سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1999ع

مضمون

صفحو :8

 

پروفيسر عبدالغني ميرزايف

سنڌيڪار: غلام محمد لاکو

 

سنڌ ۽ ماوراء النهر جي ادبي  لاڳاپن جا ڪي پهلو

(نوٽ: پروفيسر عبدالغني ميرزايف جو تعلق مرڪزي ايشيا جي ملڪ تاجڪستان سان هو، جتي پاڻ”تاجڪستان انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز“جو سربراهه هو،سنڌ جي مشهور عالم۽ مورخ پير حسام الدين راشدي صاحب سان ميرزايف جو و يجهو ۽ لاڳيتو علمي تعلق هو، ميرزايف سنڌ بابت پڻ ڪي مقالا لکيا، جي فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپيل آهن؛سندس وفات 16_آگسٽ 1976ع تي ٿي هي تحقيقي مقالو نامياري رسالي”سنڌ ڪُئار ٽرلي“نمبر3 سال1978ع ۾ ڇپيو هو)

سنڌ ماوراءالنهر جي ماڻهن جي تاريخ عام طرح ۽پڻ کنڊ جي  تاريخ گهڻو قديم آهي ۽ اها  اسلام کان به اڳ تائين پکڙيل آهي (1) پر جڏهن اسين ادبي لاڳاپن جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڌهن اها اسلام کان پوءِ جي دور  جي حقيقت آهي .خاص ڪري ادبي لاڳاپا  ڏهين صدي عيسويءَ کان پوءِ ڏسجن ٿا، جڏهن کان پارسي_ تاجڪ ڪلاسيڪل ادب جا مکيه بنياد رکيا ويا۽ان جي ترقي ٿي ،اهو عام ڄاتل آهي ته اهڙي ادب جي  جاءِ پيدائش خراسان۽ ماوراء النهر آهن، هي ان دور جي ڳالهه آهي. جڏهن خلافت جي اوڀر ۾ ساماني حڪومت جو بنياد رکيو ويو.

ڏهين صديءَ عيسويءَ جي وچ ڌاري ادب جو اثر وڌيڪ گهرو ٿيو۽ اهو ايران جي اولاهن۽ ڏاکڻين حصن تائين پکڙجي ويو، ويندي انهن علائقن تائين، جن تي اڄ موجوده پاڪستان مشتمل آهي.وقت کان وٺي اڄ تائين جڏهن اسين ٻولي ۽ ادب جي ڪنهن به دور جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن اسان لاءِ ان کا ن سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته سنڌ جي ماڻهن جي حصي بابت خاص طرح ۽ پاڪستان جي حصي جي متعلق عام طرح سوچ ويچار ڪريون.

هن تمهيد جي تائيد ۾، اسين هاڻي ڪجهه تاريخي ۽ادبي  شاهدين جا حوالا ڏينداسين. يارهين ۽ پڻ ٻارهين صديءَ جي اوائل ۾ خراسان ۽ ماوراء النهر جي ادبي صورتحال عام طور تي ڄاتل آهي.هن دور ۾ قصيدا‘ بسيات ۽ّ‎ شهر  آشوب لکيا ويا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻارهين صديءَ جي ابتدا، ۾ ادبي لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا ويا ، تاريخي طورتي ٻنهي ملڪن ۾ اهو اونداهو دور ڏسجي ٿو، جو ماوراءالنهر ۽ خراسان کي منگولن جي حملن برباد ڪري ڇڏيو، تڏهن سوين ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي ،انهن پاڻ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پناهه گاهون تلاش ڪيون، عالمن جي هڪ گروهه سنڌ ۾ پناه ۽ مدد جي آسري ۾ ادبي سرگرميون جاري رکيون، محمد عوفي به انهن عالمن مان هڪ هو، جيڪو 1212ع کان ستت پوءِ ناصرالدين قباچه جي درٻار ۾ پهتو ۽جڳ مشهور  تذڪرو ”لباب الالباب“ مڪمل ڪيائين. ساڳي درٻار ۾ پاڻ ”خوامع الحڪايات“ لکڻ شروع ڪيائين،هن ڪتاب لکجڻ سان ننڍي کنڊ ۾ سوانح نگاريءَ جو آغاز ٿيو، عوفيءَ کي ڏسي، هن وسيع خطي جي عالمن به شاعرن جا تذڪرا لکڻ شروع ڪيا، سنڌ جي اديبن به اوڻويهين صديءَ تائين هن روايت کي زندهه رکيو، منهنجي هن دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ مير علي شير فاتح جو”مقالا ت الشعراء“۽مخدوم ابراهيم خليل ٺٽويءَ جو”تڪمله مقالات الشعر “ ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿا، حسن اتفاق سان هي ٻيئي تذڪرا نامور محقق پير حسام الدين راشديءَ جي ترتيب سان ڇپجي چڪا آهن.

