سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: شانِ رسول

باب: --

صفحو : 3

ثنا ٿيندي آ

جاٿي محبوبِ خدا، تنهن جي ثنا ٿيندي آ

درد وارن جي اُتي دل جي دوا ٿيندي آ

تون مٽائي ٿو سگهين لوح قلم جا به لکيا

جا رضا تنهن جي اها، رب جي رضا ٿيندي آ

لٻ لڳايئي ته ويو نانگ جو آزار هليو

اهڙي لقمان جي هٿ ۾ نه شفا ٿيندي آ

تون گهرين جو به خدا کان ته ملي ٿو توکي

تنهنجي هرگام تي مقبول دعا ٿيندي آ

تون اگر مرڪين انڌاري ۾ سئي ڀي ٿي لڀي

تنهنجي دندان مبارڪ ۾ ضيا ٿيندي آ

جو سوالي به سڏي ٿو ته پرين پيش اچي

تنهنجي دربار ۾ سائل جي صدا ٿيندي آ

ٿا پڙهون روز حديثن کي ملن ٿا موتي

پئي نئين سجّ نئين تنهنجي سخا ٿيندي آ

جنهن مدينو ڏٺو سو ٿو چوي، خوشبو ۾ وڌيڪ

مشڪ و عنبر کان مديني جي هوا ٿيندي آ

دين جي واسطي سردار سٺئي سر تي جفا

باوفا! اهلِ وفا، توکان وفا ٿيندي آ

”گل حسن“ تنهنجو ٿو ثنا گر سڏجي

ايها الله جي ڪنهن ڪنهن تي عطا ٿيندي آ

 

شان آ وهوا

منهنجي محمّد مصطفيٰ جو شان آ وهوا

جبريل ڀي در جو ٿيو دربان آ وهوا

لاٿو محمّد تي خدا قرآن آ وهوا

اسلام جو ڀي ٿي ويو اعلان آ وهوا

ٿيو عرش تي الله جو مهمان آ وهوا

اُمت مٿان آيو ڪري احسان آ وهوا

هر دل جي دردن جو ٿيو درمان آ وهوا

مشڪل اسان جي ٿي وئي آسان آ وهوا

آيو محمّد مصطفيٰ ڪلمه پڙهائڻ لئي

تازو سڀن جو ٿي ويو ايمان آ وهوا

آيو محمّد انس الفت ڀي اجاگر ٿي

بي انت نفرت کي رسيو نقصان آ وهوا

آيو محّمد ڪوڙ ڪلفت کي مِٽائڻ لئي

سڀ کي صداقت جو مليو سامان آ وهوا

ميٽي محمّد مصطفيٰ هر مونجهه مايوسي

هر جا مسرّت جو گهليو طوفان آ وهوا

ڏيندو قيامت ڏينهن جنتّ جون چٺيون مرسل

ڏاتر ڏنو سرور سخي سلطان آ وهوا

”گوپانگ“ جا غم ويا هليا دک دور ٿيا دل جا

ٿيو ”شاد“ آهي ”شاد“ ڪيو شڪران آ وهوا

 

آهي ثواب

مصطفيٰ محبوب جو نالو وٺڻ آهي ثواب

هر گهڙي صلوات سيّد تي پڙهڻ آهي ثواب

ٿي مسافر ۽ مديني ڏي وڃڻ آهي ثواب

۽ سچي سردار جي چائٺ چمڻ آهي ثواب

روضي آڏو صحن سيّد جو ڏسڻ آهي ثواب

۽ ٻهاري ان کي ڏاڙهي سان ڏيڻ آهي ثواب

جي حديثون ٿيون ملن، قرآن جي مضمون سان

تن حديثن تي حقيقت ۾ هلڻ آهي ثواب

جيڪي مجبورين سبب پهچن مديني ۾ نٿا

تن جو جانب جي جدائي ۾ روئڻ آهي ثواب

جو خدا جي ۽ نبي جي ٿو نه حڪمن تي هلي

مائٽي توڙي مِٽي، ان کان ڇِنڻ آهي ثواب

عشقِ احمد کان سواءِ گهارن گهڙي آهي گناهه

حب حضرت جي رکي جڳ ۾ جيئڻ آهي ثواب

رهنما بڻجي محمّد مصطفيٰ ڪئي رهبري

نينهن ۽ ناتو به رهبر سان رکڻ آهي ثواب

جي محمّد کي نه سمجهن نُور ٿا، آهن غلط

مصطفيٰ کي نُور چاهت سان چوڻ آهي ثواب

گل حسن گوپانگ تون، ڇو ٿو ڪرين بي شاعري

شعر ڀي شانِ محمد تي لکڻ آهي ثواب

 

لٻ

جنهن کي ڀي لڳائي مصطفيٰ لٻ

انهي جي درد جي ٿي وئي دوا لٻ

هٽايئين نانگ جو آزار هڪدم

هئي بيشڪ بها کان بي بها لٻ

ڇڏيئين منٽن ۾ رئندڙ کي کلائي

ڪري پئي دور، هر رنج و بلا لٻ

ڇُٽيون اَکڙيون علي المرتضيٰ جون

لڳائڻ سان کنيون آئي شفا لٻ

خدا جي حڪم سان نرمل نبي جي

ٿئي مشڪل ۾ پئي مشڪلڪشا لٻ

ڇُٽي ڦٽ ڪينسر جا ڀي سگهن ٿا

لڳائي جي حبيبِ ڪِبريا لٻ

مرض ويندا مريضِ لادوا جا

ڏسي ڀل آزمائي ڪو، ادا لٻ

حياتِ جاودان ماڻي سگهين ٿو

سڪندر ڳول اٿي آبِ بقا لٻ

نظر آيو نشانِ زخم ڪاٿي

جتي لاتي نبي نورالهديٰ لٻ

مديني وڃ محمّد مصطفيٰ جي

کڻي اچ ”شاد“ لئي بادِ صبا لٻ

 

