سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :12

 

ڊاڪٽر انور ”فگار“ هَڪڙو

 

پوڪرداس ٿانورداس (شڪارپور)

(سنڌي ڪتابن جي اشاعت جو بانيڪار)

پوڪرداس ٿانورداس

اهو 16 اپريل 1934ع جو ڏينهن هو. ٻُڍا مَنڊليءَ جي رستي کان هڪ وڏو سَرو (جلوس) اَرٿيءَ سان گڏ ظاهر ٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو لکيدر، هزاريدر ۽ هاٿيدر کان ٿيندو شمشان گهاٽ ڏانهن پئي ويو. هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن جي واتان اُڀ تائين پهچندڙ آواز ٿي نڪتا:

رام نام سنگ هي! هري ڪا نام سنگ هي!

جوڳ مايا سنگ هي! جهولي لال سنگ هي!

جوتين وارو سنگ هي!

اُن سَرُ ۾ ڄاتل سڃاتل سڄاڻ چهرن ۾ رامچند ويرومل ڀوراڻي، ٻلديو گاجرا، پروفيسر تاراچند گاجرا، کيئلداس ”فاني“، جهامنداس ڀاٽيه، واڌومل گوڪلاڻي، ٺڪرهولا رام سهجرام ۽ پٽڪڙي ٻڌل ڪلين شيو، ڇڙي هٿ ۾ کنيل تعليمي ماهر پروفيسر شيوارام ڦيرواڻيءَ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اديب، شاعر، صحافي، وڪيل، استاد، واپاري ۽ آفيسر وڃي رهيا هئا.

اهڙن پڙهيل ڪڙهيل ۽ مڃيل ڪيل پُرشن کي گڏ غمگين ڏسندي پرٿويءَ تي هلندڙ گهمندڙ هرڪو نر ۽ ناري عجب مان اهو ڏيک ڏسي، جتي جو تِتي رهجي ٿي ويو! اوچتو ڪنهن واٽهڙوءَ مشهور صحافي بولچند وسومل راجپال کان پڇيو، ته: ”ڀائي! ڪنهن جي آهي ڪائي؟“

بولچند راجپال اڃا مس وراڻيو: ”پوڪرداس،“ ته ٻڌندڙ کان دانهن نڪتي: ”پوڪرداس ڪتابي ديهانت ڪري ويو!......“

”ڪڏِي؟“

”رات ساڍي ٽين وڳي!“

هجوم جي آوازن تي دڪانن، هوٽلن ۽ گهرن مان ماڻهن ٻاهر اچي اهو منظر ڏٺو. سُڪپُل مٿان لنگهندڙ ماڻهو پاسن کان ٿي بيٺا ۽ سمورو ڏيک ڏسي وائڙا ٿي ويا. ڪائي مساڻن جي ويجهو لڳل ڇپرو ٽپي، ته کيس ڪُرَ کيتر ۾ آڻي رکيو ويو. ڀوڄراج پنهنجا ۽ لڇمڻداس جا سوڳ ۾ ڪوڙايل وار رکي ڪُرَ کير ۾ گَهڙو ڀڳو. ارٿي اُٺائي مساڻن ۾ رسائي ويئي، ۽ اگني سنسڪار ڪيو ويو. اگني سنسڪار کان پوءِ ”وات_ پرچائي“ ٿي.

شڪارپور شهر ۾ اها خبر ٻيلي جي باهه وانگر پکڙجي ويئي، ته مشهور ڪتب فروش منشي پوڪرداس پرلوڪ پڌاري ويو. اخبارن شهه سرخيون ڇپيون. خبر شڪارپور جون حدون تپي، شهر شهر ۽ ڳوٺ ڪوٺ ۾ پهتي، ٽپال ۾ پرچائي_ پتر پهچڻ لڳا.

ڀلا ڪهڙوپڙهيل ڪڙهيل سنڌي پوڪرداس کان واقف نه هو! ڪهڙي سنڌيءَ جي گهر ۾ ”شاهه جو رسالو“، ”سچل جو رسالو“، ”حمل جون ڪافيون“، ”الف ليليٰ“، ”امير حمزو“، ”حاتم طائي“، ”قربادين علوي“، ”سس ننهن جو جهيڙو“، يا هر سال جو ”ٽپڻو“ يا ”جنتري“ نه هئي، جا پوڪرداس پاران ڇپائيءَ کان پوءِ وٽس نه پهتي هجي! سنڌين کي پڙهن_ پڙهائڻ جي پاسي وٺي ايندڙ وَڏ ڀاڳو پوڪرداس شڪارپور جو رهواسي هو، جنهن سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه جو سرچشمو ”منشي پوڪرداس ٿانورداس تاجر ڪتب شڪارپور“ جي نالي سان پهرين جنوري 1886ع تي جمعي جي ينهن سَٽي بازار ۾ شروع ڪيو هو. ڪجهه عرص کان پوءِ سَٽي بازار مان دڪان ڇڏي اچي ڍڪ بازار ۾ لُلا گهٽيءَ سامهون کاٻي کان (چوڙيگر بازار جي منهن ۾) وڏو دڪان وٺي، اچي واپار هلايو.

