سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :10

حوالا

1.

Zaidi، S.Z.H., “The Partition of Bengal and its Annulment - a Survey of the Schemes of Territorial Redistribution of Bengal 1902 - 1911” Ph.D Thesis, University of London, 1964, p. 52.

2.

Ibid., p. 53.

3.

Ibid., p. 55.

4.

Ibid., p. 60.

5.

Ibid., p. 60.

6.

Ibid., p. 60.

7.

Ibid., p. 61.

8.

Ibid., p. 61.

9.

Ibid., p. 62.

10.

“Report of the Proceedings of the Tweny - Eighth Indian National Congress held at Karachi” on the 26th - December, 1913، p. 22.

11.

“Quoted in Indian Constitutional Reform.” Vol. IIc, (Session 1932 - 33), London, 1934, p. 2137.

12.

Pirzada، S.S., Foundations of Pakistan, Vol. II, 1924-1947, Karachi, 1970, p. 73.

13.

Pirzada, op. cit., pp. 118-119.

14.

“All Parties Conference، Report of the Committee appointed by the Conference to determine the Principles of the Constitutions for India”, Allahabad, 1928, p. 19, hereafter referred to as Nehru Report.

15.

Ibid., p. 23.

16.

Ibid., p. 31.

17.

Ibid.

18.

Ibid.

19.

Ibid., p. 32.

20.

Ibid., p. 32.

21.

Ibid., p. 32.

22.

Ibid., p. 32.

23.

Ibid., p. 63.

24.

Ibid., p. 63.

25.

Ibid., p. 67.

26.

Ibid., p. 67.

27.

Ibid., p. 67.

28.

Ibid., p. 68.

29.

Ibid., p. 162.

30.

“Report of the Indian Statutory Commission”, Vol 1-2, cmd. 3569 (1930), p-58.

31.

Ibid., p. 59.

32.

Ibid., p. 59.

33.

“A note on the financial spects of the proposed Separation of Sindh” by Mr. g.w.wiles, Secretary to the government of Bombay. 15th October, 1928, Public and Judicial Department (c) File 522.

34.

cmd. 3572, 1930. “Indian Statutory Commission”, Vol. III, p. 89.

35.

Ibid., p. 89.

36.

Pirzada, op, cit. , p. 158.

37.

Ibid., p. 167.

38.

Shamloo (Compiler) , “Speeches and Statements of Iqbal”, 1945, p. 12.

39.

The Committee consisted of the following:- Earl Russell (Chairman), Marquees of Zetland, Marquess of Reading. H.H. the Aga Khan, M.A. Jinnah, Sir Shah Nawaz Bhutto, Sir ghulam Hussain Hidayatullah, Sir Abdul Qaiyum, Sir Muhammad Shafi, Dr. Shafaat Ahmed Khan, Sardar Sampuran Singh, Dr, B.S. Moonji, M.R, Jayakar, Raja Narendra Nath, C.Y. Chintamani, B.V. Jadhav, Sir Phiroze Settna, H.P. Mody and Sir Hubert Carr.

40.

cmd 3778, 1931. “Indian Round Table Conference, First session, November 12, 1930- January 1931, Proceedings of subcommittees، London 1931, p.464.

41.

Ibid., p. 429.

42.

Ibid., p. 434.

43.

Ibid., p. 464.

44.

Indian Constitutional Reform, op. cit, p. 2136.

45.

Ibid., p. 2136.

46.

Ibid., p. 2163.

47.

Ibid., p. 2142.

48.

Ibid., p. 2143-4.

49.

Ibid., p. 2142-3.

50.

A letter to the Viceroy and governor - general of India by representatives of Minorities in Sindh against separation of Sindh. N.D. , Public and Judicial Department (c) File 523.

51.

Indian Constitutional Reform, op. cit. , p. 2083.

52.

Ibid. , p. 2086.

53.

Ibid. , p. 2088-2089.

54.

“Indian Empire Review”. Calcutta، Jan. 1934, vol. 3. No. 1, p. 27.

55.

Ibid. , p. 27.

56.

“Anti-Sindh Separation Conference”, 18th and 19th June 1932. Public and Judicial Department(c) File 2057.

57.

A letter to the Viceroy and governor-general of India by representative of Minorities in Sindh, op. cit.

58.

Ibid.

59.

Indian Constitutional Reform, op. cit. , p. 2101.

60.

Ibid. , 2101.

61.

Ibid. , 2101.

62.

Extract from Secretary of State's closing speech at the Round Table Conference, 14th Dec. 1932, Public and Judicial Department (c) File 522.

63.

Ibid.

64.

“Joint Committee on Indian Constitutional Report Session” 1933-34, Vol. I, Part I, London 1934.

65.

Ibid., p. 34.

66.

Ibid., p. 34.

67.

Deputy Secretary to the government of India to Secretary of State، 5th Oct, 1932, Public and Judicial Dept. (c) File 2288.

68.

Ibid.

69.

Note of Points for the Secretary of State، 13th March 1933, Templewood Collections. MSS.Eur. E 240, vol. 64.

70.

Deputy Secretary to the government of India to Secretary of State for India. op. cit.

71.

Templewood Collections, op. cit.

72.

Ibid.

 

ماخذات

A.       British government Documents:

1.

cmd. 3568, 1930. “Report of the Indian Statutory Commission” , Vol. I.

2.

cmd. 3569, 1930. “Report of the Indian Statutory Commission” , Vol. II.

3.

cmd. 3572, 1930. “Indian Statutory Commission” , Vol. III.

4.

cmd. 3778, 1931. “Indian Round Table Conference, First Session, November 12, 1930 - January 19, 1931” , Proceedings of Subcommittees.

5.

Indian Constitutional Reform, Vol. IIc, London 1934.

6.

India Office Records: Public and Judicial Department, 1930 - 1940, P. and J. 9.

 

B.       Indian National Congress Documents

1.

All Parties Conference 1928, Congress Documents Allahabad، 1928.

2.

Report of Proceedings of the Twenty-Eigth Indian National Congress held at Karachi, 26th-28 1913.

C.       Published Books:

1.

Coatman, J. “India in 1928-29” Calcutta، 1930.

2.

Gopal, R. “Indian Muslims, A Political History 1858-1957” , London, 1959.

3.

gopal، S. “The Viceroyalty of Lord Irwin 1928--31” , Oxford, 1957.

4.

Ikram S.M. “Modern Muslim India and the Birth of Pakistan,، London 1970.

5.

Shamloo (Compiler) , Speeches and Statements of Iqbal”. Lahore, 1945.

6.

Spear, P. “India, A modern History، Michigan, 1961.

7.

Indian Constitutional Reform, Volume IIc, London 1934.

D.       Private Papers:

          In India Office Library.

1.

Curzon Collections: MSS. EUR. F III, 247A.

2.

Templewood Collections: MSS. EUR. E. 240.

 (پاڪستان اسٽڊيز سينٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي مخزن “گراس روٽس”، جلد 2، نمبر 2، 1978ع تان ترجمو ڪرايل.)


