سيڪشن؛ دينيات 

ڪتاب: شانِ رسول

باب: --

صفحو : 8

توتي سلام

يا محمّد مصطفيٰ توتي سلام

سربراهه انبيا توتي سلام

بيڪسن جا ڀَرجهلا توتي سلام

اي اَڙين جا آسرا توتي سلام

دردمندن جا ڪرين دک دور ٿو

دافعِ رنج و بلا توتي سلام

پاڪ پرور جا گهڻا پيارا مگر

تون حبيبِ ڪِبريا توتي سلام

راهه سان لاتا اچي گمراهه تو

رهبر، راههِ هُديٰ توتي سلام

دين جي خاطر سهِي جور و جفا

تو ڪئي سڀ سان وفا توتي سلام

تنهنجي جلون سان جهانُ روشن ٿيو

مظهرِ نورِ خدا توتي سلام

ڪنهن ڏٺو آ طُور، ڪنهن چوٿون فَلَڪُ

تو ڏٺو عرشِ عُليٰ توتي سلام

تنهنجا هٿ هيڻن مٿان هوندا هُتي

شافعِ روزِ جزا توتي سلام

رات ڏينهان گل حسن گوپانگ کي

ٿي وڻي تنهنجي ثنا توتي سلام

 

مديني ۾

حيات آهي اسان جو سيّدِ سرور مديني ۾

سڀن جو پيشوا ۽ رهنما رهبر مديني ۾

خدا جو دل گُهريو ۽ دلربا مديني ۾

نظارو نور جو نرمل عيان اظهر مديني ۾

اڙين آڌر يتيمن جو به آ ياور مديني ۾

مِلن ٿا دانَ جنهن در تي اهو آ در مديني ۾

ڏسي جيڪو وڇي ٿو نُور جو منظر مديني ۾

ڇڏي ٿو ملڪ پنهنجي کي اڏي ٿو گهر مديني ۾

اتي سڀني جهانن جي هلي ڇيڙي نبيري ٿي

خدا ساري خدائي جو رکيو دفتر مديني ۾

مٿي آ مرتبي ۾ مانَ ۾ دارا سڪندر کان

ٿيو جيڪو محمّد جو وڃي نوڪر مديني ۾

خدا کان بعد جنهنجو ناهه ڪو همسر نڪي ثاني

بلندي ۾ اهو بالا، اهو برتر مديني ۾

خدا کي لامڪان سمجهو، خدا جو ڪو مڪان ڪونهي

اگر آهي ته پو آهي خدا جو گهر مديني ۾

مديني جون گهٽيون آهن، خزانا ڄڻ ته خوشبو جا

ڇَٽِن ٿا پيا ملائڪ مُشڪ ۽ عنبر مديني ۾

اسان کي گل حسن گوپانگ ناهي خوف محشر جو

اسان جو آهه ويٺو شافعِ محشر مديني ۾

 

عجب اعلان ٿو سمجهان

وساريو جنهن محمّد کي اهو نادان ٿو سمجهان

نڪي انسان ٿو سمجهان نڪي حيوان ٿو سمجهان

خدا هڪ آ نه ٻيو ٿيندو خدا، جهڪجي خدا آڏو

اهو محبوب مدني جو عجب اعلان ٿو سمجهان

خدا کان پو خدائيءَ ۾ نه ڪو سرور جو آ ثاني

مٿاهون مصطفيٰ جو مرتبو ۽ مانُ ٿو سمجهان

نه جنهن سمجهو سچي سردار جي آمد جي مقصد کي

انهي غافل کي غفلت ۾ صفا غلطان ٿو سمجهان

جنهين دل تي نبي جي نينهن جي ناهي نوازش ٿي

اها دل هر طرح برباد ۽ ويران ٿو سمجهان

خدا قرآن کي نازل ڪيو آهي محمّد تي

محمّد مصطفيٰ کي ناطقِ قرآن ٿو سمجهان

درودِ مصطفيٰ مشڪل ۾ ڀل جان آزمائي ڪو

انهي کي مان ته هرهڪ درد جو درمان ٿو سمجهان

امامُ المتّقين ۽ پيشوائي مُرسلين آهي

سندس آدم نڪي عيسيٰ شريڪِ شان ٿو سمجهان

محمّد جي عقيدت جو ڪيان اظهار مان ڪهڙو

محمّد ڪعبو قبلو دين ۽ ايمان ٿو سمجهان

ثناگر مصطفيٰ جو، گل حسن گوپانگ سڏجان ٿو

اهو الله جو قرب و ڪرم احسان ٿو سمجهان

 