پوڪرداس ٿانورداس ڪالرو، سن 1868ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو هو. اوجهن ۽ اسڪولن مان وديا وٺي، تعليم کاتي ۾ منشي مقرر ٿيو. سُڪِي_ پُڪي پگهار تي هٿ سيڪي نه سگهيو ته ترت ئي ڪتب فروشيءَ جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. پاڻ جيئن ته لکيل پڙهيل ماڻهو هو ۽ تعيلم کاتي سان وابسته هئڻ سبب ڳڻ ڳوت ڪري اهو ڌنڌو اختيار ڪرڻ پنهنجي لاءِ مفيد ڄاتائين. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڌنڌي کي پنهنجيءَ محنت سان وڌائيندو آيو. آخر چار ڪوڏيون لاڙي ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيائين.

پير علي محمد راشدي لکيو ايه ته ”جيڪڏهن سنڌي زبان اڄ تائين حيات آهي، ته اُن جو هڪ سبب پوڪرداس جو ڇاپخانو به آهي. ان ڇاپخاني جي وسيلي اڌ صديءَ تائين ڪتاب ڇپبا رهيا. پوڪرداس جي حيثيت، سنڌي زبان جي تاريخ ۾ اُهائي آهي، جا اردو زبان جي حالت ۾ لکنو واري منشي نولڪشور کي حاصل ٿي. سرڳواسيءَ سوين ڪتاب لکرايا ۽ هزارين جلد ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس مقابلي ۾ سکر جي ماستر هريسنگهه به پوءِ ساڳيو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ زبان جي وڏي خدمت ڪئي، پر پوڪرداس جو ڪاروبار وڌيڪ وسيع هو. سنڌي زبان جي ڪابه تاريخ اوستائين مڪمل ٿي ڪانه سگهندي، جيستائين ان ۾ سنڌيءَ جي انهن ٻن محسنن، يعني پوڪرداس ۽ هريسنگهه جو ذڪر نه هوندو.“ (”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“)

پوڪرداس ڪتاب ڇپائڻ کان اڳ ڏٺو ته ماڻهو واندڪائيءَ جي وندر لاءِ قصن ۽ داستانن جو مطالعو ڪن ٿا ۽ دل وندرائن لاءِ مزاحيه ڪتاب پڙهن ٿا، تڏهن هن قن ۽ داستانن جا ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا. پهريائني هن منشي خوشيرام سان گڏ لکيل مزاحيه قصو ”ملا ۽ موالي“ جولاءِ 1889ع ۾ ڇپائي رو ڪيو. ان ڪتاب جون ساڍا ست سؤ ڪاپيون ليٿو گرافيءَ ۾ شڪارپور پريس مان ڇپائي پڌريون ڪيائين ۽ في ڪتاب جي قيمت فقط هڪ آنڪي رکيائين. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ هو ۽ گهٽ قيمت ۾ وڪامجڻ ۾ وقت ئي نه ورتائينس. اجهي هڙئي ڪاپيون هلي ويس، ته ساڳئي سال ڊسمبر مهيني ۾ منشي خوشيرام جا ٻه ڪتاب هر هڪ ”قصو اٺ ۽ گهوڙي جو“ ۽ ”زال مڙس جو جهيڙو“ ڇپائي پڌرا ڪيائين. اهڙا چهر_ بهر وار اڪتاب هلڻ ۾ حد ٽپندا ويس، ته ”سسُ ننهن جو جهيڙو“، ”ٽوپي ۽ پڳ جو جهيڙو“ ۽ ”سيد ۽ ٻائي جو جهڳڙو“ ڇپائي پڌرا ڪيائين. مزاحيه قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪتابن جي اشاعت ۾ پوڪرداس کي چڱو فائدو ٿيو. ان کان پوءِ هن درسي، طبي، ديني ۽ ڌرمي، رمل، نجوم ۽ جفر جي ڪتابن کان علاوه شاعريءَ جي ڪتابن ۽ جنترين ڇپائڻ طرف توجهه ڏنو.

پوڪرداس سن 1893ع کان پوءِ ڌڙا ڌڙ ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا ۽ هن جي شهرت ۽ ترقيءَ جو حقيقي دؤر به 1893ع کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. مزاحيه قصن سان گڏ هن طبي ڪتابن جي اشاعت طرف وڌيڪ توجهه ڏنو، ڇاڪاڻ ته قصن ڪهاڻين کان ساءِ طبي ڪتابن مان هن جي اپت ۾ تِهائين وڌيڪ واڌارو ٿيو. هن شڪارپور شهر جي مشهور علوي خاندان جي حڪيم مير علي نواز علوي جي ويجهي عزيز مير محمد اسلم علوي (جو هڪ طرف قابل استاد ۽ شڊاعرن ۾ ليکيو ويندو هو، ته ٻئي طرف حاذق حڪيمن جي صف ۾شمار ٿيندو هو) جا طب تي لکيل ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا. ميان محمد اسلم علوي جو لکيل پهريون بي ڪتاب ”تحفته العاشقين“ جون 1893ع ۾ ڊيمي سائيز ۾ لاهور جي ”مفيد عام ليٿو پريس“ مان ڇپائي پڌرو ڪيائين. ان ڪتاب جون ست سؤ پنجاهه ڪاپيون ڇپرايون ويون ۽ قيمت فقط ڏهه آنا رکي ويئي. سن 1904ع ۾ اهو ڪتاب ٻيو ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو.