ماوراءالنهر جي ڪش شهر سان امير خسرو جو والد امير سيف الدين محمد ، منگولن  جي حملن کان اڳ لڏي  سنڌ ۾ پهتو، امير خسرو دهلوي ۽ سندس مريد حسن دهلوي، سڌي طرح خراسان ۽ايران جي وڏن شاعرن کان متاثر ڏسجن ٿا، اهي پنج سال ملتان ۾ ٽڪيا ، ان ريت سنڌ سان سندس تعلق جڙي ٿو، ان کان پوءِ سنڌ جي مُعرفت، ماوراءالنهر جاعالم سندن لکتن کان آگاهه ٿيا،خراسان ۽ ماوراءالنهر جي لکتن خاص ڪري غزل ۽ مثنويءَ تي،هنن ٻنهي شاعرن جي اثر جي حد نٿي ڪٿي سگهجي ،ان لاءِ هڪ جداگانه مقالو گهرجي.

سورهين صديءَ ۾ مغل راڄ جي قيام کان پوءِعام طرح ۽ اورنگزيب جي دور۾ خاص طورننڍي کنڊ۽ماوراءالنهر جي وچ ۾ ادبي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، سورهين ۽ سترهين  صديءَجا تاريخي ۽ ادبي ماخذ ڏيکارين ٿا ته ماوراءالنهر مان سوين اديبن ۽ شاعرن، ننڍي کنڊ ڏي لڏپلاڻ ڪئي هئي ، اڪابرين جوهڪ گروهه ڪشمير، پنجاب۽سنڌ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجون ادبي سرگرميون جاري رکيائون، مثال طور مطربي سمرقنديءَ جي ٻن تذڪرن ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته (2)،. اتي جا ڪيئي شاعر اڪبر ۽جهانگير جي دور ۾، ڏکڻ هندستان تائين پهتا هئا،

مقالات الشعر، موجب پنڌرهين صديءَ جي پڄاڻي تائين، ماوراٰ‎ءالنهر مان آيل اديبن جي اولاد به پنهنجن وڏن جي روايت کي زندهه رکيو،اسان کي اهڙن ڏهن شاعرن  جا نالا ملن ٿا،جن اڳ  جي ادبي روايتن کي جاري رکيو؛قاضي احمد بخشل، مير احمد بخاري ،امير امام الدين، سيفي ترمذي، شاداب سمر قندي، محمد  صديق، مير محمد علي، عبداللطيف بخاري، گل محمد نقشبندي ۽ نيازي بخاري.

هڪ واقعي جو ذڪر ڪرڻ گهرجي ، جنهن جو اثر ماوراءالنهر کان وٺي اڄوڪي پاڪستان تائين پکڙجي ويو۽ان اثر هيٺ ادبي سرگرميون جاري رهيون، هن ڏس ۾ شاعرن جو تعداد گهڻوڪونهي، پر انهن جي ذريعي ٻنهي پرڳڻن ۾ گهرن ادبي لاڳاپن جي چٽائي ٿئي ٿي ،بدرالدين ڪشميري هڪ شاعر هو،جوسورهين صديءَ جي وچ ڌاري ماوراءالنهر۾ اچي مقيم ٿيو ، ماوراءالنهرجي ڪتب خانن ۾ اڄ به هن جا ڪتاب محفوظ آهن،جن جي بهترين ليکڪ هجڻ جو ثبوت ملي ٿو، ان دور ۾ هڪ ٻيو مثال به ملي ٿو، جڏهن ماوراءالنهر ۾ هڪ ادبي اسٽائيل”سليقه هندي“متعارف ٿيو (3) هن دور ۾ ٻنهي علائقن ۾ اقتصادي، واپاري۽سماجي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، نتيجي ۾ ماوراءالنهر۾ سليقهءهندي“ وڌيڪ مقبول ويو، نتيجو هيءُ نڪتو جو هن سلسلي جا وڏاوڏا شاعر پيدا ٿيا،ان طرح ٻنهي ملڪن ۾ شاعرن ۾ ذاتي تعلقات پيدا ٿيا، هن ڏس ۾ اسان جي رهنمائي مطربي سمرقنديءَ”نسخه زيباي جهانگير“ مان ٿئي ٿي، مثال طورهن شيخ فيضي (وفات 1595) ۽ حسن  خواجه نثاري  بخاري (وفات؛1596) جي تعلقات بابت مواد ڇڏيو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ٻنهي شاعرن جي وچ ۾ خط وڪتات هئي، ٻيئي ڄڻا هڪ  ٻئي ڏي شعرن جو تبادلو به  ڪندا هئا *‎ ۽هڪ  ٻئي ڏي  فرمائشي شعر به لکي موڪليندا هئا.

