سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: شانِ رسول

باب: --

صفحو : 5

صلاح

پڙهه درودِ مصطفيٰ، هيءَ وٺ چڱائي جي صلاح

جي اٿي مشڪل ته ٿي مشڪلڪشائيءَ جي صلاح

سر وڃي ويندو رهي، ليڪن سخن تي رهه سچو

هيءَ ڏني آهي نبي وعده وفائيءَ جي صلاح

مصطفيٰ محبوب کان ڪنهن کي به ”پوڻائي“ نه پئي

آ ڀلو سڀ کي ملي، هُن کان ڀلائي جي صلاح

مصطفيٰ جو در ڇڏي، ٻيا در ڀلي کڙڪاءِ تون

مان نٿو توکي ڏيان اهڙي چريائي جي صلاح

تون وساري ڇڏ ڀلي، قاو بليٰ جي قول کي

آ اها شيطان ڏيندو بيوفائيءَ جي صلاح

ٿي نه ڪوڙو، ڪوڙ کان ڀڄ تون ڪروڙين ڪوهه دور

ٿي سچو هل، ٿو ڏئي سرور سچائيءَ جي صلاح

حوضِ ڪوثر کي هٿن سان، هُت هلائيندو حضور

پيو ڪندو سيّد انهي ”سُرڪي سَوائي“ جي صلاح

وِجهه دغا کي ڌوڙ ۾، آهي چيو رب جي رسول

ڪر نه ڪا ڀلجي به ٻئي ڪنهن لئي ٻيائي جي صلاح

مصطفيٰ معراج ۾ هر هر خدا سان پئي ڪئي

ڇوٽڪاري جي ۽ امّت جي رِهائي جي صلاح

”شاد“ کڻ شمع، شريعت کي هٿن ۾، هل هليو

راهه رستي لئي اها ٿي، روشنائي جي صلاح

 

 مسلمانن جو رُخ

مصطفيٰ تو دين ڏي، ڦيريو مسلمانن جو رخ

ٿي پيو شمعِ هدايت ڏي پو پروانن جو رخ

دين تي بي دين آيا، ٿي ويا ڀاڳن ڀريا

تو ڇڏيو موڙي آ تقديرن جي طوفانن جو رخ

ڪنهن لکيو قرآن، ڪنهن قرآن جا تفسير ڀي

ڪاتبن ڏي ٿيو، ڪتابن ۽ ڪُتبخانن جو رخ

ڪُفر ۽ الحاد جي آندءُ خزان جو خاتمو

ٿيو بهارن جي هوائن ڏي گلستانن جو رخ

گهر خدا جا ويا ٺهي ۽ مسجدون اَڏجي ويون

بُت پرستيءَ کان ٿيو، تبديل بُتخانن جو رخ

بي قياسي وئي ۽ بي رحمي ۽ بيدردي به وئي

ٿي دلين ڏي ويو، ڪرم قربن جو احسانن جو رخ

دين ۽ ايمان جا تحفا نه پيا سڀ کي وڻن

ٿي ويو هر آدمي ڏي، نيٺ ايمانن جو رخ

منتظر جي ها محمّد لئي، ڏٺئون مرسل مِٺو

تن جي دلين جي ٿيو، دردن ڏي، درمانن جو رخ

آبِ ڪوثر لاءِ ٿيندو، قاسمَ ڪوثر نبي

مؤمن کي ئي ڪندو، پُرباش پئمانن جو رخ

نعتيه ديوان آ، هن لئي لکيو ”گوپانگ“ تو،

ان طرف ڀي ٿي پوي، سڀني سُخندانن جو رخ

 