 

ٻه تاريخي تقريرون

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

سنڌ ۾ جديد سياست جو آغاز انگريزن جي دور کان ٿيو. منهنجي ڳاڻاٽي موجب هن دور ۾ سنڌ اندر پنجيتاليهه پوليٽيڪل پارٽيون ۽ پريشر گروپ قائم ٿيا(1)، جن مان ”آل انڊيا مسلم ليگ“ به هڪ هئي. سنڌ ۽ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي ناتي رشتي جي تاريخ وري ڪيترن دورن ۾ ورهايل آهي. 1906ع ۾ جڏهن هن جماعت جو بنياد رکيو ويو ته ان جو پهريون صدر هزهائينس آٰغا خان کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو جنم ڀوميءَ جي لحاظ کان سنڌي هو. هن جماعت جو پهريون (1907ع) ۽ آخري (1943ع) ساليانو ميڙ به سنڌ ۾ ٿيو.(2)

سنڌ ۾ هتان جي مسلمانن 1916ع ۾ ”سنڌ مسلم ليگ“ قائم ڪئي ۽ ڪوشش ڪيائون ته ان جو ”آل انڊيا مسلم ليگ“  سان الحاق ڪرايو وڃي، مگر کين خاطر خواه موٽ نه ملي، تان جو ”سنڌ مسلم ليگ“ پنهنجي انهيءَ روپ ۽ رنگ ۾ مسلمانن جي سياسي خدمت ڪندي رهي. ان کان پوءِ به هن جماعت کي هڪ کان وڌيڪ دفعا منظم ڪيو ويو.

سنڌ بمبئيءَ کان الڳ ٿي ته هتان جي سياست ۾ وڏو ڦيرو آيو. هتان جي مسلمان سياستدانن رواداريءَ جو ثبوت ڏيندي ڪوشش ڪئي ته غير فرقيوارانه بنيادن تي ڪا جماعت ٺاهي وڃي. ليڪن بدقسمتيءَ سان نه رڳو غير مسلم طبقي طرفان کين جوڳي موٽ نه ملي، پر هو پاڻ ۾ ايڪي ۽ اتحاد کي قائم ڪري نه سگهيا. پهريون ”سنڌ اتحاد پارٽي“ ٺهي ۽ پوءِ سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي ساٿين سان گڏجي ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ قائم ڪئي.

جڏهن وري پهريون صوبائي چونڊون ٿيون ته سنڌ جي سياست اڃا به وڌيڪ رنگ بدلايا. هڪ طرف ”سنڌ اتحاد پارٽي” جي ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر کي چونڊن ۾ شڪست آئي ۽ ٻئي طرف سندن جماعت، جنهن باقي ٻين سياسي پارٽين کان وڌيڪ سيٽون کنيون هيون، تنهن کي نظرانداز ڪري ”مسلم پوليٽيڪس پارٽي“ کي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو.

هڪ اڌ سال دوران سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۽ وزارت جي ”اقتدار – گهر“ ۾ جيڪو وهيو واپريو، ۽ جو رول وري انهيءَ سلسلي ۾ ڪانگريس پارٽي ادا ڪيو، تن ڳالهين سنڌي مسلمان سياستدانن جي هڪ طبقي ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي ويجهو وڃڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو، تان جو 1938ع ۾ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ”سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس“ سڏرائي وئي. اها ڪانفرنس نه رڳو سنڌ جي مستقبل ليڪن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي مقدر بدلائڻ جو بنياد ثابت ٿي. هن ڪانفرنس ۾ جيڪي ”خواهشون“ ظاهر ڪيون ويون، انهن کي ٻه سال پوءِ 1940ع ۾ لاهور واري ميڙ ۾ ”ضرورتون“ بڻائي پيش ڪيو ويو. هن ڪانفرنس ۾ پڙهيل حاجي سر عبدالله هارون جو خطبه استقباليه سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو، ڇو ته انهيءَ خطبي مان سنڌي مسلمانن جي هڪ بااثر طبقي جي سياسي سوچ جي تبديليءَ جا اهڃاڻ ملن ٿا، ساڳي ئي قسم جو آواز وري اسان کي پنجن سالن کان پوءِ يعني 1943ع ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي ايڪٽيهين ميڙ جي موقعي تي محترم سائين سيد غلام مرتضيٰ شاهه ساڳئي حيثيت سان اهو ٻيو خطبو پڙهيو.

سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مانوس ۽ ڪامياب ڪرائڻ ۾ جيترو هٿ سر حاجي عبدالله هارون جو، اوترو وري ان کان پوءِ محترم سيد غلام مرتضيٰ شاهه جو هو. انهن ٻنهي ناميارن سياستدانن جي تاريخي تقريرن جو متن هيٺ ڏجي ٿو:

سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس --- 1938ع

(حاجي عبدالله هارون جو خطبه استقباليه)

”منهنجي لاءِ هيءُ موقعو باعث عزت افزائي آهي، جو آئون سنڌ جي مسلم قوم پاران اوهان صاحبن جهڙن بزرگن جي آجيان ڪري رهيو آهيان. مون کي احساس آهي ته مون ۽ منهنجي رفيقن، جن تي اوهان جي استقباليه جي ذميداري عائد ٿيل هئي، ايترو ڪجهه ڪيو آهي، جيڪو اسان کي ڪرڻ کپندو هو، تنهنڪري آئون پنهنجين گهڻين ڪوتاهين لاءِ اوهان کان معافي گهران ٿو. آئون اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته اسان سنڌ وارا محسوس ڪريون ٿا ۽ ان ڳالهه جو قدر ڪريون ٿا ته اوهان جهڙا بزرگ مختلف هنڌن تان هلي، ڪيڏا نه ڏکيا سفر ڪري هت پهتا آهيو، محض ان مقصد لاءِ ته اسان جي هن ڏکي ۽ تڪليف واري وقت ۾ رهنمائي فرمايو.

”اڄ اسان هڪ اهڙي صوبي جي دارالحڪومت ۾ گڏ ٿي رهيا آهيون، جيڪو رقبي جي لحاظ سان ته انگلينڊ (ويلس جي علائقي ڪاٽئي) جيترو آهي، پر تاريخي ۽ جغرافيائي لحاظ سان هندستان جي اهم ترين حصن مان هڪ آهي. جغرافيائي طرح ڪراچي يورپ کي ويجهي ۾ ويجهو بندر آهي، بري، بحري ۽ هوائي سفر جي نقطه نگاهه کان. تاريخي طرح تازين کوجنائن ذريعي اهڙا خزانا هٿ لڳا آهن جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماضيءَ ۾ سنڌ تعجب انگيز پيماني تي هڪ شاندار ۽ عظيم تمدن جو حامل هئي. نه وري هندستان جو ڪو مسلمان هيءَ حقيقت ئي نظر انداز ڪري سگهي ٿو ته اسلام جو قافلو پهريان پهريان سنڌ مان گذري پوءِ ٻين پاسن ڏانهن وڌيو هو. صرف ان نسبت سان ئي اسان سنڌي مسلمان هن ڳالهه جا مستحق آهيون ته جنهن تڪليف ۾ اسان اڄ ڪلهه مبتلا آهيون، تنهن کان نجات ڏيارڻ لاءِ اوهان اسان جي مدد ڪريو. مون کي قوي اميد آهي ته اوهان جي هت گڏ ٿيڻ ڪري نه فقط اسانجين مقامي تڪليفن ۾ تخفيف ٿيندي، پر هتان هڪ نئون قافلو مسلمانن جي اتحاد، ٻڌيءَ ۽ قوت جو وکر کڻي اڳتي هندستان ڏانهن روانو ٿيندو. اميد اها اٿم ته توڙي جو هينئر منهنجي پنهنجيءَ  عمر جي شام آهي، پر آئون اهو ڏينهن، جيڪو پري نه آهي، ڏسندس، جڏهن اهو قافلو روانو ٿيندو ۽ منزل مقصود تي پهچندو.

