي ميونسپالٽي ڇهه هزار رپيا خرچ پئي ڪيا. اڳوڻي سرڪاري اسپتال سن 1912ع ڌاري لاڙڪاڻي منتقل ڪئي وئي (6). ڇاڪاڻ جو لاڙڪاڻي کي ضلعي جي حيثيت ڏني وئي هئي (7).ان سان گڏ شڪارپور مان جيل پڻ سکر نيو ويو (8)،  سول  اسپتال جي لاڙڪاڻي ڏانهن منتقلي کان اڳ،  ميونسپالٽي هڪ ليٽر نمبر 4339 مطابق 3 آڪٽوبر 1908ع تحت سرڪار کان گهر ڪئي هئي ته: 1. هڪ اضافي دواخانو کوليو وڃي،  2. موجوده وڪٽوريا ڊسپينسري ۾ وڌيڪ بسترا مهيا ڪيا وڃن،  3. وڪٽوريا ڊسپينسري جي مک اسسٽنٽ سرجن کي پڻ اتي رهڻ ڏنو وڃي،  جيڪو سرڪاري ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏ ملازمن جو علاج به ڪري سگهي. ان لاءِ سرڪار پاران ميونسپالٽي کي سالياني سهائتا طور -/1800 رپين کان -/3000 رپين تائين اسسٽنٽ سرجن جو پگهار اضافي طور ادا ڪيو وڃي،  جيتوڻيڪ سرڪار -/6000 رپيا مالي مدد طور ڏيندي هئي،  پر ميونسپالٽي اٽڪل -/8000 رپين کان -/10000 رپين تائين ٻن دواخانن تي خرچ ڪندي رهي هئي،  جيئن ته ٻيئي ميونسپل دواخانه پڻ پوري تعلقي شڪارپور ۾ ڪم پيا ڪن،  ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ پڻ ٻنهي دواخانن ۾ مريضن جي کاڌ خوراڪ لاءِ ٿوري مالي مدد ڏيڻ شروع ڪئي هئي،  ڇاڪاڻ ته سرڪار جا ڳچ جيترا ڪم وڌيل هئا ۽ مکيه جيل شڪارپور ۾ ٻيهر کوليو ويو (9)،  تنهن هوندي به سرڪاري عملدارن متفقه راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ته مرڪزي اسپتال شڪارپور ۾ ٻيهر کولي وڃي،  جيڪا گهٽ ۾ گهٽ ڇٽيهن بسترن ۽ جديد اوزارن سان آراسته هجي،  اها راءِ سرڪار ۽ ميونسپالٽي ٻنهي ڌرين قبول ڪئي،  پر اسپتال لاءِ مناسب جڳهه جو هئڻ ضروري ڄاتو ويو. ان سلسلي ۾ جاءِ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان رايا ظاهر ٿيا ۽ آخر ۾ ميونسپل ڊاڪ بنگلو ۽ سرهندي پيرن جو خانگي باغ يڪراءِ سڀني کي مڃڻو پيو. ميونسپالٽي کي سرهندي پيرن جي باغ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ويو،  جنهن -/23000 رپيا ادا ڪري اهو خريد ڪيو،  اسپتال جي بلڊنگ جي نقشن ۽ تعميري تخميني جو ڪم جيئن ئي هٿ ۾ کنيو ويو تيئن ئي اهو اهم سوال  آڏو آيو ته نئين عمارت جي جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ ان جي سنڀال جي ورڇ ميونسپالٽي ۽ سرڪار جي وچ ۾ ڪهڙي نموني ٿيندي؟ انهيءَ اهم سوال تي گهڻي لکپڙهه کانپوءِ سرڪار ليٽر نمبر؛ بي 1985 تاريخ 3 سيپٽمبر 1924ع تحت اهو قبول ڪيو ته ميونسپالٽي رٿيل عمارت جو خرچ چندي سان گڏ ڪرڻ ۽ ڪٽوتي خرچ کان پوءِ اڌ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندي،  جيئن ساڳئي جي آر جي پيرا نمبر 2 ۾ وضاحت سان هيٺينءَ ريت ڄاڻايل آهي:

”جڏهن نئين اسپتال جي ٺهي راس ٿئي ۽ اسپتال حقيقت ۾ ان ۾ منتقل ڪئي وڃي،  تڏهن اسپتال جي سنڀال،  بابت سرڪار پنهنجي اڳوڻي فيصلي موجب،  ان جي سنڀال جو خرچ اڌ جي برابر انهيءَ شرط تي منظور ٿي ڪري ته ساليانو خرچ وڌ کان وڌ ٻارنهن هزار ڏيڻ جوڳو هوندو.“

افتتاحي اجلاس جو هڪ ڏيک

اهڙيءَ طرح سن 1918ع ۾ هن اداري،  سرڪار ۽ ميونسپالٽي جي وچ ۾ خاموش رضامنديءَ سان ڀائيواري شروع ٿي.سن 1924ع  ڌاري قطعي اقرار ڪرڻ لاءِ قبوليت ڏني ويئي،  ان درمياني مدي ۾ حالات جي خرابي ۽ مالي مشڪلاتن سبب سرڪار سن 1929ع ۾ چتايو ته ”اُهي اسپتال جي اڏاوت لاءِ حصي ڏيڻ جي واعدي موجب سگهارا ڪيئن ٿيا آهن “ خانگي طور تي شڪارپور جي مشهور داني سيٺ چيلا سنگهه سترام سنگهه،  -/25000 روپيا چندو انهيءَ خيال سان آڇيو ته اسپتال جو نالو سندس نالي پٺيان رکيو وڃي،  ساڳئي شرط سان سيٺ ها سا سنگهه ٽهل سنگهه پڻ -/55000 روپيا آڇيا،  ٿوري سوچ ويچار کان پوءِ سڄي رٿا 1932ع جي هڪ

افتتاحي اجلاس جو ٻيو ڏيک

صبح تائين روڪي وئي،  تان جو موجوده مکيه داني (چندو ڏيندڙ) راءُبهادر اوڍوُداس تارا چند،  هڪ لک روپين جي جهجي چندي سان واپس وريو،  هن اهو پڻ وچن ڏنو ته هو سڄو وقت ڪم ڪندو ۽ آئندا پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن سان چندا گڏهه ڪندو رهندو ۽ عمارت جي اڏاوتي سار سنڀال لهندو ۽ ڪفايت شعاري کان پڻ ڪم وٺندو. ميونسپالٽيءَ جو مقصد هو اڳين ڌنويرن جي گهر کي ختم ڪرڻ،  تنهن وڏي لشڪر گذاري سان سيٺ چيلا سنگهه سترام سنگهه ۽ سيٺ گوبند سنگهه هاسا سنگهه جن جي آڇ کي قبول ڪيو،  پر ٻنهي  فراخدل ڌنويرن پنهنجي گهُر تان  پاڻمرادو هٿ  کنيو،  ۽ ساڳي وقت چندي سان گڏ رٿا لاءِ ٽيڪو پڻ ڏنو، جنهن تان ايڊمنسٽريٽر مسٽر جي.بي.، ڊريو(انڊين سول سروس) پڻ رٿا کي ٽيڪو ڏنو، ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن کي  اهو بانور ڪرايو ته رٿيل منصوبو مالي لحاظ کان پورو هيو. جنهن لاءِ هن گهڻي جاکوڙ ڪئي هئي. اهڙي طرح مسٽر ڊريو جي گهڻي قدر دستوري ڪوششن منصوبي کي حقيقت جو روپ وٺرايو،   شڪارپور جي سدوري  سپوت  ۽ دل داتا  راءُ بهادر اوڌُو داس نه رڳو پنهنجو ڏنل وچن پاڙيو،  پر هن ڏينهن رات هڪ ڪري عمارت جي اڏاوت جي سنڀال ڪئي، ۽ اسپتال سان لاڳاپيل سامان  ۽ اوزان جي لاءِ پنهنجن ساٿين؛راءِ بهادر ڪشن سنگهه ۽ سندس مانائتي ڀاءُ سيٺ ڀاشا سنگهه  کان علاوه سيٺ دولت رام موهن داس  ۽ سيٺ مينگهراج دوارڪاداس جهڙن هڏ ڏوکين جي سهڪار سان نه رڳو نظرداري ڪئي. پر چندي حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ بمبئي پرڳڻي جو دورو ڪيو، اسين ۽ اسان جو اباڻو شهر  انهن نوجوانن جا ٿورائتا آهيون، جن هڏ ڏوکي بڻجي، سچي جذبي  اٿاهه محنت سان چندي گڏ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو  ۽ سهائتا ڪئي.