سترهين صديءَ  هن اسٽائيل جا هي شعر مشهور آهن؛ سيدي نسفي، شوڪت بخاري ۽ ڪرم بخاري، هنن ۽ ڪجهه ٻين شاعرن”سليقهءَهندي“ جا بهترين شعر ڇپيا، سترهين صديءَ جي شاعرن جي ڪلام مان اسين هن اسٽائيل جا اڪثر شعر ڳولي سگهو نه ٿا، هن اسٽائيل جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ مجموعوتيار ٿيو، هي مجموعو سترهين صديءَ جي آخر ۾ نظام غني بخاري ”روضته الاشعار“ جي نالي سان تيار ڪيو(4).

هن اسٽائيل جي باري ۾ ٻنهي علائقن ۾ ساڳئي وقت هڪ واقعو پيش آيو. هڪ ئي وقت ” سليقهءَ هندي“ ۾ هڪجهڙن لفظن جي استعمال تي اعتراض ٿيو ۽ تنقيد ڪئي وئي . سترهين صديءَ ۾ ماوراءالنهر جو هڪ تذڪره  نگار مليحا سمرقندي پنهنجي تذڪري ” مذڪرالا صحاب“ ۾ هن مسئلي جو ذڪر ڪندي مفيد معلومات ڏئي ٿو. ان مان خبر پوي ٿي ته گهڻن نقادن ” سليقهءَ هندي“ جي شاعرن ابو طالب ڪليم، شوڪت، ناصر علي، قاسم بيگ ديوانه، مومن مشهدي ۽ خاص ڪري صائب تبريزيءَ جي شعرن تي تنقيد ڪئي آهي. مثال طور:

در شهر با خاک يکسان بوداز پستي

پي داخل شدن چون شمع زديدم قد خود را

فنا جي شهر ۾ آءُ مٽي ٿي ويس. مون کي به ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، ٻرندڙ شمع وانگر ڀُري ختم ٿيڻو پوندو مليحاهن شعر تي تنقيد ڪندي چوي ٿو ته جڏهن شاعر اڳ ۾ ئي فنا جي شهر ۾ مٽي ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، تڏهن اها بيقوفي آهي ته شاعر ٻه سٽي جي آخر ۾، شمع وانگر ختم ٿي وڃڻ جي ڳالهه ڪري.