هندستان جي مسلمانن جي مسئلن جي فهرست ايتريقدر طويل آهي، جو اُها ساري هن داستان ۾ سمائجي نه سگهندي، تنهنڪري آئون اختصار کان ڪم وٺندي محض انهن چند اهم مسئلن ڏانهن اوهان جو توجه ڇڪايان ٿو، جن مسئلن کي اوهان سلجهائي سگهو ٿا.

اقليتن جو مسئلو:

”هن پهرين بنيادي حقيقت کان ڪو به انڪار ڪري  ڪو نه سگهندو ته هندستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو قسما قسم قومن ۽ فرقن جو وطن آهي. انهن قومن ۽ فرقن جا پنهنجا پنهنجا مذهب ۽ پنهنجون پنهنجون ثقافتون ۽ روايتون آهن، مگر اهي مختلف ۽ متضاد عناصر ڪهڙيءَ طرح هڪ آئيني نظام هيٺ رهن(جنهن کي منجهانئن هر هڪ قبول ڪري) تنهن مسئلي جو حل اڃا تائين ڪو ڪڍي ڪو نه سگهيو آهي. منهنجي پنهنجي راءِ اها آهي ته ان ڏس ۾ ناڪاميءَ جو مکيه ڪارڻ اهو آهي جو هندستان جي اڪثريت واري قوم(هندو) انهن مختلف اقليتن جي وجود ۽ شخصيت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي  ۽ ڇڙو ملڪ جي جغرافيائي خصوصيت تي پئي زور ڏئي ۽ ان مان ناجائز فائدي وٺڻ جي پئي ڪوشش ڪري.

في الحقيقت جغرافيائي يا تاريخي لحاظ سان هندستان ڪڏهن به هڪ مرڪز هيٺ نه رهيو آهي ۽ جيڪڏهن انگريزن پنهنجي دور حڪومت ۾ هندستان جي جدا جدا حصن(Units) جي شخصيت کي اڀرڻ اسرڻ جي موقعن کان محروم ڪري ڇڏيو ته ان جي اها معنيٰ نه ٿيڻ گهرجي ته هندستان ۾ رهندڙ مختلف قومن جي وجود ۽ هستيءَ کان ئي انڪار ڪري ڇڏجي. ظاهر آهي ته اڪثريت واري قوم اهو انداز فڪر هن لاءِ اختيار ڪري رهي آهي ته هندستان اندر رهندڙ ساري انسان ذات مٿان هوءَ پنهنجو تسلط قائم ڪري وٺي. مگر اقليتون انهيءَ انداز فڪر کي هرگز قبول ڪو نه ڪنديون ۽ اهو ئي فڪري تصادم ڪارڻ آهي هن ڳالهه جو ته هندستان جو مسئلو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پيچيدو بڻبو پيو وڃي.

مناسب ته ائين هو ته اقليتن جي وجود کي هڪدم تسليم ڪري انهن کي پنهنجي وجود کي سلامت رکڻ لاءِ، ضروري تحفظات مهيا ڪري ڏنا وڃن. اهو ئي هڪ رستو هو جنهن سان هندستان جو مسئلو ســُـلجهي سگهيو ٿي. جنهن وقت مسلمانن اهڙن تحفظات لاءِ گهر ڪئي، ان وقت انهن جي پيش نظر ڇڙو پنهنجو فائدو ڪو نه هو، پر انهن سمورين ننڍين اقليتن(جيڪي تعداد جي لحاظ سان ڪيتريقدر به ڪمزور هيون) جي حقن جي حفاظت به مدنظر هئي.

اوهان کي معلوم آهي ته گذريل پندرنهن سورهن سالن اندر گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه دفعا ان مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ٿي چڪيون آهن. پهرين ڪوشش 1923ع ۾ ٿي، جڏهن انهن ڳالهين لاءِ دهليءَ ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس سڏايو ويو. آخري ڀيرو اهڙي ڪوشش تازو ٿي گذري، جنهن جي دوران خود هن ڪانفرنس جي صدر صاحب(مسٽر جناح رحه) پاڻ مسلمانن جي وڏي قابليت سان نمائندگي فرمائي.

”ان سلسلي ۾ جيڪي به بحث مباحثا اڄ تائين ٿيندا رهيا آهن، انهن جي هڪ خصوصيت اها پئي رهي آهي ته اڪثريت هميشه اقليتن جي شخصيت تسليم ڪرڻ کان نابري پئي واري آهي. اڪثريت جو مقصد اهو هو ته ملڪ جون اقليتون ملڪ جي حڪمرانيءَ ۾ حصو نه گهـُـري سگهن. ان مقصد جي نشاندهي ميثاق لکنو جي موقعي تي ٿي، جڏهن اڪثريت واريءَ قوم بنگال ۽ پنجاب(جن ۾ مسلمانن جي گهڻائي هئي) ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي ٽوڙي انهن کي اقليت بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کان پوءِ هوءَ (يعني هندو اڪثريت)، ساڳي ئي نيت سان، بلوچستان ۽ سنڌ کي جدا انتظامي حلقن بنائڻ واري مطالبي جي مخالفت ڪندي رهي. هندن جي اهڙي تنگ دليءَ جي مقابلي ۾ مسلمانن هميشه فراخدلي پئي ڏيکاري آهي ۽ هر فرقي ۽ هر اقليت کي سندس حقن ڏيارڻ واري اصول جي پٺڀرائي ڪئي آهي. مثلاً مسلمانن اڙيسه صوبي جي بنجڻ جي مخالفت ڪانه ڪئي، ننڍين ننڍين اقليتن کي حق ملن، تنهن مطالبي جي به مزاحمت ڪا نه ڪئي، برعڪس ان جي، هندن جدا چونڊن جي اصول جي مخالفت پئي ڪئي آهي، جيئن اقليتون پنهنجا حق حاصل ڪري نه سگهن، تعجب جي ڳالهه ته اها آهي ته هندو پنهنجي ان منفي ۽ خود غرضانه روش کي ”نيشنلزم“ لاءِ پنهنجي خواهش ۽ پيار سان پيا تعبير ڪن! اسان جڏهن به اڪثريت کي استدعا ڪريون ٿا ته هوءَ اسان سان گڏجي ويهي مسئلن جو تصفيو ڪري ته جواب اهو پئي ڏئي ته ”اڃا تائين مليو ڇا آهي، جنهن جي ويهي ونڊ ورهاست ڪريون؟“ پاڻ سندس طرفان اهو مشورو پيو ڏنو وڃي ته اقليتون ان وقت تائين ترسي ويهن، جيستائين هندستان کي سوراج مليو آهي. مگر سندس سوراج جي معنيٰ ڇا آهي؟ معني اُها آهي جنهن جو اظهار اڳ ۾ ئي انهن ستن صوبن ۾ ٿي رهيو آهي، جن ۾ (نون سڌارن هيٺ) ڪانگريس کي (صوبائي وزارتن وسيلي) راڄ ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ڪهڙي قسم جا مسلمان، مسلمانن جي نمائندگيءَ لاءِ، يو- پي- بمبئي، بهار ۽ مدراس جي وزارتن ۾ کنيا اٿن؟ اهي، جن ۾ نه مسلمانن جو ڀروسو آهي ۽ نه انهن کي صوبي جي مسلمانن جي پٺڀرائي حاصل آهي! مسٽر شريف کي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ سي - پيءَ ۾ ڪنهن به مسلمان کي وزارت ۾ کڄڻ جي لائق ڪو نه سمجهيو اٿائون! ڪجهه وقت تائين اهو پئي چيو ويو ته جنهن صورت ۾ مسلمان ميمبرن جي اڪثريت ڪانگريس جي پاليسي قبول نٿي ڪري، تنهن صورت ۾ ڪانگريس به ساڻن تعاون ڪو نه ٿي ڪري سگهي. پر صوبي سرحد ۾ ڪانگريس جو اهو اصول ڪيڏانهن ويو، جت هــُـن  هزارا جي غير ڪانگريسي جمهوري پارٽي جي شرڪت سان پنهنجي وزارت ٺاهي آهي؟ آسام ۾ ته پاڻ وڌيڪ کـُــليءَ طرح سان پنهنجي ان ”اصول“ جي مٽي خراب ڪئي اٿائين. اڙيسه ۾ جڏهن مسلمانن وزارت ۾ نمائندگيءَ لاءِ گهر ڪئي، ته کين جواب ڏنو ويو ته جيڪو مسلمان ڪابينه ۾ کڄي سگهڻ جهڙو هو، تنهن چونڊن ۾ هڪ ڪانگريسي اميدوار کي شڪست ڏئي پاڻ کي چونڊايو آهي، تنهنڪري ان کي وزارت ۾ کڻڻ جو ڪو  سوال ئي  پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. پر صوبه سرحد ۾ ڪانگريس هڪ اهڙي پارٽيءَ جو تعاون قبول ڪيو آهي، جنهن چونڊن ۾ سندس مخالفت ڪئي هئي، نه فقط ايترو، پر خود اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر هڪ اهڙي مسلمان ميمبر کي بڻايو اٿائين، جيڪو چونڊن ۾ ڪانگريسي اميدوار کي شڪست ڏئي چڪو هو. پوءِ ڪيڏانهن ويو اِت ڪانگريس جو اصول؟