ثنا ڪيان

دل ٿي چوي ته ويٺو نبي جي ثنا ڪيان

جنهن جي نه اِنتها ٿئي اُها اِبتدا ڪيان

 وِردِ نبي مِٽائي ڇڏي دل جا درد ٿو

مان پاڻ ئي ٿو پنهنجي دُکن جي دوا ڪيان

صلّي عليٰ چوڻ سان ئي خوش ٿو خدا ٿئي

صلوات پڙهندي پاڻ تي راضي خدا ڪيان

مون کي ٻُڌائي منهنجي نبيءَ جو اُصول ٿو

دشمن ڪري دغا ته انهي کي دُعا ڪيان

فرمانِ مصطفيٰ تي ڪيان جي عمل ته پو

جيڪا رضا خدا جي سا پنهنجي رضا ڪيان

حُبِّ نبيءَ سوا نٿو موليٰ ملي سگهي

سجدا سوين يا توڙي لکين حج ادا ڪيان

قسمت جي آهي ڪشتي سمندر جي سِير ۾

ڪشتي انهيءَ جو مان ٿو نبي ناخدا ڪيان

خالق کنيون رسول جي زلفن جو آ قسم

شاههِ عرب جو شانُ خدا کان پڇا ڪيان

حق تي هلڻ جي لاءِ حديثن جو حڪم آ

حق تي هلان ۽ پاڻ کي حق آشنا ڪيان

جيڪر مران مديني ۾ گوپانگ گل حسن

الله جي ٿو دَرَ تي اِها اِلتجا ڪيان

 

مصطفيٰ کي ڄاڻ

اظهار، آشڪار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

نروار نامدار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

دل جو اکين جو ٺار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

هر قلب جو قرار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

جانان جلوه دار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

اُمت، جو افتخار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

توحيد جي چَمن کي خزان جو نه خوف آهه

اِن باغ جو بهار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

نعلين ساڻ عرشِ عُليٰ تي گهميو رسول

بي اَنت باوقار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

جنهن کي وڻيس ان کي ٿو جنّت ڏئي سگهي

اهڙو به اختيار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

يوسف جو حُسن، حسنِ محمّد کان ڪمترين

قدرت جو شاهڪار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

ارڙهن ورهيه پئي عرش تي رَبّ سان ڪيئن رِهاڻ

رَبّ جو به رازدار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

پوڙهِي ڏي ويو پُڇڻ جي ڪري پيرڙا ڀري

ڪافر سان قربدار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

محشر ۾ مؤمنن جو اي گوپانگ گل حسن

غمخوار، غمگسار، مٺي مصطفيٰ کي ڄاڻ

 

تو جهڙو نه ڪو

يا محمد مصطفيٰ منهندار تو جهڙو نه ڪو

سرورِ عالم سچو سردار تو جهڙو نه ڪو

ڪو ڪليم الله آ ۽ ڪو خليل الله آ

ٿيو خدا جو دادلو دلدار تو جهڙو نه ڪو

تاج تون لولاڪ جو، سر تي ڍڪي سرتاج ٿئين

آ دوعالم ۾ عيان اطهار ٿو جهڙو نه ڪو

تو ڏنو توحيد جو پيغام هر انسان کي

دين ۽ حق جو علمبردار تو جهڙو نه ڪو

تون امامِ انبيا ۽ پيشوائي مُرسلين

آ نبّين ۾ نبي نروار تو جهڙو نه ڪو

جا رضا تنهنجي اُها الله جي آهي رضا

برترين بالا ترين بَسيار تو جهڙو نه ڪو

تون ضعيفن جو به ضامن، ڇورڙن جو ڀي ڇپر

آيو دنيا ۾ يتيمن يار تو جهڙو نه ڪو

تنهنجو نالو ٿا وٺون پئي ٿو صفا اندر ٺري

آ مِٺو منٺار اکين جو ٺار تو جهڙو نه ڪو

تون شفيع المذنبين ۽ شافعِ روزِ جزا

تون ولهين واهر، اڙين آڌار تو جهڙو نه ڪو

ٿو پڙهان صلوات توتي درد ٿا سڀ دور ٿين

گل حسن گوپانگ جو غمخوار تو جهڙو نه ڪو

 

نبي نورالهديٰ سمجهو

سهارو بي سهارن جو محمد مصطفيٰ سمجهو

وسيلو به وسيلن جو نبي نورالهديٰ سمجهو

هِتي ڀي رهنما سمجهو، هُتي ڀي رهنما سمجهو

هِتي ڀي پيشوا سمجهو، هُتي ڀي پيشوا سمجهو

خدا جو دلربا سمجهو، حبيبِ ڪبريا سمجهو

نشانبر، نور يا نورِ مبين، نورِ خدا سمجهو

ڪري آسان، جو مشڪل اهو مشڪلڪشا سمجهو

دکي دل جي دوا سمجهو دعا سمجهو شفا سمجهو

سچو سردار ڀي سمجهو، امامِ انبيا سمجهو

زمين جو زيب سمجهو، زينتِ عرشِ عُليٰ سمجهو

رضا جيڪا محمّد جي اُها رب جي رضا سمجهو

خدا هن کان جدا ناهي نڪي هُن کان جدا سمجهو

سياهي ڪفر جي ۾ دين جي تنوير ٿي آيو

سندس تعليم کان پهتي زماني کي ضيا سمجهو

مقدّر ڀي ويا چمڪي، ڪيائين قسمتون روشن

نبي کي ڪاتبِ تقدير يا ڪِلڪِ قضا سمجهو

ڍڪايا ڇورڙن کي ويس عمدا عيد تي احمد

محمّد بارشِ احسان يا ابرِ عطا سمجهو

اڙين جي ٿيندو آڌر، گل حسن گوپانگ محشر ۾

شفيع المذنبين ۽ شافعِ روزِ جزا سمجهو

 