ساڳيءَ طرح سان” سليقهء هندي“ جي عظيم شاعرن: عرفي شيرازي، طالب آملي ۽ ظهوري تر شيزي- تي به هندستان ۾، وچ سترهين صديءَ ۾ تنقيد ۽ اعتراض شروع ٿيا. مثال طور هن دور جو هڪ مشهور نقاد ملا شيدي (وفات:1644ع)، محمد جان قدسي (وفات: 1640ع) جي امام علي موسيٰ رضا بابت چيل هڪ منقبت تي سخت تنقيد ڪري ٿو. هن فني بنيادن تي قدسيءَ جي منقبت تي ٺٺول ڪندي، پنهنجا اعتراض ظاهر ڪيا. هن دور جي هڪ ٻئي مشهور شاعر منير لاهوري (وفات: 1645ع) پڻ بحث ۾ حصو ورتو. هن هڪ قصيدي ۾ قدسيءَ جي قصيدي تي، شيدا جي تنقيد سان گڏ پنهنجا خيال به ظاهر ڪيا. ڪجهه وقت بعد سراج دين علي خان آرزو (وفات: 1755ع) پنهنجي ڪتاب ” داد سخن“ ۾ قدسيءَ جي قصيدي تي منير ۽ شيدا جون منظوم تنقيدون ڏيندي، هڪ تقابلي اڀياس پيش ڪيو. فاضل ايڊيٽر ڊاڪٽر سيد محمد اڪرم لاهوري” دادسخن“ جي نئين ايڊيشن ۾، هن مسئلي تي مفصل روشني وڌي آهي (5). آءُ هتي وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ بجاءِ اهو ٻڌائڻ پسند ڪندس ته هندي اسٽائيل تي هڪ ئي وقت ٻنهي علائقن ۾ هڪجهڙي تنقيد، ۽ ٻنهي علائقن ۾ ادبي لاڳاپن جي گهڻي ويجهڙائي ظاهر ڪري ٿي.

ارڙهين صديءَ جي ابتدا ۾ هنن لاڳاپن ۾ هڪ ننڍڙي تبديلي آئي. ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر ۽ فلاسافر عبدالقادر

 بيدل (وفات: 1721ع)، جا ادبي ڪم سندس موت کان ستت پوءِ سنڌ جي معرفت ماوراءالنهر ۾ داخل ٿيا، جتي هن جو اسٽائيل وقت جي ادبي شخصيتن قبول ڪيو ۽ تمام تڪڙو هن جا پوئلڳ وڌڻ لڳا، هن جو پهريون چاهيندڙ قانع نسفي هو. هن 1750عتائين پنهنجو ديوان مڪمل ڪيو. جنهن ۾ 4400 شعر هئا. هن جي ديوان توڙي ان دور جي ٻين شاعرن جي شعرن مان، خبر پوي ٿي اهي سڀ بيدل جي فن فڪر مان ڪيئن نه متاثر ٿيا هئا. ڪجهه وقت بعد سندس اسٽائيل وڏي اهميت اختيار ڪئي. هن جو اثر ايترو ته گهرو هو جو ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ جي ماوراء النهر جي شاعري، سندس فقري دائري ۾ ڦرندي رهي. هن سلسلي جو آخري شاعر ۽ سيد محمد نقيب خان طغرل احراري (وفات: 1915ع) آهي، سندس ديوان ۾ 4500 شعر آهن ۽ اهو بخارا مان سال 1916ع ۾ ڇپيو هو. هڪ غزل جا ابتدائي ۽ آخري شعر ڏجن ٿا .

به عجزاز ناتوانيها اگر بردي تو راه آنجا،

صداي کوس بوبت زن ز ماهي تا بماه آنجا،

چهه خوش گفته است، طغرل، حضرت بحر سخن بيدل،

باوج کبريا کز پهلوي عجز است راه آنجا.

هنن ٻن شعرن مان خبر پوي ٿي ته هي ۽ ٻيا شاعر حضرات ڪيتريءَ حد تائين بيدل جي فن فڪر ۽ اسٽائيل کان متاثر هئا.

ساڳيو اسٽائيل افغانستان ۾ به وجود ۾ آيو، پر اتي ان جي ظهور ۾ اچڻ جي دور بابت ڪجهه به نٿو چئي سگهجي. جيتري مون کي ڄاڻ آهي ته اسان جي افغان دوستن هن بابت تحقيق نه ڪئي آهي، ان هوندي به ظاهر آهي ته اڻويهين صدسيءَ جي آخري اڌ ۾ بيدل جو اسٽائيل افغانستان ۾ مقبول ٿي چڪو هو. ان وقت ڪي شاعر هن جي فڪر سان لاڳاپجي چڪا هئا، اهو اسٽائيل به ماوراءالنهر۾ بيدل وانگر ڏسجي ٿو.

افغانستان ۾ هن اسٽائيل جو وڏي ۾ وڏو شاعر سردار غلام محمد خان طرزي هو. سندس ديوان 1900ع ۾ ڪراچيءَ مان ڇپيو هو. هن ديوان ۾ چاليهه هزار شعر آهن. سندس اڪثر شعر ” سليقه هندي“ جي وڏن شاعرن: صائب طبريزي، ڪليم ڪاشاني، شوڪت بخاري ۽ ناصر علي جي اسٽائيل ۾ آهن. شاعر، 314 شعر، بيدل جي اسٽائيل ۾ چيا آهن.