”وزارتن ٺاهڻ کان پوءِ ڪانگريس مسلمانن سان ڪهڙا ويل وهايا آهن، تن جو تفصيل ڏيڻ غير ضروري آهي، ڇو ته اوهان هر هڪ کي اڳ ۾ ئي معلوم آهي ته اُت ڇا وهي واپري رهيو آهي. آئون فقط ايترو ئي عرض ڪري سگهان ٿو ته انهن صوبن ۾ مسلمانن جو مذهب، سندن ثقافت ۽ خود وجود سخت خطري ۾ پئجي چڪا آهن. جيڪڏهن اهو ئي نمونو آهي مسلمانن سان ڪانگريس جي سلوڪ جو، ته پوءِ ارمان ۽ نا اميديءَ جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو“.

”اسان کي وري وري چيو پيو وڃي ته هندستانين کي هيءُ ڏسڻ گهرجي ته يورپ ۾ ڪهڙيءَ طرح اتاهون جي اقليتن جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ جمعيت اقوام(League of Nations) جي اصولن جو پڻ حوالو ڏنو پيو وڃي. ان وعظ جو مطلب هيءُ نڪري ٿو ته اسان مسلمان پنهنجي مذهب، ثقافت ۽ روايتن جي بقا ۽ سلامتي جو ڪو خيال نه ڪري هندو اڪثريت ۾ مدغم ٿي وڃون. پر هيءَ حقيقت وساري پئي وڃي ته خود يورپ اڄ ڪالهه انهن اصولن تان هٽندي پئي وڃي. مثال لاءِ چيڪوسلاواڪيه(1) ڏانهن ڏسو، جت ممڻ متو پيو آهي.

”حقيقت ۾ هندستان جي آزاديءَ جا وڏي ۾ وڏا دشمن اُهي آهن، جيڪي اقليتن کي سندن صحيح مقام ڏيڻ کان انڪاري آهن. هندستان(آزاديءَ لاءِ) اوستائين متحد محاذ هرگز ٺاهي ڪو نه سگهندو، جيستائين اڪثريت واري قوم جو اهو عزم آهي ته اقليتن جي هستيءَ کي نابود ڪري ڇڏي. آئون اڪثريت کي تنبيهه ڪريان ٿو ته هوءَ اسان مسلمانن جا مطالبا قبول ڪري، نه ته هت به چيڪو سلاواڪيه جهڙو حال ٿيندو. جيڪڏهن چيڪو سلاواڪيه ۾ 35 لک جرمن ايترو ڪري سگهن ٿا ته هندستان جا 9 ڪروڙ مسلمان( ٻيون اقليتون) ڇا نه ڪري گذرندا، اڪثريت واريءَ قوم جي بدنيتن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ؟

آئون هن موقعي جو فائدو وٺندي، وري به هڪ ڀيرو اڪثريت واري قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته هوءَ اسان جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه وٺي. اسان اڳ ۾ ئي ان منزل تي پهچي چڪا آهيون، جتان اسان جا رستا جدا ٿي وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جو (حقن ۽ مطالبن جو) مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت هندستان کي ”هندو هندستان“ ۽ ”مسلم هندستان“ ۾ ڪٽجي وراهجي  وڃڻ ۽ ٻن جدا جدا فيڊريشن هيٺ رهڻ کان روڪي ڪا نه سگهندي. اڄ ڪالهه مسلمان سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ انهن کي دٻائڻ يا گمراهه ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب ڪا نه ٿيڻي آهي. جيڪي ڌريون ”نيشنلزم“ (قوميت) جو ٻهروپ ڪيون ويٺيون آهن، تن کي ياد رکڻ گهرجي ته اقليتن کي سندن حقن کان محروم ڪرڻ ملڪ جي آزاديءَ کي قريب آڻي ڪو نه سگهندو. مسلمان سياسي مسئلن ۾ نه خود غرض آهن نه تنگ دل. هندستان جي آزاديءَ جا هو تهدل سان خواهان آهن ۽ ان ڏس ۾ پنهنجي ڪوششن ۾ ڪڏهن به گهٽتائي ڪا نه ڪئي اٿئون. پر ساڳئي وقت هو اهڙي به ڪا ڳالهه قبول ڪا نه ڪندا، جنهن جي معنيٰ هيءَ نڪرندي هجي ته صرف سندن حاڪمن ۾ تبديلي ٿئي، يعني انگريزن جي جاءِ تي هندو مٿن راڄ ڪن.

”هندستان جي مجموعي سياسي مسئلي جي باري ۾ مٿين حقيقتن عرض ڪرڻ بعد مان پنهنجن مسلمان ڀائرن جي خدمت ۾ به ڪجهه ڳالهيون پيش ڪرڻ گهران ٿو. انهن ڳالهين جو ساڻن ڳوڙهو تعلق آهي ۽ سندن حقن ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون.