شانِ محمّد

الله ڪيو ڪيڏو اُتم، شانِ محمّد

هر ذرهِ عالم آ ثناخوانِ محمّد

آ قولِ خدا، قولِ نبي ۾ نه جدائي

فرمانِ خدا ڄاڻجي، فرمانِ محمّد

توحيد جي گلشن ۾ سدا جَشنِ بهار آ

ٿيندو نه خزان ديده گلستانِ محمّد

ان کي آ هِتي توڙي هُتي لهر نه لوڏو

جنهن تي ٿو رهي سايهِ دامانِ محمّد

رُتبي جي بلندي ۾، مٿي آهه مٿي آهه

دارا ۽ سڪندر کان به دربانِ محمّد

هجرت جي هليا رات ۾، ڪافر نه ڏٺو ڪنهن

ٿيو خاص خدا خوب نگهبانِ محمّد

صلوات کي سارڻ سان وڃن درد دلين جا

دم دم ٿو اچي ياد هي درمانِ محمّد

بخشش جا وٺي بهرا پيو معراج تي مرسل

امّت نه وساري اهو احسانِ محمّد

دنيا به انهن جي آ ته، عقبيٰ به انهن جي

ڪن فخر مقدّر تي، غلامانِ محمّد

گوپانگ کان محشر جو پڇاڻو ئي نه ٿيندو

ويندو بخوشي خلد ۾ خواهانِ محمّد

 

 پرت پياري ۾ واڌ

نبيءَ جي ڪيم پِرت پياريءَ ۾ واڌ

ته ٿي ويئي دل جي بهاريءَ ۾ واڌ

ٿي نورِ سحر آيو نرمل نبي

چڱو جو نه ٿي رات ڪاريءَ ۾ واڌ

ٿي ارڙهن ورهيه رات معراج جي

گهڻي ٿي وئي رازداريءَ ۾ واڌ

اٿارج نه جبريل، ”ننڊ مان نبي“

چيو ربّ، ڪجان انتظاريءَ ۾ واڌ

مخالف ٿيا مصطفيٰ جا مطيع

اچي وئي سندن شرمساريءَ ۾ واڌ

وٺي آيو بخشش جا جرا حضور

اچي وئي سندس اختياريءَ ۾ واڌ

محافظ ٿيو دين جو مصطفيٰ

شروع ٿي وئي دينداريءَ ۾ واڌ

سپاهِ نبي هو پٽي تي شهيد

جوانن ڪئي جانثاريءَ ۾ واڌ

محمّد جي محشر ۾ ٿيندي مدد

تڏهن ٿئي نٿي بيقراريءَ ۾ واڌ

گهڻا غم مليا گل حسن کي ته پو

ڪندو مصطفيٰ غمگساريءَ ۾ واڌ

 

لکن کي ڇڏ

هنن کي ڇڏ، هنن کي ڇڏ، هزارن کي لکن کي ڇڏ

محمّد مصطفيٰ کي دوست ڪر، ٻين دوستن کي ڇڏ

اَٿِيِ ڪي ”چڳ وڍو مرشد“ ته ڪي ٿي ”ڏن ڪڍو مرشد“

محمّد کي ڪري مرشد، مڪارن مرشدن کي ڇڏ

محمّد جو چيو مڃ تون، چڱائي ٿو چوي توکي

چڱو ٿي هل، چڱا ڪم ڪر، بُرن بڇڙن ڪمن کي ڇڏ

خدا کان بعد ۾ آهي محمّد جو نه ڪو همسر

بَشر ۽ نُور جي ضد بحث ۽ جهيڙن جَهٽن کي ڇڏ

وڃين ٻي واٽ سان ڇو ٿو، متان اوڙاهه ۾ اُڇلئي

وٺي هل راهه رهبر جي ٻين رستن دڳن کي ڇڏ

لکي شاعر نه جو، شانِ محمّد پنهنجي شعرن ۾

نه ان جو شعر پڙهه، ان اهلِ فن، اهلِ سخن کي ڇڏ

محمّد مصطفيٰ آهي، حقيقي محسنِ اعظم

ٻيا ٿي عارضي، تن مهربانن محسنن کي ڇڏ

ڪندا جي دشمني توسان ته نيّت پاڻ لوڙيندا

چيو مرسل ڊگهي ڏئي واڳ پنهنجي دشمنن کي ڇڏ

مديني جي ڳلين ۾ ٿي ادا مشڪِ ختن هاريل

هتان جي باغ بستان کي گلستان کي چمن کي ڇڏ

مديني ڏي هليو وڃ ”گل حسن“ گوپانگ تون هاڻي

مِٽن ۽ مائٽن ۽ ڀائرن سؤٽن سڳن کي ڇڏ

 

