سيڪشن؛  دينيات 

ڪتاب: شانِ رسول ﷺ

باب: --

صفحو : 7

ميدان صاف

هر غلاظت کان محمّد جو ڏٺم ميدان صاف

ٿو حديثن جي حقيقت سان ملي قرآن صاف

هڪ خدا آهي نه ٿيو آهي نه ٿيندو ٻيو خدا

صاف لفظن ۾ نبي ڪيو آ، اهو اعلان صاف

ڪونه آ قولِ خدا قولِ نبي ۾ امتياز

جيئن خدا جو آ، محمّد جو تئين فرمان صاف

ڇڏ دغا دولاب کي توکي محمّد ٿو چوي

آ هتان هلڻو صداقت جو کڻي سامان صاف

ٻين دوائن ۾ ملاوت ڪانه ڪا هوندي ضرور

آ درودِ مصطفيٰ دل واسطي درمان صاف

مصطفيٰ محبوب جي آمد جهانن واسطي

مهرباني صاف سٿري آ، اُتم احسان صاف

تنهنجا اصحابي هئا دل جا صفا بوذر بلال

هو سچائي ۽ صفائي ۾ صفا سلمان صاف

والده پنهنجي اٿاريندو رهيو احمد اڳيان

شڪمِ مادر ۾ عليءَ کي آ مليو ايمان صاف

گفتگو دؤران آ، مون کي چيو حضرت ”نذير“(1)

صاف ٻولي ۾ لکيو تو ”نعتيه ديوان“ صاف

”شاد“ شل روضو محمّد جو مديني ۾ ڏسان

پنهنجي ڏاڙهي سان ڪيان جيڪر اڱڻ ايوان صاف

 

اغيار کي هڻ ٿَڦَ

ڀل احمدِ مختار جي اغيار کي هڻ ٿَڦَ

گم گار ٿئي غير کي غدّار کي هڻ ٿَڦَ

جيڪو نه محمّد جي حديثن تي هلي ٿو

سو آهه گنهگار، گنهگار کي هڻ ٿڦ

جو سمجهي جدا حڪمِ خدا کي حڪمِ نبي کي

سو آهه خطاڪار، خطاڪار کي هڻ ٿڦ

جيڪو به خدا ساڻ شريڪ آهه ڪندو ٻيو

سو آهه سزاوار، سزاوار کي هڻ ٿڦ

جيڪو به ٿو قرآن پڙهي ان کي وِساري

سو آهه ستمگار، ستمگار کي هڻ ٿڦ

جو، درسِ محمّد جي مخالف ڪا بڪي بات

توڙي آ تمندار، تمندار کي هڻ ٿڦ

جيڪو نه محمّد سان وفادار ٿئي ٿو

سو آهه جفاڪار، جفاڪار کي هڻ ٿڦ

تقرير ۾ جو، شان محمّد جو لڪائي

سو آهه رياڪار کي هڻ ٿڦ

جيڪو نه محمّد جو، سو حق جو نه طلبگار

زَن جي يا زمين، زر جي طلبگار کي هڻ ٿڦ

جو ”شاد“ نبي کي نه سچي دل سان مڃي ٿو

توڙي ٿي اهو يار، انهي يار کي هڻ ٿڦ

 