\ڻويهين صديءَ  جي آخر ڌاري افغانستان ۾ اقتدار جي جنگ شروع ٿي جا آخر ڪار گهرو لڙائيءَ ۾ بدلجي وئي. غلام محمد طرزي کي قيد ڪيو ويو ۽ ڪيئي سال جيل ۾ رهيو. پاڻ 1881ع ڌاري خاندان سميت ڪراچي لڏي آيو.

سنڌ جي شآعرن ۾ ابراهيم خليل ٺٽوي، سيد غلام محمد شاهه گدا حيدرآبادي ۽ سيد تقي شاهه تائب، ان اسٽائيل ۾ لکيو ۽ ان طرح سنڌ ۾ بيدل جو ادبي گس مقبول ٿيو، هن وقت اسين سنڌ ۾ بيدل جي اثر جي حد جو ڪاٿو نٿا ڪري سگهون. ادبي لاڳاپن جي هن پهلو بابت اميد جي مستقبل ۾ وڌيڪ اڀياس ٿيندو، البته هي ڳالهه نهايت دلچسپ آهي ته بيدل جو اسٽائيل سنڌ جي معرفت ماوراءالنهر پهتو ۽ پوءِ وري اتان کان سنڌ ڏي موٽ کاڌائين ان طرح ماوراءالنهر،، افغانستان ۽ سنڌ جي علمي لاڳاپن جي خبر پوي ٿي، هن هڪ وڌيڪ ڳالهه جيڪا ماوراء النهر، ۽ سنڌ جي فارسي شاعريءَ ۾ تعلق جي نشاندهي ڪري ٿي ساهيءَ آهي ته اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر مثنوي ۽قصيدو ٺيڪ ان طرح لکجڻ ۾ آيو ،جيئن ماوراءالنهر ۾ لکيو ٿي ويو، مير صوبدارخان جو ”فتح نامه“بحر وزن ۽ انداز بيان فردوسيءَ جي ”شاهه نامه“ سان گهڻي  مشابهت رکي ٿو،مير مائل ٺٽوي (وفات؛1836ع) هڪ قصيدو مير صاحب (ڪرم علي خان) جي بنگلي ۽ باغ  جي شان ۾ چيو آهي، هي  قصيدو بحر وزن، بيان، انداز ۽ قافيي ۾ ابو عبدالله رودڪيءَ جي هڪ قصيدي سان مشابهت رکي ٿو،مير مائل جي قصيدي جون ڪجهه  سٽون هي آهن.

مزده کان تشريف جان آيد همي

مزده کان جان جهان آيد همي

 يعني اکنون طبع من در نظم شعر

 پيرو آن نکته دان آيد  همي

بسکه نّظمش همچو نظم رود کي

دل فروز دوستان آيد همي

سنڌ ۾ مير مائل کان سواءِ ساڳي دور ۾ ٻين شاعرن به هي اثر قبول ڪيو،اسين پنجاب ۾ پڻ هن دور ۾ ساڳيو رودڪي وارو اثر ڏسون ٿا. مثال طور سيد انصاري نشتر لاهوري (وفات؛1894ع) جي هڪ غزل ۾ بحر وزن۽ قافيي جو ساڳيو رودڪي وارو طريقو موجود آهي، ان طرح ڏسجي ٿو ته خراسان ۽ ماوراءالنهر جي ڏهين صديءَ جي شاعري جو، سنڌ ۽پنجاب جي اُڻويهين صديءَ جي شاعرن تي وڏو اثر هو، هن خطي عالمن ۽ شاعرن سر زمين،سماجي ۽ادبي تفاوت جي هوندي به،ڪلاسيڪل  جي ليکڪن جي اثر کي قبول پئي ڪيو.سنڌ پاران ايران ۽ ماوراءالنهر ۾ ادبي ڳانڍاپو قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويوآهي جيئن مون هڪ مضمون ۾ لکيو آهي، سورهين صديءَ جي شروع کان صفوين ۽ شيبانين ۾ مذهبي ۽ سياسي تڪرار سبب ايران ۽ ماوراءالنهر جي ادبي تعلقات ۾ ماٺائي اچي وئي يا وري بنهه ختم ٿي ويا،ان دور ۾ سنڌ واحد ملڪ هو  جنهن انهن لاڳاپن کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪئي، پر جڏهن اڻويهين صديءَ ۾ سنڌ ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويئي،تڏهن ڪجهه وقت لاءِ ماوراءالنهر سان ادبي لاڳاپا ختم ٿي ويا.