ميان محمد اسلم علوي جو ٻيو ڪتاب طب سنڌي بنام ”مخزن الادويات“ مان ليٿو گرافيءَ ۾ ڇپيو. ساڳئي مصنف جو ٽيون ڪتاب ”قابادين علوي“ جي نالي سان سيپٽمبر 1895ع ۾ ڊيمي سائيز ۾”اسلاميه پريس لاهور“ مان ڇپايو ويو، ان ڪتاب جي قميت پهريائين ٻه رپيا رکي ويئي، پر پوءِ اها گهٽائي سوا رپيو ڪئي ويئي.

شروعاتي دؤر ۾ پوڪرداس جا ليٿوگرافي ۾ ڇپجندڙ ڪتاب ”شڪارپور پريس“ (جا پڻ ليٿو پريس هئي ۽ ان جو مالڪ ڄيٺانند هو)، ”البرٽ پريس سکر“، ”اريڊ اسٽيم پريس لاهور“، ”آريه اسٽيم پريس لاهور“، ”مفيد عام پريس لاهور“، ”خادم التعليم اسٽيم پريس لاهور“، ”هندستان پريس لاهرو“، ”نولڪشور پريس لاهور“، ”رفاه عام اسٽيم پريس لاهور“، ”اسلاميه پريس لاهور“ ۽ ”ڪاشي رام پريس لاهور“ ۾ ڇپبا هئا، انهن ڪتابن جي ڪتابت جو ڪم ميان رب رکيو (ميونسپل شڪارپور جو ملازم)، در محمد، حاجي اويس ۽ آخوند حاجي آدم وغيره ڪندا هئا.

پوڪرداس لڳاتار ٻارنهن سال ڏينهن ٻيڻي رات چئوڻي محنت ڪري، ”اُتم کيتي، نيچ نوڪري ۽ وڌندڙ واپار“ واري چوڻيءَ کي سچو ثابت ڪندي چڱو ناڻو ڪمايو. هن جيڪي ڪجهه ڪمايو، سو وڃائڻ بدران ڌنڌي جو ڌنڌي ۾ شامل ڪندو رهيو. اهڙي مثبت سوچ جي مالڪ پوڪرداس 1898ع ۾ پنهنجي پاڙي نوشهري در شڪارپور ۾ ”پوڪر پريس“ قائم ڪئي، جا پڻ ليٿو پريس هئي. بعد ۾ جڏهن هن ليٿو پريس ختم ري جديد پرنٽنگ پريس قائم ڪئي، تڏهن ان جو نالو ”پوڪر پريس“ مان بدلائي ”سنڌ پرنٽنگ پريس نوشهرو در شڪارپور، رکيائين.

اوائل ۾ پريس قائم ڪرڻ کان پوءِ نه فقط پوڪرداس کي سهوليت حاصل ٿي، پر شڪارپور واسين لاءِسوا رپيو ڪئي ويئي.

فيد عام ليٿو پريس“ مان ڇپائي پڌرو ڪيه به سهنجائيءَ جو باعث بڻي ۽ شهر ۾ ڇپائي جو واهپو وڌيو، جنهن مان هن جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو رهيو.

پوڪرداس سنڌي ٻوليءَ کان علاوه فارسي، گرمکي، ديوناگري، سنسڪرت، ڪاٺياواڙي، عربي ۽ انگريزي ٻولين ۾ به ڪتاب ڇپائڻ لڳو. پوڪرداس جيڪي سنڌي ڪتاب شايع ڪرايا، تن جي سموري تفصيل گڏ ڪرن جي بيحد ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيڪو مواد ميسر ٿي سگهيو اهي، تنهن جو ذڪر آخر ۾ ڪيو ويندو.

پوڪرداس نهايت ئي خوش اخلاق ۽ ملنسار طبيعت جو مالڪ هو، هن جا شڪارپور کان علاوه پوري هند_ سنڌي جي اديبن شاعرن، دانشورن، صحافين ۽ آفيسرن سان گهرا تعلقات هوندا هئا. هو پنهنجي تعلقات ۾ ڪڏهن به ڪمي آڻڻ نه گهرندو هو. سندس دڪان تي اديبن، شاعرن، صحافين، حڪيمن، عالمن ۽ آفيسرن جي اچ وڃ لڳي پيئي هوندي هئي. هو هر هڪ مصنف کي تصنيف جو معاوضو ادا ڪندو هو ۽ ڇپيل ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون پڻ ڏيندو هو.

پوڪرداس جا سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ سان به گهرا لاڳاپا هوندا هئا. هن مرزا صاحب جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا هئا، انهن ڪتابن مان هن کي وڏو فائدو رسيو. مرزا صاحب ڏهن به هتي ايندو هو، ته پوڪرداس سان چار چشمي ضرور ڪندو هو. پوڪرداس به گهڻو ڪري مرزا صاحب جي استقبال لاءِ شڪارپور اسٽيشن تي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته هو شڪارپور اسٽيشن بجاءِ رڪ اسٽيشن تي وڇي مرزا صاحب جو استقبال ڪندو هو ۽ اتان کيس شڪارپور گڏ وٺي ايندو هو.