اڏاوتي ڪاميٽي هيٺين سکر ماڻهن تي ٻڌل هئي؛

ديوان بهادر مرليڌرجي، پنجابي(چيئرمن)، 2-خانبهادر الله بخش سومرو، 3- اسٽيٽ ڪليڪٽر شڪارپور يا سندس عيوضي، 4- مسٽر ڊريو ايڊمنسٽر يٽر شڪارپور ميونسپالٽيءَ، 5-راءُ بهادر اوڌودُاس تارا چند ڇاٻڙيا، 6-سيٺ هرڀڳوان داس ڌنومول بٺيجا، 7-راءِ بهادر ڪشن سنگهه لالا، 8-سيٺ دولت رام موهن داس ڇاٻڙيا، 9-سيٺ گوبند سنگهه، 10-سيٺ ايسر سنگهه چيلا سنگهه  بجاج،  ۽ 11- مسٽر ڪي، وي، جوشي چيف آفيسر (آنريري سيڪريٽري)

مٿين ڪاميٽيءَ، اسپتال جي اڏاوت جو ڪم هيٺينءَ سب ڪاميٽيءَ کي سونپيو؛

1-راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند،  2-راءِ صاحب ڪشن سنگهه   چمن  سنگهه، 3- خانبهادر الله بخش سومرو.

 هن سب ڪاميٽيءَ وري اسپتال جي اڏاوت جو سمورو ڪم هيٺين مکيه ماڻهن  کي سونپيو،  جن اهو ڄاڻايو ته هو منظور ٿيل ٺيڪدار آهن، ۽ واعدو ڪيائون ته اهو ڪم هو نهايت ايمانداريءَ سان سرانجام ڏيندا ؛1- سيٺ ڀاشا سنگهه چمن سنگهه، 2-سيٺ گوبند رامو موتي رام.3-سيٺ شولداس سوڀراج، 4- سيٺ سترام سنگهه چمن، سنگهه 5- سيٺ هري لال اوڌو داس،

مٿين ماتوارن  ۽ مکيه ماڻهن جي نگرانيءَ هيٺ اسپتال جي اڏاوت وارو سمورو ڪم ڏيڍ سال ۾ پورو ٿيو،  مسٽر سوني اوور سيئر، جنهن جي نوڪريءَ جون خدمتون پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (p.w.d) کان رضاڪارانه طور تي ورتيون ويون هيون،  تنهن نهايت ايمانداريءَ ۽  دل و جان سان ڪم ڪيو.