مطلب ته ننڍي کنڊ جي هن حصي ماوراءالنهر ۾؛ مختلف دورن جا ادبي لاڳاپا وڏي اهميت  رکن ٿا، جيئن مقالي جي مُهڙ چيو اٿن، انجو دائرو جدا جدا دورن سان ۽ نظم توڙي نثر جي مختلف صنفن سان ڏسجي ٿو، جيڪڏهن ٻنهي  علائقن جا اسڪالر  هڪٻئي سان سهڪار ڪري تحقيق ڪن ته هوند بهتر نتيجا ظاهر ٿين.اهو لازم آهي ۽ مون کي پڪ آهي  ته پاڪستاني  عالم هن ڏس ۾ اسان سان تعاون ڪندا،اهڙو تعاون سچ ته موزون ماحول ٺاهيندو۽ان طرح سائنس توڙي ادب جي ميدانن ۾ تعلقات اڄا به وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

مترجم پاران وضاحتي حاشيا:

ماوراءالنهر مان مطلب مرڪزي ايشيا آهي، هن دائري ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ سان آزاد ٿيل پنج رياستون ۽ افغانستان جو ملڪ شامل آهي، هن مقالي ۾ پريس جون اڪيچار غلطيون  هيون،جن کي دور ڪرڻ لاءِ ساڳئي مقالي جي فارسي اختصار کي به سامهون رکيوويو آهي،اهو اختصار ايران جي رسالي ”وحيد“ ۾ ڇپيو ۽ مون کي ان جي ڪاپي اسلام آباد مان ڊاڪٽر عارف نوشاهي صاحب موڪلي ڏني،

عبدالغني ميرزايف پهريون ڀيرو، مطربي سمر قنديءَ تي سنجيده تحقيق ڪئي، سندس ڪوشش سان مطربي جا تذڪرا؛  تذڪرة الشعراء _۽_ خاطرات مطربي_ ڇپجي ظاهر  ٿيا، هي تذڪرا سال 1976ع ۽ سال 1977ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اولهه ۽ وچ ايشيا جي  مطالعاتي مرڪز پير حسام الدين راشدي صاحب جي تعارف ۽ حاشين سان ڇپيا آهن،

سليقهء هندي/ سبڪ هندي_ هڪ ادبي تحريڪ جو نالو آهي. جنهن ۾ شعر جي اسلوب ۾ جدت طرف ڌيان ڏنو ويو.

مقالي ۾ پريس جي غلطيءَ سبب تذڪري جو نالو درست نه ڇپيو آهي، هڪ گمان موجب”روضته الاشعار“ ۽ ٻي موجب ”بدايعة الاشعار“ ٿي سگهي ٿو، هي تذڪرو تاجڪستان اسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ 2256ع نمبر تي آهي،

”داد سخن“ جو هي ايڊيشن مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان، اسلام آباد پاران سال 1974ع ۾ ڇپيو آهي.

 

 

 

ڊاڪٽر انيمري شمل                (سيد حسام الدين راشدي يادگار ليڪچر)

سنڌيڪار؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق

 

مڪلي ٽڪري

(سنڌ ۾ اسلامي ثقافت جو هڪ مرڪز) (1)

قفا نيگ من ذکريٰ حبيب ومنزل

بسقط اللوي بين الدخول فحومل

فتوضح فاالمقراء لم يعف رسمها

لما نسجتها من جنوب وشمال

اي ساٿيو! گهڙي کن بيهو!اسهيل يار جي ياد ۾ انهن وٿاڻن ۽ ماڳن مٿان آءُ به ڳوڙها ڳاڙي وٺان! دوستو ترسيو!آءُ دخول، حومل، توضح ۽ مقراء جي وارياسي کي، اکين جي آب سان ريجي وٺان! ڏکڻ ۽  اتر جي هوائن، انهن دونهن ۽ جهوڪن جا انگ ۽ آثار، اڃان ڪونه ميٽيا آهن، اڃان وقت جي وٿي، منهنجي دل مان پڻ انهن جو ڪاڍو ڪڍي ڪونه سگهي آهي!  (پير  صاحب  پاران  ڏنل   آزاد  ترجمو)

