سيڪشن؛  دينيات 

ڪتاب: شانِ رسول

باب: --

صفحو : 6

مصطفيٰ کان مُنهن نه موڙ

آن اگر مؤمن محمّد مصطفيٰ کان مُنهن نه موڙ

هوش سان هل تون حبيبِ ڪبريا کان مُنهن نه موڙ

خير جا هوڪا هلائي، خير ڏيندو ٿو رهي

خير ڏيندءُ خير وٺ، خيرالوريٰ کان منهن نه موڙ

هر دوائي مصطفيٰ ۾ آهه پيغامِ شفا

ٿئي شفا جنهن مان انهي دارون دوا کان منهن نه موڙ

جنهن کي منزل تي پڄائن ۾ نه ٿئي دم دير ٿي

رهبرِ اعظم کان اهڙي رهنما کان منهن نه موڙ

جنهن جي ڪوشش ساڻ ٿيون ڪشتيون ڪنارن سان لڳن

نامور اهڙي نشانبر ناخدا کان منهن نه موڙ

نور آهي نو سان پُرنُور دل تنهن جي ڪندو

نور نوراني نورالهديٰ کان منهن نه موڙ

خويش و بيگانه جو جنهن وٽ ناهه ڪوئي امتياز

باضمير ۽ بااصول ۽ بي ريا کان منهن نه موڙ

جي دعائون ٿو گهري جنهن لاءِ اڄ ڀي ٿيون اَگهن

آ نبي مشڪلڪشا، مشڪلڪشا کان منهن نه موڙ

حشر ۾ هوندو شفاعت جو ڌڻي حضرت حضور

شاهه شاهان، شانعِ روزِ جزا کان منهن نه موڙ

گل حسن گوپانگ ٿو توکي ڏئي سهڻي صلاح

همقدم، همدرد، همدم، همنوا کان منهن نه موڙ

 

 الفت عزيز

مصطفيٰ محبوب ٿي تنهنجي لڳي الفت عزيز

ساهه سر کان ڀي زياده آ سندءِ صحبت عزيز

حجر اسود کي رکيئه چادر ۾ جهڳڙو ويو ٽري

آ اهو نڪتو پيارو آ اها حرفت عزيز

تو ڪئي غارِ حرا واري اڪيلائي پسند

محفلن کان اي مٺا، توکي لڳي خلوت عزيز

سچّ جي تلوار سان تو ڪوڙ جي سر کي ڪٽيو

سچ جي سمجهين پيو، هر سوڀ هر سبقت عزيز

تو چيو رب کي، اٿارج مون کي مسڪينن منجهان

سون چاندي کان ڪري نفرت، ڪيئي غربت عزيز

تنهنجي لب تي هر گهڙي پيغام هو توحيد جو

تنهنجي نظرن ۾ رهي اسلام جي عظمت عزيز

دين سان تو دل لڳائي، دين جو باني ٿئين

دم بدم توکي لڳي پئي دين جي دعوت عزيز

بادشاهيون پئي مليون، تو وٽ مگر انڪار هو

توکي شاهيءَ کان فقيريءَ جي لڳي فرحت عزيز

تو بجا آندا، رالت جا فرائض بااصول

ٻيو نه سمجهو شان شوڪت ۽ نڪا شهرت عزيز

نام آ تنهنجو زبان تي، گل حسن گوپانگ کي

چاهه آ تنهنجو عزيز ۽ تنهنجي آ چاهت عزيز

 

رشڪِ سڪندر ٿي ويس

مان محمّد جو گداگر ٿي ويس

بخت ۾ رشڪِ سڪندر ٿي ويس

ٿو ڏيان نرمل نبي جي نوڪري

نينهن ۾ نروار نوڪر ٿي ويس

منهنجي آ زيرِ قدم شاهي جو تاج

مان فقيريءَ ۾ تونگر ٿي ويس

احمدِ مختار جي الفت سبب

ٿي ويس اظهار اظهر ٿي ويس

سچّ تي جيڪو سدائين ٿو لکي

سو سڀاڳو مان سخنور ٿي ويس

حّبِ حضرت مان مليو موليٰ مون کي

مست ۽ مردِ قلندر ٿي ويس

در نبي جي تي رهيا دربان جي

در جي دربان جو سگِ در ٿي ويس

قرب آ منهنجي مٿان، ڪامل ڪيو

مان به منظورِ مقدّر ٿي ويس

دل مان ڪوڙائي ڪچائي کي ڪڍي

مان صداقت جو سمندر ٿي ويس

مون کان محشر ۾ پڇا ٿيندي نه ڪا

”شاد“! سيّد جو ثناگر ٿي ويس

 