مديني وڃڻ جو شوق

سالن کان ساهه ۾ آ، مديني وڃڻ جو شوق

وڌندو وڃي ٿو پياري پرينءَ جي پَسڻ جو شوق

هاڻي جو هاڻي آ صفا هتڙئون هلڻ جو شوق

محبوب مصطفيٰ سان مِلان، آ ملڻ جو شوق

جَنت کان ڀي وڌيڪ، مدينو آ دلفريب

جيءَ ۾ ٿو جاڳي مون کي ڏهاڙي ڏسڻ جو شوق

اُميد آس پوري اي پروردگار ڪر

آهي رسول پاڪ جي چائنٺ چُمڻ جو شوق

هيڪر ڏسان مان روضي جو ايوان ۽ اڱڻ

ڏاڙهي سان آ انهي کي ٻهاري ڏيڻ جو شوق

روضي رسول جي ۾ تلاوت ڪيان شروع

مون کي آ پرت سان اتي قرآن پڙهڻ جو شوق

الله جي گهر جي زيارت نصيب ٿئي

مون کي آ بيت الله ۾ جيئري جُهڪڻ جو شوق

ڪعبي جي هر طرف ڦران، هر هر ڪيان طواف

اَسود کي آهه پنهنجي چپن سان چمڻ جو شوق

آبِ حيات جنهن مٿان گهوري گهمائجي

زم زم جي پاڪ پاڻي جي آهي پيئڻ جو شوق

مايوس ”شاد“ ٿيندو نه، مدني جي ملڪ ۾

گوپانگ ”گل حسن“ کي آ، خوش ٿي کلڻ جو شوق

 

سچو سردار آ بيشڪ

محمّد مصطفيٰ مدني مٺو منٺار آ بيشڪ

هنئين جو هار آ بيشڪ، اکين جو ٺار آ بيشڪ

سهارو بي سهارن جو سچو سردار آ بيشڪ

وسيلو بي وسيلن جو اَڙين آڌار آ بيشڪ

سڀن پيغمبرن جو پيشوا پڳدار آ بيشڪ

سمورن قافلن جو قافلهء سالار آ بيشڪ

نرالو آ نشانبر آ صفا نروار آ بيشڪ

خدا واري خدائي ۾ عيان اظهار آ بيشڪ

اُتم عزّت ۾ اعليٰ احمدِ مختار آ بيشڪ

خدا کان پو مِڙين جو مصطفيٰ منهدار آ بيشڪ

ڪيو سرسبز سيّد دين جو گلزار آ بيشڪ

وڌي وئي دينداري دين جو معمار آ بيشڪ

ولهين جو واهرو آ ڇورڙن جو ڀي ڇپر آهي

ضعيفن جو به ضامن ۽ يتيمن يار آ بيشڪ

ڪئي معراج تي موليٰ محمّد سان وڃي محفل

خدا جو دل گهريو ۽ دلربا دلدار آ بيشڪ

ڪيائين جلوه گر انسان جي توقير و عزّت کي

بڻيو انسان جي عظمت جو علمبردار آ بيشڪ

گهڙي ۾ ”گل حسن“ گوپانگ جي غم کي هٽائي ٿو

غمن جو مصطفيٰ غمخوار ۽ غمٽار آ بيشڪ

 

ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

احمدِ مختار آيو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

مصطفي موليٰ ملايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

ڪفر جي اونداهه ۾ پهچي نبي نورالهديٰ

دين جو جهنڊو جهلايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

رهنما رهبر رسول الله بيت الله ۾

بت نه ڪو هڪڙو بچايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

هر نبيري ۽ نڇيڙي لئي محمّد کي خدا

عرشِ اعظم تي گهرايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

رهبري ۾، رهنما ماکي کان مصري کان مِٺو

ٻول هرهڪ پئي ٻڌايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

هر طرح برباد باطل کي ڪري حضرت حبيب

حق جو هوڪو هلايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

شِرڪ ڏاڍو ٿيو شڪي بر منهن ڪري بدعت ڀڳي

رنگ سڀ رهبر رِچايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

رحمت الِلعالمين آيو تڏهن رحمت جو مينهن

هر طرف واحد وَسايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

دل جون اميدون کڻي پوريون ڪيون پروردگار

نيٺ ٿيو لايو سجايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

”شاد“ شڪرانا ڪندو رهه، جو اچي نرمل نبي

پاڪ آ ڪلمو پڙهايو ٿي ويا سڀ ڏور ڏک

 