وفائن جو وَکر آيو

حَسينن جي حڪومت جو حقيقي تاجور آيو

خدا خود جنهن مٿان عاشق اهو نورِ نظر آيو

شرافت جو شِجر آيو، صداقت جو ثَمر آيو

عنايت جو ۽ احسانن جو قربن جو ڪڪر آيو

عطائن جو اَکر آيو وفائن جو وَکر آيو

دوائن جو دعائن جو، شفائن جو اثر آيو

نِرالو ۽ نيارو ۽ نشانبر نامور آيو

پيارو پيشوا پڳدار ۽ پيغامبر آيو

خزانو سونهن صورت جو، سراسر سربسر آيو

جمالي جوت جلوي سان جهان ۾ جلوه گر آيو

هدايت جا کڻي هيرا هتي گنج گوهر آيو

ٿيون جنهن کان دليون روشن، اهو روشن قمر آيو

سڀن جو رهنما آيو سڀن جو راهبر آيو

اڙين جو آسرو آڌر ۽ ڇورن جو ڇپر آيو

ٿئي جنهن در تي شفقت ٿي اهو شفقت جو در آيو

ملي جنهن گهر مان رحمت ٿي اهو رحمت جو گهر آيو

ڏيکاريندو محمّد معجزا شام و سحر آيو

اشارو ٿيو اشاري سان اڌو اڌ ٿي قمر آيو

هزارن ”شاد“ پارن جو سهارو ۽ ثمر آيو

ڀلي آيو ڀلي خيرالوريٰ خيرالبشر آيو

 

حيات النّبي

آ اسان جو محمّد حيات النّبي

اهڙو پئدا نه ڪوئي پيمبر ٿيو

بي ثمر جو ثمر ڇورڙن جو ڇپر

درد مندن جو آهي، دلاور ٿيو

راههِ رب کان نه ڪوئي ڀي آگاهه هو

ڪفر جو عرب ساري ۾ اونداهه هو

ڄائو جڏهين مڪي ۾ مٺو مصفطيٰ

ٿيون خوشيون ملڪ سارو منّور ٿيو

يوسف آهي حسينن ۾ ماهِ مبين

پر محمّد انهي کان زياده حسين

هُن تي عاشق زليخان ٿي آهي پئي

هن تي عاشق مگر پاڻ پرور ٿيو

حڪم عيسيٰ ڏي آيو الاهي عجب

لاهه جلدي جتي طور جو ڪر ادب

هي ته نعلين پايون ويو عرش تي،

ڪيڏو احمد جو آ شان برتر ٿيو

خضر جي آبُ هو زير فرمان رهيو

۽ هوا جو ٿي حاڪم سليمان رهيو

پر محمّد جا همسر نه آهن ٻئي

هي ته آ شافعِ روزِ محشر ٿيو

 

”شاد“ تون شان احمد جو ڳائين پيو

رحمتون پاڻ تي ٿو وَسائين پيو

اهڙو ناهي سڪندر کي رتبو مليو

تون ته سيّد جو آهين ثناگر ٿيو

 

ڏکن کان بچي سگهي ٿو

صلوات جيڪو پڙهي نبي تي، اهو نه مشڪل ڏسي سگهي ٿو

انهي جي دل ۾ نه درد ايندا، غمن ڏکن کان بچي سگهي ٿو

 

آهي ڏکي قبر جي انڌاري، کُٽڻ جي آهي نه رات ڪاري

اُتي به سردار سار لهندو، ڏکيو پڇاڻو نه ٿي سگهي ٿو

 

تکي چون ٿا ترار جهڙي، سنهي ٻُڌون ٿا ته وار جهڙي

نبي جي ٿيندي نظر ته مومن، خوشي سان پُل تان ٽپي سگهي ٿو

 

ڪندين نه راضي جي مصطفيٰ کي، لهي سگهين ٿو ڪٿي خدا کي

نبي نوازش ڪري ٿو جنهن تي، اهو خدا سان ملي سگهي ٿو

 

نبي جي در تي ٿجان سوالي، اي گل حسن موٽندين نه خالي

نبي جو وجِهه واسطو خدا کي، ته عرض تنهن جو اگهي سگهي ٿو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org