سيڪشن؛  دينيات 

ڪتاب: شانِ رسول

باب: --

صفحو : 4

محمّد مصطفيٰ تو وٽ

سچي دل ساڻ جي آيا، محمّد مصطفيٰ تو وٽ

بُرن کان جي بُرا ها، سي ڀَلن کان ٿيا ڀلا تو وٽ

اچن پيا دين تي بي دين، پئي هادي کنيئي هٿڙا

اجابت لئي رهي پئي منتظر دم دم دعا تو وٽ

ڇُٽائي نانگ کاڌي کي، سندءِ لٻ لاجواب آهي

آ اربن کان مٿي مُلهه ۾ اها دلبر دوا تو وٽ

نصيحت جا مڻين موتي ڏنئي ڪل قيمتي بلڪل

هدايت جا به ها هيرا، بَها کان بي بَها تو وٽ

سندءُ قانون ۾ حاڪم به قاضين جي اڳيان بيٺا

سکن جيڪر اچي، اڄ بي ريائي بي ريا تو وٽ

نه آ ڪوڙي، سچا سائين، سياست آ سچي تنهنجي

هئي منشور ۾ انسانيت جي ارتقا تو وٽ

ڍڪايا ويس عمدا عيد تي ڇوري ڇني کي تو

رحيمي ۽ ڪريمي ڀي هُئي بي اِنتها تو وٽ

خدا جي حڪم سان ڊاٺا، لکيا لوح و قلم جا تو

ٻڌي ٻانهون اچي بيهي پئي ڪلڪِ قضا تو وٽ

جفائن تي جفائون دين جي خاطر سٺئي سر تي

کُٽائڻ تي کُٽي ڪاٿي، هئي اَڻ کُٽ وفا تو وٽ

مرض سڀ موڪلائن گل حسن کي ڏي دوا درمل

گهري ٿو ”شاد“ توکان شاد لئي آهي شفا تو وٽ

 

محمّد جو نام وٺ

نالو ڀلي نبي جو پيو صبح، شام وٺ

مَل مشڪ بر زبان، پو محمّد جو نام وٺ

سؤدو ملي ٿو صاف محمّد کان مفت ۾

روزو، نماز، بندگي، سجدو سلام وٺ

حضرت جي هر حديث جو، پئمان پِي ته ڏس

محبوب مصطفيٰ جي محبّت جو جام وٺ

واعظ! ٻڌائي شان، خدا ۽ رسول جو

تقرير جي عوض ۾ نه دولت جو دام وٺ

قانون ڪر قرآن جو، ليڊر نه ڪجهه به سوچ

”آئين“ کان وٺين ته نبي جو نظام وٺ

مصحف جون ڪر تلاوتون، صبح و مسا مدام

الله ۽ رسول جو پل پل پيام وٺ

حق سچّ چئه پيو ڀلي، باطل ڦٽيندو رهه

تلوار وٺ زبان لئي مگر بي نيام وٺ

مان پنهنجي پيءُ ماءُ کي قربان ڪيان مٿن

حسّان جو ۽ پرده جو ٻيهر ته نام وٺ

دشمن جي دشمني ڪري ڀل جان پيو ڪري

فرمائي ٿو رسول، نه تون انتقام وٺ

شايع ويو ٿي نعتيه ديوان ”شاد“ نيٺ

گوپانگ جو اهو ته پڙهڻ لئي ڪلام وٺ

 

سردار جي باعث

جڙيو آهي جهان سارو سچي سردار جي باعث

ٿيا چوڏهن طبق روشن، سندس انوار جي باعث

خدا آهي محمّد سان ڪيو ولسوف جو وعده

بديون بخشيندو ان وعده وچن اقرار جي باعث

ڪيو خود خالقِ اڪبر محبّت پيار مرسل سان

ويو معراج تي مدني محبّت پيار جي باعث

اچڻ سان عرش تي پهتيون، نبي جي نور جو لاٽون

چٽي چانڊاڻ ٿي وئي، چؤ طرف چمڪار جي باعث

محمّد جا ٿياسي امّتي ڪن ٿا نبي ريسان

مليو اعزاز اعليٰ، احمد مختار جي باعث

ڪُڌا ڪم ٿا ڪيون، پو ڀي بدلجن ڪونه ٿيون شڪليون

”ٽري ٽارو“ ڪري رب ٿو، ڪيل اقرار جي باعث

اسان جو مصطفيٰ هت ڀي غمگسار آهي

نه غم ڪوئي ڀي ڏسنداسين، اسان غمخوار جي باعث

نڌڻڪا ڪونه اسان آهيون. قيامت ڏينهن ٿي ويندو

اسان جو ڇوٽڪارو پيشوا پڳدار جي باعث

مدينو ڀيٽ ۾ آيو، کٽي خلدِ برين کان ڀي

مدينو محترم ٿيو، مصطفيٰ منهدار جي باعث

خوشيون ڪر گل حسن گوپانگ آيو دين جو باني

ملي آ دينداري، دين جي معمار جي باعث

 