سچي سردار سان گڏ

حشر ۾ اّمتي هوندا، سچي سردار سان گڏ

قافلو هلندو پيو، قافلي سالار سان گڏ

جيڪو آڌار اڙين جو، انهي آڌار سان گڏ

يار جو آهه يتيمن جو انهي يار سان گڏ

جيڪو دم دم ۾ دلاسا پيو اسان کي ڏيندو

اسان هونداسين انهي دوست سان دلدار سان گڏ

جيڪي حق تي نه هِتي ها نه ڏسڻ ۾ ايندا

هوندا حق وارا هُتي حق جي طرفدار سان گڏ

ايندو ايوانِ عدالت ۾ نشانبر ٿي نبي

ويهندو ڪرسي تي اچي مالڪ و مختار سان گڏ

جي وفادار نبي ساڻ وفادار ٿيا

سي وفادار هُتي هوندا وفادار سان گڏ

ڪنهن به ڳڻتي نه پريشاني جو حملو ٿيندو

غم نه ڏسنداسين ڪوئي، هونداسين غمخوار سان گڏ

دين کان هت جي ڦِريل ها سي هُتي هٿ هڻندا

دين وارن کي ڏسي دين جي معمار سان گڏ

مؤمن لاءِ محمّد آ مددگار نبي

هِتڙي هونداسين محمّد سان مددگار سان گڏ

ڪونه گوپانگ کي جنّت کان جهليندو ڪوئي

هوندو پروانو شفاعت جو گنهگار سان گڏ

 

لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

مُنهنڙو مرسل کان جي مَٽيندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

قرب ڪٽيندين، ڪونه راهه ڇڏيندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

جيڪو آ فرمان خدا جو، سو فرمان محمّد جو

حڪم نبي جا جي نه مڃيندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

جيڪا رهبر راهه ڏسي آ، ان تي هردم هلندو هل

ٻيو رستو ٻي واهه رٿيندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

پاڻ پڙهي آ پاڪ پيمبر تون ڀي پڙهه پنج وقت نماز

ويسر ۾ هڪ وقت ڇڏيندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

سچ چئو سردار چيو آ، سچ سدائين چوندو رهه

ڪوڙ ڪٽي پيو ڪوڙ ڪٽيندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

نينهن ٻيا ناڪام اَٿي رک، پرت محمّد ساڻ پڪي

پيار انهيءَ کان پاڻ پليندين لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

حق حلال جي دال چڱي ٿي، رشوت وارن پئسن جا

چوزا کائي چَپَ چَٽيندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

جيڪو گهرندين توکي ملندو رب رسول جي وڃ در تي

ٻئي ڪنهن در تي جهول جهليندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ڏنڊ

مون کي جيڪر خوب نفعو ٿئي، ٻئي کي ڀل نقصان ٿئي

دل ۾ اهڙي ٽَلَ ٽَليندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

ٻين جا پڌرا پول ڪرين ٿو ”شاد“ ٻين جا عيب نه کول

ٻئي جا ٻين کي عيب ڏسيندين، لکجي ويندءِ ڏوهه ۽ ڏنڊ

 