چندو هيٺينءَ ريت ڪٺو ڪيو ويو هو،

راءُ بهادر اوڌو داس تارا چند -/ 100000

سيٺ هرڀڳوان داس ڌنو مل    -/ 25000

سيٺ گوبند سنگهه                -/ 20000

دولت رام موهن داس              -/ 15000

سيٺ ايسرسنگهه ۽ لڇڻ سنگهه پٽ چيلا سنگهه 

/15000

مٿيان داني،  هميشه لاءِ انتظاميه ڪاميٽي تي بحيثيت مشير کنيا ويا،   ۽ کين انتظاميا جي جوڙجڪ وغيرا لاءِ پورا پورا حق حاصل هيا،

تخمينو، جنهن تي گهڻا سال اڳ اسپتال جي اڏاوت  جي تجويز رٿي  ويٺي هئي،  سو تقريبن چئن لکن  روپين جو هيو، ۽ ان کان  پوءِ اضافي خرچ سرڪار کي ڪرڻو هو، تنهن هوندي  به ڪاميٽي اگهن جي گهٽتائي جو پورو پورو لاڀ وٺندي، ۽ ذاتي دلچسپي  وٺي تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو،  ۽ راءِصاحب ڪشن سنگهه ۽ سندس ڀاءُ سيٺ سنگهه جيڪي  مانوار؛ گوبندرام،  شولداس،  سترام سنگهه  ۽ هري لال جي مدد هيٺ هيا، اُهي  گهڻي ڦيرڦار کان پوءِ -/210000  روپين جي قيمت سان هن عاليشان اسپتال جي  اڏاوت  ۾ سگهارا ٿيا،

سائينجن اندازو لڳائي مڃيندا ته اهو خانگي  طور تي ڪيڏي نه خرچ وارو ڪم هيو،  انهيءَ -/210000 روپين  جي ججهي رقم ۾ ميونسپالٽي رڳو -/.25000 روپيا نقد چندي ۾ ڏنا،  ۽ -/23000 روپين سان سرزمين  خريد ڪري ڏني، ۽ ان کان سواءِ ڊاڪ بنگلي جي سموري زمين مفت حوالي ڪئي،  باقي سب ڪجهه خانگي چندي مان ٿيو. اڏاوت جي خرچ ۾ سرڪار نامدار پاران آني برابر به حصو نه ملايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سرڪار گهڻي رقم بچاءِ ورتي،  جنهن لاءِ سن 1924ع ۾ وعدو ڪيو هو.

راءُ بهادر اُوڌوداس،  راءِ صاحب ڪشن سنگهه،  سيٺ دولت رام ۽ سيٺ مينگهراج اسپتال جي ڦوڙيءَ ۾ پنهنجي چستيءَ سان هڪ لک روپين جو وڌيڪ چندو گڏ ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي.

اسين اوهان جا نهايت ئي ٿورائتا آهيون،  جو اوهان سائين سيٺ اُوڌوداس جن کي سندس جهجهي چندي ڏيڻ،  لڳاتار محنت،  عمارتن جي اڏاوت واري ڪم ڀرپور حصي وٺڻ ۽ شڪارپور شهر ۾ ڪيل مثالي سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ بنا دير ” راءُ بهادر “ Rao Bahadur) جي شخصي خطاب سان نوازيو آهي.(10)

اسين مسٽر گبن آءِ. سي. ايس. سي. آءِ. اي،  سنڌ جي ڪمشنر جا پڻ ٿورائتا آهيون،  جنهن هڪ لک روپيا چندي گڏ ڪرائڻ لاءِ اُتسا پيدا ڪندي پٺڀرائي ڪئي،  اسين مسٽر. ايڇ. ٽي. سورلي ڪليڪٽر صاحب جا به ٿورائتا آهيون،  جنهن مهرباني فرمائي اسان جو شروعاتي منصوبو نهايت احتياط سان چڪاس ڪندي،  ترت واپس ڪيو،  ۽ پاڻ عمارت جي پيڙهه جو پٿر 30- اپريل 1933ع تي رکيو. سائينجن ڏسندا ته 54 بسترن سان گڏوگڏ پوليس وارڊ،  قيدين لاءِ بسترا،  مردن ۽ عورتن لاءِ جداجدا پنڊال،  اڪيلائي وارا پنڊال ۽ جديد آپريشن ٿيٽر ايڪسري روم کان سواءِ آفيس جي عملي لاءِ رهائشي جايون موجود آهن،  مسٽر ڪي،  وي. جوشي،  بي. اي (سول) ايم.آر. سي. آءِ (لنڊن) چيف آفيسر ۽ انجنيئر شڪارپور ميونسپالٽي،  جنهن ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. ۽ قيمتي سائتا ڏني تنهن لاءِ اسين سندس قدر شناسي ظاهر ڪريون ٿا،  هن اسپتال جي باري ۾ اسان کي تمام قيمتي مدد پنهنجي ميڊيڪل آفيسر جي ڊاڪٽر پرسرام بولچند ايم. بي. بي.ايس. بي. ايم. ايس. کان پڻ ملي آهي،  جنهن جو مريضن سان ورتاءُ گهڻو همدردانه ۽ سگهارو رهيو آهي.