پوڪرداس پنهنجي واپار کي بعد ۾ ايترو ته گهڻو وڌايو، جو پوري هندستان ۾ هن جو واپار هلندو هو. ان لاءِ هن بعد ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ به پنهنجا دڪان قائم ڪيا. انهن دڪانن ۽ ايڏي وسيع ڌنڌي کي هو اڪيلي سر سنڀالي نه سگهيو ته پنهنجن پٽن_ ڀوڄراج، لڇمڻداس ۽ مدن لعل_ کي به ان ڌنڌي ۾ شامل ڪيو. هنن به پنهنجي پيءُ وانگر هميشه اڻٿڪ ڪوششون يون ۽ ڌنڌي کي وڌائيندا رهندا هئا. ان دؤر ۾ ڪاروبار جي لحاظ کان هنن جي سڃاڻپ ”پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور“ مان ڦري ”پوڪرداس اينڊ سنس تاجر ڪتب شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي“ ٿي.

ڇپائيءَ جي لحاظ کان پوڪرداس ليٿوگرافيءَ جو دؤر عبور ڪري، جديد دؤر ۾ پير پاتو ته جديد ٽائيپ ۾ ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو جاري رکيو. هو نهايت ديده زيب ڪتاب شايع ڪرائيندو هو.

پوڪرداس جي دهانت کان پوءِ سندس پٽ پنهنجي ورثي کي قائم رکندي، ڌنڌي کي ڏاڍي سٺي نموني هلائيندا رهيا ۽ ورهاڱي تائين پنهنجو ڌنڌو هلائڻ کان پوءِ ڏيهه ڇڏي پرڏيهه ٿيا ۽ سنڌ هڪ وسيع ادبي، تاريخي ۽ اشاعتي اداري کان محروم ٿي ويئي.

ڪتاب جو نالو

مصنف/مترجم

سال

صفحا

قيمت

پريس

1. قصو ملان ۽ موالي

پوڪرداس ۽ منشي

جولاءِ 1889ع

10

0-1-0

شڪارپور پريس

2. قصو اٺ ۽ گهوڙي جو

منشي خوشيرام

ڊسمبر 1889ع

10

9-0-0

شڪارپور پريس

3. قصو زلا ۽ مڙس جو

منشي خوشيرام

ڊسمبر 1889ع

10

9-0-0

شڪارپور پريس

4. سس ننهن جو جهيڙو

منشي خوشيرام

ڊسمبر 1889ع

10

9-0-0

شڪارپور پريس

5. ٽوپي ۽ پڳ جو جهيڙو

منشي خوشيرام

ڊسمبر 1889ع

10

9-0-0

شڪارپور پريس

6. سسي حرفي

ڏتو فقير

مارچ 1890ع

12

9-0-0

شڪارپور پريس

7. تحفته العاشقين

ميان محمد اسلم علوي

جون 1893ع

115

0-10-0

مفيد عام پريس لاهور

8. نيئن پنجئين ڪتاب جي لفظن جي معنيٰ

_

جولاءِ 1893ع

60

0-2-0

البرٽ پريس سکر

9. سبق وار ٻي ڪتاب جي معنيٰ

_

جولاءِ 1893ع

40

0-2-0

البرٽ پريس سکر

10. مخزن الادويات

ميان محمد اسلم علوي

سيپٽمبر 1893ع

314

0-0-1

اسلاميه پريس لاهور

11. سبق وار ٽين ڪتاب جي معنيٰ

_

مئي 1894ع

34

6-1-0

البرٽ پريس سکر

12. تحفته المسلمين

آخوند ميان يار محمد

جولاءِ 1895ع

.

0-4-0

اسلاميه پريس لاهور

13. مفيد لامسلمين

آخوند ميان يار محمد

آگسٽ 1895ع

.

0-4-0

اسلاميه پريس لاهور

14. قرابادين علوي

آخوند ميان يار محمد

سيپٽمبر 1895ع

.

0-0-2

اسلاميه پريس لاهور

15. رساله باد فرنگ

مترجم: محمد بچل

سيپٽمبر 1895ع

.

0-0-2

اسلاميه پريس لاهور

16. سنڌي طوطي نامو

سهجرام ٽهلرام ۽ ڏيارام ٽهلرام

ڊسمبر 1895ع

148

0-12-0

البرٽ پريس سکر

17. فوائد المبتدي

امام بخش خادم

نومبر 1895ع

14

0-2-0

مفيد عام پريس لاهور

18. ديوان صنعت (محمد عارف صنعت)

مرتب: عبدالخالق

1895ع

147

0-0-1

اسلاميه پريس لاهور

19. سنڌي جنتري: 1849ع-1896ع

منشي ڏاندومل خانچند

1895ع

 

0-12-0

اسلاميه پريس لاهور

20. پتوز: اناٽڪ عرف ستي سهاڳڻ

ڄيٺانند

1895ع

 

0-3-0

اسلاميه پريس لاهور

21. اعتقاد نامو سنڌي

خانصاحب محمد عارف سيواڻي

1896ع

18

0-1-0

اسلاميه پريس لاهور

22. سنڌي جنتري 1897ع

منشي ڏاندومل خانچند

ڊسمبر 1896ع

8

0-1-0

اسلاميه پريس لاهور

23. مداح اغثني شريف

ملاح صاحبڏنو

-

32

6-2-0

ڪاشي رام پريس لاهور

24. حشرات الارض

مرزا قليچ بيگ

-

-

 

اسلاميه پريس لاهور

25. سنڌي جنتري 1898ع

منشي ڏاندومل خانچند

ڊسمبر 1897ع

-

0-1-0

اسلاميه پريس لاهور

26. صد حڪايات عرف مفيدالطالبين

پير ڏنو شاهه

ڊسمبر 1897ع

 