دل مان نه ڪڍ

مصطفيٰ منهدار دم دل مان نه ڪڍ

دل سندو دلدار دم دل مان نه ڪڍ

پڙهه پيمبر جي مٿان، دل ۾ درود

۽ اهو ازڪار دم دل مان نه ڪڍ

هانوَ ۾ ويٺو هجئي هردم حبيب

۽ هنئين جو هار دم دل مان نه ڪڍ

جو ڏئي دل کي اکين کي ڀي سُرور

سو اکين جو ٺار دم دل مان نه ڪڍ

سڪّ رکي سيني ۾ سيّد جي سدا

ان جي الفت پيار دم دل مان نه ڪڍ

ساهه جي سينگار کي رک ساهه ۾

ساهه جو سينگار دم دل مان نه ڪڍ

دل جو ڪر مالڪ مٺو مرسل نبي

مالڪ و مختار، دم دل مان نه ڪڍ

هُت حمايت ڀي ڪندو هِت ڀي ڪندو

آسرو آڌار، دم دل مان نه ڪڍ

تاج لولاڪي ڍڪيو سرور سچي

ٿيو سڀن سردار دم دل مان نه ڪڍ

”گل حسن“ ويندين مديني ڏي ضرور

پر اهو ويچار دم دل مان نه ڪڍ

 

ثنا ڏاڍي لذيذ

يا محمّد مصطفيٰ تنهنجي ثنا ڏاڍي لذيذ

اِنتها جنهن جي نه آ سا اِبتدا ڏاڍي لذيذ

ڪافرن کي تون ڏئين پيو دينداري جي دوا

ڪونه هئي ڪوڙي ڪساري، هئي دوا ڏاڍي لذيذ

حقّ جي دعوت ڏئي حق جي طرفداري ڪيئي

رهبري تنهنجي هئي حق آشنا ڏاڍي لذيذ

مون حديثن کي پڙهيو تن ۾ ڏٺم حضرت حبيب!

چاهه چاهت چاشني ڄاڻي خدا ڏاڍي لذيذ

جيڪي موليٰ ساڻ ملڻ چاهن ملائي ٿو سگهين

تنهنجي آهي سرورِ عالم سخا ڏاڍي لذيذ

تنهنجي صدقي ويو ملي جابر جي پٽڙن کي جنم

آ اها تنهنجي عنايت ۽ عطا ڏاڍي لذيذ

بي نيازي اڏو، شبِ معراج ۾ ٿئين بانياز

تنهنجي هئي گفتار محبوبِ خدا ڏاڍي لذيذ

جن رکي توسان محبّت تن ڪيا سر ڀي فدا

تنهنجي الفت هئي اِمامِ اَنبيا ڏاڍي لذيذ

جن مديني جي وڃي لائي ڏٺي آهي هوا

تن چيو آهي مديني جي هوا ڏاڍي لذيذ

ٿو پڙهي تنهنجي مٿان هر هر صلوٰتون ۽ سلام

گل حسن گوپانگ ٿي وئي غذا ڏاڍي لذيذ

 

ڳڻتي نه ڪر

ڀرجهلو آ مصطفيٰ ڳڻتي نه ڪر

ٿيندي عاصين تي عطا ڳڻتي نه ڪر

ڪا رڪاوٽ ڪانه ٿيندي راهه ۾

آ محمّد رهنما ڳڻتي نه ڪر

پنهنجي ڪشتي لئي نه ٻيا ڪپتان ڳول

ڪر نبي کي ناخدا ڳڻتي نه ڪر

دور ٿي ويندا محمّد جي طفيل

درد، غم، رنج و بلا ڳڻتي نه ڪر

خود ڪندو تقسيم جنّت جون چِٺيون

ڀاڳَ ٿي ويندا ڀلا ڳڻتي نه ڪر

دل هڻين ڇو ٿو نه پئه ويچار ۾

وهم واري ڇڏ صفا ڳڻتي نه ڪر

ٿا محمّد جي مٿان ڪلمو پڙهون

ڇو ڏکي ٿيندي پڇا ڳڻتي نه ڪر

گڏ پڇا جي وقت ۾ هوندو نبي

ڪونه ٿي ويندو جدا ڳڻتي نه ڪر

آبِ ڪوثر ڀي پياريندو نبي

ٿيندي سيّد جي سخا ڳڻتي نه ڪر

گل حسن گوپانگ تون سردار جي

ڪر سدائين پيو ثنا ڳڻتي نه ڪر

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org