”کين پنهنجو ذهن صاف رکڻ گهرجي، ۽ هيءَ حقيقت پروڙڻ گهرجي، ته جيستائين هو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان تعلق پيدا نه ڪندا، تيستائين موجوده حالتن ۾ سندن زنده رهڻ دشوار ٿي پوندو. جن صوبن ۾ مسلمان اڪثريت ۾ آهن، اتاهون کين پنهنجا نمائندا(وفدن جي صورت ۾) اقليت وارن صوبن ڏانهن موڪلڻ گهرجن، جيڪي اُت وڃي ساڻن تبادله خيالات ڪن ۽ جن حالتن ۾ هو ڪانگريس حڪومتن هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، تن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪن. ساڳيءَ طرح اقليت وارن صوبن مان به مسلمانن جا وفد(2) اڪثريت وارن صوبن ۾ اچڻ گهرجن، جيڪي هِت اچي اتاهون جو حال احوال پنهنجي ڀائرن کي ٻڌائين. اسان مسلمان ڏاڍي ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهيون، تنهنڪري اسان کي صاف ۽ مضبوط ۽ متحد طريقه ڪار اختيار ڪرڻ گهرجي.

آئون هن حد تائين به وڃڻ لاءِ تيار آهيان ته آئون کين(مسلمانن کي) اهو مشورو به ڏيان ته هو پنهنجا وفد پنهنجي ملڪ کان ٻاهر مسلمان ملڪن ڏانهن موڪلين. ان مقصد سان ته انهن سان سڌو سياسي ۽ ثقافتي تعلق پيدا ٿئي ۽ کين هتان جي روئداد کان به واقف ڪيو وڃي. ڪانگريس وقتاً فوقتاً اهڙا وفد مسلمان ملڪن ڏانهن موڪليندي رهي ٿي، جيڪا اُت پهچي غلط ڳالهيون ٻڌائين ٿا ۽ اسان هندستان جي مسلمانن کي هندستان جي آزاديءَ ۽ وطن جا دشمن ڪري ڏيکارين ٿا، تنهنڪري اسان کي به پنهنجا وفد(3) موڪلي اهڙيءَ پروپئگنڊا جو هينئر مقابلو ڪرڻ گهرجي. هونءَ به دنيا جون حالتون ڦري رهيون آهن ۽ اسان کي عالمي مسلمان برادريءَ جي ويجهو اچڻ گهرجي، جنهن جهڙي وسيع برادري ٻي ڪنهن به قوم کي ميسر ڪا نه آهي.

سنڌ جي سياست:

ان کان پوءِ آئون اوهان کي پنهنجي گهر يعني سنڌ جو حال ٻڌائيندس. اسان هت تمام ڏکين حالتن جي ڪـُـن ۾ ڦاسي پوڻ بعد پنهنجا هيڻا هٿ پير پيا هڻون. هتان جا مسلمان تمام پسمانده حالت ۾ آهن. سندن گذارو زراعت پيشي تي آهي، پر هو سخت مقروض آهن ۽ سندن قرض جو تخمينو ويهن ڪروڙن رپين کان مٿي جو آهي. جنهن وقت انگريزن هيءُ ملڪ هٿ ڪيو، ان وقت تائين غير زراعت پيشه ماڻهن(يعني هندن) وٽ هڪ ايڪڙ زمين جو به ڪو نه هو. پر سال 1935ع تائين چاليهه سيڪڙو زمينون مسلمانن وٽان نڪري هندن جي هٿن ۾ پهچي چڪيون هيون. گذريل ٽن سالن ۾ وڌيڪ چاليهه سيڪڙو زمين وياج خورن جي قبضي ۾ اچي ويل چئي وڃي ٿي. تعليم مسلمانن ۾ تقريباً ڪا نه آهي. انهيءَ اندوهناڪ حالتن کي سنڌ جون صوبائي جمهوري وزارتون به درست ڪري ڪو نه سگهيون آهن. سنڌ اندر پوليس تي ته سالانه 35 لک روپيا خرچ پيا ٿين، پر سنڌ جي صحت تي فقط هڪ لک اسي هزار روپيا! سنڌ جي سرڪاري انتظام تي بمبئيءَ کان سواءِ هندستان جي ٻين سمورن صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ خرچ ڪيو پيو وڃي. دٻڙ دونس ۽ وٺ پڪڙ جا پراڻا قاعدا هن صوبي ۾ اڃا پيا هلن، حالانڪ سڀني ڌرين پاران اِهو مطالبو ٿيندو رهيو آهي ته اهي قاعدا منسوخ ڪيا وڃن. زمينن تي ڍلن جا نرخ تمام وڏا آهن ۽ بي انصافيءَ جي بنياد تي رکيل آهن. سرڪاري خرچ کي گهٽائڻ بدران، جيئن پوءِ تيئن وڌايو پيو وڃي. في الحقيقت اسان وٽ آمدنيءَ کان خرچ وڌيڪ لڳو پيو آهي ۽ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ آبادگارن تي نوان نوان محصول وڌا پيا وڃن. جن ماڻهن کي سنڌ جي حالتن جي پوري ڄاڻ ڪو نه آهي، تن کي خيال هوندو ته سکر براج چالو ٿيڻ بعد سنڌ جا بيابان، باغ بوستان بڻجي ويا هوندا، پر آئون انهن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته حقيقت ائين نه آهي. اِن براج ڪري پاڻ نوان مسئلا پيدا ٿي پيا آهن. پهريان ته براج بلي ورتل قرض جي لاهڻ جو مسئلو آهي. اِهو قرض اُن وقت کنيل هو، جڏهن سنڌ بمبئيءَ جي صوبي جو هڪ حصو هئي. سنڌ جي جدا ٿيڻ کان پوءِ ٻنهين جي وچ ۾ انصاف سان حساب ڪتاب جي صفائي ڪانه ٿي، پاڻ ان قرض جو سارو بار لاهي سنڌ جي آبادگارن تي وڌو ويو ۽ ڪو ويچار ڪو نه ڪيو ويو ته براج بعد مرڪزي سرڪار جي پنهنجيءَ (سنڌ مان) آمدنيءَ ۾ ڪيترو واڌارو ٿيو آهي(اُنهن محڪمن جي ذريعي جن جي آمدني سڌيءَ طرح مرڪزي سرڪار پئي کڻي). ان کان سواءِ براج اسڪيم ۾ ڪيتريون فني گهٽتايون پڻ رهجي ويل هيون، جن کي هاڻي (وڏي خرچ سان) پورو ڪرڻو پيو پوي. انهن گهٽتاين جي اڃا چڪاس به پوريءَ طرح ڪا نه ٿي آهي، جنهن مان پتو پئجي سگهي ته انهن کي رفع ڪرڻ تي سنڌ کي ڪيترو خرچ ڪرڻو پوندو ۽ ڪهڙيون ڦير ڦاريون ڪرائڻيون پونديون. اِن اپرانڌ في ايڪڙ ڪيترو پاڻي کپندو، تنهن جي باري ۾ به براج ٺاهيندڙن انجنيئرن جي اڳڪٿين ۾ گهڻيون غلطيون نڪتيون آهن، جنهنڪري پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ جي شڪايت عام ٿيندي پئي وڃي.