رحمت جا رنگ

رحمت الِلعالمين تنهنجي عجب رحمت جا رنگ

هر عنايت جا، ڪرم جا، قرب جا، شفقت جا رنگ

تو فقيراڻي ڍڪي پوشاڪ، آ شاهي ڪئي

ويا شهنشاهه دهلجي تنهنجي ڏسي دهشت جا رنگ

ڪافرن توسان ڪيون جنگيون، پئي کاڌئون شڪست

وات ۾ پين اڱريون، تنهنجي ڏسي سبقت جا رنگ

دشمنن سان دوستن وارو ڪيو برتاءُ تو

ڪوڙ ڪلفت هئي جتي، آندءِ اتي الفت جا رنگ

لٻ لڳايئي نانگ کاڌي کي ته خوش ٿي آ کليو

مونکي حيرت ۾ وجهن ٿا تنهنجي هن حڪمت جا رنگ

عرش جي ايوان تي سڀ سئر سبحاني ڪيئي

توکي ڏيکاريا اُتي قادر ڪيئي قدرت جا رنگ

هو فقط پردو وچان معراج واري رات ۾

هڪ خدا ٻيو تون، خدا جي تو ڏڍا خلوت جا رنگ

تنهنجا سڀ اصحاب آهن، لائقِ صد احترام

تنهنجي صحبت ۾ رهيا، تنهنجي لڳن صحبت جا رنگ

تنهنجي آمد هر پريشاني جا وڻ پاڙئون پٽيا

بيقراريون ويون ڏٺا، دل جي اکين راحت جا رنگ

گل حسن گوپانگ شل گهاريان مديني ۾ گهڙيون

هر ڳلي هر چوڪ تي جيئري ڏسان جنّت جا رنگ

 

محبت جو دڳ

وٺي هل نبي جو محبّت جو دڳ

نه ڇڏجان تون عربيءَ جي الفت جو دڳ

ٻيو توکي اهڙو نه ايندو نظر

سچائي صفائي صداقت جو دڳ

اٿي ڳول اڳ ۾ شريعت جو دڳ

تِهان بعد وٺجان طريقت جو دڳ

وڃي معرفت جي به ڏس ملڪ کي

ڪجان گم نه هرگز حقيقت جو دڳ

نمازون به پڙهه روزا رک ڏي زڪوات

اهو ٿي خدا جي عبادت جو دڳ

نبيءَ جي شرافت ڏسي ٿي شريف

ڪندءُ شانَ وارو، شرافت جو دڳ

ٻُهَرُ گهر جو اُڇلي پئي احمد مٿان

ته ڀي ورتو احمد عيادت جو دڳ

خدا ۽ محمّد جي هل راهه تي

نه وٺ ڪفر ۽ شِرڪ و بِدعت جو دڳ

اجايا ۽ اُبتا نه ڪر خرچَ خوب

فقط ڪارگر ٿي قناعت جو دڳ

محمّد جي حڪمن تي هل ”شاد“ تون

اهو ٿي سڌو صاف جنّت جو دڳ

 

 

