سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: شانِ رسولﷺ

باب: --

صفحو : 2

ڇپائيندڙ پاران

 

دنيا جو شايد ئي ڪو پل، ڪو حصو ۽ خطو اهڙو هجي جيڪو نبي دوجهان حضرت محمد ﷺ جي ياد کان وانجهيل هجي. چوويهن ڪلاڪن ۾ هرهنڌ سندن ذات اطهر کي اربين انسان ياد ڪندي عقيدت جا گل نڇاور ڪندا رهن ٿا. اها عقيدت مختلف طريقن ۽ احساسن ۽ صنعتن ذريعي بيان ٿيندي رهي ٿي. انهيءَ ڏس ۾ لکين ڪتاب پڻ تحرير ڪيا ويا آهن، جن ۾ نثر توڙي نظم جا شاهڪار نظر ايندا. سنڌي ادب ۾ مولودن، نعتن، مداحن ۽ ٻئي شعري مواد جو وڏو خزانو موجود آهي، جن ۾ هيءُ ڪتاب ”شانِ رسول ﷺ“ به ڳڻي سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي شانِ اقدس ۾ استاد شاعر گل حسن گوپانگ ’شاد‘ نعتيه ڪلام پيش ڪيو آهي، جنهن جي خوبصورتي پڙهندڙ جي دل تي نقش ٿي وڃي ٿي.

هن شعري مجموعي ۾ رسالت مآب سيدنا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي ڀيٽا ۾ ڪل 70 اسم پيش ڪيا ويا آهن ۽ هر اسم ۾ شاعر رديف جو اهڙو ته خوبصورت استعمال ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ شعر جي سونهن ۽ سحر ۾ ازخود قابو ٿيو وڃي. شاعري ڏات سان گڏ هڪ فن به آهي، جنهن ۾ شاعر نه رڳو پنهنجي ذات جي بلڪه پوري انساني سماج جي مڙني ريتن رسمن، وهمن وسوسن، جذبن ۽ عقيدن جي هڪ تاريخ اُڻي ٿو. دراصل شاعر به هڪ قسم جي مؤرخ ۽ تاريخدان آهي، جيڪو مختصر شعر ۾ پوري دور جي هڪ جامع تاريخ لکي ٿو. ”شانِ رسول ﷺ“ ۾ به هڪ قسم جي تاريخ رقم ٿيل آهي، جنهن ۾ شاعر گل حسن گوپانگ شاد‘ پنهنجي شاعراڻي ٻوليءَ ۾ ٻنهي جهانن جي سردار سيدنا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي عقيدت ۾ سندن زندگيءَ جي واقعن مان استفادو وٺي شاعراڻي تاريخ لکي آهي. جنهن کي بار بار پڙهڻ سان قلبي سڪون حاصل ٿئي ٿو.

ڪتاب ”شانِ رسول ﷺ“ جو ٻيو ڇاپو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1993ع ۾ بورڊ طرفان ڇپيو ويو هو. 12 سالن جي عرصي گذرڻ کان پوءِ ڪتاب جي گهرج وڌي وئي، جنهنڪري اسان کي نئين ڇاپي پڌري ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي آهي.

 

  انعام الله شيخ

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org