”هاڻي اوهان جو ڌيان آئون هڪ اهڙي خاص مسئلي ڏانهن ڇڪايان ٿو، جنهن جي پيدا ٿيڻ ڪري سنڌ جي آبادگارن ۾ اڄڪلهه گهڻي بي آرامي پيدا ٿي آهي. اهو مسئلو(سنڌ جي الله بخش وزارت طرفان) ڍلن ۾ تازو ڪيل واڌاري جو آهي (يعني تازو ڍلن وڌائڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي). نئين منصوبي جا ٽي حصا آهن:

(1) سلائڊنگ اسڪيل (Sliding Scale) جو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي، جنهن هيٺ ڦــُـٽين پيدا ڪندڙ ايراضيءَ جي ڍل ۾(ڦٽين جي وقتي اگهه پٽاندڙ) گهٽائڻ ۽ وڌائڻ جو دستور رائج ڪيو ويندو.

(2) گهٽ پيداوار ڪندڙ ايراضيءَ جي ڍل ۾ به اضافو ڪيو ويندو.

(3) هر قسم جي پوک تي ڍل وڌائي ويندي.

”اهو منصوبو ڪيترن سببن ڪري، سنڌ جي ماڻهن کي نامنظور آهي. سلائڊنگ اسڪيل جو طريقو سنڌ ۾ اڳ ڪڏهن به رائج ڪو نه رهيو آهي. ان کان سواءِ سلائڊنگ اسڪيل جو اصطلاح به غلط آهي، جو ته ان هيٺ ڍلون وقت بوقت (ڦٽين جي اگهن چڙهڻ ڪري) وڌائي ته سگهبيون پر (اگهن جي ڪِرڻ واريءَ صورت ۾) گهٽائي نه سگهبيون! جن زمينن سان اهو طريقو لاڳو ڪيو ويندو، اڃا تائين انهن جا ڪلاس به متعين ڪو نه ڪرڻ ۾ آيا آهن ۽ نه وري انهن مان ٿيندڙ پيداوار جو ڪو صحيح تخمينو لڳايو ويو آهي.

”منصوبي سان تعلق رکندڙ باقي ٻه ڳالهيون سنڌ جي اسيمبليءَ آگسٽ 1937ع ۾ اڳ ئي رد ڪري ڇڏيون هيون ۽ انهن کي رد ڪرڻ ۾ سنڌ جو موجوده وزيراعليٰ(خانبهادر الهه بخش) پاڻ به شريڪ هو.

”ڍلن واري ان منصوبي جي سامهون اچڻ بعد(جنهن تي عوام جي شديد مخالفت جي باوجود هينئر عمل ٿيڻو آهي) سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعات تمام افسوسناڪ آهن. هتان جي ڪانگريس جي روش مان ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻ هوءَ ڪانگريس نه پر مهاسڀا آهي. ساڳيءَ طرح موجوده سنڌ وزارت جي هلت به حد درجي قابل نفرت آهي. اها وزارت قائم هن طرح ٿي هئي، ته ٻه مسلمان وزير[1] ”يونائيٽڊ پارٽي“ جا هئا،جيڪي پنهنجي ان پارٽيءَ ڏانهن  جوابده هئا، پر جيڪو سلوڪ انهن وزيرن پنهنجي پارٽيءَ سان ڪيو آهي، تنهن جو مثال جمهوريت جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. پهريان ته هنن پارٽي سان صلاح ڪرڻ کان سواءِ ڍلن وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو، ان کان پوءِ جڏهن پارٽيءَ کانئن گهــُـر ڪئي ته ان منصوبي کي ٻارهن مهينن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي ته اها ڳالهه به ڪا نه مڃيائون، حالانڪ التوا واري ان مطالبي ٿيڻ وقت وزير پاڻ به ان ميٽنگ ۾ موجود هئا ۽ ان مطالبي جي فائدي ۾ نظر ٿي آيا. انهن وزيرن آخر ۾، ڏاڍائي ڪري ۽ پنهنجي ضمير جي آواز کي ٺڪرائي ڍلن وڌائڻ جي منصوبي کي عمل ۾ آڻي ڇڏيو. پارٽيءَ، سندن ان باغيانه قدم جي پيش نظر، کانئن استعفا جي گهر ڪئي، پر هنن وزارت مان استعفا ڏيڻ بدران پاڻ پارٽي کان استعفا ڏئي ڇڏي. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي هڪ ڪـُـنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين شديد ناراضگي پيدا ٿي وئي، پر وزيرن ان جو ڪو به اثر قبول ڪو نه ڪيو.

”انهن ڪارگـُـذارين ۾ ڪانگريس پارٽيءَ ڪهڙو بهرو ورتو، ان جي باري ۾ به ڪجهه احوال ٻڌو. مثلاً سنڌ اندر ڪانگريس پارٽيءَ پاڻ کي اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هيءُ ثابت ڪيو اٿائين ته کيس نه پنهنجن اصولن جي پرواهه آهي، نه پنهنجن اڳ جي ڪيل اعلانن جي، ۽ نه ئي پنهنجي روش ۾ ربط پيدا ڪرڻ جي.

”جنهن وقت ڍلن جي سوال تي بحث هلي رهيو هو، ان وقت ڪانگريس پاڻ ڍلن وڌائڻ جي مخالفت پئي ڪئي. ان مخالفت ۾ مسٽر جيرامداس دولترام، جيڪو سنڌ طرفان مرڪزي ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ جو ميمبر آهي، پڻ شريڪ هو. ڪانگريس ان مضمون جا ٺهراءَ پاس ڪيا ۽ وزيرن ڏانهن تارون موڪليون ۽ ان تجويز تي ملامت جو اظهار ڪندي ان کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌ جي موجوده وزارت کي ڊاهڻ جي معاملي ۾ ڪانگريس کي وڏي قوت حاصل هئي. اها وزارت ٺهي ئي هئي ڪانگريس پارٽيءَ جي پٺڀرائيءَ جي آڌار تي، تنهنڪري جيڪڏهن ڪانگريس پارٽي پنهنجي اصولن ۽ اعلانن تي ثابت قدم رهي ها ته وزارت کي ڪا مجال ئي ڪانه هئي ته هوءَ عوام جي راءِ کي ريٽي ڍلون وڌائي ها.

”ذرا تاريخن تي غور ڪريو (۽ ڪانگريس جي ڦيرين گهيرين ۽ ڦڙتين کي ڏسو(:

-- وزارت ڍلن وڌائڻ جو حڪم 15 جولاءِ تي جاري ڪيو.

-- ٻئي ڏينهن ڪانگريس، بطور اعتراض وزارت جي پٺڀرائي(Support)  ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

 -- 21 تاريخ جولاءِ جو وزارت ڪانگريس پارٽيءَ سان ڳالهيون شروع ڪيون. ڪانگريس پارٽيءَ وزيرن کي چيو ته 23 جولاءِ کان اڳ وزارت ڍلن وڌائڻ  واري فيصلي کي روڪڻ جو اعلان ڪري، ورنه ڪانگريس عدم اعتماد واري ٺهراءُ (جيڪو اسيمبليءَ کي اڳيان پيش ٿي چڪو هو) تي وزارت جي خلاف صحيحون ڏيندي.

-- وزارت ڪانگريس جي چوڻ موجب اعلان ڪو نه ڪيو، تنهنڪري 25 جولاءِ جو ڪانگريس ميٽنگ ڪري وزارت کي، سندس غير آئيني ۽ خراب هلت ڪري، سخت ننديو ۽ سندس خلاف ملامت جي ووٽ تي صحيح ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، ان شرط سان ته جيڪا نئين وزارت ٺهندي، سا ڍلن واري رٿ کي سال لاءِ واپس وٺڻ جو عـُـهدنامو ڪندي.