0-3-0

اسلاميه پريس لاهور

27. سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي

موٽومل چئنراءِ

اپريل 1898ع

32

6-0-0

پوڪر پريس شڪارپور

28. ٻاراڻا ترانا عرف ٻاراڻا گيت نئون قسم

واحد بخش

مئي 1898ع

28

6-0-0

پوڪر پريس شڪارپور

29. داستان امير حمزه

سيد همت علي شاهه

مئي 1898ع

280

0-6-1

پوڪر پريس شڪارپور

30. زباني حساب

 

مئي 1898ع

24

3-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

31. نئين چوٿين ڪتاب جي معنيٰ

 

مئي 1898ع

36

0-2-0

پوڪر پريس شڪارپور

32. ڇهين ڪتاب جي لفطن جي معنيٰ

 

جون 1898ع

88

0-6-0

پوڪر پريس شڪارپور

33. زليخا جو سنڌي ۾ وڏو ڪتاب

 

آگسٽ 1898ع

-

0-2-0

پوڪر پريس شڪارپور

34. گيتا جو ارڙهون اڌيا

 

آگسٽ 1898ع

32

6-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

35. نئين جاگرافي هندستان جي

 

آگسٽ 1898ع

 

0-2-0

پوڪر پريس شڪارپور

36. جپ صاحب

گرونانڪ ۽ امر لعل

آگسٽ 1898ع

32

0-2-0

پوڪر پريس شڪارپور

37. کوڙا

 

 

 

 

 

38. سوامي رامن جا سلوڪ

ڪوڙومل چندن مل کلناڻي

ڊسمبر 1898ع

32

6-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

39. بهرام بهادر جو قصو

پوڪرداس ٿانورداس

ڊسمبر 1898ع

88

6-4-0

پوڪر پريس شڪارپور

40. ڇنڇر استوتر

-

ڊسمبر 1898ع

16

6-0-0

پوڪر پريس شڪارپور

41. ڏوهيڙا ڀڄن (پهريون)

-

ڊسمبر 1898ع

24

3-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

42. گڏيل پنج قصا

-

ڊسمبر 1898ع

40

0-6-0

پوڪر پريس شڪارپور

43. ٻارهن ماه

-

ڊسمبر 1898ع

8

6-0-0

پوڪر پريس شڪارپور

44. هندڪيون گڏيل پنج مداحون

-

ڊسمبر 1898ع

40

0-2-0

پوڪر پريس شڪارپور

45. ڪافين جو ڪتاب

-

ڊسمبر 1898ع

40

0-2-0

پوڪر پريس شڪارپور

46. ڪٿا ست نارائڻ

-

ڊسمبر 1898ع

64

6-4-0

پوڪر پريس شڪارپور

47. قصو شادي ٻڍاپڻ جو

-

ڊسمبر 1898ع

16

0-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

48. رسالو غمٽار-1

-

ڊسمبر 1898ع

40

0-2-0

پوڪر پريس شڪارپور

49. سسئي پنهون

-

ڊسمبر 1898ع

48

0-2-0

پوڪر پريس شڪارپور

50. گل بڪاولي

خان محمد حاجي دوست محمد

جنوري 1899ع

28

0-3-0

پوڪر پريس شڪارپور

51. ڀڄڻ دوک و ناس (8 حصا)

-

جنوري 1899ع

28

0-3-0

پوڪر پريس شڪارپور

52. گيتا جو گرب

-

جنوري 1899ع

16

0-6-0

پوڪر پريس شڪارپور

53. گرو اپنديش

-

جنوري 1899ع

112

0-6-0

پوڪر پريس شڪارپور

54. هير رانجهو

-

جنوري 1899ع

36

6-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

55. سنسڪرت

-

جنوري 1899ع

32

6-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

56. پريچا

-

جنوري 1899ع

24

0-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

57. پورن ڀڳت ۽ موٽارام

-

جنوري 1899ع

70

0-2-0

پوڪر پريس شڪارپور

58. سلوڪ سنتداس

سنتداس

جنوري 1899ع

12

0-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

59. سلوڪ اوڌو ڀڳت

اوڌوداس

جنوري 1899ع

16

6-0-0

پوڪر پريس شڪارپور

60. سرجنا

-

جنوري 1899ع

16

6-0-0

پوڪر پريس شڪارپور

61. سي حرفي بردو

-

جنوري 1899ع

16

0-1-0

پوڪر پريس شڪارپور

62. گوپي چند رمينا ورتي

-

جنوري 1899ع

16

9-0-0

پوڪر پريس شڪارپور

63. اتم پد

-

جنوري 1899ع

16

6-0-0

پوڪر پريس شڪارپور

64. ڀڄن

-

جنوري 1899ع

16

0-6-0

پوڪر پريس شڪارپور

65. قصو عشق ۽ عقل جو عرف گامون سچار

بخش علي

 

10

0-2-0

رفاه عام پريس لاهور

66. قصو سورهن سهيلين جو

ٽوپڻداس لولومل

 

12

0-1-0

هندستان پريس لاهور

67. ديوان تاج

تاج محمد ولد عالم مڱريو

 

24

0-2-0

اريڊسٽيم پريس لاهور

68. تحفته مدد پناه لزائرين حج

مير پناهه علي شاهه معصومي

 