 اڻ لڀ

پڇئي بيمار پوڙهي کان، اها آهي عطا اڻ لڀ

اها شفقت به اڻ لڀ آ، اها مهر و وفا اڻ لڀ

ويل سج کي ورائڻ لئي، جڏهن هادي کنيئي هٿڙا

ويل سج پيو وري واپس اِها آهي دعا اڻ لڀ

روئي پيو نانگ کاڌو، لٻ لڳائي تو، کلي خوش ٿيو

محمّد مصطفيٰ تنهنجي اِها آهي دوا اڻ لڀ

ڀلاين برڪتن جا ۽ وهايئي فيض جا دريا

ڪئي جا تو سخا سيّد، اها آهي سخا اڻ لڀ

پڙهو قرآن ٿا، آهي رکيل قرآن گهر گهر ۾

بلاشڪ تو ڏنو تحفو بها کان بي بها اڻ لڀ

ائين تون پيشوا پڳدار اڻ لڀ آن، جيئن آهي

خدا جي ڪو خدائيءَ ۾ خدا جهڙو خدا اڻ لڀ

گهلي جڏهين به ٿي، ان سان مليل مشڪِ ختن آهي

مٿي موتن کان آ ملهه ۾ مديني جي هوا اڻ لڀ

خدا جو آهه جو فرمان سو فرمان آ تنهن جو

نه تو رهبر جان رهبر ٻيو، تون رهبر رهنما اڻ لڀ

ٻڏڻ تي جي هئا ٻيڙا، ڪڍيئي بحرِ جهالت مان

برابر بي بدل تون آن، نشانبر ناخدا اڻ لڀ

مرض سڀ موڪلائن رب جي در تي گهر دعا دلبر

محمّد مصطفيٰ تون ”شاد“ ڏي موڪل شفا اڻ لڀ

 

معراج رات

عرش تي پهتو محمّد مصطفيٰ، معراج رات

ويو خدا ڏي خاص محبوبِ خدا، معراج رات

ڪا ڏهن يا ٻارهن جي رات، ڪا پندرهن ڪلاڪ

جا هلي ارڙهن ورهيه پورا، اها معراج رات

جيڪا امّت تي رکيل، پنجاهه ڀيرا هئي نماز

سا سچي سرور ڪرائي، پنج دفعا معراج رات

ننڊ مان جاڳيا ته پو پرور ڏي پهچڻ جي ڪري

ڪئي جُهڪي جبريل آزي، التجا معراج رات

طُور تي لاٿي جُتي موسيٰ، مگر منهنجو حضور

ويو پڄي نعلين سان عرشِ عُليٰ معراج رات

آسمانن تي مبارڪباد جا نعرا لڳا

هر طرف هئي مرحبا صد مرحبا معراج رات

احد سان احمد مليو، هو ميم جو پردو وچان

ٿي ويس قوسين جي ڪرسي عطا معراج رات

جو گهري پيو، سو ڏئي محبوب کي موليٰ پيو

ٿي محمّد جي رضا، رب جي رضا معراج رات

پيشوا پڳدار جي ديدار درشن واسطي

ٿيا قطارن ۾ ڪَٺا، ڪُل انبيا، معراج رات

آيو اُمت لئي وٺي، بخشش جا ڀاڱا بي حساب

ڀاڳ اسان جا ”شاد“ ٿيا، بيحد ڀلا معراج رات

 

ساٿ

دلبر ٻئي جو گهرجي، نڪي دلربا جو ساٿ

هِت ڀي کپي هُتي به کپي مصطفيٰ جو ساٿ

خيرالبشر جو ساٿ ۽ خيرالوريٰ جو ساٿ

نورِ مبين جو ساٿ ۽ نورالهديٰ جو ساٿ

شاههِ عرب جو ساٿ، شه انبيا جو ساٿ

پڳدار، پيشوا جو، پرين پارسا جو ساٿ

رهبر جو راهبر جو سچي رهنما جو ساٿ

هرهڪ قدم تي گهرجي، حبيبِ خدا جو ساٿ

آ جنگ اِحد ۾ ٿيو محمّد لهو ۾ لال

ته به دين جي وفا ۾ رهيو، باوفا جو ساٿ

هر گام تي رسولِ خدا ڪامياب ٿيو

هر وقت هو رسولِ خدا کي خدا جو ساٿ

مشڪل ۾ مصطفيٰ ڪيو مشڪلڪشا کي ياد

خيبر ۾ خوب خوب ٿيو مشڪلڪشا جو ساٿ

شانِ نبي جي اِبتدا لکندا رهيا لکين

ڪنهن کي به اِبتدا نه ڏنو اِنتها جو ساٿ

جيڪي گهري خدا کان ملي پيو رسول کي

هن جي رضا کي روز هو رب جي رضا جو ساٿ

محشر جو خوف خطرو پريشان نٿو ڪري

هت هوندو ”شاد“ شافعِ روزِ جزا جو ساٿ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org