پُرڪشش

آن حَسينن کان گهڻو، اي حُسن وارا پُرڪشش

تو ۾ انسانن ڏٺا، نوري نظارا پُرڪشش

جي بُتن کي پيا سَڏِن، الله جي آڏو جُهڪيا

تو زمين دِين تي آندا سڌارا پرڪشش

ياد ٿا تن کي اچن، ڪڏهين به وسرن ڪونه ٿا

جن ڏٺا تنهن جي مديني جا منارا پرڪشش

پهچڻو هو جن کي منزل تي، اهي پهچي ويا

تو ڏنا جن کي عبادت جا اشارا پرڪشش

ٿيو شبِ معراج ۾ جنهن جنهن جڳهه تنهنجو قيام

ها سڀئي عرشِ برين وارا اُتارا پرڪشش

تو مٿان نازل ٿيڻ وارا مليا قرآن کي

آيتن ۽ سورتن سان ٽيهه پارا پرڪشش

جي مخالف ها، انهن جا ڀي ته من موهي ڇڏيئي

تنهنجي هر گفتار هئي پياري پيارا پرڪشش

تون جئين ڀي پيو چوين مولا مڃيندو پيو وڃي

پرڪشش تنهنجا انگل ۽ تنهنجا آرا، پرڪشش

نينهن تنهنجي جي نوازش ٿي وئي جن جي مٿان

تو ڪيا تن جي مقدّر جا ستارا پرڪشش

”گل حسن“ گوپانگ کي موليٰ مديني ۾ رهاءَ

ٿي پون مون لئي اُهي سانوڻ سيارا پرڪشش

 

ملاقات خاص

آهه معراج واري عجب رات خاص

جنهن ۾ مولا سان ڪئي تو ملاقات خاص

جي ڪيا عرض تو سي اگهايا خدا

تنهنجي اُمت تي ٿي وئي عنايات خاص

مرحبا مرحبا پيا ملائڪ چون

ڳائي حورن، مبارڪ جي نغمات خاص

ڪئي سوالات توکان شروع بي نياز

نياز سان پيش ڪئي تو جوابات خاص

تنهنجي مرضي ۽ منشا کي مالڪ مڃيو

توتي قربن جي ٿي وئي ڪمالات خاص

سڀڪو سمجهي نه معراج جي مام ٿو

بِرهه وارن پروڙي اِها بات خاص

آئين امّت جي بخشش جا بهرا وٺي

توکي مرسل ملي وئي مراعات خاص

توکي عرشِ برين تي گهرايو ويو

هئي خدا کي ملڻ جي طلب تات خاص

بي نياز آهي الله ان جي اڳيان

وئين کنيون نياز جي، ساڻ سوغات خاص

نعتيه شاعري ٿو ڪرين ”شاد“ تون

توکي ڏاتر ڏئي آ ڇڏي ڏات خاص

 

مصطفيٰ جو راض

جنهنجي مٿان رهي ٿو مِٺي مصطفيٰ جو راض

آهي انهي تي ڄڻ ته صفا خود خدا جو راض

معراج رات جيئن به حبيبِ خدا چيو

پورو خدا ڪري پيو، حبيبِ خدا جو راض

انڪار ۾ خدا نه هو، پورو پيو ڪري

عرشِ برين تي، صاحبِ عرشِ عُليٰ جو راض

ڇوري ڇني به عيد تي پاتا وڳا ۽ ويس

هن تي ويو ٿي مالڪِ مهر و وفا جو راض

جنهن آدمي جي دل ۾ انڌارو آ، نور ناهه

اُت نور کي پُڄائي ٿو نورالهديٰ جو راض

جت جنگ جهيڙو آ ۽ عداوت ۽ دشمني

اُت خير ڀي ڪرائي ٿو خيرالوريٰ جو راض

مشڪل ۾ جو آ، ان کي ڪري ٿو دعا ته پو

مشڪل ڇڏي هَٽائي ٿو مشڪلڪشا جو راض

ناحق تي ناحقي، جيڪي حق تي نٿا هلن

حق تي انهن کي آڻي ٿو حق آشنا جو راض

پهچائي راهرو جي ٿو پيرن ۾ منزلون،

رهبر سچي، رسول سچي رهنما جو راض

ٿيندو تيئين ئي حشر ۾ گوپانگ گل حسن

هوندو جيئين به شافعِ روزِ جزا جو راض

 