هيءَ اسپتال،  جيڪا تعمير ٿين کان اڳ ئي گهڻي مشهور ٿي چڪي آهي،  تنهن ۾ ڪيترائي سنهج موجود ڪيا ويا آهن. ۽ اڌ کان وڌيڪ غير ميسونسپل ڪيس آهن اسين آسيس ۽ اميد ٿا ڪريون ته جلدي ئي هن بلڊنگ مٿان  ڪمرا ٺهرائي وڌيڪ بسترا لڳائينداسين ان ڏس ۾ قسمت آزمائيندي،  ۽ حقيقت کي آڏو رکندي اهو عرض ڪرڻو آهي ته هن وقت تائين حڪومت پاران هنن عمارتن جي اڏاوت لاءِ ڪجهه به نه مليو آهي اسين اميد ٿا ڪريون ٿا سائينجن مهرباني ڪري وڌيڪ ڪمرن ۽ بسترن قائم ڪرڻ لاءِ مناسب مالي مدد ڪرڻ فرمائيندا. اسين سائينجن ۽ سرڪار جا پڻ ٿورائتا آهيون،  جو هن سال لاءِ -/ 12000 روپين جي امدا اسپتال جي سنڀال لاءِ منظور ڪئي ويئي آهي،  انهيءَ امداد کي مستقبل جاري رکڻ جي گذارش ٿا ڪيون. قرض جي ادائگي ۾ -/3000 روپين جي پابندي بدران هر سال پگهارن جي پورت لاءِ ۽ ان ۾ ٿيندڙ واڌ جي اهم رقم ادا ڪئي وڃي،  اڄوڪين جي حقيقتن کي نظر ۾ رکندي،  اسين آسيس ۽ اميد ٿا ڪريو ته سائينجن مهرباني ڪري غور فرمائيندا رهن ته جيئن هي ادارو هميشه لاءِ هلندو رهي،  هر ڀاڱي ڀائيوار پاران اهو مڃيل آهي ته هو پنهنجي ڀاڱي جو پاڻ ذميوار آهي. پنهنجي ان ذميواريءَ کي ائين ئي پيو پورو ڪري،  جيئن سرڪار جي. آر سيپٽمبر 1924ع ڌاري قبول ۽ منظور ڪيو. ان کان سواءِ اهو ناممڪن ٿيندو ته اسپتال ايترن گهڻن بسترن سبب موثر نموني هلي سگهي،  هن جديد اسپتال جي کلڻ سان سرڪار جيڪب آباد ۾ سول اسپتال جي کلڻ جي ضرورت کي محسوس نه ڪيو،  ڇا ڪاڻ ته هيءُ ضلعو،  تعلقي شڪارپور جي سرحد تي واقع آهي جيڪب آباد شهر هٿان کان 24 ميلن جي مفاصلي تي آهي،  ۽ اچ وڃ جو وسيلو روڊ ۽ ريلوي لائين آهي،  جنهن جي ڪري مسافري وارو مرحلو تقريباَڪلاڪ اندر طئه ٿي سگهي ٿو.