ثنا کان نه ڪر چِپ

نبي جي ثنا ڪر ثنا کان نه ڪر چِپ

ثنائي شہِ دوسريٰ کان نه ڪر چِپ

پئي توتي رحمت جي برسات وسندي

گهڙي هڪ به صلّي عليٰ کان نه ڪر چپ

محمّد مٿان پڙهه سدائين صلوٰتون

تون ذڪرِ حبيبِ خدا کان نه ڪر چپ

”نبي باوفا“ سان نه تون بيوفا ٿي

نبي سان وفا ڪر، وفا کان نه ڪر چپ

نبي جو وجهي واسطو پو خدا کان

دعا تي دعا گهر، دعا کان نه ڪر چپ

درودِ نبي ٿو، ڇڏي مونجهه ميٽي

انهي دردِ دل جي دوا کان نه ڪر چپ

ثنائي نبي جي ڪندين اِنتها ڇا

ڪري ابتدا کان نه ڪر چپ

پيو پرت پيالا پياريندو توکي

تون سيّد جي در تي صدا کان نه ڪر چپ

تون سرور جي نالي تي رهه سر به ڏيندو

اها ڪر سخا، ان سخا کان نه ڪر چپ

وڃي ”شاد“ ماري مديني ۾ موليٰ

اها ڪر، اِنهي التجا کان نه ڪر چپ

 

رواج

هو اڳي مرسل مٺا جڳ ۾ جهالت جو رواج

دشمني جو جنگ جهيڙي جو عداوت جو رواج

جاهلن واري جهالت کي ڌڪا ڏاڍيان ڏئي

تو ڪيو چالو، مرّوت ۽ محّبت جو رواج

بندگي جي لاءِ بيت الله ۾ بُتَ ها رکيل

تو اتي الله جي آندو عبادت جو رواج

بدتميزي، بدڪلامي بدمعاشي وئي هلي

تو تَڙيو زوريءَ ذليلن مان ذِلالت جو رواج

ڏاڍ سڀ ڏاڍن ڇڏيا، پيا ڏيل ڏاڍن جا ڏَري

ٿيو عيان اظهار، هِيڻن جي حمايت جو رواج

دين جي خاطر مجاهد، موت تي مرڪن پيا

چوٽ تي پهتو وڃي سِرَ جي سخاوت جو رواج

ٿي مئل جيئرو پيو بيشڪ اوهان جي دؤر ۾

دوستداري، دينداري جو ديانت جو رواج

ڪونه ٿيو توکان امانت ۾ خيانت جو خلل

تو امانت کي ڏنو سالم سلامت جو رواج

دشمنن ڀي توکي صادق جي لقب سان پئي سڏيو

تو ڪيو مشهور صادق ٿي صداقت جو رواج

تنهنجي سيرت جي ڪتابن ”شاد“ پارا ڪيا شريف

تو ڏنو ساري زماني کي شرافت جو رواج

  

اڄ جو اڄ

موليٰ ڪري مديني جو مهمان اڄ جو اڄ

الله جو ٿئي اهو احسان اڄ جو اڄ

منهنجي مٿان ڪو اهڙو ته قادر ڪرم ڪري

ساريان ويهي سفر جو مان سامان اڄ جو اڄ

روضو ڏسان رسولِ خدا جو خدا ڪري!

پوري ٿئي دل جي آس ۽ ارمان اڄ جو اڄ

جن ڀي رڪاوٽن آ پريشان هتي ڪيو

سي خودبخود وڃن ٿي پريشان اڄ جو اڄ

ڏاڙهي سان آ ٻهارڻو ميدانِ مصطفيٰ

ليڪن اهو ٻهاريان ميدان اڄ جو اڄ

باغِ ارم ٿو جنهن جي اڳيان شرمسار ٿئي

روضي جو مان ڏسان اهو ايوان اڄ جو اڄ

ڪنهن ڀي مرض جو ڪوئي نه نام و نشان رهي

هر درد جو ملي وڃي درمان اڄ جو اڄ

مدّت کان آهيان مان، شفا جي تلاش ۾

جيڪر شفا جو ٿي وڃي امڪان اڄ جو اڄ

روضي رسول جي ۾ ٿا دربان جي رهن

تن جو به مان ٿيان وڃي دربان اڄ جو اڄ

ماڻهو چون مديني جا ”گوپانگ“ کي ڏسي

سرور جو هت پُجي ويو ثناخوان اڄ جو اڄ

 