هي عربي ٻولي جي هڪ مشهور شاعر امروءالقيس جو هڪ شعر آهي جيڪو سندس هڪ معلقه تان ورتو ويو آهي، جڏهن پير حسام الدين راشدي مير علي شير قانع جو ڪتاب مڪلي نامو، ترجمو ۽ تحقيق ڪري مڪمل ڪيو ته پنهنجي اصول جي اظهار طور مٿيون شعر لکي پنهجي ساري محبت ڏانهس منسوب ڪئي هئائين، منهنجي به دل چاهي ٿي ته اهو ساڳيوامروءالقيس وارو شعر کيس ارپيان ڇاڪاڻ ته هو پاڻ به هن وقت مڪلي ٽڪري تي دفن آهي ۽ سندس دلي تمنا به اها هئي مون کي اهو مناسب لڳي ٿو ته مان پنهنجو پهريون سيد حسام الدين ميموريل ليڪچر مڪلي جي موضوع تي ڏيان، هي ماڳ اسان پهريون ڀيرو1958ع مارچ جي منڍ ۾ وڃي ڏٺوهو، پوءِ به ٻئي  گڏجي ڪيترن ئي يادگار موقعن تي هتي ڀيرا ڀريندا آياسون،هي مڪلي جوئي ماڳ آهي، جتي مان سنڌي ٻوليءَڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ جوپڪو پهه ڪيو هو، پير حسام الدين به هن ئي ٻوليءَ۾ هٿان جي انهن ماڻهن تي تحقيق ڪئي جيڪي ڪڏهن زنده هئا ۽ هاڻي هن تاريخي ماڳ تي مدفون آهن.

اها ڪهڙي نه اچرج جهڙي ڳالهه آهي جو مسلمان مؤرخ مڪلي ٽڪري جي اهميت کان بي خبرآهن، توڙي جوهي ماڳ ڪراچي کان اوڀر طرف فقط اسي  ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. پر هتان جي ماڻهن کي ٺٽيءَ ۽ مڪلي جو پتو ڪونه آهي ته هي ماڳ پاڪستان جي نهايت اهم تاريخيءَ ماڳن مان هڪ آهي، اهواهڙو اهم ماڳ آهي جو پاڪستان جي ڏهن روپين جي نوٽ تي مرزا عيسيٰ خان تر خان ٻئي ۽مرزا شرفا خان جي مقبرن جون تصويرون ڇپيل آهن، جيڪي مڪليءَ ٽڪريءَ جون مرڪزي جڳهيون آهن،هتان جا ڪيترائي ماڻهو اڃان تائين 1872ع ۾ لکيل هن صوبي جي گزيٽيئر کي سچو سمجهندا آهن ته ٺٽي جي ڪل آبادي7951 آهي جنهن جو اڌ هندن تي مشتمل آهي، سندس آبهوا نهايت گندي آهي ۽ سخت تپاولي ۽ مليريا ڪري  نانء چڙهيل آهي.(2)