”ظاهري طور، ڪانگريس پارٽي جي ان آخري ۽ حتمي فيصلي بعد ڪنهن لاءِ به وهم ۽ گمان جي گنجائش ڪا نه رهي هئي ته هوءَ محض فرقه پرستيءَ جي خيال سان، ايترو جلد پنهنجي اهڙي فيصلي تان ڦري ويندي. مگر ٿيو ڇا؟ پهريان ڪانگريس اسيمبليءَ ۾ مخالف پارٽيءَ سان عهدنامو ڪيو ته موجوده وزارت جي ڊهڻ واريءَ صورت ۾ هوءَ ڪا به وزارت ڪا نه ٺاهيندي، بشرطيڪ ڍلن وڌائڻ وارو فيصلو اڳواٽ واپس ورتل نه هوندو. پر پوءِ اسان جي تعجب جي ڪا حد ڪا نه رهي، جڏهن معلوم ٿيو ته ڪانگريس وارا ان کان پوءِ به الهه بخش وزارت سان مخفي طرح ڳالهيون پيا هلائن ۽ آخر هن ڳالهه تي پاڻ ۾ ٺاهه ڪري ڇڏيو اٿائون ته وزارت فقط سلائڊنگ اسڪيل واري حصي کي ٻارهن مهينا ملتوي ڪندي، مگر منصوبي جي باقي ٻن حصن تي ڪيل فيصلي موجب عمل قائم رهندو.

”ڪانگريس جي ان ٻه چاپڙائيءَ  منافقيءَ سببان ساري سنڌ مان ڪانگريس تي لعنت ملامت وسڻ لڳي ۽ سنڌ منجهه سندن پارٽيءَ جا پير اُکڙي ويا. ان نئين صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي ڪانگريس وارن، سردار ولڀ ڀائي پٽيل ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد کي سنڌ ۾ گهرايو. جناب پٽيل ڪراچيءَ ۾ پهچندي ئي ٻئي ڏينهن تي، بنا ٻئي طرف کي ٻـُڌي، ۽ بنا ڪنهن سبب جي، سنڌ جي مسلمانن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو. جلد ابوالڪلام آزاد به هت پهتو ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي ٻنهين ڌرين سان سندن ڳالهيون هليون. آخر فيصلو اهو ٿيو ته جيڪڏهن سنڌ جي وزارت ڍلن وارو منصوبو واپس نه ٿي وٺي ۽ سندس خلاف عدم اعتماد جي رٿ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿئي ٿي ته ڪانگريس پارٽي نيوٽرل رهندي. ڪانگريس جو اهو فيصلو به هڪ لحاظ کان اڻ وڻندڙ هو. ڪانگريس کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڏهه سيٽون هيون ۽ سندس نيوٽرل رهڻ جي اِها معنيٰ ٿي ِٿي ته ڍلن جهڙي نازڪ سوال تي به سنڌ جا ِاهي ڏهه تڪ ڪا به راءِ ڏئي نه سگهندا. ان کان سواءِ سنڌ جي جنهن وزارت اهڙيون غير آئيني حرڪتون ڪيون هيون، ان کي جوڳي سزا ڏيڻ واري پهلوءَ کي به نظر انداز ڪيو ويو هو، حالانڪ ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ جي پنهنجي راءِ به ِاها هئي ته وزارت جي هلت قابل اعتراض رهي هئي.

”اصل ۾ سچي ۽ بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪانگريس انهن ورن وڪڙن کائڻ سان، اڻ سڌيءَ طرح، موجوده غلط ڪار وزارت کي قائم رکڻ گهـُـري ٿي. ڪانگريس جي ’فرض فراموشي‘ ظاهر ٿي چـُـڪي آهي. موجوده وزارت جڏهن کان قائم ٿي آهي، اسيمبليءَ جو اجلاس ڪو نه سڏايو اٿائين(سواءِ پندرهن ڏينهن جي، جڏهن مئي مهيني ۾ هڪ تڪڙو اجلاس سڏايو هئائين) اسيمبليءَ جي ايجنڊا تي 108 بل، سوين ٺهرائن جا نوٽيس ۽ هزارين سوال چڙهي چڪا آهن. مخالف ڌر جي اڳواڻ، وزارت خلاف عدم اعتماد جي ٺهراءُ جو نوٽيس پڻ موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿائين ته ڪانگريس جي نيوٽرل هجڻ واري اعلان کان پوءِ وزارت کي اسيمبلي اندر اڪثريت جي حمايت حاصل ڪا نه رهي آهي ۽ جنهن صورت ۾ باقي ميمبرن جي اڪثريت مخالف ڌر جي حامي بڻجي چڪي آهي، تنهن صورت ۾ اسيمبليءَ جو اجلاس هڪدم سڏائي هڪ نه هڪ فيصلو وٺڻ گهرجي. انهن حالتن هيٺ هاڻي وزارت جو گهر حمايتن کان خالي ٿي چڪو آهي. ڪنهن به پارٽيءَ جي سپورٽ کيس حاصل ڪانه رهي آهي. وزارت فقط اٽڪلن تي پنهنجو گذارو پئي ڪري. ان قسم جي وزارت کي وڌيڪ وقت چالو رکڻ آئيني ۽ جمهوري اصولن سان هاڃي ڪرڻي آهي.

”آئون ڪانگريس کان پڇڻ گهران ٿو ته هوءَ ان باري ۾ هينئر ڇا ڪرڻ گهري ٿي؟ موجوده وزارت کان اڳ واري دور ۾ ڪانگريس کي هر وقت انتظار لڳل رهندو هو ته اسيمبليءَ جا اجلاس تڪڙا تڪڙا سڏايا وڃن. ڇا هوءَ هينئر سنڌ جي گورنر تي زور آڻڻ لاءِ تيار آهي ته اسيمبليءَ جو اجلاس هڪدم ڪوٺايو وڃي ۽ سنڌ جي صوبي کي هاڻوڪيءَ وزارت جي تباهڪارين کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي؟

”ڪانگريس لاءِ رستو ڪيتري قدر به صاف ۽ سڌو ڇو نه هجي، پر هوءَ ان تي بنهه ڪانه هلندي. ڪانگريس کليو کلايو هندن جي جماعت آهي، هوءَ هر حال ۾ هاڻوڪيءَ وزارت کي قائم رکڻ گهري ٿي، ڇو ته هندو مهاسڀا وارا وزارت جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. مهاسڀا وارن جي مراد اها آهي ته هو ان وزارت ذريعي سنڌ جي مسلمان کي تباهه ۽ برباد ڪرائي ڇڏين. ان سازش ۾ ڪانگريس به ساڻن شامل آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو هوءَ پنهنجن مڙني نام نهاد اصولن ۽ اعلانن تان ڦرندي رهي آهي.

”پر، هڪ ڳالهه چڱي ٿي آهي، يعني سنڌ ۾ هينئر ڪانگريس اگهاڙي ٿي پئي آهي ۽ پنهنجي تابوت ۾ آخري ڪلي ٺوڪي چـُـڪي آهي.