سمجهه

مصطفيٰ محبوب جو بي انت اعليٰ شان سمجهه

هي جهانن جو سچو سردار ۽ سلطان سمجهه

احمدِ مختار جي آمد جو مطلب آهه ڇا؟

پڙهه وڃي قرآن کي پلپل پڙهي قرآن سمجهه

عشق احمد پاڪ سان الله اوّل ۾ ڪيو

نينهن جنهن کي ڀي نبي جو ناهه سو نادان سمجهه

ڪونه سو انسان آ، انسانيت جي راهه تي

حبّ حضرت جي نه جنهن کي آ، اهو حيوان سمجهه

ٿي شبِ معراج ۾ تقريب آهي پُر وقار

عرش تي الله جو مرسّل ٿيو مهمان سمجهه

هڪ خدا آهي نه ٻيو ٿيندو خدا جو ڪو شريڪ

آ عجيب اعلان، عربيءَ جو عجب اعلان سمجهه

جنهن ڏنا ”منشور“، انسانن کي هڪ جهڙا حقوق

ان سياست جو سچو سرور سياستدان سمجهه

نانگ کاڌا لٻ ڇُٽايا، ههڙي حڪمت جي اڳيان

هيٺ بلڪل هيچ آهي حڪمتِ لقمان سمجهه

هر طرح اسلام جي هردم حفاظت ڪئي حضور

مصطفيٰ کي ڪعبو، قبلو، دين ۽ ايمان سمجهه

گل حسن گوپانگ سيّد جي ڪندو آهي ثنا

”شاد“ کي شاههِ مدينه جو ملنگ مستان سمجهه

 

مصطفيٰ ڏي وڃ

ڇو ٿو وڃين ٻين ڏي، مِٺي مصطفيٰ ڏي وڃ

رهبر جو آ سڀن جو، انهي رهنما ڏي وڃ

رحمت وَنڊي وِرهائي، جهانن ۾ ٿو رسول

رحمت جي لاءِ روز رسولِ خدا ڏي وڃ

ويندين به خير ساڻ ته وَرندين به خير ساڻِ

خيرالبشر نبي ڏي ۽ خيرالوري ڏي وڃ

دردن جو هر علاج، در مصطفيٰ تي آ

جو در شفا جو آ، انهي دارالشفا ڏي وڃ

الله جي ٿو حڪم سان ٽاري مصيبتون

مشڪلڪشا رسول ٿي، مشڪلڪشا ڏي وڃ

ٻئي ڪنهن به راهه رستي سان ڏسندين خدا نه تون

ڏِسڻو اَٿي خدا ته حبيبِ خدا ڏي وڃ

شاهانه گنج مان ٿو شهنشاهه گنج ڏئي

بحرِ سخا ڏي، بارشِ ابرِ عطا ڏي وڃ

ٿيو آهه مصطفيٰ نه ڪنهين ساڻ بيوفا

جيڪو وفا ٿو ڄاڻي، انهي باوفا ڏي وڃ

حڪمِ خدا سان آ ڪندو، تقدير سازگار

قسمت سنوار، ڪاتبِ ڪلڪِ قضا ڏي وڃ

رهه راتڙيون مديني ۾ گوپانگ ”گل حسن“

حق جي تون حاصلات لئي حق آشنا ڏي وڃ

 

 ذرا سوچ

ڪيڏو آ محمّد جو اُتم شان ذرا سوچ

هرڪو آ انهي شان تي حيران ذرا سوچ

الله جَهِلي عرش تي دلدار جي دعوت

موليٰ جو ٿيو مصطفيٰ، مهمان ذرا سوچ

قوسين جي ڪرسي تي وڃي ويٺو محمّد

وهه وا جو محمّد کي مليو مانُ ذرا سوچ

قرآن جي آيات جا ٻوليندو رهيو ٻول

آيو ٿي نبي ناطقِ قرآن ذرا سوچ

لولاڪ لَما وارو ۽ طهٰ جو ڍڪي تاج

سڀني جو ٿيو سرور و سلطان ذرا سوچ

فرمانِ محمّد جو، نه ٻيو رنگ نڪي روپ

آ هوبهو الله جو فرمان ذرا سوچ

سيّد جو نه ٿيو سايو نه مَک مُنهن تي ويهي پئي

اهڙو ته ٿيو ناهه ڪو انسان ذرا سوچ

هر شِرڪ ۽ بدِعت جي ڪري ختم خزان کي

ٿيو دين جي گلشن جو نگهبان ذرا سوچ

دراصل ادا احمدِ مختار جي آمد

آهي وڏو الله جو احسان ذرا سوچ

جنّت ۾ مزا ماڻيندو گوپانگ گل حسن

سرور جو ثناگر ۽ ثناخوان ذرا سوچ

 

قرآن کان پڇ

نه تون شانِ نبي انسان کان پڇ

خدا کان يا سندس قرآن کان پڇ

نوازيو، دشمنن کي ڀي محمّد

ڪرم کان قرب کان احسان کان پڇ

گهميو نعلين سان عرشِ بَرين تي

گواهي عرش جي ايوان کان پڇ

نبي پٿّر جهليا ها دين خاطر

خبر طائف جي هيءَ ميدان کان پڇ

مٺي مدني جي لب جهڙي نه ٿيندي

دوا ڪائي، ڀلي لقمان کان پڇ

ٿيا خادم نبي جا، ”لطفِ خدمت“

ابوذر کان پڇي سلمان کان پڇ

مليس اشعار تي ”دادِ محمّد“

حقيقت حضرتِ حسّان کان پڇ

فقيري مان ٿيا شاهي جا مالڪ

نبي جي در جي هر دربان کان پڇ

ڇڏايو دام مان هرڻيءَ کي حضرت

رحيمي بي زبان حيوان کان پڇ

مدينو ڄڻ ته جنـــّت، ”شاد“ آهي

مديني جي ڪنهين مهمان کان پڇ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org