120

0-12-0

حميديه پريس لاهور

69. عهدنامه معه استاد سنڌي

مترجم ميان عبدالستار

 

8

0-1-0

مفيد عام پريس لاهور

70. گڏيل چار ڪتاب مترجم سنڌي (ڪريما_ ناگهان_ شاڪرنامو ۽ خطي عبارتون)

مترجم ميان عبدالستار

 

36

0-6-3

اسلاميه پريس لاهور

71. مفيدلانساء

 

 

68

-

آريه سٽيم پريس لاهور

72. اڪسير احمراسرار الجعفر

محمد عثمان نورنگزاده

 

93

0-12-0

رفاه عام پريس لاهور

73. طب سڪندري عرف طب اڪبري

سڪندر علي ولد محمد ابراهيم

 

36

0-4-0

خادم التعليم پريس لاهور

74. پارسي زبان ۽ شعر جي تاريخ

مترجم مرزا قليچ بيگ

جنوري 1900ع

 

 

اسلاميه پريس لاهور

75. سنڌي سهنجي جاگرافي

 

اپريل 1900ع

14

0-1-0

البرٽ پريس سکر

76. سڌريل بمبئيءَ اتي جي مختصر جاگرافي

 

جون1900ع

32

6-1-0

البرٽ پريس سکر

77. تاريخ سنڌ سوال ۽ جواب

 

جون 1900ع

100

6-2-0

البرٽ پريس سکر

78. مداح حضرت پير غوث اعظم

خليفو ڪرم الله شڪارپوري

جون 1900ع

8

9-0-0

مفيد عام پريس لاهور

79. شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو

مرزا قليچ بيگ

1900ع

 

0-10-0

مصطفيٰ پريس لاهور

80. نادر شاهه نورجهان ۽ جهانگير

مرزا قليچ بيگ

1900ع

 

0-10-0

اسلاميه پريس لاهور

81. سودائي خامه

مرزا قليچ بيگ

1900ع

 

0-12-0

اسلاميه پريس لاهور

82. ڌاڙهياري جبل جو سير

مرزا قليچ بيگ

1900ع

8

9-0-0

يونين اسٽيم پريس لاهور

83. انيس الطالبين يعني ٽواپو

مترجم: امام بخش خان

 

 

-

رفاه عام پريس لاهور

84. ڪافيون

 

1905ع

 

-

خادم التعليم پريس لاهور

85. ماه پيڪر (ناول)

مترجم: امام بخش خان

1907ع

24

6-4-0

 

86. بوستان سنڌي

غلام محمد ۽ پناه علي شاه

1909ع

 

 

 

87. سيف الملوڪ

حاجي خانڻ

1909ع

66

0-5-0

نولڪشور پريس لاهور

88. ڪٿاست نارائڻ

سانوڻداس خانچند

1910ع

37

-

لڪشمي پريس شڪارپور

89. سوداءَ خام

مرزا قليچ بيگ

1910ع

37

-

 

90. داستان وڏو رسنالو سچل سائين جو

در محمد ۽ ماستر هيمراج

1910ع

37

-

آريه سٽيم پريس لاهور

91. جهان بخش و ماهتاب

ڪيولرام واڌومل ميڙاڻي ٺارو ساهي

1910ع

28

0-4-0

اريڊا سٽيم پريس لاهور

92. ڪرامات الاوليا

مرزا قليڍ بيگ

1911ع

 

 

اريڊا سٽيم پريس لاهور

93. تحفته مدد پناه الزائرين حج

حاجي اويس

1911ع

 

 

اريڊا سٽيم پريس لاهور

94. حڪايت الصالحين

 

1911ع

 

 

اريڊا سٽيم پريس لاهور

95. ڏير ڀاڄائي ۽ زال مڙس

 

1912ع

32

0-6-0

لڪشمي پريس شڪارپور

96. شاهه جو رسالو

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

نومبر 1913ع

922

 

هنسراج پرنٽنگ پريس سکر

97. وڏو ميزان طب

سيد همت علي شاهه

1913ع

 

 

هنسراج پرنٽنگ پريس سکر

98. راحيل (ناول)

مترجم: مرزا قليچ بيگ

1914ع

143

0-9-0

اريڊا سٽيم پريس لاهور

99. شري يوگ وششٽ ويراڳ

نيوندرام ميهومل ڀاٽيه شڪارپور

1915ع

 

0-12-0

اريڊا سٽيم پريس لاهور

100. ڪانگل جا بيت

ڏامون مل

1917ع

 

 

مفيد عام پريس لاهور

101. قصو حضرت سليمان ۽ بيبي بلقيس جو

حاجي دين محمد

1917ع

 

 

مفيد عام پريس لاهور

102. گلزار عشق نيون ڪافيون

فقير محمد صالح ڪلهوڙو

1918ع

56

0-3-0

مفيد عام پريس لاهور

103. انسان ۽ انسانيت

روچيرام گنگارام سڏاڻي

1920ع

 

 

 

104. نقل يا فارس قصو واڻئي ۽ ٻڪرار جو

مولا بخش ڀٽه

1921ع

20

 

 

105. ديوان واصف

محمد بخش واصف

1922ع

 

 

 

106. بهشت نامو

ميان عبدالنبي عبدالرحمان

1922ع

56

0-4-0

رفاه عام پريس لاهور

107. ديوان نجفي

هدايت علي تارڪ نجفي

1922ع

 

 

 