عام هندن کي تسلي:

”هن خطبي کي ختم ڪرڻ کان پهريان آئون سنڌ جي هموطن هندن کي مشوري طور هي چوڻ گهران ٿو ته هن صوبي جي ترقي ٿيڻ اوستائين مشڪل رهندي، جيستائين سندن اها ڪوشش هوندي ته هو مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، هڪ اهڙيءَ وزارت جي ذريعي پنهنجو راڄ قائم ڪن، جيڪا وزارت پنهنجي ولر کان وڇڙي خود پنهنجي مسلمان قوم ۾ نفرت ۽ ملامت جو نشانو بڻجي چڪي آهي. فرقه پرستيءَ مان، آخرڪار، ڪنهن به قوم يا فرقي کي فائدو ڪو نه پهچڻو آهي. انساني حياتيءَ جي وڏن مسئلن کي ڌاڙيلن وارن طريقن سان حل ڪري ڪو نه ٿو سگهجي. ملڪ جي سياسي زندگيءَ کي صاف ۽ آئيني اقدارن کي هر حال ۾ ملحوظ ڪرڻ جڳائي. اُنهن اصولن تي جيڪو فرقو عمل نه ڪندو، سو گويا ساري ملڪ سان دشمني ڪندو.

پنهنجي پاران آئون سنڌ جي هندن کي تسلي ڏيڻ گهران ٿو ته جيڪڏهن مسلم ليگ پاور ۾ آئي ته هوءَ هندن ۽ ٻين اقليتن جي حقن جي اهڙي ئي تندهي ۽ ايمانداريءَ سان حفاظت ڪندي، جهڙي مسلمانن جي حقن جي. ان باري ۾ کين ڪا تشويش نه هجڻ گهرجي، حتاڪ ان صورت ۾ به جيڪڏهن هو موجوده وزارت، جنهن جا مسلمان مخالف آهن، جي اڃا به پٺڀرائي  ڪندا رهندا. انتقام ۽ بدلو وٺڻ مسلم ليگ جي اصولن جي خلاف آهي. ان يقين ڏيارڻ کان پوءِ آئون البته کين هيءُ به چوندس ته هو موجوده وزارت جي باري ۾ پنهنجي روش تي نظرثاني ڪن. آخر ڪيستائين هاڻوڪيون شڪي حالتون ۽ بي اعتباري ۽ ڪشمڪش جي ڪيفيت جاري رهندي؟ ڇا هو سمجهن ٿا ته انهن طريقن اختيار ڪرڻ سان هو صوبي جي ماڻهن سان ڀلائي ڪري رهيا آهن؟

”خطبي جي پڇاڙيءَ ۾ آئون اوهان صاحبن جي رهنمائي ڪرڻ جي غرض سان ڪجهه نڪتا پيش ڪريان ٿو:

 (1) سنڌ جا مسلمان پسمانده آهن ۽ سندن اها پسماندگي ايستائين ڪا نه ويندي جيستائين هاڻوڪي وزارت برسر اقتدار رهندي، جنهن جي 35 مان 26 مسلمان ميمبر مخالفت ڪري رهيا آهن،

(2) هندن  پاڻ ۾ ٻڌي ڪري هيءَ پاليسي اختيار ڪئي آهي ته موجوده اڻ وڻندڙ وزارت کي هو هر حال ۾ قائم رکيون ايندا،

(3)  ڪانگريس پاڻ کي وزارت جي معاملي ۾ نيوٽرل ظاهر ڪري صوبي کي نقصان پهچائي رهي آهي،

(4)  سنڌ جو گورنر اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي فيصلي ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي، باوجود هنن ڳالهين جي ته:

(الف) موجوده وزارت کي يونائيٽڊ پارٽي، جنهن سان هن جي وابستگي هئي، رد ڪري چڪي آهي. ڪانگريس پارٽي به ووٽ جي باري ۾ نيوٽرل رهڻ جو فيصلو ڪيو ٿو ڏسجي.

(ب) گورنر جي اها روش ۽ موجوده وزارت جو اڃا به قائم رهڻ 1935ع واري آئين جي خلاف آهي ۽ پڻ انهن هدايتن جي، جيڪي بادشاهه وٽان  Instrument of Instructions جي ذريعي گورنر کي ڏنل آهن.

(ج) اپوزيشن جي ليڊر وزارت جي خلاف عدم اعتماد جي ٺهراءُ جو نوٽيس گورنر ڏانهن موڪلي ڏنو آهي(پر گورنر پنهنجن خطن ۾ ان اطلاع جو ڪو حوالو به ڪو نه ٿو ڏئي.(

(د) اسيمبليءَ جو ڪيترو ٻيو ڪم به اجلاس نه سڏجڻ ڪري رُڪيو پيو آهي.

(هه) موجوده وزارت جي اڃا به قائم رهڻ ڪري سنڌ جي انتظام جي حالت ابتر ٿي رهي آهي.

”اهو آهي اختصار انهن مسئلن جو، جيڪي هن ڪانفرنس جي اڳيان ٺهرائن جي صورت ۾ پيش ٿيندا ۽ اوهان کي انهن جي باري ۾ اسان جي رهنمائي ڪرڻي پوندي.

”خطبه استقباليه کي ختم ڪرڻ کان اڳ آئون انهن ساٿين جو شڪريو ادا ڪرڻ گهران ٿو، جن هن ڪانفرنس  کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. مثلاً شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر غلام حسين هدايت الله، مسٽر گزدر، مسٽر جي. ايم. سيد، ملڪ عبدالعزيز، خانبهادر کهڙو، مسٽر ايم. اي. خالق، مسٽر غلام علي خان، مولانا ثناءُ الله، مولوي حقاني، سيد ايم. اسلم، مسٽر آغا، حاجي عبدالعزيز، مسٽر يوسف هارون ۽ سيد علي محمد راشدي،(ڪانفرنس جو جنرل سيڪريٽري) ۽ ٻيا اهي حضرات، جن هن باري ۾ وڏي محنت ڪئي آهي ۽ وڏي تڪليف برداشت ڪئي آهي“.


(1) چيڪو سلاواڪيه ۾ جرمن نسل(Sudetan) جي اقليت تي اهو گوڙ متل هو- ان اقليت کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هٽلر چيڪوسلاواڪيه تي حملو ڪيو ۽ چيڪوسلاواڪيه وڏي پيڙا ۾ پئجي وئي.

(2) ورندڙ ٽن چئن مهينن اندر حاجي عبدالله هارون پنهجي خرچ تي اهڙا وفد تيار ڪرائي روانا ڪيا. اهڙن وفدن کي ٺاهڻ ۽ موڪلڻ جو انتظام منهنجي حوالي ڪيائين (علي محمد راشدي)

(3) ان مقصد لاءِ حاجي صاحب پاڻ پنهنجي خرچ تي مولانا حسرت موهاني رح ۽ مولانا آزاد سبحاني رح کي ٻاهرين ملڪن جي دوري تي روانو ڪيو.

[1] اهي ٻه مسلمان وزير هئا: خانبهادر الهه بخش مرحوم۽ پير الاهي بخش مرحوم، ساڻن ٽيون هندو وزير ديوان نهلچلداس هو. وزارت ۾ ڪل اهي ٽي وزير هئا. اها وزارت، جيڪا صوبي جي جدائيءَ کان پوءِ سنڌ جي ٻي وزارت هئي، مارچ 1938ع ۾ سر غلام حسين جي وزارت کي ڪيرائي قائم ڪئي ويئي هئي. ان وزارت ٺاهڻ ۾ مسلمانن جي يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ڪانگريس پارٽي شريڪ ٿيون.  - راشدي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com