ليڪچر شروع ڪرڻ کان پهرئين مان هيءُ گذارش ڪرڻ چاهيندس ته جرمني جو هڪ مستشرق ۽ عيسائي مشنري سان لاڳاپيل ارنيسٽ ٽرمپ سن1850ع ڌاري هتي آيو هو جيڪو اوڀر جي هر شيءَ کي ناقدانه نظر سان ڏسندو هو، سوبه مڪلي جي هن وسيع قبرستان کي ساراهڻ کان سواءِ رهي ڪو نه سگهيو   آهي سندس ويچار هو ته هي ماڳ عام طور سمجهيو ويندڙ دور کان گهڻو قديم آهي انهيءَ زماني ۾ هيءُ عالم سنڌ جي قومي شاعر شاهه عبداللطيف جي رسالي ڇاپڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو هو، (3) ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي گرامر تيار ڪرڻ ۾ رات ڏينهن رڌل هو.(4)ان ناطي هن 1861ع ۾ هڪ مقالو لکيو هوجنهن ۾ لکيو اٿائين ته، ٺٽي ۽ مڪليءَ جي وسيع شهر خموشمان جي شان شوڪت بابت ٻوليءَ ۾ ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن، جيڪي هن جوءِ جي سڪر سڻائي۽ مهائتا جا ساکي آهن،هن شهر يعني ٺٽي ننگر جي ويجهو هن ٽڪريءَ تي ڪيترا ئي  مقبرا ۽مندر نظر ايندا، جيڪي منهنجي خيال ۾ سنڌ۽ هندستان اندر ڪن شاندار عمارتن جا کنڊر آهن، هنن کنڊرن برهمڻ آباد جي دنب دڙي ٿيل شهر کان وڌيڪ وقت سان مهاڏو ڏنو آهي، ان جو اڪيلو ڪارڻ اهوآهي ته هتان جون عمارتون ڳرن پٿرن  سان اوساريل آهن(5)

ٽرمپ کي اها پڪ هئي ته ٺٽي کي ننگر سڏيو ويندو هو، جيڪو اپڀرنش جي ناگري لهجي جو مرڪزهو. هو پوري ويساهه سان نقطه نظر جو حامي هو ته سنڌي ٻولي پراڪرت سان واسطو رکي ٿي ۽هن ٻوليءَ جون نمايان خوبيون سنڌوماٿريءَ جي هر لهجي ۾ نظر اينديون، برهمڻ آباد  جي کنڊرن جو ٽرمپ گهڻو ذڪر ڪيو آهي، ان  سان گڏ گزيٽيئر ۾ نهايت خبرداريءَ سان تفصيلي طور احوال ڏنو ويو آهي، جيڪو ٺٽي کان به سوايو آهي (6) هي ماڳ پهري صديءَ هجري سان واسطو رکي ٿو.هن شهر  جي تعمير ڪنهن پُراڻي  گمنام شهر جي سرن سان ٿيل هئي. مڪلي ٽڪريءَ وارا کنڊر ڪنهن پوئين دور سان تعلق رکن ٿا،جيڪو پندرهين کان ارڙهين صديءَ جي وچ تائين سمجهي سگهجي ٿو.

هن ڳالهه جي ته پڪ آهي ته ٺٽي جو ذڪر ڪنهن قديم تاريخ ۾ نظر ڪونه ٿو اچي، انهن تاريخن ۾ البت ديبل جو نالو ڏسجي ٿو. جيڪو انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو.هيءُ شهر جيڪوسن711ع ۾ محمد بن قاسم پهريان فتح ڪيو هو ان کان پوءِ هن به کيس سنڌ انتطاميه جو مرڪز بڻايو هو.ٺٽو ديبل هو يا ديبل ٺٽو هو؟ اهو هڪ اهڙو منجهيل مسئلو آهي جيڪو گهڻي وقت تائين بحث جو موضوع رهيو آهي هينري ڪزنس پنهنجي تصنيف ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ لکيو آهي، ته اهي ٻئي نالا هڪ ماڳ جا آهن. قلقشدي سفيرن جي رهبري لاءِسن 1421ع ۾ مصر ۾ صبح الاعشيٰ نالي هڪ اهم ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ پڻ ديبل جو نالو نظر اچي ٿو (7) ان ماڳ جو هن وقت صحيح پتو لڳائڻ ممڪن نه آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌوسنڌ جي حدن اندر مسلم دور ۾ الائي ڪيترا وهڪرا مٽي چڪوهو.ديول جو نالو مير علي شير قانع مقالات الشعراء ۾ ڪتب آندو آهي (8) ايڇ_ ٽي_ سورلي به لاري بندر کي پڻ ديول سڏيو آهي (9)

تاريخ طاهري1031  /1621 ۾ لکي وئي، جنهن جو بيان آهي ته ساموئي ڀرسان ٺٽي جو بنياد سن 866/1461،62 ۾ ڄام نظام الدين رکيو هو. پر ٺٽو تيرهين صديءَ ڌاران ئي گهڻو مشهور ٿي چڪو هو،نه ته امير خسروان کي اُچ جي نالي سان گڏ ڪتب ڪو نه  آڻي ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com