ٻئي در وڃڻ آهي غلط

در، محمّد جو ڇڏي، ٻئي در وڃڻ آهي غلط

مصطفيٰ محبوب کان ڀيرو ڀڃڻ آهي غلط

ڏينهن ٿو گذري محمّد کان سواءِ ڏاڍو ڏکيو

رات هڪڙي ڀي هتي هاڻي رهڻ آهي غلط

رهنما رهبر ڏسيو رستو سڌو قرآن جو

واٽ وارث جي ڇڏي ٻي ڪا وٺڻ آهي غلط

ڪر پڇا تي پيو پڇا، ڀلجان مديني ملڪ جي

پنڌ ٻئي پرڏيهه جو پل پل پڇڻ آهي غلط

جو وڃي پهچي مڪي ۾ سو مديني ڏي وڃي

پهچي مڪّي ۾ اتان واپس ورڻ آهي غلط

آبِ زم زم جي مٿان، آبِ بقا قربان ڪجي

شهر مڪّي ۾ ٻيو پاڻي پيئڻ آهي غلط

ٿئي نٿو احمد جي الفت کان سوا وصلِ خدا

ٻئي نموني لعل کي لوچي لهڻ آهي غلط

تون نبي سان نيهن رک، ٿيندءِ پو مولا سان ملڻ

اَڪَ پوکي آس انبن جي رکڻ آهي غلط

هر گهڙي هردم هجي سِڪ ساهه ۾ سردار جي

ان جي الفت کانسواءِ جڳ ۾ جيئڻ آهي غلط

ڪر حديثن تي عمل گوپانگ پو مؤمن سڏاءِ

بي عمل جو پاڻ کي مومن چوڻ آهي غلط

 

تحفّظ

مليو مهرو محبّت کي تحفّظ

ادب کي اُنس، الفت کي تحفّظ

ڪرم، قربن کي شفقت کي تحفّظ

سخاوت کي عنايت کي تحفّظ

شريعت کي طريقت کي تحفّظ

عبادت کي رياضت کي تحفّظ

دليري کي شجاعت کي تحفّظ

هميت کي حمايت کي تحفّظ

عزازت ۾ عزازت کي تحفّظ

ورهاست ۾ ورهاست کي تحفّظ

نصيحت کي هدايت کي تحفّظ

خدا واري اطاعت کي تحفّظ

شرافت کي لياقت کي تحفّظ

سعادت کي صداقت کي تحفّظ

عبارت کي اشاعت کي تحفّظ

فصاحت کي بلاغت کي تحفّظ

ڏنو آهي اچي محبوب مدني

امانت کي ديانت کي تحفّظ

ثنا سردار جي ڪر ”شاد“ هردم

ڏجان اهڙي عقيدت کي تحفّظ

 

بيان شروع

مان شان مصطفيٰ جو ڪيان ٿو بيان شروع

صلوات مان ڪيان ٿو ۽ تون ڀي ڪجان شروع

انسان ٿا پڙهڻ ۽ ملائڪ به ٿا پڙهن

خود آ ڪندي درودُ، خُدا جي زبان شروع

هڪڙي ڳڙي ڪتل جا مان لشڪر جو ڍءُ ٿيو

ڪجهه معجزن جا ٻيا به ڪندس داستان شروع

ضد بحث لاءِ جيڪي به آيا رسول ڏي

تن جي ادب کان ٿي نه، ڪڇڻ ۾ زبان شروع

ارڙهن ورهيه نه چرخو چليو ڪائنات جو

مهمان سان گفتگو ۾ هيو ميزبان شروع

معراج رات آيا نبي، سڀ سلام تي

جشنِ خوشي جو دؤر هو بر آسمان شروع

تحريڪ مصطفيٰ جي هلڻ سان جهان ۾

الحاد ڪفر جي ٿي پٺيان وَٺ وَٺان شروع

معراج رات ۾ نه گهڙي بند بات ٿي

پيو راز رازدان سان ڪري رازدان شروع

محشر ۾ مؤمنن کي ڇڏائيندو مصطفيٰ

تنهنجي ٿين ٿا دل ۾ اجائي گمان شروع

محشر جو ناهه خوف ڪو گوپانگ ”گل حسن“

ڪهڙو به ٿئي ڀليجان ڏکيو امتحان شروع

 

مهرو محبّت کي فروغ

تو ڏنو يا مصطفيٰ مهرو محبّت کي فروغ

قربداري کي ڪرم احسان عنايت کي فروغ

دين جو معمار تون، آهي مليو تنهنجي هٿان

دين کي ۽ دينداري کي، ديانت کي فروغ

وئين پڇڻ دشمن ڪراڙي کي پڇڻ آهي ڏنو

اُنس کي اخلاق کي رسمِ عيادت کي فروغ

تو چيو رب جا ڪيو سجدا مليو ان جي ڪري

بندگي کي سجده ريزي کي عبادت کي فروغ

حافظِ قرآن تون آن، درحقيقت تو ڏنو

سورتن پارن کي قرآن جي تلاوت کي فروغ

تون ٿئين هيڻن جو حامي پو ته هيڻن جي مليو

هم خيالي، هم زباني ۽ حمايت کي فروغ

يا محمّد تو ڏنو، دورِ جهالت ۾ اچي

علم کي افڪار کي حڪمت کي حرفت کي فروغ

تو ڏنو آ ڪافرن سان جنگ لڙندي يا رسول

لشڪري حرڪات کي، حملي کي همّت کي فروغ

جا، ڄمڻ سان قبر ۾ پورن پيا پر تو ڏنو

عزّت و توقير کي عورت جي عظمت کي فروغ

گل حسن گوپانگ چئي، تو آ ڏنو حضرت حبيب

صاف گوئي کي سعادت کي صداقت کي فروغ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org