108. انيس الواعظين

آخوند عبدالستار

1924ع

 

 

 

109. ڪافين جو وڏو ڪتاب

-

1924ع

 

 

 

110. تحفته الاسلام 3-5

مولوي محمد عثمان نورنگزاده

1926ع

 

 

 

111. مومل راڻي جو قصو

مرزا قليچ بيگ

1927ع

 

 

 

112. تحفته الاسلام-4

محمد عثمان نورنگزاده

1927ع

 

 

 

113. نئون نورنامو يا ابوالحسن جي سنڌي

شيخ عبدالحق عبدالله قريشي

1929ع

 

 

 

114. ترغيب العلم

حافظ محمد احسن ملڪاڻي

1933ع

 

 

 

115. دينيات جو پهريونر سالو

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

1936ع

 

 

 

116. ابوالفضل ۽ فيضي مع حل لغات

حڪي فتح محمد سيوهاڻي

1936ع

 

 

سنڌ پرنٽنگ پريس شڪارپور

117. ديوان قاسم

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

1936ع

172

 

آرين اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس

118. دينيات جو بيو رسالو

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

1937ع

 

 

 

119. رسومات

علي خان عمر خان

1938ع

 

 

 

120. احاديث نبوي

علي خان عمر خان

1938ع

 

 

 

121. عجيب داستان

ڄيٺانند کڻنداس

1945ع

 

 

 

 

پوڪرداس جا چپايل ٻيا ڪتاب:

(1) جهاندار شاهه آرام دل، (2) حاتم طائي وڏو ۽ ننڍو، (3) ممتاز دمساز وڏو، (4)چهار درويش وڏو، (5)طوطي نامو 35 راتيون، (6) الف ليليٰ (حصه 1، 2، 3، 4،) ، (7) قصو پورن ڀڳت، (8) چندر ڪانتا 1، 2، 3، 4، (9) دنيا دورنگي، (10) عشق جو سير، (11) شهزادو لعل ۽ جهان بيگم، (12) اگر گل عمدو، (13) زبردستي جون، (14) مزيدار برٿولڊ، (15) مهاراڻي پدمڻي، (16) سوداگر بدرالجمال، (17) شمشير جنگ ۽ راحت جان، (18) حسن عشق ۽ حسن بانو، (19) ڀيانڪ لاش 1، 2، (20) دلپسند ناول، (21) شهزادو ارجمن، (22) سڪندر نامو وڏو، (23) بوستان سنڌي، (24) بيتال پچيس، (25) علمي گلدستو، (26) دنيا جو سير، (27) عالم آبي، (28) دلخندان، (29) راجا اندر ۽ سبز پري، (30) سچائي جي سوڀ، (31) زمين تي رهندڙ ساهوارا، (32) نئون دل بهار، (33) من موهني، (34) راجپوتانا جي ديوي، (35) پون ڪمار 7 راڻي انجنا، (36) روپ بسنت وڏو، (37) پورن وڏو، (38) گوپيچند وڏو، (39) نور جهان بيگم، (40) مومل مينڌرو، (41) ليليٰ مجنون، (42) هير رانجهو، (43) عمر مارئي وڏو، (44) سيف الملڪ، (45) مشهور ڏيڍ ٺڳ وڏو، (46) نئون اڍائي ٺڳ، (47) جادوءَ جا تماشا، (48) جانعالم انجمن آرا، (49) گل صنوبر، (50) سوريه ڪلا، (51) گل منير، (52) ديوان بلبل، (53) دل سوز ناٽڪ، (54) مظفر حسن آرا، (55) خدا دوست، (56) گلزار عشق، (57) مهربان راڻي، (58) قمر الزمان (ناٽڪ)، (59) گل بلبل وڏو، (60) ناول بدگماني، (61) زميندارن ۽ وڏيرن لاءِ هدايتون، (62) چالاڪ وڪيل، (63) رستم پهلوان، (64) شوقين ڌاڙيل، (65) عجيب طلسم، (66) کل ئي کل پيو، (67)چٽ سوال پٽ جواب، (68) بهرام بهادر ڳالهه ۾ ۽ بيتن ۾، (69) ظريف الدوله، (70) الله تنهنجو اسرو ڌڻي تنهنجي ٽيڪ، (71) ناول ساڍا اٺ خون، (72) گلبدن راڻي، (73) زنوبيه راڻي، (74) علي بابا چيلهه چور، (75) بهادر استري، (76) نقل مڊم، (77) علم ادب، (78) حل تجربات، (79) گڏ ڏهه قصا، (80) ڊلهه شيطان جي ناني، (81) عجيب ڳجهارتون حصه 1، 2، 3، (82) بابا دل عمدو قصو، (83) مزيدار ارچهچٽو، (84) مورڙو، (85) سهڻي ميهار، (86) ڀيانڪ ڀونتي، (87) سندر بائي، (88) کل ئي کل بلڪل مزيدار، (89) ڪرشنا سچو پيار، (90) اندر سڀا، (91) شيرين فرهاد، (92) سونو پکي، (93) دل جي وندر، (94) مايه ظرافت، (95) آئينه تجادت، (96) تعليم جو فرض، (97) بيريل اڪبر وڏو ۽ حصا 2، (98) ملا دو پيازو، (99) پڪوڙومل، (100) قباد ۽ مشتري بيگم، (101) آفيمن جا نقل، (102) املين ۽ ڏاڙهن جا نقل، (103) قديم چيني عمدو قصو، (104) دردن جو داستان، (105) بمبئي ناتڪ گانا، (106) ناول سچي سڪ، (107) سدا وچ شولنڪا، (108) فئشنبل جنٽلمين، (109) حرڪت مان برڪت، (110) عجب ٺڳي، (111) جن ۽ شيطان، (112) عشق تماشو، (113) ڏير ڀاڄائي، (114) ڪوئا ٻلي، (115) طوطو مينا، (116) عدن عاشق، (117) هولي، (118) کينهون، (119) درسني هنڊي، (120) ناول ٿيٽر، (121) دايو ڪوڙي، (122) شراب ۽ پاڻي، (123) ار مسخرو، (124) منصور شاهه، (125) للتا، (126) جهڳڙو مون ۽ لوهه، (127) انڌيري نگري، (128) فرت شراب، (129) ڀينڪر چڪر، (130) جاسوسن ۽ ڊاڪن جي خوفناڪ لڙائي حصه 1، 2، 3، 4، (131) پشاپاوتي پرتاب سنگهه حصه1، 2، 3، 4، (132) ناول لاجونتي، (133) حرص جو شڪار، (134) سنهڙي نانگڻ 1، 2، (135) عجائب خزانه، (136) رڻبير سنگهه ۽ ڪشوري، (137) رئفلس، (138) قصص الانبيا، (139) قوت العاشقين، (140) روضته الشهداءِ جنگنامه، (141) حج شريف جي سڄي تاريخ، (142) قلندر شهباز، (143) احوال شاهه عبداللطيف، (144) احوال پير غوث بهاء الدين، (145) جنگ خيبر، (146) مرثين جو ڪتاب (ثابت علي شاهه) مجالس الشهداء، (147) خطبا وارن، (148) بستان الواعظيم گلزار محمدي وڏو ۽ ننڍو، (149) هرڻي جو معجزو، (150) حسن الموال، (151) نوا ڦل، (152) آداب النڪاح، (153) مقصود المومنين، (154) ڪيميا ڪرامات، (155) لغات لطيفي، (156) بيبي فاطمه، (157) ترتيب الصلوات، (158) مداحن جو وڏو ڪتاب، (159) مناقبا ۽ مداحون، (160) تفسير سيقول سنڌي، (161) تفسير تبارڪ ۽ عم سنڌي، (162) پنج گنج معجزه، (163) ذخيره الفقه سنڌي، (164) معجزو حضرت ابراهيم، (165) پنجوسره، (166) ڪفن دفن، (167) دعا گنج العرش سنڌي مترجم، (168) قيامت نامو، (169) سخاوت نامو، (170) استغفار مترجم سنڌي، (171) مصر جا منار، (172) چهل حديث، (173) خطبه نڪاح، (174) نماز مترجم سنڌي، (175) مداح صدرالدين، (176) ادي ادا، (177) ست سنگ جا وچن، (178) تاريخ طاهري، (179) رسومات تباهي، (180) صديق اڪبر، (181) شرح ديوان فاضل، (182) نيون لاثاني لاهوتي ڪافيون، (183) سوز عشق غزليات، (184) عاشقانه آلاپ، (185) فريبي طلسمات، (186) نقش سليماني، (187) مجمع الفوائد، (188) ڪامل تعبير عرف خلاف نامو، (189) علم نجوم، (190) ضياء الجفر، (191) جوتش سوکڙي، (192) هنرن جو وڏو ڪتاب حصه 1، 2، (193) فالنامو، (194) سامدريڪ عام هٿ ريکا، (195) ٽه ڪتابي، (196) چار ڪتابي، (197) هفت ڪتابي، (198) دوايو، (199) ٽوايو، (200) انشا سنڌي وڏو، (201) پگهارن ڦلائڻ جي جنتري، (202) طب اڪسير علوي، (203) جانورن جي طب، (204) طب علاج الغربا، (205) طب ميزان وڏو، (206) طب شفا المراض، (207) طب قوت باه، (208) طب آهه يا اچرج، (209) انگي حساب واٽن سان وڏو، (210) شڪارپور ۽ سکر ضلع جي جاگرافي، (211) دنيا جا جاگرافي، (212) شريم ڀاڳوت گيتا، (213) راجا وڪرما جيت، (214) ڌرم شاستر، (215) جنم ساکي گرونانڪ، (216) بالمليڪ رامائڻ، (217) شريرڪ ڌرم، (218) مانسڪ ڌرم، (219) ڌرو چرتر، (220) ستي سهاڳڻ، (221) سلوڪ سوامي حصه 1، 2، 3، (222) نرس يڀڳت، (223) گيان مالا، (224) ڪٿا گئون، (225) شينهن، (226) ڪٿا ڇنڇر ديوتا، (227) شبد هزاري، (228) سلوڪ ميهرداس، (229) ڪرشن جا ڀڄن، (230) پران مالا، (231) وچن مالا، (232) رتن مالا، (233) سڳند مالا، (234) پسپ مالا، (235) راءِ ڏياچ، (236) گهوٽ ڪنوار ماءُ، (237) ٻالٻوڌ، (238) زالن جي ويم جي طب، (239) پتورتا ناٽڪ عرف سستي سهاڳڻ ناٽڪ.

پوڪرداس جي ڇپايل هڪ ڪتاب جو سرورق

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com