هن شاندار اسپتال جي مريضن جي کاڌ خوراڪ لاءِ واعدي موجب -/12000 روپين جي رقم ڏني وڃي ته موٽ ۾ سڀ سرڪاري ڪم جئين جو تئين ٿيندا،  جن ۾ جيل ڪارج پڻ شامل هوندو. ميڊيڪل آفيسر جي اضافي پگهار ۽ ٻئي تفاوتي خرچ ادا ڪرڻ ۾ سرڪار مالي طور پڻ وڏي فائدي ۾ رهندي. هونئن به سرڪار پنهنجي پاران شڪارپور ۾ ڪو طبي بندوبست ڪيو به ته کيس وڏي خرچ ۾ اچڻو پوندو خدمتن لاءِ چندو ڏيڻ اهڙو اجر آهي،  جنهن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي،  اهڙيءَ طرح سرڪار ۽ هن خانگي اداري کي پڻ مالي بحران مان نجات ملي سگهي ٿي،  

پڄاڻيءَ ۾ اسين،  سائينجن کي وينتي ڪندي دل جي گهراين  مان سندس سک ۽ صحت لاءِ آسيس ڪريون ٿا،  ۽ سائيڻ ليڊي برابورن،  جنهن جي اسان هتي ڪمي محسوس ڪئي آهي،  تنهن لاءِ به اندر جي اونهائين مان نيڪ خواهشن جا طالبو آهيون. سائينجن جي اڄوڪي گهري دلچسپي اهو پڌرو ڪيو آهي ته پاڻ اسان جي صوبي جي ڀلي ۾ آهن،  جنهن جذبي لاءِ اسين سندن بيحد ٿورائتا آهيون. آخر ۾ آسيس آهي. ته شال اوهان ائين رهو.جو حڪومت ۾ هن صوبي جي وڌ کان وڌ خدمت ڪري سگهو.

سائيجن جا نماڻا نوڪر ۽ فرض شناس

*          *       *        *

مٿئين سپا سنامي سان گڏ سڀاپتي راءُ بهادر اوڌُو داس تارا چند جي هيٺين ڪوتا به تاريخ جي ورقن ۾ وڏي اهميت رکي ٿي جيڪا هن افتتاحي تقريب ۾ پيش ڪري پنهنجن جذبن جو ڀرپور اظهار ڪيو هو.

ڀلي آيا ۽ جيءُ آيا،  گورنر صاحب بمبئي جا،

مٺو نالو برءِ بورن اسان جي شهر ۾ آيا،

لکيا ليٽر ڪيون تارون گورنر صاحب آڻڻ لئه،

مرادان من جون ٿيون پوريون ڀلا حاڪم اڱڻ آيا،

کوليندا هيءُ شفا خانو،  شفا ملندي غريبن کي،

امر رهندن سندن نالو،  ڌرم جو ڪم ڪرڻ آيا،

رقم واجب ۽ ڪم سهڻو اپر سنڌ ۾ هي لاثاني،

اُوڌوداس اسپتال کولڻ جو مهورت اڄ ڪرڻ آيا،

ڪئي هن ۾ مدد سڀ ڪنهن حاڪمن ۽ شهر واسين،

تڏهن ٿيو ڪم هيءُ پورو ديا ڌاري سڄڻ آيا.

خوشي بيحد منهنجي من ۾ چڙهيو اڄ سون جو سورج،

گورنر صاحب بمبئي جا ڀلي آيا ۽ جيءُ آيا.

ڪوتا جو انگريزيءَ ۾ ترجمو شڪارپور جي ڄاتل سڃاتل مشهور تعليمي ماهر پروفيسر شيوارام نرسنگهه داس ڦيرواڻي پيش ڪيو.