تنهنجي آهي تَن ۾ تانگهه

دل جا دلبر دوست دلارا تنهنجي آهي تَن ۾ تانگهه

ساهه سهارا جيءَ جيئارا تنهنجي آهي تَن ۾ تانگهه

سالن کان ٿو ساريان توکي، گهوٽ گهرائين ٿو نه اڃا

هاڻي ڀال ڀلاءِ ڀلارا تنهنجي آهي تن ۾ تانگهه

ورهين کان ويڳاڻو بڻجي ويهي ويهي واٽن تي

تنهنجا پنڌ پڇان ٿو پيارا تنهنجي آهي تن ۾ تانگهه

عرض اچڻ جا روز ڪيان ٿو ميڙيون ڀي منٿون ڀي

آهن هردم ڳل ۾ ڳارا تنهنجي آهي تن ۾ تانگهه

مان به مديني پهچي ويندس پوري ٿيندي آس امّيد

ورندا ورندا نيٺ ته وارا تنهنجي آهي تن ۾ تانگهه

مُلڪ مديني لاءِ سِڪي ٿو ساهه سدائين يا سردار

سال لنگهي ويا سِڪندي سارا تنهنجي آهي تن ۾ تانگهه

تنهنجو پيارا پُور پوي ٿو، ننڊ ڦِٽي ٿي نيڻن جي

پوءِ تڪيندو آهيان تارا تنهنجي آهي تن ۾ تانگهه

روضي جو ميدان ڪندس مان صاف ٻُهاري ڏاڙهيءَ سان

هٿ ۾ کڻندس ٻيا نه ٻُهارا تنهنجي آهي تن ۾ تانگهه

ٻئي ساٿي جو ساٿ نه گهرجي، تنهنجي مَهر کپي مُرسل

ٻاجهه ڪندين تون ڪا ٻاجهارا تنهنجي آهي تن ۾ تانگهه

گل حسن گوپانگ چوي ٿو نيٺ ته تنهنجي روضي جا

ڏسندس مدني گهوٽ منارا تنهنجي آهي تن ۾ تانگهه

 

مسرّت ۾ لڱ لڱ

مديني ۾ ايندو مسرّت لڱ لڱ

ڏسڻ سان ٺرِي پوندو راحت ۾ لڱ لڱ

عبادت ڪندي هِت، ڪڏهن لڱ ٿڪجن ٿا

هتي ڪونه ٿڪبو عبادت ۾ لڱ لڱ

بدن پاڪ رهندو پرين وٽ پڄڻ سان

هِتي ٿيو گندو آ غلاظت ۾ لڱ لڱ

شريفن جي صحبت رڱيندي ”حياتي“

رچِي ريٽ ٿيندو شرافت ۾ لڱ لڱ

نه هت جسم جو ڪو ذرو زيان ٿيندو

حقيقت ۾ هوندو حفاظت ۾ لڱ لڱ

محمّد مٺي جا منارا ڏسڻ سان

وٺي ڦڙڪندو جوش جرئت ۾ لڱ لڱ

آ قانون قرآن جو عرب اندر

ڏڪي هت ٿو قصرِ عدالت ۾ لڱ لڱ

هُتي ٿوري محنت جي اُجرت گهڻي آ

نه مزدور ساڙي مشقّت ۾ لڱ لڱ

مديني ۾ پنهنجي گناهن کي ڌوئان

ڀڄي منهنجو ديائي رحمت ۾ لڱ لڱ

پُڄي گل حسن سل، مديني ۾ موليٰ

ٿو ترڦي محمّد جي فرقت ۾ لڱ لڱ

 

مصطفيٰ بي بدل

اهڙو سمجهان ٿو مان مصطفيٰ بي بدل

آ خدائيءَ ۾ جهڙو خدا بي بدل

ناهه مرشد محمّد جان مرشد ٻيو

هي ته آهي پرين پارسا بي بدل

جو پڄائي ٿو منزل تي آهي اهو

راهبر بي بدل رهنما بي بدل

رزق ڏئي ٿو خدا ٿو ورهائي نبي

آ سخي بي بدل ۽ سخا بي بدل

هوءَ ٿي اُڇلي ٻُهرَ ته به پڇڻ ٿا وڃن

آ خطا جي مٿان ٿي عطا بي بدل

جنهن حيا جو حيا ڀي حيا ٿو ڪري

سو مليو مصطفيٰ کي حيا بي بدل

ڪونه عيسيٰ نه موسيٰ ڪندو همسري

هي ته آهي شه انبيا بي بدل

آيو بخشائي اُمت کي معراج رات

آ وفا بي بدل باوفا بي بدل

نانگ کاڌو ڇُٽو سج وِيَل ڀي وريو

آ دوا بي بدل ۽ دعا بي بدل

”شاد“ ٻئي جي ثنا بي بدل ٿئي نٿي

آ نبيءَ جي ثنا بي بها بي بدل

 

 

(1)  ڊاڪٽر نذير احمد جروار صاحب شهدادڪوٽي هڪ شاعر ۽ اديب آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org