اسپتال جو ڏيک: اسپتال کي مکيه رستي تان بهي ڏسبو ته ان جي عمارت هڪ عبادتگاهه جو ڏيک ڏيندي،  ۽ ائين لکڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته اسپتال ڏسڻ سان ئي راءُ بهادر اوڌُوداس تاراچند جي پاران اُن لاءِ ڪيل ناقابل فراموش جفاڪشين،  محنتن جو جذبواسپتال جي پهرئين پٿر کان وٺي آخري پليٽ تائين روح سان محسوس ٿئي ٿو،  خلق جي خدمت ڪرڻ،   دکي انسانيت جي سُکن لاءِ سوچڻ ڄڻ ته سرڳواسيءَ جي آتما جو مقصد هو ۽ ڌڻي کيس پيدائي انهيءَ خاص ڪم لاءِ ڪيو هو. ته هُو اِن اسپتال جي وسيلي بيمار انسانن جو شيوادا ري ٿي رهي سندس خدمتن کي ڏسندي اِهو ئي معلوم ٿو ٿئي ته کائنس ٻيا سڀ ڪم ۽ ڌندا وسري ويا هئا،  ۽ هر پلڪ ۽ پهر رڳو اسپتال کي ڪامياب ۽ ڪارائتي ڪرڻ جي سوچ،  لوچ ۽ جفاڪشي جاکوڙ ۾ مگن رهيو. سندس انتهائي خلوص ۽ ارپنا،  نهٺائيءَ ۽ نماڻائيءَ جو اندازو اتان لڳائي سگهجي ٿو ته اسپتال جو ونگ ٽپي،  جڏهن ان جي چئن ڏاڪن تان چڙهي پنجهي ڏاڪي تي پير رکي ڏسبو ته سندس نالو ماربل چپس/ڪاشيءَ جي وسيلي فرش تي لکيل آهي،  ته جيئن هر غريب ۽ امير،  پير ۽  فقير،  ساڌو ۽ سنت کيس پنهنجي پيرن جي پڻي ۽ شيوڪ ڄاڻي. اهڙي ارپنا ۽ بي نفسي جو مثال ملڻ مشڪل آهي اِتي ئي بيهي سامهون دروازي مٿان نظر ڪبي ته سندس دل جي خون مان ٻوڙي لکيل اها آسيس اُڪريل ڏسبي جا ماضيءَ کان مستقبل تائين ايندڙ عليل کي علاج کان اڳ ۾ پيئي آٿٿ ڏئي ته:

سڀني جا دک دور ڪر،  سڀ جو ڪر ڪلياڻ،

دانهون دکين جون ٻڌي،  مالڪ ٿي مهربان،

معاف ڪر منهنجا پرين! عيب ڀريو انسان،

عرضي ”اوڌُو جي اگهاءِ ڏي تندرستي دان.

ساڳي آسيس سنڌيءَ کان سواءِ ديوناگريءَ ۾ به لکيل ڏسي سگهبي. انهيءَ ئي آڳر کي اسپتال جي اتهاس جو هڪ نئون نمونو بڻايو ويو آهي اسپتال جي ابتدائي ڪوششن کان وٺي افتتاحي رسمن تائين ٿيل سموريون ڪوششن،  ڌنويرن ۽ ڪاميٽين جي وارتائن کي سنگمرمر جي جديد  ڪتبن سان ديوارين تي سجايو ويو آهي. هر هڪ عبارت اُڪريل آهي،

منهنجي خيال ۾ اُتر سنڌ ۾ مير معصوم بکريءَ جي اڏايل،  معصوم شاهه مناره،  ۾ ٿيل ڪتبه ڪاري کان پوءِ ٻئي اهم عمارت اها اسپتال ئي آهي. جنهن جي ديوارين کي اها زبان عطا ڪيل آهي ته اُهي پنهنجي تاريخ پاڻ ٿيون ٻڌائين.

نهايت ئي مناسب ٿيندو،  جيڪڏهن ديوارين جي انهيءَ آتم ڪٿا کي هِت نقل ڪجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com